ناول: ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب
(ميلان ڪنڊيرا جو ناول “ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” سڀ کان پهريون 1978ع ۾ فرانسيسيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو، جڏهن ته اصل چيڪ مسودو 1981ع ۾ شايع ٿيو، اهو ناول ميلان ڪنڊيرا فرانس ۾ جلاوطنيءَ کان پوءِ ستت ئي لکيو هيو، ائين لڳي ٿو ناول جو موضوع هن جي ڀوڳنائن جو اظهار آهي، اهو ناول هن جي تخليقي عمل ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، هو ان ۾ ڪو به سچ مڙهڻ نه ٿو چاهي، پر وارتا جو تاثر قائم ڪري پڙهندڙن تي ڇڏي ٿو، ته اهي پاڻ فيصلو ڪن، ان ناول جو هيٺ ڏنل ترجمو نه پر خلاصو آهي، سواءِ آخري باب جي جيڪو جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو آهي.)
بيبي تمينا کان ڏهه سال ننڍي هئي، هوءَ ان ڪيفي جي مالڪ جي گهرواري هئي، جنهن ڪيفي ۾ تمينا ڪم ڪندي هئي، تمينا کي ڪيفي ۾ ملازمت ڪندي اجرت ۾ ايترا ته گهٽ پئسا ملندا هيا جو هن جو گذر سفر ڏکيو ٿيندو هيو.
چيڪو سلواڪيه ۾ ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ گهڻا ماڻهو ملڪ ڇڏي هليا ويا، انسانن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو، هر ان شيءِ تي ڪڙي نظر رکي وئي، جيڪا حڪومت جي مخالف هئي، تمينا کي اهڙي حالتن ۾ پراگ ڇڏڻو پيو.
فرانس ۾ رهڻ دوران هن جو مڙس جلد لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هوءَ دنيا ۾ اڪيلي رهجي وئي، چيڪو سلواڪيه ڇڏڻ وقت تڪڙ ۾ هن کان ڪجهه ضروري شيون ساهوري گهر رهجي ويون هيون، انهن ۾ هڪ پيڪيٽ به هيو، ان پيڪٽ اندر ڊائريون ۽ سندس مڙس جا خط شامل هيا، مڙس جي وفات کان پوءِ سندس خواهش هئي ته جيڪر اهو پيڪٽ واپس ملي پوي جيئن هوءَ انهن وڃايل يادن جي سلسلن کي جوڙي سگهي.
جڏهن کيس خبر پئي ته بيبي مڙس سان گڏ چيڪو سلواڪيه وڃي رهي آهي ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، هن محسوس ڪيو جيئن صدين جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي هجي.
“جيڪڏهن تون پراگ وڃي ته منهنجن ساهورن ڏي ضرور وڃجانءِ اتي مان هڪ پيڪٽ وساري آئي آهيان، اهو ڪو ايڏو وڏو نه آهي، پر تنهنجي سامان ۾ آسانيءَ سان اچي ويندو.”
“ها.... ڇو نه؟” بيبي چيو. “مان ضرور آڻيندس.”
“ان ڪم لاءِ مان تنهنجي شڪرگذار رهندس” تمينا چيو.
“تون مون تي ڀروسو ڪر، اهو ڪم مان ضرور ڪنديس” بيبي چيو.
پوءِ هو ڪيتري دير پراگ جي باري ۾ ڳالهائينديون رهيون، پراگ کي ياد ڪري تمينا محسوس ڪيو هن جا ڳٽا باهه جيان ٻرندا هجن.
بيبيءَ موضوع بدلايو ۽ کيس ٻڌايو
“مان هڪ ڪتاب لکڻ چاهيان ٿي.”
تمينا هن جي ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو، هن جي اکين اڳيان پراگ جا روڊ رستا ڦري رهيا هيا پر جيئن ته بيبيءَ ۾ هن جو ڪم ڦاٿو هيو، هن ان جي موضوع ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
“ڪنهن جي باري ۾ ڪتاب؟” هن پڇيو.
بيبيءَ جي هڪ سال جي ڌيءَ ڪيفي ۾ پيل اسٽول وٽ کيڏي رڙيون ڪري رهي هئي.
“شش” هن چپن تي آڱر رکي چيو ۽ پوءِ ٻڌايو.
“دنيا جي باري ۾، جيئن اها مون کي نظر اچي ٿي.”
ٻارڙي روئڻ ۾ مچي وئي.
“تون واقعي ئي ڪتاب لکندينءَ... تو ۾ ايڏي همت آهي؟” تمينا پڇيو.
“ڇو نه” بيبيءَ جواب ڏنو، هڪ دفعو وري اها خيالن ۾ گم ٿي وئي ۽ پوءِ چيو.
“اهو ظاهر آهي ته ڪتاب لکڻ لاءِ مون کي ٻن چئن اديبن سان ملڻو پوندو، ڇا تون بناڪا کي سڃاڻي ٿي.” بيبيءَ پڇيو.
“نه... اهو وري ڪير آهي؟” تمينا چيو.
“هڪ اديب آهي” بيبيءَ ٻڌايو. “هتي ئي ڪٿي رهي ٿو، منهنجو ان سان ملڻ تمام ضروري آهي.”
“ان ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟”
“اها ته مون کي خبر نه آهي” بيبيءَ چيو ۽ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ چيو.” پر اهو ضروري آهي ته ملاقات کان اڳ مان گهٽ ۾ گهٽ ان جو هڪ ڪتاب ضرور پڙهان.”
جڏهن تمينا پراگ سس کي فون ڪيو ته رسيور ۾ جيڪو آواز آيو اهو خوشيءَ کان خالي هيو.
“تون... اڇا... ايڏن سالن کان پوءِ ياد ڪيو ٿي؟”
“توکي خبر هوندي ته منهنجي مالي حالت سٺي نه آهي.” تمينا چيو. “فون ڪرڻ ۾ ڏاڍا پئسا خرچ ٿين ٿا.”
“ته خط ئي لکين ها... پوسٽ جي ٽڪيٽ ته ايڏي مهانگي نه آهي.”
تمينا چپ ٿي وئي، جڏهن ڏوراپا بند ٿيا ته تمينا کي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو مليو.
“توهان ۾ هڪ ڪم آهي، مان جڏهن اتان رواني ٿي هيس ته هڪ پيڪٽ رهجي ويو هيو، اهو ضرورت ۾ آهي.”
“پيڪٽ؟”
“مون ۽ ميرڪ (تمينا جو مڙس) گڏجي ان کي بابا جي ميز واري خاني ۾ وجهي تالو هڻي بند ڪيو هيو، شايد توکي ياد هوندو ته ميرڪ رواني ٿيڻ کان اڳ چاٻي تنهنجي حوالي ڪئي هئي.”
“مون کي ڪا چاٻي ياد نه آهي.”
“پر امان اها تو وٽ آهي، ياد ڪر ميوڪ توکي ڏني هئي.”
“توهان ڪڏهن مون کي ڪجهه ڏنو آهي ڇا؟”
“گهڻو وقت گذرڻ ڪري شايد توکي ياد نه آهي پر تون ڳولهيندينءَ ته اها ضروري ملندي.”
“جيڪڏهن ملي ته پوءِ ڇا ڪريان؟”
“ٽيبل جو خانو کولي ڏسجانءِ، ته اتي پيڪٽ موجود آهي.”
“ته ڇا تنهنجي خيال ۾ پيڪٽ کي پر لڳل آهن جو اڏامي ويندو، جڏهن تو اتي رکيو آهي ته ضرور هوندو، ڇا توکي پڪ نه آهي؟”
“ها امان مون کي پڪ آهي اهو اتي ئي هوندو پر پوءِ به ڏسجانءِ”
“ته پوءِ ميز جو خانو کولڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، تون سمجهندي هوندينءَ ته مان ضرور ان ۾ پيل تنهنجا نوٽ بڪ هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏيا هوندا.”
تمينا صفا چپ ٿي وئي ۽ سوچڻ لڳي ته هن جي سس کي اها خبر ڪيئن پئي ته ان ۾ نوٽ بڪ پيل آهن، ملڪ ڇڏڻ وقت هن انهن کي ڪاغذن ۾ ويڙهي چڱيءَ طرح بند ڪيو هيو، هن سس تي حيرت ظاهر نه ڪئي.
“نه...نه... منهنجو مطلب هرگز اهو نه هيو، ڇڙو ڏسجانءِ ته اتي موجود آهن، ٻئي دفعي فون ڪيم ته تو کي وڌيڪ حال احوال ڏيندس.”
تمينا ۽ هن جو مڙس چيڪو سلواڪيه مان ڀڄي نڪتا هيا. انهن ڀڄڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو جو پنهنجو نانءُ انهن سياحن جي لسٽ ۾ شامل ڪرايو هيو جيڪي يوگوسلاويا سير ۽ تفريح ڪرڻ پئي ويا، جڏهن اهي اتي پهتا ته آسٽريا مان ٿيندا فرانس اچي نڪتا.
انهن سفر ۾ هڪ ننڍو سوٽ ڪيس ساڻ کنيو هيو جيئن ڳجهن ادارن جي نظرن کان بچي سگهن، هو ننڍو سامان نه کڻي سگهيا هيا جنهن ۾ هڪ پيڪٽ اندر نوٽ بڪس هيا، ان پيڪٽ ۾ اهي خط به هيا جيڪي تمينا ۽ ميرڪ شاديءَ کان اڳ هڪ ٻئي ڏي لکيا هيا، ڪسٽم وٽ چڪاس دوران جيڪڏهن انهن جي ملڪ جو ڪو آفيسر اهو پيڪٽ ڏسي وٺي ها ته ضرور شڪ ڪري ها ته آخر ٻن هفتن لاءِ سير تفريح خاطر ويندڙ جوڙي وٽ هڪ اهڙي پيڪٽ هجڻ جو ڪهڙو جواز آهي جنهن ۾ انهن جا خط آهن، ملڪ ڇڏڻ وقت اهي ان پيڪٽ کي پنهنجي فليٽ ۾ رکي اچڻ نه پيا چاهين ڇو جو انهن جي روانگيءَ کان پوءِ جڏهن حڪومت کي انهن جي خبر پوي ها ته فليٽ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي هر شيءِ جي جاچ ڪن ها. انڪري هوءَ پيڪٽ سس جي گهر ڇڏي آئي هئي جيڪو پراگ کان ٻاهر هڪ غير اهم جاءِ تي هيو.
فرانس ۾ تمينا جو مڙس بيمار ٿي پيو، تمينا ان لاءِ بس پرديس ۾ ايترو ئي ڪري پئي سگهي ته موت هٿان ان کي هوريان هوريان مرندو ڏسي، جڏهن اهو مري ويو ته ماڻهن هن کان پڇيو.
“لاش کي دفنايو وڃي يا ساڙيو وڃي؟”
هن انهن کي ساڙڻ لاءِ چيو پوءِ جڏهن پڇيائون ته:
“هوءَ ان جي رک کي خاڪدان ۾ محفوظ رکڻ چاهي ٿي يا ان کي ڪنهن خاص جاءِ تي هاريو وڃي؟”
ان خيال کان ته هن جو ڪو ذاتي گهر نه هيو، هوءَ مڙس جي رک کي ڪٿي روليندي وتندي، هن ان ۾ بهتري سمجهي ته رک کي هاريو وڃي.
***
هن بوهيميا ۾ پورا يارنهن سال مڙس سان گڏ گذاريا هيا ۽ يادن جا يارهن نوٽ بڪ هڪ پيڪٽ اندر هن جي سس جي قبضي ۾ هيا.
مڙس جي وفات کان پوءِ هن جڏهن يادگيرين کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه ڪري سگهي. هن هڪ نوٽ بڪ ورتو ۽ ان کي يارهن ننڍن حصن ۾ ورهايو، هن وسري ويل واقعا ياد ڪيا اهي سڀ هن جي ذهن ۾ ڪنهن اونداهي پردي تي موجود هيا، پر هوءَ انهن کي بي ترتيب محسوس ڪري رهي هئي، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته انهن کي ڪيئن شمار ڪري.
هن بوهيميا ۾ مڙس سان رهڻ دوران موڪل جي ڏينهن ۾ ڪافي سير ۽ تفريح ڪيا هيا، پر هوءَ ڪجهه واقعا وساري ويٺي هئي، هن انهن واقعن کي ڪجهه حوالن سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جهڙا نه هيا. جيئن 1964ع ۾ جڏهن هن جي ماءُ وفات ڪري وئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڏک وسارڻ لاءِ مڙس سان تترس Titras وئي هئي، هن کي اهو به ياد هيو ته ان واقعي کان ٻه سال اڳ هوءَ گرم پاڻيءَ جا ڪنارا ڏسڻ بلغاريا وئي هئي. هوءَ 1968ع ۽ 1969ع واريون موڪلون ڪيئن وساري سگهي پئي ڇو جو اهي چيڪو سلواڪيه ۾ انهن جون آخري موڪلون هيون.
جيڪڏهن هوءَ واقعن کي ڪن حوالن سان ياد ڪري لکڻ ۾ ڪامياب به ٿي پئي وئي ته هن لاءِ اهو ممڪن نه هيو ته انهن ڏينهن گهاريل ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعن کي ڪهڙي ترتيب ڏئي لکڻين ۾ شمار ڪري. ڪرسمس جي يارهن موقعن مان هن کي صرف ٻه ۽ نئين سال جي ٻارهن مان صرف پنج واقعا ياد هيا.
هن مڙس پاران انهن نالن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، جن نالن سان ان مختلف وقتن تي هن کي سڏيو هيو، ان جي محبت اهڙي مشين جيان هئي جنهن مان پيار ڀريا مختلف نالا ڍلجي نڪرندا هيا، انهن شاديءَ جي ٻارهن سالن دوران هن گهٽ ۾ گهٽ هن کي پيار مان ٽيهن نالن سان ضرور سڏيو هيو.
اهو ئي سبب هيو جو هن لاءِ اهو پيڪٽ ڇو ضروري هيو، ڇو جو انهن ۾ وسري ويل ڳالهين جا سڀ حوالا موجود هيا جيڪي هن جي زندگيءَ جو حصو هيا.
هن کي اها به خبر هئي ته انهن نوٽ بڪن ۾ ڪافي دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون پڻ موجود هيون، ناراضگيءَ جا ڏينهن، رسڻ پرچڻ جا ڏينهن. ان حد تائين جو هڪ ٻئي مان بيزارگيءَ جا ڏينهن، پر اهي سڀ حقيقت هيون هن ماضيءَ جي روح کي جسم پئي ڏيڻ چاهيو هن جي دل جي اها حسرت هئي، خواهش هئي، هوءَ بانس جي لڪڙن جي ٻيڙيءَ تي ويئي ڏسي رهي هئي، هن جي زندگيءَ جو حاصل اهو ئي هيو جيڪو هن جي نظرن جي حد تائين ڦهليل هيو.
هوءَ انهن نوٽ بڪس لاءِ پريشان هئي، ان لاءِ ته انهن کي حاصل ڪري پنهنجي يادن جي سلسلي کي ترتيب ڏئي سگهي.
***
چيڪو سلواڪيه کان ٻاهر ويندڙ ٽپال ڳجهن ادارن جي هٿن مان ٿي پوءِ ويندي هئي، هن جي مڙس جو نالو اڃا به بليڪ لسٽ ۾ هيو، انهن کي اها خبر نه هئي ته اهو شخص دنيا مان موڪلائي چڪو آهي، تنهن ڪري هوءَ نه پئي چاهي ته سندس مڙس جي نالي تي ڪا تهمت لڳي، هن کي بيبيءَ ۾ اميد هئي ته اها ئي سندس حسرت پوري ڪري سگهي ٿي، هن بيبيءَ کي خوش رکڻ لاءِ حيلا وسيلا شروع ڪيا، هن کي خبر هئي ته بيبي بناڪا سان ملڻ چاهي ٿي تنهن لاءِ ضروري هيو ته ملاقات کان اڳ ان کي گهٽ ۾ گهٽ بناڪا جي ڪنهن به هڪ ناول جي پلاٽ کان ته واقف هجڻ ضروري آهي، جيئن اها گفتگو دوران چئي سگهي ته:
“بلڪل ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه توهان فلاڻي ڪتاب ۾ ڪئي آهي.”
هوءَ ڄاڻي پئي ته بيبيءَ ڪڏهن ڪتاب جو منهن نه ڏٺو آهي، تنهن لاءِ ضروري هيو ته هوءَ پاڻ ڪوشش ڪري بناڪا جو ڪو اهڙو ڪتاب هٿ ڪري پڙهي بيبيءَ کي گفتگوءَ لاءِ تيار ڪري.
تمينا کي خبر هئي ته ڪيفي ۾ هيوگو نالي هڪ شخص ايندو آهي جنهن جو ڪتاب پڙهڻ سان واسطو آهي، هن جڏهن ڪافيءَ جي پيالي ان سامهون رکي ته سوال ڪيو.
“ڇا تون بناڪا کي سڃاڻين؟”
هيوگو هڪ گدلو شخص هيو جنهن جي وات مان بدبوءِ پئي ايندي هئي. اهو خاموش ۽ شرميلي طبيعت جو مالڪ هيو، عمر ۾ تمينا کان پنج سال ننڍو هيو، اهو جڏهن به ايندو هيو ته ٽيڏين نظرن سان تمينا ڏي پيو ڏسندو هيو، ان کي تمينا مان گهڻيون اميدون هيون.
“ها... مان ان کي سڃاڻان” هن جواب ڏنو.
“ان جي ڪنهن ڪتاب جو موضوع ٻڌائي سگهندين؟”
“ڏس تمينا” هيوگو چيو “اڄ ڏينهن تائين مان يا ڪنهن ٻئي هن جي ڪا به لکڻي نه پڙهي آهي، اهو هڪ بيڪار ۽ هيٺين درجي جو اديب آهي.”
تمينا ٻيو ڪو چارو نه ڏسي بناڪا جي ڪتابن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڇڏي ڏني پر بيبيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ هن ان کي بناڪا سان ملائڻ ضروري سمجهيو.
هن جو يو يو Jou Jou نالي، فلسفي جي هڪ جاپاني پروفيسر واقفڪار هئي، جنهن کي ضرورت وقت هوءَ پنهنجي فليٽ جي چاٻي ڏيندي هئي، جتي يارن سان ملاقاتون ڪندي هئي، هن ان سان ڳالهه ڪئي. اها بناڪا کي سڃاڻيندي هئي، يويو هن سان واعدو ڪيو ته هوءَ ڪڏهن بناڪا کي وٺي هن وٽ ضرور ايندي، جڏهن تمينا بيبيءَ کي اها خوشخبري ٻڌائي ته بيبيءَ کيس مذاق ڪندي چيو.
“ٿي سگهي ٿو اهو بناڪا ڪو سهڻو ماڻهو هجي ۽ تنهن جي سوڪهڙي جا ڏينهن پورا ٿين.”
اهو سچ هيو ته مڙس جي وفات کان پوءِ تمينا ڪنهن غير مرد سان نه سمهي هئي، پر جنسي خواهشون وهندڙ پاڻيءَ جيان آهن، جنهن ۾ گناهه ۽ ثواب ڌوپجي صاف ٿي وڃن ٿا، هوءَ جڏهن به ڪنهن ٻئي مرد سامهون ڪپڙا لاهڻ جو تصور ڪندي هئي (اهڙو تصور هوءَ اڪثر ڪندي هئي) ته هن سامهون مڙس جو چهرو اچي ويندو هيو.
هن جو ان ڳالهه ۾ عقيدو نه هيو ته مرڻ کان پوءِ سندس مڙس جو روح هن چوڌاري موجود آهي، پر پوءِ به هوءَ ڏاڍي محتاط هوندي هئي، سندس من چاهيندو هيو ته ڪنهن سان عشق جو اظهار ڪري. ڪجهه گهڙيون ڪنهن سان گهاري پر اندر جي ڪنهن خوف کان هوءَ ائين نه ڪري سگهندي هئي، ان حد تائين جو Masturbation ڪرڻ وقت به هن کي مڙس جو چهرو لڳاتار اکين سامهون ڦرندي نظر ايندو هيو، هن سوچيو جيڪڏهن هن مڙس جي زندگيءَ ۾ ڪنهن غير مرد سان همبستري ڪئي هجي ها ته اڄ اها هن لاءِآسان هجي ها، هن جو مڙس هڪ ڪامياب ۽ زندگيءَ مان مطمئن شخص هيو جنهن ڪارڻ تميناپاڻ کي هن کان سدائين گهٽ محسوس ڪيو. هن کي لڳو جيڪڏهن هن اهڙو ڪم ڪيو ته هوءَ اهڙي شخص کي ايذاءُ رسائيندي جيڪو موٽي هن کي روڪڻ کان معذور آهي. پوري ڪائنات ۾ صرف هوءَ هئي جيڪا مئل مڙس جي ميراث هئي. اها ئي ڳالهه هئي جو جڏهن هن جي من ۾ ٻئي مرد جو خيال ايندو هيو ته هن جي مڙس جون يادون سندس وجود کي ول جيان وڪوڙي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو هيون.
***
هڪ ڏينهن بيبي ڪيفي جي بار واري حصي ۾ اچي ويٺي.
“هيلو تمينا” هن چيو “هڪ وسڪيءَ جو گلاس ته ڏجانءِ”
گهڻو ڪري بيبي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيندي هئي يا ڪڏهن Port (تيز ڳاڙهي رنگ جو مٺو شراب) جو گلاس آڻڻ لاءِ چوندي هئي، هن جي انداز مان لڳي رهيو هيو ته اها سخت پريشان آهي.
“تنهنجي لکڻ جو شوق ڪٿي پهتو؟” تمينا وسڪي گلاس ۾ وجهندي پڇيو.
“جيڪڏهن منهنجو موڊ سٺو هجي ها ته هر شيءِ سٺي هجي ها.”
بيبيءَ جواب ڏنو، هڪ ئي ساهيءَ ۾ وسڪيءَ جو گلاس خالي ڪري ٻئي جو آرڊر ڏنو، ڪجهه ٻيا گراهڪ ڪيفي ۾ داخل ٿيا، تمينا وئي ۽ انهن کان پڇيو.
“اهي ڇا کائيندا پيئندا؟”
پوءِ واپس وري بيبيءَ وٽ آئي ۽ وسڪيءَ جو ٻيو گلاس ڀريو.
“مان پنهنجي مڙس مان تنگ اچي چڪي آهيان، هو گهر کان گهڻا ڏينهن پري رهي ٿو ۽ جڏهن اچي ٿو ته لڳاتار ٻه ڏينهن ننڊ ۾ گذاري ٿو، هن وٽ همبستريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو مشغلو نه آهي، مون کي ان کان طلاق وٺڻي پوندي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي، پهريون هن چيو ته پراگ هلنداسين پوءِ هو ڳالهه تان ڦري ويو ۽ اڄڪلهه هن کي آئرلينڊ وڃڻ جو شوق جاڳيو آهي.”
“ته پوءِ توهان موڪلون گذارڻ آئرلينڊ ويندا؟” تمينا پڇيو.
هن پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاٿل محسوس ڪئي.
“مون کي خبر آهي هو ڪيڏانهن نه هلندو، بس هتي رهي وقت وڃائيندو، مون کي هن جي ڪا ضرورت نه آهي، مان ڪتاب لکندس ۽ وقت گذاريندس.”
تمينا پڇڻ پئي چاهيو ته:
“ڇا هاڻي هو پراگ نه ويندا؟” پر نڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ جو احساس وڌي ويس ۽ ڪجهه چئي نه سگهي.
ان وقت يويو ڪيفي ۾ داخل ٿي ۽ چيائين:
“ڇا توهان سڀني جي سامهون Masturbation ڪري سگهو ٿيون.”
“ڇا مطلب.” بيبيءَ پڇيو.
“هن ڪيفي ۾... هيٺ فرش تي... سڀني جي سامهون يا ڪنهن سينيما هال ۾ فلم ڏسندي.”
“چپ” بيبيءَ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي چيو جيڪا بار جي اسٽول وٽ بيهي گوڙ ڪري رهي هئي ۽ پوءِ منهن مٿي ڪري چيو:
“اها ڪا غير فطري ڳالهه ته نه آهي، جيڪا شيءِ فطري آهي ان کي ڪرڻ ۾ ڪهڙو شرم”
تمينا اندر ۾ اڀرندڙ اڌمن ڪري بيبيءَ کان پراگ وڃڻ جي باري ۾ وڌيڪ نه پڇي سگهي، گفتگوءَ جو موضوع بدلجي چڪو هيو ۽ هن اهو سوال غير اهم پئي سمجهيو، هوءَ سمجهي چڪي هئي ته بيبيءَ جو هاڻي پراگ وڃڻ جو ڪو ارادو نه آهي.
ايتري ۾ باورچيخاني مان هڪ پورهيت عورت نڪري بيبيءَ وٽ آئي ۽ هن سان هٿ ملايو، بيبي ان کي ڏسي مرڪي.
“ڪهڙو حال آهي؟” ان بيبيءَ کان پڇيو.
“اسان جي هڪ انقلاب ئي قسمت سنواري سگهي ٿو.”
تمينا خاموش ويٺل هئي ۽ پيڪٽ جي باري ۾ سوچي رهي هئي جنهن کي حاصل ڪرڻ هن لاءِ ڏکيو ٿي چڪو هيو، پوءِ هن کي هيوگو جو خيال آيو ۽ سوچيائين اهو ئي سندس آخري اميد ٿي پئي سگهيو.
هيوگو تمينا کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيا هيا پر هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيو هيو.
***
“هڪ سٺي خبر ٻڌ.” هن جي پيءَ پراگ مان فون ڪري ٻڌايو، “مان تنهنجي ڀاءُ کي چيو آهي، اهو تنهنجي سس وٽان اهو پيڪٽ کڻي ايندو پوءِ پراگ ماڻهو موڪلي گهرائي وٺجانءِ”
تمينا جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
“سچ، تو ان کي ٻڌايو آهي، نه ته چاٻي نه ملڻ جي صورت ۾ اهو تالو ڀڃي پيڪٽ کڻي.”
رسيور رکڻ کان پوءِ تمينا خوشيءَ ۾ مست ٿي وئي.
“ڇا ڪا سٺي خبر هئي؟” هيوگو پڇيو.
“ها” هن ڪنڌ لوڏيندي چيو.
”پراگ مان فون آيو آهي ته منهنجو ڀاءُ اهو پيڪٽ کڻي ايندو” تمينا چيو.
۽ پوءِ چپ ٿي وئي، هن وري ڳالهايو.
“مسئلو اهو آهي ته پراگ مان اهو پيڪٽ ڪير آڻي ڏيندو.”
هيوگو جي اکين مان همدردي ظاهر ٿي.
“تون فڪر نه ڪر.” هن چيو “اهو پيڪٽ مان توکي آڻي ڏيندس.”
تمينا جي چپن تي مرڪ اچي وئي.
“سچ هيوگو” هن چيو “جيڪڏهن ائين ڪرين ته مان تنهنجو احسان زندگي ڀر نه وساريندس.”
“منهنجو توسان واعدو آهي.” هيوگو چيو.
هيوگو اٿيو، بار وٽ اچي ٻه گلاس کنيا ۽ انهن ۾ وسڪي وڌي.
“تمينا... تون جڏهن چاهين منهنجي گهر اچي پراگ فون ڪري سگهين ٿي، مان وري ساڳي ڳالهه ڪندس جيڪا ڪندو آهيان ته مون کي توسان ملڻ سٺو لڳندو آهي پر مون کي خبر آهي ته تون منهنجي ڪڏهن نه ٿيندينءَ.”
تمينا اٿي هيوگو جي ڀر ۾ آئي ۽ ان کان وسڪي جو گلاس ورتائين. هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي باري ۾ سوچي رهي هئي، ان سان هوءَ ناراض هئي پر پوءِ به اهو هن جي مدد لاءِ تيار هيو.
“شل سڀ ڪم خير سان ٿين.” هن چيو ۽ پوءِ جام هڪ ڳيت ۾ پي ويو، تمينا وسڪيءَ جو جام چاڙهي وئي ۽ خالي گلاس ميز تي رکيو، هوءَ واپس پنهنجي ڪرسيءَ ڏي وڃڻ ئي واري هئي ته هيوگو تيزيءَ سان پنهنجي ٻانهن ورائي هن جي چيلهه ۾ وڌي هن ڪو اعتراض نه ڪيو، صرف منهن پري ڪري ڇڏيو، هن جو منهن بگڙجي ويو هيو ۽ پشيمانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا هيا.
هن تمينا کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو پر حيران هيو ته آخر اهو سڀ ڪيئن ٿيو، جيڪڏهن تمينا اعتراض ڪري هن کي ڌڪو ڏئي پري ڪري ها ته هو پوئتي هٽي هن کان معافي وٺي ها پر تمينا ڪو اعتراض نه ڪيو، هو چرين جيان هن کي جنبڙي پيو ۽ ڪپڙا لاهڻ لڳو، آخر جڏهن هن جو جسم ڪپڙن کان آجو ٿي ويو ته هيوگو هن کي جنسي طرح اڃايل سمجهي گهڻي شهوت محسوس ڪندي هٿن مان پئي نڪتو ويو پر ان وقت هڪو ٻڪو رهجي ويو جڏهن محسوس ڪيائين ته تمينا جا عورتاڻا ڪنهن پاڻياٺ کان عاري هيا.
***
تمينا هڪ دفعو اهڙي آپريشن کي منهن ڏنو هيو جنهن ۾ سن ڪرڻ واري دوا استعمال نه ڪئي وئي هئي، هن سور ۽ وڍجڻ جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ دل ۾ ابتا انگ پڙهڻ شروع ڪيا هيا جيئن هن جو ڌيان هٽي وڃي. هاڻي به هن سڄو ڌيان ان پيڪٽ اندر پيل نوٽ بڪس ڏانهن ڪري ڇڏيو هيو، جن جي باري ۾ کيس اميد هئي ته اهي پراگ ۾ سندس پيءَ وٽ پهچي ويندا ۽ هيوگو جڏهن اوڏانهن ويو ته پاڻ سان گڏ کڻي ايندو.
هيوگو تيزي سان ديوانن وانگر پنهنجي ڪم ۾ لڳل هيو تمينا محسوس ڪيو ته هو ٺونٺين تي پاڻ کڻي پاڻيءَ بنا ڪنهن مڇيءَ جيان تڙپي پنهنجي ڍاڪن کي هيڏانهن هوڏانهن هڻي رهيو آهي، هن کي لڳو اهو هن جي جنسي عمل مان ڄڻ مطمئن نه هيو ۽ پنهنجي شهوت جو پورائو نه ٿيندو ڏسي ڪنهن انڌي جيان جاءِ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
تمينا کي هن جي اهڙين حرڪتن لاءِ ڪا به خواهش نه هئي. هن وري هيوگو کان منهن پري ڪيو، پنهنجا خيال مٽائڻ لاءِ هن وري نوٽ بڪس جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو، پاڻ کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته مڙس سان گهاريل موڪلن جو هڪ دفعو وري جائزو وٺي، جيڪي هن جي حافظي ۾ توڙي جو مڪمل نه هيا، هن انهن کي نئين سر ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، موڪلن جا اهي ڏينهن جيڪي بوهيميا ۾ گذريا هيا. اهي جيڪي گرم ڪنارن وٽ ۽ پوءِ نديءَ تي پر انهن سڀني جي ترتيب اڃان به غير واضح هئي، 1964ع ۾ اهي ٻئي تترس ويا هيا ۽ ان کان هڪ سال اڳ بلغاريا پر ان کان پوءِ سڀ شيون پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويون، 1968ع ۾ انهن پنهنجون سڀ موڪلون پراگ ۾ ئي گذاريون هيون، ان کان هڪ سال پهريون هو گرم ڪنارن تي ويا هيا، پوءِ هجرت ڪر اتي پهتا هيا ۽ آخري موڪلون اٽليءَ ۾ گذاريون هيون.
هيوگو پاڻ کي هن کان الڳ ڪيو ۽ هن جي جسم کي اونڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تمينا سمجهي وئي ته هو چاهي ٿو ته هوءَ جانورن جيان ٺونٺن ۽ گوڏن تي بيهي، اوچتو هن کي خيال آيو ته هيوگو هن کان عمر ۾ ننڍو آهي ۽ هن شرم محسوس ڪيو، ان باوجود هن پنهنجن جذبن کي قابو ۾ رکندي پاڻ کي مڪمل طرح هيوگو حوالي ڪري ڇڏيو، هن هيوگو جي ناهموار ڌڪن کي پنهنجي پٺ تي محسوس پئي ڪيو، هن کي لڳو جيئن اهو پنهنجي مردانگي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
ان وقت تمينا کي هيوگو جي ڪمري جي چوني واري ڀت تي مڙس جو وڏو منهن نظر آيو ۽ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، هڪ دفعو وري هوءَ تصور ۾ اهي موڪلن جا ڏينهن ورجائڻ لڳي، نديءَ ڪناري ملهايل پهريون موڪلون پوءِ يوگوسلاويا واريون، وري گرم ڪنارن واريون يا شايد انهن جي ترتيب ائين هئي ته پهريون گرم ڪنارن واريون... يوگوسلاويا... ۽ نديءَ... وري تترس واريون پوءِ بلغاريا واريون... ان کان پوءِ سڀ يادون پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويون، پراگ... گرم ڪنارا... آخر ۾ اٽلي... هيوگو جا ڊگها ساهه هن کي يادن مان واپس وٺي آيا. هن اکيون کولي ڇڏيون ۽ سامهون ڀت تي مڙس جو منهن ڏٺو.
***
جڏهن تمينا جو ڀاءُ هن جي سَسُ سان ملڻ ويو ته ان کي تالي ٽوڙڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، ٽيبل جو خانو پهريون ئي کليل هيو ۽ اتي يارهن جون يارهن ئي نوٽ بڪس موجود هيون، اهو سڀ ڄڻ ڪاغذن جي ڍير جيان هيون، جنهن کي تمينا جي ڀاءُ سوٽ ڪيس ۾ وڌو ۽ آڻي پيءَ حوالي ڪيو.
تمينا فون ڪري پيءَ کي چيو:
“سڀني شين کي ڪاغذ ۾ ويڙهي خيال سان چئني طرفن کان ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ ان کان اهم اها ڳالهه ته نه هو ۽ نه هن جو ڀاءُ هڪ لفظ به پڙهن.”
هن تمينا کي يقين ڏياريو پر ان ڳالهه کي دل ۾ ڪيو هن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته تمينا جي سس جيان انهن کي پڙهندو، ڇو جو هن کي اهڙين شين پڙهڻ جو ڪو به شوق نه هيو.
تمينا مطمئن ٿي وئي ته هاڻ اهي شيون محفوظ هٿن ۾ آهن ۽ اهي حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين ٿي وئي، هن وٽ انهن شين جي اهميت ان لاءِ به وڌي چڪي هئي ڇو جو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ جنسي طور استعمال ٿي هئي، هوءَ ۽ هن جون يادون جاڙين ڀينرين جيان هيون، اهو سوچي انهن خطن لاءِ هن جي من ۾ پيار اڃان به وڌي ويو. هن کي احساس هيو ته هن کي ذليل ۽ خوار ٿيڻو پيو آهي، اڳ جڏهن هوءَ ستن سالن جي هئي. هن جو چاچو ان وقت اندر آيو هيو جڏهن هوءَ اگهاڙي هئي، هن کي ڏاڍو شرم آيو هيو، پوءِ اهو احساس هن جي من ۾ بدلجي ويو، هن اتي بيٺي ٻارن جيان پڪو پهه ڪيو ته هوءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن چاچي ڏي نظرون کڻي نه ڏسندي، اهو جڏهن به ايندو هيو هوءَ ان کي ڏسڻ کان انڪار ڪندي هئي، ان لاءِ گهڻا وس ڪيا ويا هن کي ننديو ويو، دڙڪا دهمان ڏنا ويا.
هاڻي ان سان ملندڙ جلندڙ صورتحال هئي، هوءَ هاڻي به پيءَ ۽ ڀاءُ جي شڪرگذار هئي پر هن وري ڪڏهن انهن جي شڪل نه پئي ڏسڻ چاهي.
***
هيوگو جي ڪاميابي هن لاءِ شڪست جو پيغام کڻي آئي هئي، ان هوندي به ته جڏهن چاهيندو هيو ته هن سان همبستري ڪري سگهندو هيو، پر هن کي اهو احساس به هيو ته هن کي پنهنجو نه ڪري سگهيو هيو، هڪ اگهاڙو جسم هن جي جسم هيٺان ايڏو لاتعلق ايڏو بددل... ايڏو ڌاريو... ڪيئن ٿي سگهيو ٿي؟ اهو به ان وقت جڏهن هو هن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار هيو.
“تمينا مان هڪ ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو” ڪيفي ۾ هن سامهون ويهندي چيو “پيار جي باري ۾ ڪتاب... ها تنهنجي باري ۾... پنهنجي باري ۾... اسان ٻنهي جي جذبن جي باري ۾... ڊائريءَ جي صورت ۾... اسان جي ٻن جسمن جي باري ۾... ها... مان سڀني پابندين کي ٽوڙي وڏي وات سڀ چوڻ چاهيان ٿو مان ڇا آهيان؟... ڇا سوچيندو آهيان، اهو ڪتاب سياسي به هوندو، پيار جي باري ۾ به هڪ سياسي ڪهاڻي ۽ سياست جي باري ۾ پيار جي ڪهاڻي.”
تمينا چپ ڪري هن کي نهاريندي رهي، اوچتو هيوگو جو آواز ڳورو ٿي ويو، هو ائين محسوس ڪرڻ لڳو ڄڻ اها هن مان ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هوءَ هڪ بيواهه بنجي ماضيءَ جو غلط استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، پنهنجي ڪوڙي انا جي بلند عمارت تان بيهي هيٺ هر ڪنهن کي نفرت مان نهاري رهي آهي.
“تون پراگ ڪڏهن ويندين؟!!” تمينا پڇيو.
هيوگو کي لڳو ته تمينا هن سان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي، هوءَ هن سان صرف ان ڪري گڏ آهي جو هن کي هڪ اهڙي شخص جي ضرورت آهي جيڪو هن جي ڪم سان پراگ وڃي، هيوگو اندر ۾ بيزاري محسوس ڪئي.
“ڇا تون منهنجو مضمون پڙهيو آهي... يا نه” هيوگو پڇيو.
“ها پڙهيو آهي.” تمينا جواب ڏنو.
هن کي تمينا تي بلڪل يقين نه آيو ۽ جيڪڏهن پڙهيو به آهي ته ان مان ٿورڙو به متاثر نه پئي لڳي.
“جيڪڏهن تو پڙهيو آهي ته توکي ڄاڻ هوندي ته ان جو موضوع بغاوت آهي، اڄڪلهه جيڪي ڪجهه اسان جي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي مان ان متعلق سڌو سنئون لکيو آهي.”
“ته ڇا تون واقعي ئي اهو سمجهين ٿو ته پراگ وارن کي تنهنجي مضمون جي خبر هوندي؟”
ان طنز ڀريل جملي جي ڪوڙاڻ کي هيوگو محسوس ڪيو.
“تون ملڪ کان ٻاهر هڪ عرصي کان زندگي گذاري رهي آهين، مون کي خبر آهي ته اتان جي پوليس ان معاملي جي گهرائيءَ ۾ ڪيستائين وئي هوندي؟ اها ڇا ڪري سگهي ٿي؟ اتي منهنجي ان مضمون جي وڏي پذيرائي ٿي آهي. مون کي ان باري ۾ اتان خط به پهتا آهن، تنهنجي ملڪ جي پوليس منهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي، مون کي ان جو پورو يقين آهي.”
تمينا” هن اداس لهجي ۾ چيو. “مون کي خبر آهي تون منهنجي پراگ نه وڃڻ تي ضرور اداس ٿي هوندينءَ. پهريون منهنجو خيال هيو ته ان مضمون کي شايع نه ڪرايان پر پوءِ سوچيم ته اندر جي اڌمن کي پنهنجي ذات تائين محدود رکڻ جو مون کي ڪو حق نه ٿو پهچي، تون منهنجي ڳالهه سمجهين ٿي.”
“نه” تمينا جواب ڏنو.
“ته پوءِ مان توکي سمجهايا ٿو، جيڪڏهن اسان اندر جي احساس کي دٻائي رکيو ته هن ملڪ جو حال به اهڙو ئي ٿيندو جيڪو تنهنجي ملڪ جو ٿيو آهي، اسان به غلام بنجي وينداسين.”
نفرت جي هڪ لهر تمينا جي جسم ۾ اڀري، هوءَ ان ۾ ٻڌي وئي، هوءَ ٽپو ڏئي ڪرسيءَ تان اٿي ۽ عورتن جي غسل خاني ڏانهن ڀڳي، هن جا آنڊا اڀري وات ۾ ٿي آيا، هوءَ ڪموڊ وٽ گوڏا کوڙي ويٺي ۽ الٽي ڪئي، هن جو جسم ڏڪي رهيو هيو، هوءَ روئي رهي هئي، هن جي اکين اڳيان هيوگو جا خصيا... لنگ ۽ دن هيٺان وارن جي تصوير اچي وئي هوءَ ان جي وات جي گندي ڌپ محسوس ڪري رهي هئي، پنهنجن ٻنڍڻن وٽ هن جي سٿرن جو دٻاءُ محسوس ڪري رهي هئي، هن اوچتو ياد ڪيو ته سندس مڙس جي لنگ جي شڪل ڪيئن هئي؟ هن کي اهو ياد نه هيو، ٻين لفظن ۾ ته نفرت جي ياد پيار جي ياد کان ڪئي درجا وڌيڪ طاقتور هوندي آهي، اهو وقت پري نه آهي، جڏهن هن جي حافظي ۾ صرف هيوگو ۽ ان جي وات جي ڌپ رهجي ويندي، هن وري الٽي ڪئي، هوءَ بيد جي شاخ جيان لرزي... تڙپي... ۽ وري ٻي الٽي ڪئي.
جڏهن غسل خاني مان ٻاهر نڪتي ته هن جو وات جيڪو کٽيءَ بوءِ سان ڀريل هيو اهو سدائين لاءِ چپ ٿي ويو.
هيوگو چاهي پيو ته هن کي گهر تائين ڇڏي اچي پر هوءَ ان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي. هن جا چپ سبجي چڪا هيا. جڏهن هن ان سان ڳالهايو ته ردعمل ۾ هوءَ تيزيءَ سان هلڻ لڳي، هو هن سان گڏ ڪجهه قدمن تائين هلندو رهيو، آخر هڪ جاءِ تي بيهي رهيو هوءَ سڌي اڳتي هلندي رهي، بغير هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي.
پوءِ هوءَ جيستائين جيئري رهي، گراهڪن کي ڪافي پيش ڪندي رهي ۽ ڪڏهن به چيڪو سلواڪيه فون نه ڪيو.