مختلف موضوع

ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

چيڪوسلواڪيا جي مشھور ليکڪ ميلان ڪنڊيرا جو تعارف، انٽرويو، ڪھاڻي ۽ ناول جو ترجمو آھي جنھن جو سنڌيڪار رسول ميمڻ آهي.
هو پنهنجن همعصر اديبن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، هو چيڪو سلواڪيه ۾ ويهين صديءَ جي وچن ڏهاڪن اندر پاڻ کي هڪ اهم اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ مڃرائي چڪو هيو، هن جي هر لکڻيءَ ان وقت سياسي ۽ ادبي بحث ڇيڙي وڌو، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هيو، هن جون ڪهاڻيون ان وقت جي دانشورن جي ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجين لکڻين ۾ دانشورن جي منافقانا سوچ ۽ ڪردار جي نندا ڪئي آهي
  • 4.5/5.0
  • 1593
  • 651
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

انٽرويو

سوال: مان توهان کان ڪِن بنيادي ڳالهين جي وضاحت چاهيندس، توهان پنهنجي ڪتاب “ناول جو فن” ۾ انٽرويو وٺندڙن جي انداز کي ننديو آهي ۽ چيو آهي ته توهان ڪڏهن به ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندا ته توهان متعلق ڪا ڳالهه توهان جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ڇاپي وڃي، ائين ڪرڻ سان توهان جا پڙهندڙ جيڪي توهان متعلق گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ٿا، اهي مايوس نه ٿيندا؟
ميلان ڪنڊيرا: گهڻو ڪري منهنجا جيڪي انٽرويو شايع ٿين ٿا اهي اصلوڪا نه آهن، اهي نقل ڪري ڇاپيا وڃن ٿا. انهن ۾ منهنجا لفظ شامل نه آهن. اهي منهنجن خيالن جا بگڙيل نسخا آهن، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مون کي انهن جي معرفت تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو.
سوال: “آرٽ آف ناول” ۾ توهان وچ يورپ جي باري ۾ بحث ڪيو آهي، توهان جي لکڻين جو موضوع گهڻو ڪري چيڪو سلواڪيه آهي، وچ يورپ جي اهميت پنهنجي آهي ڇا توهان ان ڳالهه تي روشني وجهندءُ ته وچ يورپ جا اهي ڪهڙا اديب آهن جيڪي توهان جي فڪري پيماني تي پورا لهن ٿا؟
ميلان ڪنڊيرا: مان ان وضاحت کي صرف ناول جي حد تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندس، وچ يورپ جا اهڙا چار ناول نگار آهن، جن کي مان وڏي اهميت وارو سمجهان ٿو، انهن ۾ ڪافڪا، بروڪ، ميوسل ۽ گومبرو وچ شامل آهن، انهن کي ڄاڻڻ کان سواءِ موجوده ناول کي سمجهڻ ڏکيو آهي، اهي اعتدال پسند آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهي لکڻين لاءِ نظرين جا غلام نه آهن، اهي انڌن انقلابن ۽ ترقيءَ جي ڪوڙن نعرن ۾ يقين نه ٿا رکن، انهن اڻويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ جديد ناول جو بنياد رکيو، مان ان دور کي ناول جي “اڌ تاريخ” چوندس، خاص ڪري بروڪ ۽ ميوسل جا ناول شاعراڻي انداز جي اعليٰ ذوق جي حدن کي ڇُهندي پنهنجي ثقافتي ڍنگ ۾ رنڱيل آهن، آمريڪا جهڙي ادبي بدگماني چوندس، پر جڏهن آمريڪي ناول جي اوسر کي ڏسجي ٿو ته اها بدگماني زائل ٿي وڃي ٿي، ڇو جو پهرين ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ انهن کي گهٽ سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي مان ادبي بدگماني چوندس.پر جڏهن آمريڪي ناول جي اوسر ڏسجي ٿي ته، اها بدگماني زائل ٿي وڃي ٿي. ڇو جو پهرين ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جي پنهنجي ايڏي پراڻي تاريخ نه آهي، جڏهن ناول جو پهريون دور هيو ته آمريڪا اڃا وجود وٺي رهيو هيو، ٻئي ڳالهه اها ته ان وقت يورپ ايترو سجاڳ هيو جو اتي ناول جنم وٺي رهيا هيا، اڳتي هلي آمريڪا ناميارا ناول نگار پيدا ڪيا جن ۾ هيمنگوي، وليم فاڪنر ۽ ڊوس پيسوس شامل آهن.
سوال: ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي ناول نگار توهان جي فن تي اثر انداز ٿيا؟
ميلان ڪنڊيرا: منهنجون لکڻيون انهن کان متاثر نه آهن، ائين چئي سگهجي ٿو مان به ان ساڳي جمالياتي ڇت هيٺان پناهه ورتي آهي جتي انهن ورتي هئي پر مون پروسٽ ۽ جيمس جوائس واري ڇت هيٺان ڪڏهن پناهه نه ورتي آهي ۽ نه ئي هيمنگوي واريءَ هيٺان، جڏهن ته مان ان کي پسند ڪيان ٿو، مان جن لکندڙن جو ذڪر ڪيان ٿو، انهن سڀني جا رستا الڳ آهن ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز به نه ٿا ٿين، ان حد تائين جو هڪ ٻئي کي پسند به نه ٿا ڪن، بروڪ هميشه ميوسل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو ۽ ميوسل بروڪ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو، گروموچ ڪافڪا کي پسند نه ڪندو هيو، هو بروڪ ۽ ميوسل جي باري ۾ ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هيو، ڄڻ انهن کي سڃاڻندو ئي نه هجي.
سوال: وچ اولهه جو سلاوڪ ديس جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟
ميلان ڪنڊيرا: سلاوڪ زبانن ۾ ڪجهه هڪجهڙائي ته آهي پر ثقافتي لحاظ کان اهي الڳ آهن. سلاوڪ ادب جو ڪو وجود نه آهي، جيڪڏهن مون کي سلواڪ اديب سمجهيو ٿو وڃي ته پوءِ منهنجي اها حيثيت نه ٿي رهي، منهنجين لکڻين ۾ وچ يورپ جي ثقافت آهي، جيڪا زبان جي لحاظ کان جرمنو سلاووهنگارينGermano Salavio Hangarin آهي. مان چوندس ته ناول جي تاريخ يورپ جي تاريخ آهي.
سوال: توهان رڳو يورپي ناول جي ساراهه جا ڍڪ ٿا ڀريو، ڇا آمريڪي ناول جي ڪا حيثيت نه آهي؟
ميلان ڪنڊيرا: توهان پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئن بيان ڪيان، مان ائين چوندس ته جڏهن مان يورپي ناول چوان ٿو ته توهان ائين چئي سگهو ٿا ته روسي ناول جو ڪو ذڪر نه ٿو ڪريان، آمريڪا ۽ اسرائيل سان منهنجو روحاني ناتو آهي، اهو ائين آهي جيئن سيروينٽس کان وليم فاڪنر تائين ناول جو سفر.
سوال: توهان عورت ناول نگارن جو لکيل مضمون ۾ ڪو ذڪر نه ڪيو آهي، ڇا اهي سٺيون ليکڪائون نه آهن؟
ميلان ڪنڊيرا: ناول ۾ موجود ڪردارن جي جنس جي تذڪري کي اهميت آهي، ان جي لکندڙ جي جنس کي نه. دنيا جا وڏا ناول ٻنهي جنسن جي مسئلي جي اپٽار ڪن ٿا، اهي عورت ۽ مرد جو گڏيل موقف پيش ڪن ٿا، لکندڙ جي جنس کي ڪا اهميت نه آهي.
سوال: توهان جا ناول چيڪ معاشري جي ترجماني ڪن ٿا، مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ملڪ کان ٻاهر فرانس جو سماجي ماحول انهن تي اثرانداز نه ٿئي ٿو، ڄڻ توهان اصلوڪي گهر ۾ لکندا هجو؟
ميلان ڪنڊيرا: مان ڇڙو ائين چوندس ته چيڪوسلواڪيه ۾ پنجيتاليهه سالن تائين رهيس، لکڻ ان وقت شروع ڪيم جڏهن عمر ٽيهه سال هئي، پر منهنجو تخليقي سفر فرانس اچڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ فرانس ۾ جاري رهندو. منهنجا فرانس سان لاڳاپا منهنجين سوچن کان به وڌ آهن.
سوال: آخر ۾ هڪ سوال ته ڇا توهان پنهنجين سوچن ۾ ڪا ارتقائي تبديلي محسوس ڪريو ٿا؟ ادب جي حوالي سان... دنيا جي حوالي سان يا ثقافت ۽ پنهنجي حوالي سان ارتقائي طور توهان جون سوچون مٿاهينءَ طرف روان آهن يا انهن ۾ ڪا مايوسي آئي آهي؟
ميلان ڪنڊيرا: جڏهن ٽيهن سالن جو هيس ته مون گهڻو ڪجهه لکيو، مون وٽ هر شيءِ کان وڌيڪ موسيقيءَ جي اهميت هئي، شاعري ڪئي ۽ ڪجهه ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيس، پنهنجي آواز کي ٺاهيندو هئس، پنهنجي ڪردار کي، پنهنجو پاڻ کي. پنهنجي ڪتاب “ڀوڳ جهڙو پيار” جي پهرين ڪهاڻي جيڪا مون 1959ع ۾ لکي، ان ۾ مون پاڻ کي ڳولي لڌو، مان نثرنگار ٿي پيس ۽ ناول نگار جي حيثيت ۾ اڀري سامهون آيس، هاڻي مان ان کانسواءِ ڪجهه به نه آهيان.