مختلف موضوع

ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

چيڪوسلواڪيا جي مشھور ليکڪ ميلان ڪنڊيرا جو تعارف، انٽرويو، ڪھاڻي ۽ ناول جو ترجمو آھي جنھن جو سنڌيڪار رسول ميمڻ آهي.
هو پنهنجن همعصر اديبن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، هو چيڪو سلواڪيه ۾ ويهين صديءَ جي وچن ڏهاڪن اندر پاڻ کي هڪ اهم اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ مڃرائي چڪو هيو، هن جي هر لکڻيءَ ان وقت سياسي ۽ ادبي بحث ڇيڙي وڌو، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هيو، هن جون ڪهاڻيون ان وقت جي دانشورن جي ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجين لکڻين ۾ دانشورن جي منافقانا سوچ ۽ ڪردار جي نندا ڪئي آهي
  • 4.5/5.0
  • 1593
  • 651
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

ڪهاڻي : ماضيءَ جي خوشبوءِ

هو گهر وڃي رهيو هيو، ان ڳوٺ ۾ هو هڪجهڙي زندگي ۽ گلا خور پاڙيسرين کان بيزار ٿي چڪو هيو، ان رستي سان خيالن ۾ گم ائين وڃي رهيو هيو جو شايد هو ڀرسان لنگهندڙ عورت کي نه ڏسي سگهي ها، پر اها هن کي سڃاڻي چڪي هئي، جڏهن هن ويجهو پهتي ته اها ئي پراڻي مرڪ هن جي چپن تي وري آئي، جڏهن هن اها مرڪ ڏٺي هن کان ڇرڪ نڪري ويو، اها مرڪ هن کي چڱيءَ طرح ياد هئي.
“معاف ڪجو مون توهان کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪئي.”
هن جي ان جملي ۾ عورت لاءِ ان ڳالهه جو احساس سمايل هيو ته هوءَ ڪيڏي نه پوڙهي ٿي چڪي آهي.
“ڇا مان واقعي ئي ايڏي بدلجي وئي آهيان؟” هن پڇيو.
هن ڪنڌ “نه” ۾ هلايو، اهو ايڏو وڏو ڪوڙ نه هيو، ڇو جو وقت سان هن جي چپن جي اها مرڪ اڃا به ساڳي هئي، پر اهو سچ به هيو ته وقت ان کي پوڙهو ڪري وڌو هيو، هن عورت کي ڏسي ماضيءَ جي مٽي هٽائي ان جو چهرو ياد ڪيو جيڪو انتهائي حسين هيو.
عورت هن کي ٻڌايو ته هوءَ سانجهيءَ جو هڪ گاڏيءَ ۾ پراگ رواني ٿيڻ واري آهي. هن کي ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو ڪم نه آهي، هن ان کي ڪافيءَ جي دعوت ڏني جيڪا عورت قبول ڪئي. ڳوٺ جا ٻئي ڪافي هائوس سدائين پرهجوم هوندا هيا، انهن اندر گندگي به گهڻي هوندي هئي، هن اهو مناسب سمجهيو ته اوڏانهن نه وٺي وڃي ان لاءِ هن کي گهر وٺي آيو.
پنجويهه سال اڳ جڏهن ان عورت جي شادي ٿي هئي، ته ڪجهه وقت اتي ڳوٺ ۾ گذاريو، پر پوءِ مڙس سان پراگ لڏي وئي، هاڻي هن جي مڙس کي مئي ڏهه سال گذري چڪا هيا، سندس مڙس جي آخري خواهش مطابق هن کي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو هيو، دفنائڻ وقت قبر جو پٽو (Lease) ڏهن سالن لاءِ ڏنو ويو هيو، ڪجهه ڏينهن اڳ عورت کي ياد آيو ته مڙس جي قبر جي پٽي ۾ واڌ ڪرائڻي آهي، جنهن لاءِ کيس ڳوٺ اچڻو پيو، گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن ڳوٺ آئي ته هن محسوس ڪيو ڄڻ زندگيءَ ۾ اتي پهريون دفعو آئي هجي، هن کي مڙس جي قبر ڳولهيندي ڪا ڏکيائي ته نه ٿي پر جڏهن اتي پهتي ته ڏٺائين ان جاءِ تان سندس مڙس جو ڪتبو هٽايو ويو هيو، هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ جڏهن قبرستان جي مجاور سان ملي ته ان کيس ٻڌايو “قبر جي پٽي جي ميعاد ۾ وقت اندر واڌ نه ڪرائڻ سبب اها جاءِ ٻي کي ڏني وئي آهي.”
عورت جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
“پر مون کي ٻڌائڻ توهان جو فرض هيو.” هن چيو.
هن جي ڳالهه تي مجاور مرڪيو.
“قبرستان ۾ جاءِ جي قلت آهي، پراڻن مڙدن کي نوَن لاءِ جاءِ خالي ڪرڻي پوي ٿي.” ان چيو.
هوءَ ڀريل اکين سان جڏهن قبرستان مان موٽي رهي هئي ته هن کي اهو خيال تنگ ڪري رهيو هيو ته هوءَ پنهنجي نوجوان پٽ کي ڪهڙو جواب ڏيندي، هوءَ ان کي ڪيئن ٻڌائيندي ته “سندس پيءَ جي قبر ڪٿي به نه آهي، اها ڌرتيءَ تان ميسارجي چڪي آهي.”
انهن ئي خيالن ۾ ڳوٺ اندر گهمي وقت گذاري رهي هئي، ڳوٺ جي هر شيءِ بدلجي چڪي هئي، هن کي سڃاڻڻ وارو ڪو به نه بچيو هيو، ريل اچڻ ۾ اڃا گهڻو وقت هيو، هوءَ ٿڪجي چڪي هئي، هن جي جڏهن ان پراڻي واقفڪار تي نظر پئي ته هن خوشي محسوس ڪئي.
هو ڪمري جي بورچيخاني ۾ ڪافي ٽهڪائي رهيو هيو، ڪجهه مهينا اڳ جي عمر پنجٽيهه سال ٿي چڪي هئي ۽ مٿي جي کسندڙ وارن اهو احساس ڏيارڻ شروع ڪيو هيو ته هن هاڻ پوڙهائپ ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي. هن وٽ محرومين جا پنهنجا احساس هيا، انهن محرومين ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت جي محرومي هئي، هن ڦوهه جوانيءَ ۾ شادي ڪئي جيڪا طلاق تي ختم ٿي، هن کي ان ڳالهه جو احساس نه هيو ته عورت اندر به جنسي خواهشن جا انبار هوندا آهن، هوءَ انهن جو پورائو چاهيندي آهي، هو ناتجربيڪار هيو، عورت کي نه سمجهي سگهيو.
ميز تي ڪافيءَ جا ڪوپ رکندي هن سوچيو، وڏي وقت کان پوءِ هن سامهون اها عورت ويٺي آهي جنهن سان ڪڏهن هن جو پيار هيو، جنهن کي هن پنهنجين حماقتن ڪري ضايع ڪيو.
عورت کي به اها رات ياد هئي جيڪا هن ڪڏهن ان سان گذاري هئي. هن کي اهو ويهن سالن جو نوجوان ياد هيو جيڪو ڏاڍو شرميلو هيو. ان کي اگهاڙي جسم تي ڪپڙن پائڻ جو سليقو نه هيو، اهو هر ڳالهه تي شرمائي رهيو هيو ۽ ان جي اهڙي ادا هن کي وڻي رهي هئي، ان جو ٻاراڻو انداز هن جي دل کي ڇهي رهيو هيو، هن پوءِ پاڻ کي ياد ڪيو هوءَ ان وقت پنجٽيهه سالن جي هئي، حسن پرست هئي ۽ ان جذبي تحت مختلف مردن جي ٻانهن ۾ رهي چڪي هئي. هوءَ جنهن آسانيءَ سان پاڻ حوالي ڪندي هئي، ان آسانيءَ سان ٻانهن مان ٻاهر نڪري به ايندي هئي، هوءَ سونهن جي پارکو هئي، هن کي هاڻي اهو احساس ماري رهيو هيو ته سامهون ويٺل هن جو پراڻو عاشق هن کي بدصورت سمجهي متان نفرت نه ڪري، ان احساس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هن ان کي سوالن ۾ وچڙائي ڇڏيو، ان جي ڪمري جي تعريف ڪئي، دريءَ کان نظر ايندڙ منظر کي وڻندڙ ڪوٺيو، ڀتين تي لڳل تصويرن جي مصورن جي باري ۾ ڄاڻ ورتي، پوءِ پنهنجو حال ٻڌايو ته سندس پراگ ۾ زندگيءَ جا ڏينهن ڪئين گذريا ۽ اهو به ته هن جو پٽ هر سال پيءَ جي قبر تي گل چاڙهڻ ايندو رهيو آهي، هن پٽ جي باري ۾ کيس وڌيڪ ٻڌائيندي چيو.
“اها ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه آهي ته ماءُ پٽ جي چهري ۾ پاڻ کي جوان رکندي آهي، هوءَ جواني ان مٿان قربان ڪري پوءِ پس منظر ۾ هلي ويندي آهي.”
هوءَ جيترو وقت ڳالهائيندي رهي پٽ جو چهرو هن اڳيان ڦرندو رهيو، هر ڳالهه ۾ سندس ذهن تي پٽ حاوي هيو، ائين ڇو هيو، هن کي ڪا خبر نه هئي، قبر جي معاملي ۾ هوءَ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهي هئي. هن کي احساس ٿيو ته سندس پٽ هن جي چوڪيداري ڪندو هجي. جيئن هوءَ ان جي پيءَ جي عزت کي متان داغدار نه ڪري وجهي، هن کي لڳو سندس پٽ اهڙين نظرن سان ڏسندو آيو آهي، جيئن ان کي شڪ هجي ته اها ڪڏهن به ان جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي سگهي ٿي.
“معاف ڪجو.” هن عورت کي چيو “شايد منهنجين ڳالهين ڪري اوهان کي ڪو رنج پهتو آهي.”
هن پنهنجو هٿ عورت جي هٿ تي رکيو، عورت ڍلي چمبڙيءَ وارو هٿ پري ڪيو، هن کي پوڙهائپ جو احساس ٿي رهيو هيو.
هن سوچيو عورت سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪري جيڪي ان کي رنج پهچائين. هن کي وقت وڃائڻ نه گهرجي. هن پاڻ کي ساڳيو بيوقوف احمق سمجهيو جيئن اڄ کان پندرنهن سال پهريون هيو، هو چاهي پيو ته عورت ان رات متعلق ڳالهائي جيڪا ڪڏهن ان سان گهاري هئي. هن کي اها رات چڱيءَ طرح ياد هئي، هن کي ان عورت سان ڪيل پهرين ملاقات به ياد هئي، هو ڪجهه دوستن سان گڏ ان سان مليو پر هن کي پراگ جو اهو ننڍو هوٽل ياد هيو جتي ان عورت سان ملاقات ڪئي هئي. هو ان سان سامهون هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺو هيو ۽ پاڻ کي مرجهايل محسوس ڪري رهيو هيو، پر هن کي اهو احساس هيو ته هوءَ هن کي پسند ڪري ٿي، هيٺ ڪنڌ ڪري هن تصور ۾ ڏٺو هيو، جڏهن هو ان کي چُمي ڏيندو ته اها ڪيئن لڳندي، اها لباس کان سواءِ ڪيئن لڳندي؟ هن اهو به تصور ڪيو هيو ته همبستريءَ وقت اها هن جي ڀر ۾ اگهاڙي ڪيئن لڳندي، اها هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي.
ان کان پوءِ ڪيتريون ملاقاتون ٿيون پر هو ناتجربيڪاري ۽ اندر جي ڪنهن خوف کان ان کي حاصل نه ڪري سگهيو، عورت هڪ دفعي هن جي پيڙا کي سمجهي پاڻ ئي کيس راضي ڪيو ته هو جنهن ڪمري ۾ رهي ٿو اتي اچڻ لاءِ تيار آهي، هو جنهن ڪمري ۾ دوست سان رهندو هيو ان کيس خاطري ڪرائي ته هو اڌ رات تائين واپس نه ايندو، هن ڪمري کي سٺي نموني صاف ڪيو ۽ جڏهن شام جا ڇهه ٿيا ته عورت ڪمري جو دروازو کڙڪايو. اهو سيپٽمبر جو مهينو هيو ۽ ٻاهر اوندهه تيزيءَ سان ڦهلجي رهي هئي، هو ٻئي پلنگ جي ڪناري تي ويٺا چُميون ڏئي رهيا هيا. جڏهن هر طرف اوندهه ڇائنجي وئي ته هن اٿي ڪمري جو بلب روشن نه ڪيو. هو اوندهه جي پناهه ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيو هيو، هو سوچي رهيو هيو ته اوندهه ڪري هوءَ هن جو منهن ڏسي نه سگهندي ۽ ڪپڙا لاهڻ وقت هن جي مونجهارن کي محسوس ڪري نه سگهندي. عورت انتطار ڪندي رهي ته هو هن جا بٽڻ کوليندو پر ان ۾ اها سگهه نه هئي، هوءَ بيزار ٿي بيهي رهي ۽ ٽهڪ ڏيندي چيائين:
“هاڻي هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن.”
هوءَ اوندهه ۾ ڪپڙا لاهي رهي هئي ۽ هو پاڇي جيان هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو، همبستري وقت هن جو ڊگهو پاڇو ئي پسي پئي سگهيو، اها پنهنجي منهن ڀُڻڪي رهي هئي، هن کي اُن جا وچڙيل لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيا، هوءَ هن سان ڳالهائي رهي هئي يا پاڻ سان. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، هن پڇيو:
“ڇا چئي رهي آهين؟”
پر ڄڻ عورت ٻڌو ئي ڪين، هوءَ پنهنجي منهن ڀُڻڪندي رهي، عورت هن کي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، هن جي ڪن وٽ هن جا چپ هجڻ باوجود کيس لفظ سمجهه ۾ نه اچي رهيا هئا.
ڪافي پيئندي عورت کي ياد آيو انهن ڏينهن اڪثر هوءَ نيري رنگ جا ڪپڙا پائيندي هئي، ماڻهو هن کي سمنڊ سان تشبيهه ڏيندا هيا، هن کي ان رات اهو جوڙو پاتل هيو، هن وارن ۾ عاج جي ڦڻي اٽڪائي هئي، هوءَ تڏهن چانهه سان گڏ رم پيئندي هئي ۽ پاڻ کي خوش رکندي هئي.
هوءَ گهڻو وقت قبرستان ۽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهمي هئي، جنهن کان هن جي پيرن ۾ سور جون سٽون اُڀري رهيون هيون ۽ پٽ جون ڏوهي قرار ڏيندڙ اکيون هن پويان گهمي رهيون هيون، جن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اهي گهڙيون غنيمت هيون، پوءِ ان احساس کان مسرت محسوس ڪيائين ته جيڪڏهن هن عمر ۾ به سامهون ويٺل شخص لاءِ ڪا ڪشش موجود آهي ته پوءِ جواني ضايع نه ٿي.
هو هاڻي عورت جو هٿ هٿن ۾ وٺي دٻائڻ لڳو، ان ڪو اعتراض نه ڪيو، هن جو ائين ڪرڻ عورت کي وڻي رهيو هيو، هن جي اندر جي ڇڪتاڻ ختم پئي ٿيندي وئي، ان کي اهو پندرنهن سال پهريون واري نوجوان کان به خوبصورت نظر پئي آيو.
هن عورت کي اها رات ياد ڪرائيندي پڇيو:
“هوءَ اوندهه ۾ جڏهن هن جي ڪن وٽ سمجهه ۾ نه ايندڙ سرٻاٽيون ڪري رهي هئي ته ڇا چئي رهي هئي؟”
“مون کي ڪا خبر نه آهي.” عورت چيو.
ان رات اوندهه ڪري اها هن جي تصور ۾ هڪ ڌنڌلڪو عڪس ٺاهي سگهي هئي ۽ جڏهن هن بلب ٻاري روشني ڪئي هئي ته اها ڪپڙن ۾ ملبوس هن سامهون بيٺل هئي. هو سامهون ويٺل ان چهري ۽ اوندهه ۾ اڀرندڙ غروب ٿيندڙ چهري ۾ ڪو تعلق پيدا نه ڪري سگهيو.
اها اڃا ڪمري ۾ ئي بيٺل هئي ڄڻ هن جي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي.
ان وقت هن سوچيو هيو جڏهن ٻئي دفعي ملي ته هو ڪمري ۾ بلب جو بٽڻ بند نه ڪندو پر وري ڪڏهن اهڙو موقعو هن کي نه مليو، هو ان عورت کان ڪترائيندو به هيو، هن کي احساس هوندو هيو ته ڪم عمريءَ ڪري هو ناڪام ويو آهي.
ڪافي پيئندي هن عورت جي چهري کي ڏٺو، هن کي اتي ماضيءَ جون لڪيرون هڪ ٻئي ۾ وچڙيل نظر آيون.
“ڇا توکي اهي گهاريل گهڙيون ياد آهن.” هن پڇيو.
“خبر نه آهي تنهنجي منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟”
“گهڻو وقت گذري چڪو آهي.”
عورت پڪائي ڪندي چيو:
“ڪجهه ياد نه آهي.”
جڏهن هن کي وڌيڪ کوٽڻ جي ڪئي ته عورت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو.
“تون ماضيءَ کي ايڏو ڇو ٿو ياد ڪرين، اسان کي پنهنجن ارادن جي برعڪس ماضيءَ کي گهڻو وقت ڏيڻو پوي ٿو.”
عورت ڳالهائيندي جڏهن ٿڌو ساهه کنيو جيڪو هن قبرستان کي ياد ڪري کنيو هيو ته هن ان جو غلط مطلب ورتو، هن ڏٺو سندس سامهون ماضي ۽ حال جي روپ ۾ ٻه عورتون نه پر هڪ عورت ويٺل هئي، جنهن کي هن هٿ وڌائي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.
“تون سچ چوين ٿي، حال کي وڏي اهميت حاصل آهي.” هن چيو.
هو ٻئي ڪجهه گهڙيون چپ ڪري ويٺا رهيا.
“ڇا تون واقعي ئي شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.” هن پڇيو.
“ها... عرصو ٿيو مون شراب کي هٿ نه لاٿو آهي.” عورت چيو.
هو اٿيو، هن بوتل ۽ ٻه گلاس آڻي رکيا.
“هڪڙو جام منهنجي خاطر.” هن التجا ڪندي چيو.
هن بوتل کولي جام ڀريا، عورت انڪار نه ڪري سگهي، هن جام کڻي ڄڻ چپ آلا ڪيا. هو اٿيو ۽ هن جي ڪرسيءَ جي ٻانهن تي ويهندي ان جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو، عورت کي هن مان اها اميد نه هئي ته هو جلد ايڏو بي تڪلف ٿي ويندو، جڏهن کيس ڪرسيءَ تان اٿاري پلنگ تي وٺي ويو ته اها هن جي ٻانهن ۾ برف جيان ڳرڻ لڳي.
هن کي پٽ جون اکيون ڀرسان ڏسندي محسوس ٿيون، هن جڏهن عورت کي سيني سان لڳايو ته هن کي لڳو ڪٿي وچ ۾ هن جو پٽ موجود آهي، پر پوءِ اهو احساس ختم ٿي ويو، اتي هوءَ هئي ۽ هو هيو.
عورت کي اوچتو وري عمر جو احساس ٿيو ۽ اٿي بيٺي، هن کيس ٻڌايو ته هاڻي هن جي اها دلڪشي ۽ سونهن ختم ٿي چڪي آهي، پر هو هن کي ساڳيو خوبصورت ۽ جوان سمجهي رهيو هيو، پندرهن سال پهريون جنهن ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو هيو، اها هن آڏو موجود هئي.
“انڪار جو ڪهڙو فائدو.” هن چيو.
عورت کي لڳو هوءَ ڪپڙن ۾ خوبصورت ۽ سونهن سان ڀريل نظر اچي رهي آهي، اهي لهڻ کان پوءِ سڀ ظاهر ٿي پوندو، هن جي ڳچيءَ جي چوڌاري گهنج، پيٽ تي آپريشن جو نشان ۽ اهي اڇا وار، هوءَ سوچي رهي هئي ته هن کي پٽ پريان پاڻ طرف ايندي نظر آيو. هن جي پٽ جي منهن تي ايڏي ته نفرت ۽ ڪاوڙ هئي جو پنهنجين ٻانهن ۾ ويڙهجي وئي، هوءَ هن جي ٻانهن ۾ هئي پر هن سامهون پٽ جو چهرو هيو جنهن ۾ هوءَ جوان هئي.
هن جي ڪنن ۾ قبرستان جي مجاور جا لفظ گونجي رهيا هيا.
“پراڻن مڙدن کي نوَن لاءِ قبرون خالي ڪرڻيون پون ٿيون.”
هن جي مڙس جي قبر ميسارجي چڪي هئي، هاڻي اتي ڪو ٻيو دفن هيو، هن سامهون ويٺل مرد گذريل پندرهن سالن کان هن جي حسن جو مجاور هيو، هن پنهنجو لڪايل جسم ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ڪا به عمارت، ڪا به قبر پنهنجي اصلي حالت ۾ برقرار نه ٿي رهي، هو اهو سڀ ڄڻ سوچيندي نه پر ڳالهائيندي هجي ۽ هن جي پٽ جي چهري جا نقش بگڙجندا ويندا هجن، اهو رڙيون ڪري چوندو هجي.
“امڙ تون هي ڇا چئي رهي آهين... هي ڇا ڪري رهي آهين؟”
پر ان وقت روشنيءَ جي چمڪ هر شيءِ کي ڌنڌلڪو ڪري ڇڏيو هيو، هن وٽ جيئرو رهي مئلن يا مئلن جي مزارن کي ترجيح ڏيڻ جو ڪو به جواز نه هيو.
هن کي لڳو، هوءَ اڃا جوان آهي، ان سامهون هڪ وڻندڙ مرد آهي، ٿي سگهي ٿو اهو آخري مرد هجي جيڪو هن کي متاثر ڪري سگهي، جيڪو پڻ هن ۾ ڪشش محسوس ڪري رهيو هيو، هو به هن کي حاصل ڪري پئي سگهي، جيڪڏهن اهو پنهنجي عمل سان هن جي ذهن ۾ ٺهيل يادگار برباد ڪري پئي سگهيو ته ڪهڙو فرق ٿي پيو، هن هڪ دفعو وري پٽ جو ڏک ۾ ڀريل آواز ٻڌو، پر هن کي هاڻي ڪا به پرواهه نه هئي، هوءَ مرڪي رهي هئي.
“تو سچ پئي چيو... مان ڪير ٿيندي آهيان توکي روڪڻ واري.” هن چيو.
هوءَ اٿي بيٺي ۽ بٽڻ کولڻ لڳي.
شام پري هئي ۽ ڪمرو روشنيءَ سان ڀريل هيو.