فصل پهريون
اول ۾ جيئي سنڌ جي نعري تان ڪاوڙيا هئا. وٽن “جيئي ڀٽو” جي نعري کانسواءِ ٻيو نعرو ممنوع هو. پر هاڻ هنن “جيئي ڀٽي” جي نعري سان گڏ “جيئي پاڪستان” به چوڻ شروع ڪيو آهي. انهيءَ مان سنڌي قوم پرست اها معنى ڪڍن ٿا ته “پاڪستان” معنى مهاجر پنجابي سامراج جو اڏو، ۽ “ڀٽو” معنى مهاجر پنجابي سامراج جو “شو بواءِ”.
هي صاحب سنڌو ديش جي نالي تان ڇو ٿا آگ بگولا ٿين. ان جو مطلب پڌرو پيو آهي، ته سنڌو ديش جي نالي مان بنگلاديش وانگر سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جي بوءِ اچي ٿي. صحيح حقيقت به واقعي ائين آهي. سنڌ جو مخلص ڪارڪن، مهاجر پنجاب سامراج ۽ سندن سنڌي ايجنٽن جي ڪارنامن مان اهڙو تنگ اچي ويو آهي، جو هوهاڻ رد عمل ۾ اچي، هر اهڙي ڳالهه مان خوشي محسوس ڪري ٿو، جنهن مان مهاجر پنجابي سامراجين ۽ سندن سنڌي ايجنٽ کي ناراضگي پيدا ٿئي ٿي.
ازانسواءِ، تجربي پرائڻ بعد دن بدن نظرياتي طور پخته دماغ ٿيڻ ڪري، سنڌي قوم پرستن تان غلط نعرن ۽ نظرين جو جادو ٽُٽندو وڃي ٿو. هنن “قائداعظم زنده باد!”، “قائد ملت لياقت علي خان زنده باد!”، “قائد عوام زنده باد!”، “جيئي ڀٽو!” ۽ “پاڪستان زنده باد!” جا نعرا آزمائي ڏٺا آهن. هاڻي هنن کي معلوم ٿي چڪو آهي ته انهن نعرن پويان شخص پرستي ۽ آمرانه ذهنيت ڪم ڪري رهي آهي. اهي ٽيئي ماڻهو مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج جا ‘شو بواءِ’ ۽ ايجنٽ هئا، سنڌ دشمن هئا.
پاڪستان سنڌين لاءِ گلن جي نه پر ڪنڊن جي سيج ثابت ٿي آهي. ان ڪري هاڻ، نعرن تان کين نفرت اچي ٿي. جيڪو ماڻهو اهي الفاظ ڪتب آڻي ٿو تنهن کي سنڌ جو دشمن ۽ ڌارين جو غلام ڪري سمجهن ٿا.
اچو ته انهيءَ تبديليءَ جا ڪارڻ معلوم ڪريون، ۽ سنڌو ديش ۽ پاڪستان جو مقابلو ڪري، انهن بابت حقيقتون بيان ڪريون:
جاگرافيائي طور جيڪڏهن نظر ڪري ڏسندا ته ايشيا کنڊ ۽ برصغير هند ۾ زماني قديم کان “سنڌو ديش”هڪ مستقبل جاگرافيائي خطي جي حيثيت رکي ٿو. انجو وجود قدرت جي پيداور آهي. مٿس اهو نالو “سنڌو درياهه” تان پيل آهي، جو انجي وچ مان گذري، بدن جي شاهه رڳ وانگر ڪم ڏئي ٿو. عربي سمنڊ انجي پاسباني ڪري ٿو. ڏکڻ طرف ڪڇ جو رڻ پٽ، اڀرندي طرف راجستان جون ڀٽون،اتر طرف بهاولپور ۽ پنجاب جا ملڪ ۽ الهندي طرف بلوچستان جا جبل، ميدان ۽ ڀٽون طبعي ارتقا ڪري وجود ۾ آيل آهن.
تاريخي طور، ان جي پنجن هزارن ورهين کان به مٿي پراڻيءَ تهذيب، تمدن، زبان ۽ شاندار ماضيءَ جا يادگار ۽ دڙا، ان جي هن عظمت جي ثابتي ڏيئي رهيا آهن.
سنڌ جي زمين زرخيز، ماڻهو ڪم آزار ۽ محبتي رهيا آهن. هتي جا رهاڪو، هتي جي زبان، هتي جو ڪلچر، قومي ڪردار، معدني ۽ زرعي پيداوار، سامونڊي واپار، هزارن ورهين جي ارتقا جي پيداوار آهن. هيءَ زمين پنهنجي وجود لاءِ اقبال ۽ جناح جي مرهون منت نه آهي.
هتي جو مذهب ۽ تهذيب ماڻهن جي ضرورتن، زماني جي حالات ۽ قانون ارتقا مطابق هر وقت نين نياپن ذريعي مالا مال ٿيندا آيا آهن. هتي جي رهاڪن جي ذهني ساخت، رواداريءَ، مساوات، قومي عصبيت، (غيرت) ۽ آزاديءَ جي جذبي جي خمير مان ٺهيل آهي. هتي جا رهاڪو ڪنهن جا غلام ٿي رهڻ لاءِ تيار نه آهن. پوءِ اها غلامي مٿن مذهب جي نالي ۾ مڙهي وڃي يا پاڪستان ۾ مسلم قوم جي ڌوڪي سان مسلط ڪئي وڃي. ‘سنڌ’، ‘سنڌوءَ’ جو ‘وطن’ جي هم معنى آهي. جيڪڏهن ڪن اکين جي انڌن کي انجي معنى سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته انهن لاءِ صرف هي لفظ ڪافي ٿيندا ته، “صم بکم عمي فهم لا يرجعون” (قرآن)- “اهي ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن، انهن کي سمجهه ۾ نه ايندي”.
سنڌ هزار ورهين کان قديم سڀيتا جو مرڪز رهي آهي. آمري دڙو، موهن جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جا دڙا، انجو ثبوت ڏين ٿا. ڪئين نسل ۽ ڪئين عقيدا، اتي مليا جليا ۽ ڪئي لاها چاڙها ڏٺائين. ليڪن باوجود ان جي، هزارها سالن کان هن جي جداگانه ۽ علحده هستي قائم رهندي آئي آهي.
دراوڙن، آرين سامين ۽ منگول نسلن جي ملاوت جا هتي آسانيءَ سان آثار ملي سگهندا. انهن کان وڌيڪ هتي جدا جدا مذهبن ۽ فلاسافين جي ميلاپ جا ثبوت ملي سگهن ٿا، ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ هندستان جي وچ ۾ جنم ورتو، ليڪن وڌيو ۽ ويجهيو هتي. انجي تعليم نروان (نفي) جا اثر اڃا باقي هئا، ته اسلام هتي پير پاتو. اسلام صرف ان ۾ اثبات جو اضافو ڪيو ويدانت وحدانيت هن ئي زمين تي، هڪ ٻئي سان روشناس ٿيون. هتي جين ڌرم جي يوڳين جي ڪم آزاريءَ ۽ اهنسا جو ماڻهن تي اثر هڪ طرف پيو ته هندو سنياس ۽ راڳ کي مسلمان صوفين، ٻئي طرف تعليم ۾ داخل ڪيو. اهڙي اتحاد جو مثال دنيا جي ٻئي ڪنهن حصي ۾ چٽو ملي سگهندو.
سنڌ تاريخ جي گهڻن دورن مان لنگهندي، ڪيترن ماڻهن جي تصادم جو ميدان رهي آهي. ڪي وقت اهڙا به آيا، جو ظاهري طرح سندس بخت جو ستارو هميشہ لاءِ لٿل ڏسڻ ۾ پئي آيو. پر تاريخ شاهد آهي ته انهن سارين مشڪلاتن مان پار پئي، سنڌ هميشہ پاڻ جهليندي، اسرندي ۽ اڳتي وڌندي رهي آهي. سنڌي پاڙيسري رهڻ جا ڪوڏيا آهن پر ڌارين جو جابراڻو ۽ آمراڻو تسلط گهڻي وقت تائين برداشت نه ڪري سگهيا آهن. ٻاهرين کان بهترين ڳالهين حاصل ڪرڻ کان ڪڏهن به گريز نه ڪيو اٿن.. پر علحده وجود ۽ هستيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيا آهن. قومي جذبو ۽ آزاديءَ جي خواهش، سندن روايات جو مکيه جزو پئي رهيا آهن.
سنڌ جا رهاڪو دنيا جي تسليم ڪيل اصول مطابق جداگانه قوم آهن. اهي اصول جدا وطن، جدا زبان، مخصوص ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ٺهرايا ويا آهن.
اچو ته غور ڪري، مٿي ذڪر ڪيل اصولن موجب سنڌين جي هن دعوى کي پرکي ڏسون:
سندن جدا وطن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.
سندن زبان سنڌي آهي. جنهنجو پتو، سندس قديم موهن جي دڙي واريءَ سڀيتا جي زماني کان پئي سگهيو آهي، ته ان کان وٺي اها وجود ۾ آئي. حوادث زماني جي ڪري، انهيءَ زبان، ٻاهرئين اثر هيٺ ٻي ڪيترين زبانن جا لفظ پاڻ ۾ سمائي ڇڏيا هئا. اصل ۾ اها زبان، قديم انڊو آرين ٻوليءَ جي پراڪرت هئي، جنهن ۾ دراويدي، منگول، عربي، انگريزي ۽ فارسي زبان جا لفظ ملي ويا آهن، جن ان کي نهايت مالا مال ڪري ڇڏيو آهي، اها ٻولي ڪنهن لشڪري ملاوت ۽ عارضي لاڳاپن ڪري، نئين طور وجود ۾ نه آئي هئي، بلڪ ان جون پاڙون پاتال ۾آهن.
جڏهن به سنڌ سياسي آزادي وڃائي، ڌارين جي تسلط هيٺ آئي هئي ته ڌارين زور، لالچ ۽ غلط تعليم ذريعي انهي زبان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. عربن سنڌ ۾ سنڌيءَ جي عيوض سرڪاري زبان عربي ڪري، مذهب جي آڌار تي اها ٻولي مٿن مڙهڻ گهري، پر ٿوري وقت کانپوءِ سنڌين انهن جي سامراج کي اڇلائي ڇڏيو، ۽ سندن زبان جي چند لفظن ۽ رسم الخط کانسواءِ ٻيو ڪجهه به سنڌ ۾ نه رهيو، ۽ سنڌي زبان پنهنجي جاءِ تي اٽل رهي. ساڳي حالت مغلن جي دور حڪومت ۾ ٿي. انهن هتي پارسيءَ کي مسلط ڪيو، پر اها به چند لفظن ڇڏڻ کانسواءِ سنڌيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي. انگريزي دور حڪومت ۾ انگريزيءَ کي سرڪاري زبان طور ملڪ تي مڙهيو ويو، پر انجو به ساڳيو حشر ٿيو، جو سواءِ چند لفظن وٺڻ جي سنڌي زبان پنهنجي هستي قائم رکي.
هن وقت مهاجر پنجابي سامراج طرفان سنڌين تي سندن اردو زبان طرح طرح جي طريقن سان زوريءَ مڙهي وڃي ٿي. پر يقين محڪم آهي، ته باوجود پنهنجن جي غدارين جي، اسان جي زبان، انهيءَ چاڙهه مان به چڙهي ويندي.
ڪلچر لاءِ ثقافت، تهذيب ۽ سڀيتا جا لفظ به استعمال ڪيا ويا آهن. ليڪن ڪلچر جامع لفظ آهي، جنهن مان ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو مطلب نڪري سگهي ٿو. ان جي وسعت ۽ انساني زندگيءَ جي اندروني خواه ظاهري آراستگي ۽ اصلاح اچي وڃن ٿا. اخلاق جي درستي، نفسي اصلاح، ذهني تربيت ان جي دائري ۾ هڪ طرف اچن ٿا، ته ملڪ ۽ معاشري جي ترقي،سماجي دستور ٻئي طرف ٿين ٿا.
ڪلچر هڪ اڻ کُٽ اظهار خيال آهي، جذبي ۽ عمل جونالو آهي. جهڙيءَ طرح سج جي روشني جملي ذي حيات شين لاءِ ضروري آهي، اهڙيءَ طرح ڪلچر به قومن جي اندروني خواهه ظاهري آراستگيءَ ۽ اصلاح لاءِ لازمي ٿئي ٿو.
جهڙيءَ طرح ساري انسان ذات جي بنيادي طرح هڪ جنس آهي، پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورهايل ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح آخري طور جملي انسان ذات جو ڪلچر به هڪ ٿيڻو آهي. ليڪن هر ملڪ ۾ قوم وٽ هزارن ورهين جي تجربي، معلومات ۽ ماحول جي اثر، نسلي رجحانن ۽ باهمي ميلاپ بعد ڪلچر به سرجي، پرورش پائي، خاص صورت وٺي ٿو، جو قومن جو ورثو بنجي پوي ٿو. جنهن کي قيمتي ذخيرو سمجهي، هو محفوظ رکنديون آهن.
جهڙيءَ طرح سان جبلن ۽ مٿانهي زمينن تي هزارن ورهين جي برفن ۽ بارشن پوڻ ڪري، درخت ڄميو ٻيلا ٺهن ٿا، جن مان ڪڏهن پن ڪڏهن درخت ڪريو، سڙيو ڀاڻ ٿيو پون. پراڻين جاين تي نوان درخت ڄمن ٿا. بارش جو پاڻي درختن جي سيراب ڪرڻ کان پوءِ نالن ۽ ندين ذريعي مٿينءَ طرح ٺهيل ڀاڻ، جبلن ۽ زمينن جا ڪيمياوي جزا لوڙهيو، گهليو، هيٺانهين زمينن تي اچيو لٽ وجهي ٿو ۽ لائق آباد ۽ زرخيز زمين بنائي ٿو. جنهن ۾ طرح طرح جا فصل پيدا ٿي، ملڪ ۽ ان جي رهاڪن جي گذرمعاش ۽ ترقيءَ جو ڪارڻ بنجن ٿا. بلڪل اهڙيءَ طرح ساڳي حالت قومن جي ٺهڻ ۽ سندن ڪلچر پيدا ٿيڻ جي رهي ٿي مختلف ڪٽنب ۽ قبيلا هزارن ورهين کان گذرمعاش جي تنگيءَ ۽ پٺيان طاقتور قبيلن جي کين وڌيڪ جاءِ والارڻ، ۽ بيمارين، ڏڪار پوڻ، ۽ سلامتيءَ ۽ ترقيءَ وغيره جي وجهن ڪري، تاريخ جي جدا دورن ۽ زمانن ۾، ڌڪيو، گهلجيو، حالتن جي تقاضا، حفاظت ۽ گذرمعاش جي سهوليت سبب، اچيو ڪن جاگرافيائي خطن ۽ زمينن ۾ اتان جي اصل رهاڪن سان گڏ ڪٺا ٿي رهن ٿا. رڳو سنڌ جو مثال وٺندا، ته اتي دراوڙ، آريا، سامي، منگول نسلن جا ماڻهو ۽ انهن جي ننڍن قبيلن جا ڪٽنب ۽ افراد، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ وانگر، اچي هن ملڪ ۾ آباد ٿيا، جن ۾ سماٽ، راجپوت، لهاڻا، مهاڻا، پٺاڻ، بلوچ ۽ عرب قبيلن جا ماڻهو اچي ويا ٿي. انهن سڀني ٻاهران آيل ماڻهن کي سندن ٻوليون، رسمون رواج، لباس ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا طريقا، ادب، قديم روايات، لوڪ ڪهاڻيون، مذهب ۽ قومي ڪردار هئا. جن سڀني گڏجي سنڌي قوم جي ساخت ۾ حصو ورتو ۽ ان کي مخصوص ڪلچر سان سينگاريو. صدين جي باهمي تعلقات، ملڪي ضرورتن، حالت جي تقاضائن، گذر معاش جي ذريعن، پاڻ ۾ سڱابندي ڪرڻ ۽ ملڪي آبهوا ۽ ماحول سبب سندن اختلاف گهٽبا ويا. اهي جدا ڪيمياوي جزا، هڪ قومي قالب ۾ سميٽجي، هڪ عام فهم ٻولي، لباس، قصا ڪهاڻيون (فوڪ لور)، خاص مذهبي عقيد، رسم رواج، سماجي دستور، ۽ قومي ڪردار اختيار ڪري ويا، جن زمانن گذرڻ سان سنڌي ڪلچر جي صورت ورتي. ان ساري سرگفشت هزارها ورهيه ورتا. جنهن تي مختلف قومن جي رفايات، قبيلائي گروهه جي رجحانن، زرعي پيداوار، گذر معاش جي وسيلن، ملڪي ماحول، واپار جي ذريعن ۽ مختلف مذهبي عقيدن جي ملاوت جا اثر وڌا. ان سڄي پڪل ۽ رچيل مواد مان سنڌين جو ڪلچر ٺهي، سندن ذهني، سماجي، نفسياتي ۽ قومي ڪردار جو حامل ٿيو.
دنيا ۾ اهڙا سوين خطا زمينن جا آهن، جن ۾ آباد ٿيل ماڻهن قومن جي صورت اختيار ڪري، ڪلچر بنايا ۽ ٻوليون ٺاهيون. جن کي اتي جا رهاڪو قومي ورثا سمجهي، انهن جي حفاظت ڪرڻ سندن قومي فرض سمجهن ٿا.
تاريخي روايات ۽ قومي ڪردار
هر ملڪ ۾ هزارن ورهين جي روايات بعد، آبهوا، جدا جدا نسلن جي رسم رواجن، ماحول، مذهبي عقيدن وغيره جي اثرن ڪري، اتي جي رهاڪن جا قومي ڪردار ٺهن ٿا. اهي شيون سندن طبيعت جو جزو بنجي، زندگيءَ تي اثر ڪري، هنن جي ڪردار کي صورت وٺائين ٿيون.
ڪن قومن ۾ ۾ نسل جي پاڪيزگيءَ کي زياده اهميت ڏيڻ ڪري، غيرت وڌيڪ ٿئي ٿي. جنهنڪري زنا ۽ ٻين اهڙين بيغيرتيءَ جي ڳالهين تان خونريزيون ۽ فساد ٿين ٿا. ليڪن ڪن قومن ۾ انهن ڳالهين کي معمولي ڪري ورتو وڃي ٿو. ڪن قومن ۾ وفاداريءَ جو مادو زياده ٿئي ٿو، ته ڪن ۾ ڌوڪي ۽ ٺڳيءَ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. ڪن قومن ۾ مهمان نوازيءَ کي خاص اهميت ڏيئي، قومي صفت ڪري سمجهيو وڃي ٿو، ته ڪي ان کي فضول خرچي سمجهي، ان تي هريون ڪين آهن، ڪي قومون جنگجو هئڻ ڪري، زندگيءَ ۾ تشدد جي استعمال کي ضروري ٿيون ڄاڻن، ته ڪي ان کي بدامني ۽ فساد جو باعث سمجهي، عدم تشدد کي مفيد ٿيون ڄاڻن. ڪي قومون محبت کي زندگيءَ جو وتيرو سمجهي، ان کي حياتيءَ جو روح روان بنائين ٿيون، ته ڪي وري نفرت ۽ نفاق جي راهه ۾ سندن فائدو ڏسن ٿيون،. ڪي قومون پراپڪاريءَ ۾ زندگيءَ جو صحيح راز محسوس ڪن ٿيون، ته ڪي وري خود مطلبيءَ جي بنياد تي ترقي ڪرڻ کي مفيد سمجهن ٿيون. ڪن قومن جي ماڻهن ۾ حب الوطنيءَ جو مادو گهر ڪري ويٺل آهي، ته ڪي ان کي وڏو بت سمجهي انڪار- وطن تي قومي بنياد رکڻ گهرن ٿيون. ڪي قومون رواداري ۽ بي تعصبيءَ کي اعلى اصول سمجهي، ان جي پوئواري ڪن ٿيون، ته ڪي ان کي قومي زندگيءَ لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿيون. ڪي قومون آزاديءَ جي جذبي ۾ زندگيءَ جو راز سمجهي، ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ جنم جو حق سمجهن ٿيون، ته ڪي وري غلاميءَ تي رضا رهي، سهل رستو اختيار ڪن ٿيون.
هرو ڀرو ائين نه آهي، ته قوم جا جملي افراد مخصوص قومي ڪردار جا پوئلڳ يا قائل ٿين. هر قوم ۾ ڪثرت تعداد ماڻهو اڪثر ڪريل ڪردار جا ٿين ٿا. ڪي ٿورا هوندا، جي اعلى ڪردار جا حامي ۽ حامل ٿين ٿا. قوم جي ڪردار جي سڃاڻپ جي ڪسوٽي، اها ٿئي ٿي ته ملڪ جي شعر، ڏند ڪٿائن ۽ ادب ۾ جن ڳالهين کي ساراهيو وڃي ٿو، ان کي قومي ڪردار جا جزا شمار ڪري ٿو.
انهيءَ مسئلي تي غور ڪرڻ بعد آءٌ هن نتيجي تي پهتوآهيان ته سنڌين جي قومي ڪردار جا جزا هيٺيان آهن:
1) روايتن جي حمايت ۽ قومي غيرت.
2) وفاداري.
3) مهمان نوازي.
4) اهنسا يا عدم تشدد.
5) محبت.
6) پراپڪاري ۽ ايثار.
7) حب الوطني.
8) رواداري.
9) آزاديءَ جي تمنا.
10) ڏاڍ جو مقابلو
(1) قومي غيرت ۽ روايتن جي حمايت
سنڌين ۾ قديم روايتن جو لحاظ حد درجي جو آهي.دودي سومري جو ڀيڻ جو سنڱ ڌارين کي ڏيڻ بدران قبيلي سوڌو قربان ٿي وڃڻ، مارئيءَ جو لوئيءَ جي لڄ رکڻ لاءِ سون تي سيڻ نه مٽڻ، شاهه بلاول ۽ دولهه دريا خان جو سنڌ کي ڌارين جي هٿن ۾ وڃڻ کان شهيد ٿي وڃڻ، اهي ان جا چند نمايان مثال آهن.
(2) وفاداري
سنڌين جي دوستن، عزيزن، وڏيرن، پيرن ۽ ملن سان وفاداري زبان زد عام آهي. پنهنجن وڏيرن، پيرن ۽ ملن طرفان ته بيوفائيءَ جي ڪيترن تجربن سهڻ کان پوءِ به هو ساڻن پنهنجي وفاداري قائم رکيو ايندا آهن. ان ڪري منجهن چوڻيون مشهور ٿي ويون آهن ته:
“پنهنجي توڙ نباهه، هن جي هو ڄاڻي.”
“يار جي ياريءَ سان ڪم، پنهنجا فعل هو پاڻ ڄاڻي.”
(3) مهمان نوازي
سنڌين ۾ مهمان نوازي گهر ڪري ويٺل آهي. ڳوٺ ۾ ڪنهن مسڪين وٽ اتفاق سان ڪو مهمان گهر لنگهي آيو، ته ٻارن جا هٿ جهلي به کاڌو کيس ڏيندا آهن. جي گهر ۾ ڪجهه به نه هوندو اٿن، ته قرض کڻي به ان کي کارائيندا آهن. ٻاهران آيلن جي اهڙيءَ طرح مرحبا ڪري سٺو به گهڻو اٿن. ان ڪري وٽن مثال مشهور آهي ته:
“آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي.”
ڪيترن ٻاهرين حاڪمن ۽ قبيلن، اڪثر حالتن ۾ سندن مهمان نوازيءَ جو ناجائز فائدو پئي ورتو آهي. هاڻوڪن نون آيل مهاجر پنجابي سامراجين جو تجربو سندن اکين اڳيان آهي. پر “گهر آئي مهمان” کي موٽائڻ هنن پنهنجي شان کان گهٽ ٿي سمجهيو.
(4) اهنسا
سنڌي عام طرح ڪم آزار ۽ جهيڙي جهٽي کان پري رهڻ جي عادت رکن ٿا. سنڌين ٻئي ڪنهن ملڪ يا قوم تي ڪڏهن به حملو نه ڪيو آهي. جنهن مان سندن مخالفن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هو بزدل ۽ بي همت آهن. پر اها ساڻن بي انصافي ٿيندي، جو سندن قومي شرافت ۽ امن پسنديءَ جي عادت کي بزدليءَ سان تعبير ڪيو وڃي.
سچي اهنسا اها آهي ته سرنديءَ ٽري وڃجي، خواه مخواهه جهيڙو نه ڪجي. اختلاف جو فيصلو باهمي سمجهوتي سان ڪرڻ کي ترجيح ڏجي. ناحق جو مقابلو ڪنهن حد تائين اهنسائي طريقن سان ڪجي. ڏاڍائيءَ اڳيان سچ چوڻ جي جرئت رکجي.
اهنسا ڪمزوريءَ جو نه پر اعلى همت جو نشان آهي. زندگيءَ ۾ آزادي، امن ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لازمي امر آهي، پر ان جي طريقه ڪار جو تفاوت رهي ٿو. هڪڙا، راءِ يا عقيدا ٻين مٿان زوريءَ مڙهين ٿا. ٻيا، بقائي باهميءَ يا گڏيل بچاءَ جي اصولن کي مدنظر رکي، حد کان ٻاهر تجاوز نٿا ڪن.
(5) محبت
انساني ۽ حيواني ڪردار ۾ اهو تفاوت آهي ته پهرئين ۾ محبت کي اتحاد ۽ امن جو رهبر سمجهي، ان موجب زندگيءَ جو ڪارروبار هلايو وڃي ٿو. ٻئي ۾ خودمطلبيءَ جي اثر هيٺ، نفرت جي راهه وٺڻ ڪري، بدامني ۽ فساد پيدا ٿين ٿا.
سنڌين جي سياست، سماجي دستورن ۽ مذهبي عقيدن تي محبت جو جذبو حاوي رهيو آهي. سنڌ جي درويشن جو اهو ئي پيغام هو.
بقول شاهه عبداللطيف عليہ.
“ڪونهي آڳھ اهڙو، جهڙي محبت من.”
(6) پراپڪاري ۽ ايثار
سنڌي ڪردار جو مکيه اصول ٻين جي نفعي خاطر ذاتي نفعي کي قربان ڪرڻ آهي. اهو محبت جي معراج جو درجو آهي. مومل جو راڻي خاطر راتيون وهائي ڏينهن ڪرڻ ۽ آخر پاڻ کي قربان ڪرڻ، مارئيءَ جو مارن لاءِ عمرڪوٽ جي بنگلن، محلن، ست رڇي طعامن، پٽ پٽيهرن جي پرواهه نه ڪرڻ، سندن ايثار ۽ قربانيءَ جا مثال آهن. مهمان نوازيءَ ڪري پاڻ کي مسڪين بنائي ڇڏڻ، سامن لاءِ سر ڏيڻ، سون تي سيڻ نه مٽڻ، سندن پراپڪاريءَ جا مثال آهن.
(7) حب الوطني
حب الوطني سنڌي ڪردار جو مکيه جزو آهي. جنهنڪري ئي شاهه لطيف ۽ ٻين سنڌي شاعرن مارئيءَ جي بيان ۾ انهيءَ جذبي جي تعريف ڪئي آهي. سنڌ جا هندو ولايت وڃي پيسا ڪمائندا هئا، ته به اهي واپس آڻي سنڌ ۾ خرچ ڪندا هئا. هن وقت به ڪيترا سنڌي هندو يا سنڌي مسلمان، جي ملڪ ڇڏي ٻاهر ويل آهن، سي وطن جي سڪ ۾ روئي رهيا آهن. راجا ڏاهر جو سنڌ لاءِ سر ڏيڻ، دودي سومري جو سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ روايات لاءِ ڪٽنب سميت قربان ٿي وڃڻ، دولهه دريا خان جو پٽن سميت شهادت پائڻ، شاهه بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙجڻ، هيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاسيءَ چڙهڻ جا مثال سنڌين جي حب الوطنيءَ جا چند مثال آهن.
(8) رواداري
رواداري ۽ بي تعصبي سنڌين جي ڪردار جي بنيادي صفت آهي. سنڌي شاعرن جهڙوڪ؛ شاهه لطيف، سچل سرمست، روحل فقير، سامي، دلپت ۽ بيدل وغيره، جنهن فراخدليءَ سان جملي مذهبن جي ماڻهن کي ڳنڍڻ جو پيغام ڏنو آهي، اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. تعصب ۽ رواداري ٻيئي متضاد ڳالهيون آهن. جتي رواداري هوندي، اتي تعصب کي جاءِ نه هوندي آهي. جيڪي ماڻهو هن وقت تعصب جا ڀنڊار پاڻ سان کڻي آيا آهن سي ڪهڙيءَ طرح سان سنڌين سان هڪ ٿي سگهندا. سنڌ رواداري جو مرڪز آهي، پاڪستان تعصب جو مجسمو آهي. انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ ميثاق ناممڪن آهي. ٻاهران آيل ماڻهن جي اڪثريت جا قلب ڪارا ٿيا پيا آهن. جتي تعصب آهي، اتي نفرت جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي، ۽ نفرت، فساد ۽ بدامنيءَ جو باعث بنجي ٿي.
(9) آزاديءَ جي تمنا
اها سنڌين جي ڪردار جي خاص نشاني آهي، ۽ تاريخ ان تي شاهد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وقت ڌارين مٿن زوريءَ يا اندروني بي اتفاقيءَ ڪري تسلط قائم ڪيو آهي، ته به جلد يا بدير، موقعي ملڻ تي هنن غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي پٽي ڇڏيو آهي. ايراني، يوناني، عرب، مغل ۽ انگريز سامراجن وقتي مٿن قبضو رکيو، پر نيٺ انهن کي ڪڍي، وري سنڌين آزادي حاصل ڪئي آهي.
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن هميشہ آزاديءَ جا گيت پئي ڳاتا آهن. مارئيءَ جو عمرڪوٽ جي بند کان آزاديءَ جو ذڪر، دودي سومري جي بهادريءَ جا راتين جون راتيون جاڳي قصا بيان ڪرڻ، موجوده شاعرن جا سنڌ جي آزاديءَ لاءِ شعر لکڻ، سنڌي ڪردار ۾ آزاديءَ جي اُمنگ جي سدا حيات هئڻ جا ڪجهه مثال آهن.
هن وقت جڏهن اسلام، پاڪستان، مسلم قوم، اسلامي نظام حڪومت جي ڌوڪن سان مهاجر پنجابي سامراج، سنڌ کي غلام بنائي ان تي پنهنجو تسلط قائم ڪيو آهي، ته سنڌي شاعر صاف چيو ڇڏين ته:
نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،
دوکي جي ديوار، وو يار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو.
(اياز)
(10) ڏاڍ جو مقابلو
سنڌين جو ڪردار هن وصف جو هڪ عمدو مثال رهيو آهي ته جڏهن کين پنهنجيءَ بيوسيءَ، ڪمزوري، وسيلن جي گهٽتائيءَ تعداد جي ڪميءَ جو پتو پيل هجي ۽ مخالفن جي زاردست طاقت، هر طرح جي وسيلن جي گهڻائيءَ، تعداد جي ڪثرت، جنگجو ذهنيت، لشڪر ۽ ذهني فوقيت جو پتو به هجي، ته به لوئيءَ جي لڄ، قومي روايات جي حفاظت، قوم جي ناموس ۽ عزت جي لاءِ سچ جي آواز بلند ڪرڻ ۽ آزاديءَ لاءِ لڙندي، قربان ٿي وڃڻ کان کين ڪا هٻڪ ڪو آر نٿو ٿئي.
سندن لوڪ ادب جا ڪردار، مارئي، سسئي، سهڻي، کاهوڙي، ڪاپڙي، سامونڊي، مورڙو ۽ سندن تاريخ جا امر سورما، ڏاهر، دودو سومرو، دولهه دريا خان، شاهه بلاول، شاهه عنايت صوفي سندن ڪردار جي ان صفت جا چند مثال آهن. شاهه صاحب ۽ اياز سندن ڪردار کي هيٺينءَ طرح مختلف جڳهين تي بيان ڪيو آهي:
سهڻي: ڪاري رات، ڪچو گهڙو، نڪا سيڻهه ساڻ،
وجهي، ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ،
محبت کي مهراڻ، سڪي سڀ پٽ ٿيو!
(شاهه)
سسئي: جبل ماري جک، آڏو عجيبن کي،
توڙي لڪن لک، سڀ لنگهنديس سڪ سان!
(شاهه)
جي تو الڪو ڪنڌ جو، تون ڇا وڙهندي؟ وڃ!
تنهنجي رت ۾ ٿڃ، ناهه اسان جي ان جي.
(اياز)
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي!
(اياز)
سنڌ ۾ دنيا جا مختلف مذهب ۽ فلسفا پاڻ ۾ ملي مفيد مرڪب بنيا آهن. سنڌ دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي. سنڌ کي مغرب ۽ مشرق جي تهذيبن جي وچ ۾ ميلاپ لاءِ مشن سپرد ٿيل آهي.
سنڌ جو ملڪ فطري پيداوار آهي. سنڌي قوم کي هزارن ورهين جي تاريخ آهي. قدرت جون پيدا ڪيل شيون دائمي ۽ پائيدار ٿين ٿيون. انهن جي وجود کي ايراني، يوناني، عرب، مغل ۽ انگريز سامراج ختم ڪري نه سگهيا آهن. تازو قابض ٿيل مهاجر پنجابي مستقل مفادي سامراج ڪيترو به ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر ان کي مٽائي نه سگهندو.اٽلو پاڻ پاڪستان سوڌو، اڳين سامراجن وانگر تباهه ٿي ويندو.
پاڪستان
پاڪستان عجبوءِ روزگار (Freak of Nature) آهي. سنڌ، بلوچستان، پختونستان ۽ پنجاب وانگر پاڪستان فطري پئداوار جو ملڪ نه آهي. نه وري اهو هڪ قوم، زبان، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ هڪ سياسي اقتصادي مفاد جو حامل آهي. اهو برصغير هند ۾ هندو سرمائيدار ۽ نوڪري پيشه مستقل مفاد ۽ مسلم ليگ جاگيردار، نوڪري پيشه ۽ ڪارخانيدار جي مستقل مفاد جي باهمي اقتصادي اختلافن اقتدار جي حصول لاءِ چٽاڀيٽيءَ سبب، مهاجر (ڀارت کان لڏي آيل مسلمانن) ۽ پنجابين جي سازش ڪري وجود ۾ آيو آهي. انهن فائدي لاءِ ڪتب آندو ۽ قائم رکيو وڃي ٿو. ان کي ماضيءَ جون روايتون ڪونه آهن. اهو 26 سالن جي نو زائيده، خود ساخته ملڪ جو نالو آهي. ان ۾ سندس قيام بعد ٿوري عرصي اندر جيڪي حالت رونما ٿيون آهن، تن ان جي وجود کي غير مفيد بنائي، ان جو مستقبل تاريڪ ڪري ڇڏيو آهي. اهو فطرت جو قانون آهي ته عارضي و هنگامي سببن ڪري، پيدا ٿيل شيون وقتي ڪم سرانجام ڏيئي، وري پرده غيب ۾ گم ٿي وينديون آهن. پاڪستان جو حشر به اهڙو ڏسڻ ۾ پيو اچي. پاڪستان ۾ جي بدعنوانيون، عوام حقن جا غضب استحصال ۽ ننڍين قومن جي حقن جي پائمالي ٿي آهي، ان جي شاهدي تاريخ ڏيئي رهي آهي. اسلام جي نالي ۾ جي بداخلاقيءَ جا ڪم هتي سرزد ٿيا آهن، انهن جو مثال ٻئي هنڌ ڇٽو ڏسڻ ۾ ايندو. ان مهاجر پنجابي مستقل مفاد، رڳو سندن جاگير طور ڪتب آڻي رهيا آهن. تنهن ڪري، اهو پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو آهي. ظلم هي گهڙو اڄ نه ڀڄي، سڀاڻ ضرور ڀڄندو. جنهن خود ساخت نظر (نظرئي پاڪستان) جو خدا (قدرت) جي نظرئي قوميت سان ٽڪر آهي سو گهڻي وقت تائين جٽاءُ ڪري نه سگهندو.
پاڪستان طبعي طور ٺهيل جاگرافيائي نالي وارو ملڪ نه آهي پر برصغير هند ۾ اقتصاد ۽ سماجي ۽ سياسي اختلافن ڪري به اقليت وارن صوبن جي رهاڪو مفاد پرست مسلمان ۽ پنجابي مستقل مفاد، مسلم اڪثريت وارن صوبن کي مذهب جي نالي ۾ گمراهه ڪري کين آزاد رياستن قائم ڪرڻ جا دلاسا ڏيئي، وجود ۾ آڻايو هو. هن جي ٺهڻ وقت، ان جي ترڪيبي اجزاء يعني شامل ڪيل قومن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، ته اهي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي صورت اختيار ڪنديون، تن واعدن جي ڀڃڪڙي ٿي چڪي آهي. انهن کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي عيوض، مهاجر پنجابي سامراج جون ڪالونيون ڪري هلايو وڃي ٿو. ان جو وڏو حصو يعني بينگال اهڙين حالتن کان تنگ ٿي پاڻ ڇڏائي ويو آهي. باقي سنڌ، بلوچستان، پختونستان جا علائقا نالان ۽ پريشان آهن. ان جي پوري 25 سالن جي عرصي اندر سندس آئين ٺهي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته بينگال جي اڪثريت ڪوبه اهڙو آئين نه قبولي ها، جنهن موجب هو مهاجرپنجابي سامراج جي اقتدار هيٺ اچي وڃن ها. بلوچ، پختون ۽ سنڌي جيڪي اڃا تائين ان سامراجي استحصال جو شڪار ٿيندا اچن ٿا، ۽ سندن تي، مهاجر پنجابي مستقل مفاد پنهنجي دٻڙ دونس اڪثريت جي نالي تي، جمهوريت جي پرفريب نالي ۾، پنهنجو سامراجي ظالماڻو لوهي سين مسلط ڪري چڪو آهي. اهي ان پنهنجي غلامانه بيٺڪي حيثيت تي ڪنهن به صورت ۾ راضي ٿي ويهڻ وارا نه آهن. پنهنجي انهي آزاديءَ لاءِ انهن جي جدوجهد پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ ختم ٿيڻ واري نه آهي.تاريخ جو هيءَ اٽل فيصلو آهي ته قومون هميشہ لاءِ غلام رهي نه ٿيون سگهن.
هاڻ اچو ته پاڪستان ٺاهڻ ۽ ان کي قائم رکڻ ۾ ڪهڙا دليل ۽ سبب ڏنا ويا هئا. اهي دليل ۽ سبب هيٺيان آهن.
1) مسلمان مذهب جي نقطه نگاهه موجب علحده قوم هئا.
2) پاڪستان هندوستان جي مسلمانن جو هوم لينڊ هو.
3) پاڪستان ۾ اسلامي بنياد تي نئين حڪومت ۽ سوسائٽي برپا ڪئي ويندي، جا دنيا لاءِ مثال پيش ڪندي.
4) ان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي خودمختيار ۽ آزاد رياستون بنايو ويندو.
(1) مسلمانن جي جداگانه قومي حيثيت:
تاريخ شاهد آهي ته مسلمان، مذهب جي بنياد تي ڪڏهن به متحد ۽ هڪ قوم نه رهيا آهن. انهن ۾ هن وقت 350 فرقن کان مٿي فرقا موجود آهن. جن مان هرهڪ پاڻ کي ناجي (نجات وارو ۽ صحيح) ۽ ٻئي کي ناري (دوزخي ۽ غلط) سمجهي ٿو.
تاريخ جي ڄاڻن کي هيءَ پتو آهي ته مسلمانن جون هڪ ٻين سان جنگيون ٿيون آهن، جن ۾ ڪيئي قتل عام ۽ خونريزيون ٿيون آهن هڪڙن مسلمان ملڪن ۽ قومن، ٻين مسلمان ملڪن ۽ قومن تي حملا ڪري انهن تي قبضا ڪيا آهن. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ڪڏهن به انهن مسلم قوم جي نالي سان ڪا حڪومت قائم نه ڪئي آهي مسلمانن جون قائم ڪيل اهي حڪومتون بني اميه، عباسي، ايراني، افغاني، بَرڪ وغيره جي قبيلائي يا قومي نالن سان سڏبيون هيون. هن وقت به دنيا جي ڪنهن به مسلمان ملڪ ۽ مذهب جي نالي تي ڪا به قوم سڏي نه ٿي وڃي. خود اقوام متحده ۾ اهي سڀ مسلمان ملڪ سندن وطن، سياسي، اقتصادي ۽ روايتي بنيادن تي علحده ۽ آزاد، قومون ۽ ملڪ شمار ڪيا وڃن ٿا.
هتي پاڪستان ۾ ته جدا زبانن، جاگرافيائي خطن، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جون قومون رهن ٿيون. پر جي ٻين مسلم ملڪن کي چتائي ڏسبو ته ايران ۽ افغانستان، باوجود ساڳيءَ زبان ڳالهائڻ ۽ هڪ ٻئي جي ڀر ۾ رهڻ جي به، هڪ قوم نه ٿا سڏائين، بلڪ علحده رهڻ پسند ڪن ٿا. عرب ملڪ جا رهاڪو، باوجود هڪ ٻين جي نزديڪ ملڪن ۾ رهڻ ۽ ساڳي ٻولي ڳالهائڻ جي، هڪ حڪومت هيٺ رهڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪويت، قطر ۽ بحرين جدا ملڪ آهن. اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن اڃا تائين علحده ملڪن ۾ ورهايل آهن. شام ۽ لبنان علحده ملڪ آهن. مطلب ته پندرهن کان مٿي عربي ڳالهائيندڙ مسلمان ملڪ هڪ حڪومت ۾ رهڻ لاءِ تيار نه آهن. ته پوءِ سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان جي جدا ملڪن وارين قومن کي، جن جون ٻوليون، تاريخي روايتون، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ۽ ڪلچر مختلف آهن، اسلام جي نالي ۾ مهاجر پنجابي سامراج هيٺ ڪهڙي حساب سان رکيو وڃي ٿو، يا رکي سگهجي ٿو.
اقوام متحده جون سڀ قومون، سواءِ اسرائيل جي، جديد نظرئي قوميت ۾ اعتماد رکن ٿيون. جنهن جو مدار وطن، زبان، ڪلچر، قومي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد تي رهي ٿو.
گذريل 26 سالن جي تاريخ هن ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي ته انهيءَ مذهبي قوميت جي نظرئي ڪري پاڪستان ۾ استحڪام جي عيوض افراتفري پکڙي آهي. اتحاد جي عيوض انتشار پيدا ٿيو آهي.
ڪنهن هڪ گهر ۾ ٻڌي ۽ صلح ان وقت تائين رهي نه ٿو سگهي، جيستائين هرهڪ ڀاءُ کي شريعت اسلاميءَ موجب حصي واري ملڪيت جي استعمال جو ڀروسو نه هوندو. هتي ته باقاعده ننڍين قومن جو استحصال ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اڄڪلهه سنڌوديش ۽ سنڌي قوم جي مڪمل آزاديءَ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ان جو مکيه ڪارڻ، هيءَ هٿرادو مذهبي قوميت جو نظريو آهي. جنهن کي مهاجر پنجابي مستقل مفادي سامراج، نظرئي پاڪستان جو پرفريب نالو ڏيئي سنڌي قوم ۽ ٻين ننڍين قومن تي پنهنجي سامراجي تسلط جي قائم ڪرڻ جو جواز پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
پاڪستان کي ٺهي ڇويهه سال ٿي چڪا آهن. پر پاڪستان جي حڪمران طبقي جي نيتن ۾ ڪوبه تفاوت ۽ تبديلي نه آئي آهي. هو روز بروز ان ڳالهه کي، جا ننڍين قومن جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان جي دشمني، اسلام جي مخالفت، انتشار پسندي سڏي، قوم پرستن کي دٻائي، سزائون ڏئي رهيا آهن. ڏسڻ ائين پيو اچي ته آئنده به سندن ان پاليسيءَ ۾ تبديليءَ جو امڪان ڪونهي. ڀٽو صاحب ننڍين قومن جي آزاد رضامندي سان پاڪستان قائم رهڻ جي آخري اميد هو. پر افسوس جو هن پنهنجي اقتدار قائم رکڻ خاطر، جا پاليسي اختيار ڪئي آهي، تنهن مان ثابت ٿي وڃي ٿو ته سندس پاليسي مرتب ڪرڻ وارا، ڪيترا حريص ۽ ڪوتاهه نظر آهن. روزبروز سنڌي، بلوچي ۽ پختون قومن جي قوم پرست ڪارڪنن تي ظاهر ٿيندو وڃي ٿو ته پاڪستان جي عمارت درست ٿيڻ جو آسرو ڪرڻ يبڪار آهي. تنهن ڪري سندن نجات انهيءَ نقصانڪار جاءِ کي ڊاهي، جدا جدا آزاد مملڪتن جي برپا ڪرڻ ۾ مضمر آهي. مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي دٻڙ دونس واري اڪثريت ٻوڙي، گونگي ۽ انڌي بنجي ويئي آهي. هنن جا قلب ڪٽجي ويا آهن. سندن راهه راست تي اچڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي. تنهن ڪري جراحي ڪري نظرئي پاڪستان واري سرطان کي ڪپي ڪڍڻ ئي ضروري ۽ واحد علاج آهي.
مسلمانن جي جدا قوم وارو نظريو حقيقتن جي خلاف، غلط ۽ خسيس جاهلانه ڌڪو آهي، جو مهاجر پنجابي مستقل مفاد، سنڌين، بلوچن ۽ پختونن تي سندن تسلط قائم رکڻ لاءِ ايجاد ڪيو آهي. انهيءَ کي مڃڻ سنڌين، بلوچن ۽ پختونن لاءِ سندن سياسي آزاديءَ، اقتصادي خوشحاليءَ ۽ ڪلچرل ترقيءَ تان هٿ کڻڻ جي برابر ۽ مهاجر پنجابي سامراجي جي غلاميءَ هيٺ رهڻ جي مترادف آهي.
درحقيقت سنڌ ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين ننڍين غلام قومن جي آزادي، قومن جي حق خوداراديءَ موجب، سندن جنم جوحق آهي. ان جي مخالفت صرف مهاجر پنجابي سامراجي يا سندن ايجنٽ ڪري سگهن ٿا.
(2) پاڪستان هندوستان جي مسلمانن جو هوم لينڊ هو:
ٻيو دليل، جو ڏنو وڃي ٿو ته پاڪستان برصغير هند جي مسلمانن جو وطن آهي، سو به سراسر غلط کل جهڙو دليل آهي. ان اصول کي سنڌي، بلوچ ۽ پختون آخر ڇو قبولين! هندوستان جي مسلمانن کي لڏائي، جيڪڏهن مسلمان ڀائرن سان گڏ ويهارڻو ۽ آباد ڪرائڻو آهي ته انهن جو بوجو ساري دنيا جي مسلمان ملڪن تي پوڻ گهرجي، ۽ نه سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن تي. ان اصول ۾ سنڌين بلوچن ۽ پٺاڻن نه اعتماد رکيو هو ۽ نه اهڙو واعدو ڪيو هئائون، ۽ نه ان لاءِ ٻڌل آهن. تنهن ڪري جنهن ڳالهه جو بنياد ئي غلط هجي، ان کي دليل ڏيئي بچائڻ بي سود آهي.
(3) پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت ۽ سوسائٽي برپا ڪئي ويندي
ان دليل پاڪستان جي قيام کان اڳ هتي جي رهاڪن تي گهڻو اثر ڪيو هو. ليڪن ان جي قيام کانپوءِ جهڙيءَ طرح اسلام جي نالي ۾مڪاني ماڻهن جو استحصال ڪيو ويو آهي. يا جهڙيءَ طرح رشوت خوري، زنا، جوئا، شراب خوري، بليڪ مارڪيٽي، ملاوت، سمگلنگ جا ڪم پئي رونما ٿيا آهن، ان صاف ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ نالو اسلام جو ڪم آندو ويو آهي، پر ان ۾ ڪم ڪفر جا ڪيا ويا آهن.
صاحب عقل قوم پرست ماڻهن کي معلوم ٿي چڪو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اسلامي آئين ٺهيل نه آهي، ۽ نه ڪو آئين اسلامي يا هندو ٿي سگهي ٿو.
جديد قسم جو آئين جن مکيه مسئلن بابت ٺاهيو وڃي ٿو، مثال طور ماڻهن جا بنيادي حق، مرڪزي حڪومت جا اختيار، صوبائي حڪومتن جا اختيار، اسيمبلين جا اختيار، ايگزيڪيوٽو ۽ عدالتن جا اختيار وغيره، تن کي ڳالهين جو مذهب سان ڪوبه واسطو نٿو رهي، ۽ اهڙيءَ طرح حڪومت جا مختلف کاتا ۽ انهن جو ڪاروبار، اڄڪلهه جي جديد طرز حڪومت ۾، هندو يا مسلم ٿي نه ٿا سگهن.
اها خبر پئجي نٿي سگهي ته، ڪهڙيءَ طرح ان خيال جا دعويدار روينيو، پوليس، ريلوي، دفاع، پوسٽ ۽ ٽيليگراف، ريڊيو، ٽيليويزن، ٻيلن، انجنيري کاتن وغيره کي مسلمان بنائي سگهندا! حقيقت ۾ اهو سڀ ڌوڪو مهاجر پنجابي سامراجين طرفان ننڍين غلام قومن جي سادي عوام کي برغلائي، سندن توجهه حقيقي مسئلن کان هٽائي، سندن استحصال جاري رکڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو.
(4) شامل ٿيندڙ قومن جي آزادي ۽ خودمختياري
آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور 1940ع واري ٺهراءَ يا سنڌ اسيمبليءَ 1943ع واري پاس ڪيل ٺهراءَ موجب، پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ملڪن کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن بنائڻ جو صاف اظهار ڪيل هو. اسان مان گهڻن کي 1946ع ۾ دهلي مسلم ليگ ڪنوينشن جي موقعي تي، آل انڊيا مسلم ليگ جي آئين خلاف ٺهراءَ پاس ڪري پاڪستان کي هڪ سلطنت ڪري هلائڻ وقت پتو پئجي ويو هو، ته سنڌين سان ڌوڪو ٿي رهيو هو. پر بعد جي حالتن صاف پڌرو ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌين، بينگالين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان به ظلم ڪيو ويو آهي. ان ڪري بينگال جدا ٿيويو آهي. ان دنيا جي هڪ سؤ کان وڌيڪ ملڪن جدا ملڪ تسليم ڪري، قومن لاءِ ساڳئي حق گهرڻ واسطي رستو هموار ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ
سامراجي حڪمران طبقي جا طرفدار هيٺيان دليل ڏيئي قومپرستن جا حوصلا ڪمزور ڪري، پنهنجو تسلط قائم رکڻ گهرن ٿا.
1) سنڌو ديش ننڍو ملڪ آهي، تنهن ڪري......
2) موجوده طاقتور مهاجر پنجابي جنتا کان آزادي حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.
3) اها آزادي ٻاهرين ملڪن جي مدد سان وٺڻ، پاڪستان سان غداريءَ برابر آهي.
4) سنڌ کي پاڪستان کان جدا ٿيڻ بعد نقصان پهچندو.
5) پاڪستان دنيا ۾ وڏو مسلمان ملڪ آهي، ان جي ٽوڙڻ مان اسلام کي نقصان پهچندو.
انهن دليلن جا جواب ترتيبوار هيٺ پيش ڪجن ٿا:
(1) سنڌوديش ننڍو ملڪ آهي تنهن ڪري...
سنڌو ديش کي غلام رکڻ واري مهاجر پنجابي سامراج جا دلال ۽ ايجنٽ چون ٿا ته سنڌوديش ننڍو ملڪ آهي، تنهن ڪري:
(الف) سنڌي لشڪر ۾ ڪونه آهن. ان ڪري وڙهي پاڻ ڇڏائي نه سگهندا.
(ب) سنڌين ۾ جدا آزاد سلطنت هلائڻ لاءِ لائق ۽ اهليت رکندڙ عملو نه آهي.
(ت) سنڌ جي پيدائش آزاد رياست جو خرچ برداشت ڪري نه سگهندي.
(ث) سنڌي پٺتي پيل ۽ سياسي شعور نه رکڻ ڪري، آزادي وٺي نه سگهندا.
انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالهه هيءَ آهي، ته سنڌو ديش ننڍو ملڪ نه آهي، بلڪ اقوام متحده جي 135 ميمبر ملڪن مان 91 جي، جيڪي نقشي ۾ ڏيکاريل آهن، ڪيترين ڳالهين جهڙوڪ ايراضي، آدمشماريءَ يا پيدائش ۾، وڌيڪ آهي، هن کان گهڻا گهٽ ملڪ مملڪتون ٺاهيو، اقوام متحده جا ميمبر بنيو ويٺا آهن.
سنڌو ديش جي ايراضي 56447 چورس ميل آهي.
ان جي آدمشماري1,40,00000 ماڻهن تائين پهچي ويئي آهي. ان مان صوبي خواه مرڪز کي 500 ڪروڙ روپيا ساليانا ملن ٿا.
منجهس آباديءَ لائق زرعي زمين 2,25,00000 ايڪڙ آهي.
منجهس پاڪستان جي جملي انڊسٽريز مان 70 سيڪڙو ڪارخانا آهن.
ساري پاڪستان لاءِ منجهس ئي هڪڙو بندر ڪراچي آهي. پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو شهر، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي آهي.
سندس زبان دنيا جي قديم ترين ٻولين مان آهي، ۽ پاڪستان کان ترقي يافته زبان آهي.
کيس پنج هزار ورهين جون تاريخي روايات ۽ ڪلچر آهن.
منجهس زير زمين مالي ذخيرن ملڻ جو وڏو امڪان آهي.
سندس گرانڊ قومي پيدائش سالياني اٺ هزار ڪروڙ روپيا آهي.
انهيءَ نقطه نگاهه کان يورپ، اتر ۽ ڏکڻ امريڪا ۽ ايشيا جي چند مکيه ملڪن کي ڇڏي ڪري، سنڌ جو درجو ساريءَ دنيا جي ملڪن ۾ اُتم آهي.
جيڪڏهن ڪويت ۽ قطر جهڙن ملڪن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، ۽ اهي سندن گهٽ ايراضيءَ ۽ آدمشماريءَ ۽ انڪم جي باوجود، اقوام متحده جا ميمبر بنجي سگهن ٿا، ته سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو مسلم قوم، اسلام ۽ پاڪستان جي نالن هيٺ کيس آزاديءَ کان محروم رکيو وڃي ٿو!
هيٺئين نقشي جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته ان ۾ ڄاڻايل ملڪن مان گهڻا هر ڳالهه ۾ سنڌ کان گهٽ آهن. باقي جن ملڪن جي ايراضي سنڌ کان گهڻي آهي، اهي گهڻي ڀاڱي غيرآباد، صحرا ۽ جبلن جي ايراضين وارا ملڪ آهن. پيدائش جي لحاظ کان فقط پنجن يورپ جي ملڪن جي سالياني گرانڊ پيدائش سنڌ کان گهڻي آهي.
اقوام متحده جي انهن ملڪن جو تفصيل جي سنڌ کان ڪيترين ڳالهين ۾ گهٽ آهن:
جريان نمبر ملڪ جو نالو ايراضي چورس ميل آدمشماري پيدائش ڪروڙ ڊالرن ۾
1 البانيا 1629 2075000 100 ڪروڙ ڊالر
2 بحرين 220 215000 -
3 باربيداس 166 250686 160
4 بيلجم 11755 9646000 2570
5 ڀوٽان 18000 770000 -
6 بولويا 51455 4804000 946
7 بوڌسوانا 222000 629000 -
8 بلگاريا 42823 8464264 -
9 برونڊي 10747 334000 23
10 بئلورشيا 81000 700000 -
11 ڪمبوڊيا 70000 9000000 76
12 ڪئمرون 143500 5680000 99
13 سيلون 25242 12240000 211.7
14 چاڊ 495000 3510000 2549
15 ڪانگو برازويل 132000 88000 23.3
16 ڪوسٽاريڪا 19656 1695000 92.1
17 ڪيوبا 44206 85153355 -
18 سائبيريس 3572 630000 54
19 زيڪوسلويڪيا 49381 14418000 -
20 دهومي 44649 2640000 23.5
21 ڊينمارڪ 16576 4921156 1557
22 ڊومينيشن ريپبلڪ 18699 4324760 139.5
23 ايڪيوڊور 104505 5973300 160.3
24 اسليويڊور 8236 3390000 100.8
25 فجي 7055 513000 -
26 فنلئنڊ 117975 4707000 1.20
27 گيبان 103000 475000 30.9
28 گمبيا 4000 360000 4.6
29 گهانا 92100 7545161 325.8
30 گريس 51182 8736367 954
31 گوتم مالا 42042 486352 18.4
32 گني 94927 4000000 31.5
33 گيانا 830000 721098 25.2
34 هٽي 10700 4621461 44
35 هوندراس 43227 2500000 68.1
36 هنگري 35912 10314442 -
37 آئيسلئنڊ 39709 203442 48.2
38 آئرلئنڊ 26060 2920000 410
39 اسرائيل 8050 2995000 4394
40 آئوري ڪوسٽ 124510 4200000 142.4
41 جميڪا 4411 1861000 117.8
42 جورڊان 39050 2250000 -
43 ڪينيا 22460 18090000 158.2
44 ڪويت 6000 733196 275
45 لائوس 8932 1140300 21.6
46 لبنان 3400 2645000 152.5
47 ليزوٽو 11716 930000 9.4
48 لبريا 38250 1134000 35.2
49 لبيا 679357 1875000 314
50 لڪسمبرگ 999 338500 99.5
51 ملاگاسي ريپبلڪ 227800 6600000 87.8
52 مالٽا 122 323253 32.9
53 مالديو آئلينڊ 115 1014000 -
54 مالي 465000 4929000 51
55 ملاوي 451411 4530000 31.9
56 موريتانيا 419000 1120000 81
57 ماريشش 787 798684 -
58 موراڪو 180000 15030000 3244.1
59 نيپال 54600 120845000 88.5
60 نيدرلئنڊ 121868 129157621 2125
61 نائڪوريگوا 57145 1841759 83.5
62 نائجيريا 484000 4016000 31.5
63 ناروي 1240506 3866468 1139
64 عمان 124556 750000 -
65 پاناما 28575 1417000 1044
66 پاراگوائي 157000 2386000 85......
67 پورچوگال 35500 89781800 662....
68 رئونڊا 10169 36167000 -
69 قطر 5154000 38100000 -
70 سينگال 76104 3830000 70....
71 سيريليان 27925 25100000 142.5
72 سينگاپور 5171224 2033000 197.....
73 سوماليا 716200 2730000 18.1
74 سوڊان 879000 15508000 189
75 سوازيلئنڊ 61704 451000 559
76 سويڊن 173665 8013496 3528
77 شام 71310 6294000 159
78 تنزانيه 3173665 12926000 33.2
79 ٿائيلئنڊ 200198 34738000 651
80 ٽوگو 21220 1956000 26.7
81 ٽرينيسانه 7764.... 10810000 83.6
82 ترنيشيا 63362 4533351 22.5
83 يوگنڊا 911076 9164000 29.7
84 يونائيٽيڊ عرب امارات - 230000 -
85 وولٽائيڪ ريپبلڪ - - 30.5
86 يمن 750000 5728000 46
87 ڏکڻ يمن 112075 1250000 14
88 يوگوسلوويڪيا 98725 21500000 -
89 زيري 905572 10100000 194.7
90 زمبيا 290556 4056995 168.2
91 بهاما 800.... 095000.... -
92 سئٽزرلئنڊ 15950 6269783 اقوام متحده جو ميمبر آهي
93 سنڌ 56447 14000000 80 ڪروڙ
نوٽ: ليڪن جا نشان ملڪن جي ايراضي يا انڪم ۾ سنڌ کان مٿي هجڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا. انجو پڻ ڪارڻ اهو آهي ته زياده ايراضيءَ وارا اهي ملڪ اڪثر ڪافي غيرآباد، جبل يا رڻ پٽ واريون ايراضيون رکندڙ آهن، ۽ زياده انڪم وارا ملڪ آزاد هئڻ ڪري ئي اها ترقي حاصل ڪري سگهيا آهن. سنڌ پڻ آزاديءَ بعد ترقي ڪري، انڪم وڌائي، انهن جيتري يا انهن کان به وڌيڪ انڪم ڪري سگهي ٿي.
سنڌو ديش کي ائين ننڍي ملڪ هجڻ جي طعني هلندڙن جي ان ڳالهه کي صاف ڪرڻ کانپوءِ، ان مان هن جيڪي خدشا ظاهر ڪيا آهن، انهن جي وضاحت پيش ڪرڻ لازمي آهي:
(الف) “سنڌي لشڪر ۾ نه آهن”
هر آزاد ملڪ کي اندروني انتظام ۽ بيروني بچاءَ لاءِ پوليس ۽ لشڪر جي ضرورت ٿئي ٿي. ان ۾ سنڌين هيل تائين ڪا دلچسپي نه ورتي آهي، انجو هڪ جواب هيءَ آهي ته هو آزاد آهن. انجو ٻيو جواب اهو آهي ته دنيا ۾ ڪيترا ملڪ آهن، جن کي فوج مورڳو نه آهي يا نه هجڻ جهڙي آهي. جهڙوڪ: سئٽزرلئنڊ، قطر، بحرين، لڪسمبرگ وغيره. ته به هو آزاد ۽ خودمختيار رهي سگهيا آهن. هن وقت دنيا جا ڪي ملڪ اهڙا طاقتور ٿي ويا آهن، جو جيڪڏهن چاهين ته ننڍن ملڪن تي حملي آوار ٿي، قابض ٿي وڃن. پر ائين نٿو ٿئي. عالمي راءِ عامه ايتري بيدار ۽ پراثر ٿي ويئي آهي، جو وڏيون سامراجي طاقتون به آهستي ڪري، سندن ماتحت ملڪن کي آزاد ڪنديون وڃن، ۽ ڪوبه وڏو ملڪ ننڍي ملڪ جي آزادي کسي نه ٿو سگهي. پر جي ڪو اهڙو ڪم ڪري ٿو، ته دنيا جي راءِ عامه يا ڪن همدرد ملڪن جي مدد سان اتي جا رهاڪو وري اها وڃايل آزادي حاصل ڪيو وٺن.
هن وقت صرف پورچوگال، ڏکڻ آفريڪا، روڊيشيا، اسرائيل ۽ پاڪستان جا مهاجر پنجابي سامراجي آهن، جن دنيا جي تاريخ مان سبق نه سکي، ماتحت ملڪن کي آزادي نٿا ڏين. پر جهڙي هوا لڳي رهي آهي، ته ٿوري وقت اندر انهن جا ماتحت ملڪ به آزادي حاصل ڪري ويندا.
سنڌ جا نوجوان ڪارڪن بينگال جي مڪتي باهنيءَ وانگرسنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا، سي آئيندي پنهنجي قومي لشڪر جلد تيار ڪري سگهندا، ۽ پوليس به مضبوط ڪري سگهندا.
جهڙيءَ طرح پورچوگال، ڏکڻ آفريڪا ۽ روڊيشيا خلاف مڪاني ماڻهن جي مدد لاءِ ساري آفريڪا جون آزاد قومون همدردي ۽ مدد ڪري رهيون آهن، ۽ جهڙيءَ طرح اسرائيل جي هٿ ۾ ويل ايراضين جي واپس وٺڻ لاءِ ڀرواريون عرب قومون مدد ڪري رهيون آهن، ويندي روس سوڌو. اهڙيءَ طرح سان سنڌين کي سندن آزاديءَ جي جدوجهد هلندي، ڀارت ۾ رهيل سندن هم قوم سنڌي هندو ۽ ٻيا اڪثري ڀروارا ڪيترائي ملڪ مدد ڏيئي سگهندا. اهو دليل ته پنهنجي هن غلاميءَ جي دور ۾، پنهنجن حاڪمن جي فوج ۾ سنڌي موجود نه آهن، انهيءَ ڪري آزاديءَ جا حقدار نه آهن، صرف سنڌين جي جذبه آزاديءَ کي ٿڌي ڪرڻ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سندن همت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو.
(ب) سنڌين ۾ جدا حڪومت هلائڻ جي اهليت نه آهي
سنڌ ديش جي دشمنن جو اهو دليل به سراسر غلط آهي. سنڌي ساري پاڪستان جي رهاڪن کان لياقت ۾ گهڻو مٿي آهن. نه ته به هنن کان گهٽ نه آهن.
پاڪستان جو باني مسٽر جناح به هڪ سنڌي هو، جنهن کي لائق سمجهي ساري برصغير هند جي مسلمانن اڳيان ڪري، پنهنجو قائداعظم بنايو هو. اها ڳالهه جدا آهي ته هن مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو آله ڪار ٿي، سنڌين جي حفاظت نه ڪئي، بلڪ ان سان بي وفائي ڪئي. ان جو ڪجهه قدر ڏوهه سنڌي عوام ۽ خاص تي به آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “وڇ ڪڏندي آهي، ڪيري آهر،” جي ڪِلو مضبوط نه آهي ته هن جو ڪڏڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. جناح صاحب کي لياقت جي آڌار تي ڌارين مٿي آندو. هو اصولي شخص نه پر سياست عملي جو ماڻهو هو. هن ڏٺو ته سنڌي عوام خراب غفلت ۾ ستل هئا، ۽ کيس ان اعلى درجي تي مهاجر پنجابي مستقل مفاد آندو. جي انهن کان منهن ڦيري سنڌين جي حقن لاءِ لڙيو ٿي، ته جن کيس مٿي چاڙهيو هو، سي وري کيس هيٺ لاهي ڇڏين ها، تنهن ڪري هن شخص سلامتي ۽ وڏائي ان ۾ ڄاتي ته: “جن جو کائجي، تن جو ڳائجي.”
ان کانپوءِ سنڌ جي سياستدانن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبدالله هارون، سر غلام حسين هدايت الله، خانبهادر الهه بخش سومرو، محمد ايوب خان کهڙو، پيرزادو عبدالستار، قاضي فضل الله پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هن وقت به هڪ سنڌي مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو، ساري پاڪستان جو مدارالمهام آهي. جنهن کي ڏسي وائسي آله ڪار سمجهي، مهاجر پنجابي مستقل مفاد، منجهن ماڻهن جي کوٽ هئڻ ڪري، انهيءَ درجي تي آندو آهي. جيڪڏهن هن وقت هو سنڌ سان بيوفائي ڪري، ان جي حقن کي پائمال ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ته ان کي ڏوهه ڏيڻ سان گڏ سنڌين کي به ڏوهه ڏيڻ گهرجي. ڇا منجهن پورو قومي شعور پيدا ٿيو آهي؟ ڇا منجهن صحيح سڃاڻپ جو مادو پيدا ٿيو آهي؟ ڇا منجهن ايتري همت ۽ غيرت پيدا ٿي آهي، جو پنهنجي مخلص ڪارڪنن جي پوئواري يا مدد ڪري سگهي؟
ڀٽو صاحب به جناح وانگر سياست عمل جو سياستدان آهي. هو قومي ڪارڪن نه آهي، جو اصولن خاطر پاڻ کي مصيبت ۾ مبتلا ڪري. هن کي پتو آهي ته کهڙي صاحب سنڌ جي حقن لاءِ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي مخالفت ڪئي، ته انجو ڇا حشر ٿيو! باوجود اڪثريت جي هن کي وزارت تان لاهي ڇڏيائون، ته ساڳيا سنڌي ميمبر ڦري وڃي ڌارين جي ايجنٽ پير الاهي بخش جي پويان بيٺا، ۽ نه وري ووٽرن ۾ ايڏي سجاڳي هئي ته اهڙي غدار جي مٽي پليت ڪن. وري به جڏهن سنڌين کي ڇڏي، کهڙي صاحب حڪمران طبقي جي چوڻ مطابق ون يونٽ ٺاهڻ جو واعدو ڪيو، ته انهن کيس اقتدار ۾ آندو. تنهنڪري ڀٽو صاحب به جناح صاحب وانگر پنهنجي گادي انهيءَ طبقي معرفت قائم رکڻ گهري ٿو، جن کيس طاقت ۾ آندو آهي. هن کي خبر آهي ته اهوئي طبقو هو، جن جڏهن لياقت علي خان کي قتل ڪرايو، ته ان جو داد فرياد نه ٿيو. اهوئي طبقو هو، جنهن خواجه ناظم الدين کي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت هئڻ ۽ مسلم ليگ پارٽيءَ جي صدر هئڻ جي باوجود، وزارت عظمى تان لاهي ڇڏيو، ته ڪجهه به نه ٿيو. ساري پاڪستان جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. سياست عمليءَ جي صاحب ذوالفقار علي ڀٽي، پنهنجي سياسي ڪيريئر (Career) لاءِ، اهي سڀ مثال پنهنجي سامهون رکيا آهن.
جڏهن جنرل ايوب جي ڏينهن ۾، ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ مون کي نظربند ڪيو هئائون، ۽ ڪجهه وقت پوءِ خان عبدالغفار خان ۽ مولانا ڀاشانيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيائون، پر مون کي جيل ۾ رکيو ويٺا هئا. ان تي نواب ڪالاباغ، ميان انور عليءَ ڊائريڪٽر آف انٽيليجنس کان ان جو سبب پڇيو ته ان لاءِ، جو جواب ميان صاحب ڏنو سو به سمجهڻ لائق آهي. چي:
جي. ايم. سيد پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ماڻهو آهي.
1) هو پاڪستاني نطريه قوميت خلاف ڪيس تيار ڪري سگهيو آهي.
2) هن عالمي سوچ رکي، ٻاهرين کي پنهنجو ڪيو آهي.
3) هو مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي 310 ميمبرن مان، ستن ميمبرن جي پوئلڳي هوندي به اسيمبليءَ مان ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءَ پاس ڪرائي سگهيو.
4) هن سنڌ جي شاگرد ۽ دانشور طبقي ۾ سنڌيت جو جذبو پيدا ڪيو آهي.
5) هن نظريه پاڪستان جي خلاف سنڌي قوميت جي مسئلي کي حوصلي ۽ همت سان پيش ڪري، سنڌين لاءِ قومي مقصد واضح ڪيا آهن.
ان مان معلوم ٿي سگهندو ته سنڌ ۾ لياقت جي ڪمي نه آهي. جنهن کي سنڌ جا دشمن به تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.
ڪامورن ۾ سنڌين محمد موسى جهڙو انجنيئر پيدا ڪيو، جو ساري مغربي پاڪستان جو چيف انجنيئر ٿي رهيو. هن مسٽر آخوند چيئرمين ريلوي بورڊ، شيخ عبدالباقي ڊائريڪٽر ايريگريڪلچر، جي. ايم. شيخ، مسٽر عبدالرسول پانڌياڻي، آفتاب احمد قاضي، غلام مصطفى شاهه، مسٽر عثمان علي عيساڻي، محمد ابراهيم جوئي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وغيره جهڙا لائق آفيسر پيدا ڪيا آهن.
هندن جي اها حالت آهي ته اڃا تائين انگريزن خلاف آزاديءَ جي هلچل جا ڪارڪن شري جيرامداس دولترام ۽ اُچاريا ڪرپالاڻي ڀارت جي سياست تي چڱو اثر رکن ٿا. سنڌي هندن جو نوجوان طبقو ئي آهي، جو ڀارت ۾ سنڌيت جي جوت جلايو اچي، پر ڀارت ۾ سنڌين کي علحده ملڪ نه هئڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ کي ملڪي زبان تسليم ڪرايو اٿن، ۽ نوٽن تي سنڌي لفظ لکايا اٿن. سنڌي هندو اتي سول سروس، انجنيئري، تعليم، هيلٿ ۽ ملٽري وغيره کاتن ۾ مکيه عهدن تي آهن.
تنهنڪري اها شڪايت ڪرڻ ته سنڌ آزاد ڪرائڻ بعد سنڌي سياستدانن يا ڪامورن يا واپارين ۾ اهليت نه ٿيندي جو ملڪ هلائي سگهن، سا ڳالهه سراسر غلط آهي.
اسان سنڌ جي آزادي، بعد سنڌي هندن ۽ مهاجر پنجابين مان جي سنڌ سان وفادار ٿي، نظريه پاڪستان کي ڦٽو ڪري، سنڌي زبان ۽ ڪلچر اختيار ڪري، سنڌي مفاد لاءِ دلچسپي وٺندا، تن کي به پنهنجي انتظامي ڪاروبار لاءِ ڪتب آڻي سگهون ٿا.
ازانسواءِ هي جيڪي اسانجا هزارها تعليم يافته نوجوان سال به سال ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان تعليم پائي نڪرن ٿا ۽ بي روزگار ٿي دربدر ڦرن ٿا، تن کي ڪم سان لائي سگهبو. انهن جي تازه دم ۽ فعال لياقتن سان قومي تعمير ۾ پورو پورو فائدو وٺي سگهبو.
(ت) “سنڌ جي انڪم ۽ پيداوار آزاد ملڪ جي هلائڻ لاءِ ڪافي نه ٿيندي”
اهو دليل به غلط آهي، سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 25 لک ايڪڙ آباديءَ لائق زمين زراعت لاءِ موجود آهي. پاڪستان اندر قائم ڪيل ڪارخانن مان ستر سيڪڙو ڪارخانا سنڌ ۾ آهن، جنهن ڪري ايڪسائيز ڊيوٽيءَ جو وڏو حصو حڪومت کي سنڌ مان ملي ٿو. اسان وٽ ڪراچي بندر ڪري، ڪسٽمس ذريعي سنڌ کي وڏي پيدائش حاصل ٿئي ٿي. ڪراچي واپار جو وڏو مرڪز آهي. انڪري انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس جون رقمون اسان کي حاصل ٿي سگهن ٿيون. اهي سڀ ٽيڪس جي هن وقت مرڪزي حڪومت جي هٿ ۾ وڃن ٿا، سي سنڌ جي آزادي بعد سنڌ سرڪار جي حالي ٿي سگهن ٿا. سنڌ ۾ تيل، گئس ۽ ٻين کاڻين جي نڪرڻ جا پڻ امڪان آهن. سنڌ ۾ بهترين ترقيءَ ۽ تعبير لاءِ ذريعا موجود آهن. جي انهن کي سنڌ جي مفاد لاءِ ڪتب آڻجي. ته ٿوري وقت اندر سنڌ بي مثال ترقي يافته ملڪ ٿي سگهي ٿو.
(ث) “سنڌي پوئتي پيل هجڻ ڪري، موجوده سامراج کان آزادي حاصل ڪري نه سگهندا.”
سنڌين ۾ قومي بيداري پيدا ٿي رهي آهي. ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابر ٿيندو ته سنڌ جي مٿاهين طبقي جي اڪثريت مهاجر پنجابي سامراج جي ڊپ ۽ لالچ ڪري، انهن جي پويان هلي رهي آهي. پر جهڙيءَ طرح هو لالچ خاطر ڌارين جا پوئلڳ ٿي رهڻ لاءِ تيار آهن ساڳيءَ طرح سان هو سنڌين جي هٿ ۾ طاقت اچڻ بعد انهن جي پوئلڳيءَ ۽ فرمانبرداريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. هي ابن الوقت هميشه حالتن کي ڏسي، ڍنڍ جي پکين وانگر، ساون سرن ڏي رخ بلائيندا آهن.
(2) سامراج مان آزادي ڪهڙي طرح حاصل ڪري سگهبي؟
پاڪستان جي حڪمران طبقي جي ڪوتاهه نظريءَ بداعمالن ملڪي حڪومت کي مرڻ جي منجيءَ تي آڻي ڇڏيو آهي. انهن حالتن ۾ مظلوم قومن جهڙوڪ بينگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ بي آرامي روز بروز وڌڻ لڳي. جنهن ڪري گهڻي جدوجهد بعد بينگال آزادي حاصل ڪري ويو. بلوچ ۽ پختون آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سنڌين ۾ بيداري پيدا ٿي چڪي آهي ۽ منجهن سنڌوديش تحريڪ جي نالي سان آزاديءَ لاءِ ڪوشش شروع ٿي ويئي آهي، ان سلسلي ۾ ڪيئي ماڻهو جيل ڀوڳي رهيا آهن ۽ ڪي ماريا ويا آهن.
اهڙين حالتن هيٺ ڪهڙي طرح سان بين الاقوامي راءِ عامه هنن مظلوم قومن کي مهاجر پنجابي سامراج جي چنبي ۾ پيڙبو ڏسي گهڻو وقت ماٺ ۾ رهندي! روس، ڀارت، عرب دنيا، افغانستان ٻين جمهوريت ۽ آزادي پسند ملڪن، هميشہ مظلوم قومن جي مدد پئي ڪئي آهي. آئون نٿو سمجهان ته صحيح حقيقتن کان آگاهه ٿيڻ بعد هو فقط دنيا جي هن ڀاڱي جي قومي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ماڻهن کي اخلاقي ۽ مادي مدد ڏيڻ کان انڪار ڪندا. سنڌين کي همت ڪري، پنهنجي قومي وجود کي پنهنجي قربانين ۽ لاڳيتي جدوجهد سان تسليم ڪرائڻو آهي، پوءِ پاڻهي ويندا حالات سازگار ٿيندا. هڪ هزار تربيت يافته آزاديءَ لاءِ ڪارڪن، سامراجي طاقت کي زبون ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن امريڪا جهڙو طاقتور ملڪ باوجود هيڏيءَ طاقت جي، ويٽنام کي غلام رکي سگهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ته هي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراجي ڪيترو وقت ساريءَ سنڌ کي غلام رکي سگهندا.
ڪي ماڻهو جو ائين ظاهر ڪري رهيا آهن ته، “موجوده مهاجر پنجابي سامراج جي گرفت، سنڌ تي اهڙو مضبوط ٿي ويٺي آهي. جو ان مان سنڌ جي آزادي مشڪل پيئي نظر اچي. خصوصاً ان حالت ۾، جو اسان جا ڏسڻا وائسڻا سياستدان، پير، وڏيرا، ڪامورا ڌارين جي سياسي تسلط جا اوزار بنجي ڪم ڪري رهيا آهن، سندن زبان اختيار ڪندا رهن ٿا، گهرن ۾ اردو ڳالهائڻ ۾ فخر سمجهڻ لڳا آهن، پنجابين کي سڱ ڏيئي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ ۾ شرم نٿو اچين، سنڌين جداگانه قوم جي وجود کان انڪار ڪندڙن سان ٻانهن ٻيلي ٿي، انهن جي پوئلڳيءَ جو آواز اٿارين ٿا وغيره” ته آءٌ انهن ماڻهن جي انهن جملي دليلن کي بزدلي ۽ شرمناڪ نااميدي جي صفت سمجهان ٿو.
مونکي پتو آهي ته سنڌين مان ڪيترائي اهڙا آهن، جن هر حاڪم اڳيان پاڻ کي ڪمزور سمجهي، پنهنجي غلامانه ذهنيت سبب ناچارگيءَ جو دليل پيش ڪندا آهن. اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ به هئا، ۽ هاڻي به آهن. پر انهن جي موجودگي ڪڏهين به حق جي آواز کي جهڪو ڪري نٿو سگهي. سنڌي هزارن سالن کان جدا قوم رهيا آهن ۽ هر ٻاهرئين تسلط کان آزادي پئي حاصل ڪئي اٿن. هن سامراج کان به آزادي حاصل ڪري ويندا. تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آخر فتح حق وارن کي نصيب ٿئي ٿي “ڪم من فئة قلبلة غلة فئة ڪئيره” (قرآن). يعني “صالح ۽ حق وارا کڻي ٿورا هجن، ته به ناحق وارن گهڻن تي فتح انهن جي ٿيڻي آهي.” سنڌي حق تي آهن سندن حاڪم ۽ انهن جا ايجنٽ ناحق تي آهن. انهيءَ ڳالهه جو اندازو هيٺين ڳالهين مان ڪري سگهبو:
1) سنڌ جا اصل رهاڪو جن مان ڪي عربي نسل جا، ڪي بلوچ، ڪي پٺاڻ، ڪي گجراتي، ڪي پنجابي هئا. سي سنڌ ۾ رهڻ بعد ان جو ڪلچر ۽ زبان اختيار ڪري ويا آهن.
2) سنڌي هتي جا ڄاول نپنل آهن. سندن وڏا هن ملڪ ۾ دفن ٿيا آهن. انهن کي ملڪ سان اڪيچار محبت ٿي ويل آهي. اهي سنڌ جي زبان، ڪلچر، روايات، سياسي مفاد ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهن ٿا.
3) سنڌين مان جيڪڏهن ڪي واپار، گذر معاش خاطر ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا، ته به اتان پيسا ڪمائي خرچ اچي سنڌ ۾ ڪندا هئا.
4) سنڌين ٻئي ڪنهن ملڪ قوم تي حملو نه ڪيو آهي. نه وري ڪنهن جو استحصال ڪيو آهي.
ٻئي طرف هاڻوڪا آيل مهاجر پنجابي سامراجي، هيٺين ذهن جا ڪارڻ بنيا آهن.
(الف) سنڌ ۾ 26 سال رهڻ جي باوجود هو نه سنڌي زبان سکيا آهن، نه انجو ڪلچر اختيار ڪيو اٿن. مورڳو سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي منظم طريقي سان ختم ڪرڻ جي پٺيان اچي پيا آهن. سنڌ جي پاڻي پيئڻ، کاڌي کائڻ ۽ ان ۾ جاءِ پناهه ملڻ جي باوجود انهن پاڻ کي لکنوي، بدايوني، دهلوي سڏائي، ڪراچيءَ ۽ ٻين وڏن شهرن تي غير سنڌين جا نالا رکي، ان جي قديم روايات کي مٽائڻ جو گناهه ڪيو آهي.
(ب) هنن نون آيل ماڻهن کي سنڌوديش سان محبت نه آهي. هو سنڌين جي قوم ۾ سمائجڻ کان عار ڪن ٿا. نه وري سنڌي قوم جي وجود کي ئي هو مڃين ٿا، بلڪ خود ساخته پاڪستاني نظريه قوم جي بنياد تي هر سنڌي مفاد سان دشمني رکن ٿا. اٿي ويٺي هو پاڪستان جو نالو پيا وٺن. سنڌ جو نالو سندن لاءِ ڄڻ گار ٿي پيو آهي. جيڪي ماڻهو سنڌو ديش جو نالو وٺن ٿا، تن کي پاڪستان جو دشمن، انتشار پسند ۽ علاقائي ذهنيت رکندڙ، اسلام جو مخالف سڏي، سندن نامزد ڪيل حڪومتن کان سزائون ڏيارڻ سندن پيشو ٿي پيو آهي.
(ت) ڪيترا پنجابي ۽ پٺاڻ هتان پيسا ڪمائي ٻاهر موڪلين ٿا ۽ مهاجر استحصالين مان پڻ ڪيترا پيسو ملڪ کان ٻاهر موڪلي رهيا آهن.
(ث) هي سنڌ کي ڪالوني طور ڪتب آڻي، اصل باشندن جي زبان سان نفرت رکن ٿا. جيڪڏهن ڪو سنڌيءَ ۾ تقرير ڪري ٿو ته ٻڌڻ کان انڪار ڪن ٿا. موٽرن، جاين ۽ رستن تي اردو نالا رکڻ لاءِ اصرار ڪن ٿا. اٿڻ، ويهڻ ۾ حاڪماڻي غرور جو سلوڪ ڪري، سنڌين کي نفرت سان ڏسن ٿا. سندن اخبارون، ڪتاب ۽ تقريرون سنڌين خلاف زهر سان ڀريل رهن ٿيون. هو پنهنجي انهيءَ روش سان ‘آئي ٽانڊي کي، بورچاڻي ٿي ويٺي’، جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
(ج) هو سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائي، نه رڳو مٿن حڪومت ڪن ٿا، پر سنڌ جو نالو وٺندڙ قوم پرستن کي، سندن سنڌي ايجنٽن کي لالچ ڏيئي، سزائون ڏيارين ٿا. ۽ غلط ۽ ڌوڪي واري پروپيگنڊا ذريعي سنڌين جا دماغ مسخ ڪري، کين غلاميءَ سان مانوس ٿيڻ لاءِ ترغيب ڏين ٿا.
انهن جي اهڙن ڪردارن ڪري، سنڌين کي يقين ٿي ويو ته پاڻ حق تي آهن ۽ هي سامراجي ناحق تي آهن ۽ قرآن هن آيت ۾يقين رکي، سمجهن ٿا ته سندن هي دشمن ضرور ختم ٿي ويندا:
“لَجاءَ الحق وزهق الباطل، اِنّ الباطل ڪان زهوقا” (قرآن)
يعني، حق ڪامياب ٿيندو، ناحق فنا ٿيندو، بيشڪ ناحق فاني آهي.
(3) آزاديءَ لاءِ ڌارين جي مدد وٺڻ گناهه آهي
هي دليل به اٻوجهه ۽ صاف دل سنڌين کي برغلائڻ لاءِ مهاجر پنجابي سامراج جي ايجنٽ ڏين ٿا ته “ادا هي سامراجي تمام طاقتور آهن، لشڪر سندن حوالي آهي، ٻاهرين ملڪن کان هنن کي جنگي جهاز ملي رهيا آهن، هي علم ۽ عقل ۾ زياده آهن، اخبارون سندن نالي آهن، سنڌي پاڻ ۾ وڙهيل آهن ۽ سندن سياستدان ڏسو ته ذاتي غرضن خاطر ڌارين جا غلام ٿي ويا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ بيسود آهي. ٻاهرين حڪومتن کان مدد وٺڻ سان وري انهن جي ماتحت ٿي وينداسون. تنهنڪري هي مسلمان ڀائر آهن، انهن جي غلاميءَ تي رضامند رهڻ گهرجي.” اهي سڀ ذليل پڻ بزدلي ۽ ڌوڪي وارا آهن. اها ڳالهه ڪنهن کان ڪانه لڪل آهي ته سامراجي طبقو هميشہ طاقتور ٿيندو آهي. محڪوم ماڻهو هر ڳالهه ۾ پوئتي پيل هوندا آهن. جن ۾ ڪي ٿورا اهڙا نڪرندا آهن، جي قومي غيرت جي آڌار تي هر قسم جون تڪليفون برداشت ڪري مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. ليڪن مصيبتن سهڻ بعد، سندن تعداد آهستي ٿي وڌندو ويندو آهي. جنهنڪري نه رڳو ملڪ اندر کين ايماندارماڻهن جي همدردي ۽ مدد نصيب ٿيندي آهي، پر بين الاقوامي طور هر ملڪ جا ايماندار ۽ قوم پرست ماڻهو ۽ حڪومتون سندن مدد لاءِ نڪري نروار ٿينديون آهن. جيئن الجيريا، ويٽنام، بنگلاديش ۽ عربن لاءِ ٻاهريون مددون مليون هيون، يا ملي رهيون آهن.
هڪ طرف سامراجي طاقتون، سندن هم طبقي حڪومتن جي مدد ڪن ٿيون، ته ٻئي طرف قوم پرست ۽ جمهوريت جا طرفدار ماڻهو ۽ ملڪ محڪوم ۽ مظلوم قومن جي مدد ڪن ٿا. دنيا ڏسي ورتو ته بنگلاديش ۾ آمريڪا، پاڪستاني ظالم سامراجي جي مدد ڪئي، ۽ روس ۽ ڀارت بنگلاديش جي مظلومن کي مدد ڏيئي آزاد ڪرايو.
مهاجر پنجابي مستقل مفاد صحيح طور مومن نه آهن، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ وطن کي ايمان جو جزو سڏيو وڃي ٿو. هي ان کي بت سمجهي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري هو ڪهڙيءَ طرح سان مومن سڏجي سگهندا. اسلام ۾ ڪنهن شخص ۽ قوم جو حق مارڻ ڏوهه آهي. ليڪن هنن جو دين ايمان سنڌين جا حق غصب ڪرڻ آهي. اسلام هڪ پيءَ جي چئن فرزندن کي هڪجهڙي ملڪيت ۾ ورثي ملڻ جو حق رهي ٿو. هي مهاجر پنجابي ساري ملڪ تي، خود ساخته اسلام جي نالي ۾ قبضو ڪريو ويٺا آهن. هنن ته خدا کي به پنهنجو محتاج تصور ڪيو آهي. جنهن مطابق خود خدا به ٻانهي کان پڇي پوءِ ڪم ڪندو آهي. ليڪن سنڌي بقول شاهه: “واڳ ڌڻيءَ جي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي” ۾ اعتماد رکن ٿا.
ٻئي پاسي هن حڪمران طبقي وٽ آمريڪا کان مدد وٺي،اهي اوزار سنڌين ۽ ٻين ملڪي قومن کي غلام رکڻ لاءِ ڪم آڻڻ جائز آهن. اهي هٿيار هو انهن کان جنگي عهدناما ڪري حاصل ڪن ٿا. هو عربن کان تيل خريدي آمريڪا موڪلين ٿا. هو ايران کان اسرائيل کي تيل ڏيارڻ ۾ هرج ڪونه ٿا محسوس ڪن. ليڪن هزارن ورهين جي جدا ملڪ ۽ قوم سنڌ جي ماڻهن کي، مهاجر پنجابي سامراج ۽ استحصال کان بچڻ لاءِ ڀارت يا افغانستان يا روس کان مدد ملي ته ان کي هو ڪفر سمجهن ٿا. کين ياد ڪرڻ گهرجي ته سنڌي هاڻي سندن اهڙي ڪفر جي فتوائن کان نٿا ڊڄن. ڀلي هو سؤ بار فتوائون ڏيندا رهن، پر سنڌي سندن سامراج کان جان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان باز نه ايندا. جيڪڏهن ٻين کي غلام رکڻ لاءِ ڌاري مدد وٺڻ ڏوهه نه آهي، ته سنڌين کي آزاديءَ لاءِ جمهوريت پسند قوم پرست، سوشلسٽ ۽ سيڪيولر طاقتن جي مدد وٺي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه ٿيندو؟
سنڌي، سنڌ جي جملي رهاڪن کي بنا تميز مذهب جي هڪ قوم سمجهن ٿا. ان ڪري سنڌ مان زوريءَ لڏايل سنڌي هندن کان مدد وٺڻ يا کين موٽائي آڻڻ ۾ حق بجانب ٿيندا. ڀارت جا سنڌي هندو، سنڌي قوم جا فرد آهن. هنن جي ٻولي ساڳي آهي، روايات ساڳيا آهن. مذهبي نقطه نگاهه کان هنن مان گهڻا گرونانڪ ۽ سنڌي درويش شاهه عنايت صوفي، شاهه لطف، سچل سرمست، روحل ۽ شاهه جهانيان جا معتقد آهن. هو محبت (پريم) جا پوڄاري آهن، نفرت کان پري آهن. تنهنڪري هو هنن غاصبن، نفرت جي پوڄاري، فسطائي اسلام جي حامين، سامراجي ۽ نالي خاطر مسلمانن کان اسان کي وڌيڪ ويجها آهن.
تازو مثال بينگالي هندن جو آهي. جڏهن اڀرندي بينگال تي سامراجي تسلط جاري رکڻ لاءِ هن نام نهاد مسلمانن قتل و غارت شروع ڪيو، ته سندن مدد لاءِ بنگالي هندو آيا هئا. جن جي اثر ڪري، ڀارتي سرڪار مجبور ٿي، بنگلاديش قائم ڪرڻ لاءِ بينگالي مسلمانن جي مدد تي آئي.
ان وانگر جيڪڏهن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو، پنهنجي هم قوم سنڌين کي مدد ڏين ۽ ڀارتي سرڪار کي مجبور ڪري، سندن مظلوم سنڌي ڀائرن جي مدد لاءِ تيار ڪن، ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. اها فطري ڳالهه آهي.
سنڌ جي آزاديءَ بعد گهڻا سنڌي هندو، جي هن وقت ڀارت اندر چڱي جائداد ۽ نوڪريون حاصل ڪري ويا آهن، سي شايد پوئتي موٽي نه به اچن. پر جيڪي موٽي ايندا سي اُهي هوندا، جن کي وطن لاءِ محبت هوندي. هو صرف ان جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايندا ۽ استحصال لاءِ نه ايندا. هنن کي خبر آهي ته سنڌين سندن هم مذهب مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو استحصال نه قبولي، انهن جي مخالفت ڪئي آهي، سي ڪيئن سندن مستقل مفاد استحصال قبول ڪندا. ڪثير تعداد سنڌي هندو، هن وقت ڀارت جي سماجي زندگيءَ ۾ سمائجي ويا آهن. ممڪن آهي ڪيترا منجهانئن ته اسان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ دلچسپي وٺن، ۽ نه وري اتان ٺهيل ٺڪيل زندگيءَ کي ڇڏي موٽي هتي اچن. هتي صرف اهي ايندا، جن کي اسان جي قومي آزاديءَ ۾ اصولن ڪري همدردي هوندي. اُهي جنگ آزاديءَ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، سنڌ ۾ اسان سان هڪجهڙا حصيدار ٿي سگهن ٿا. اسان مذهب جي بنياد تي قوم ۾ اعتماد نٿا رکون. تنهنڪري هنن کي سنڌ جي اقتصادي خوشحالي ڪلچرل ترقيءَ ۾ ملڪي تعمير لاءِ مجموعي ساٿ خاطر شريڪ ڪري، ڪم ڪنداسون.
هن سلسلي ۾ سنڌ جي مجموعي مفاد کي هيٺين اصولن پٽاندڙ تورڻو آهي:
(الف( سنڌ جي سياسي طرح مڪمل آزادي.
(ب) سنڌ جي اقتصادي خوشحالي.
(ت) سنڌ جي ڪلچرل ترقي.
(ث) سنڌ جي ملڪي تعمير.
تنهنڪري جيڪي به ماڻهو اسان سان مٿي ذڪر ڪيل مقصدن لاءِ مدد ڪندا، تن کي سنڌي سمجهيو ويندو. پوءِ اهي ڀارتي هندو هجن يا موجوده مهاجر پنجابي هجن، جي دائمي طور سنڌ ۾ رهڻ گهرندا. پر پوئين گروهه لاءِ هيٺيان شرط قبولڻ لازمي هوندا:
(الف) نظريه پاڪستان يعني مذهبي قوميت جي تصور ۽ اردو زبان جي فوقيت وارن خيالن کي ترڪ ڪرڻو پوندن.
(ب) سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي بنا تفاوت مذهب جي سنڌي قوم جو فرد ڪري تسليم ڪرڻو پوندن.
(ت) سنڌ کي پاڪستان کان ٻاهر ڪڍي، مڪمل آزاد ڪرڻ ۾ ايمان هوندن.
ان جي ابتڙ جيڪي به ماڻهو سنڌ کي پاڪستاني سامراج کان ٻاهر نڪرڻ ۾ رنڊڪون وجهندا، يا پاڪستان جي مفاد کي سنڌي مفاد تي ترجيح ڏيندا، پوءِ اهي اصل سنڌي مسلمان هجن يا مهاجر ۽ پنجابي هجن، تن کي دشمن سمجهڻ لاءِ اسان حق بجانب آهيون.
هيءَ ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ جي لائق آهي ته جڏهن سنڌي هندو هتي سنڌ ۾ هئا ته انهن جا مستقل مفاد هڪ روپئي تي هڪ ٽڪو نفعو وٺندا هئا ته ان تي هتي جي عوام اعتراض ورتو هو. جنهن ڪري اختلاف پيدا ٿي پيا هئا. هاڻي هي ماڻهو هڪ روپئي تي هڪ روپيو نفعو ڪمائين ٿا، تن کي اسان ڪهڙيءَ طرح اسلام جي نالي ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو استحصال ڪرڻ ڏينداسين.
اسان هيءَ ڳالهه به وساري نٿا سگهون ته سنڌين جڏهن به جداگانه قوم، سياسي آزادي، اقتصادي حقوق ۽ ڪلچرل ترقيءَ لاءِ آواز اٿاريو آهي ته انهن کي اسلام جو دشمن، پاڪستان جو باغي. علائقائي تعصب رکندڙ، انتشار پسند سڏي سخت سزائون ڏنيون ويون آهن. پاڪستان جي قيام کان وٺي مرڪزي حڪومتن تي قبضو مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو رهيو آهي. اخبارن، پيسي، ڪارخانن ۽ واپار تي هنن جي قبضي رهڻ ڪري، سنڌين جي حالت ذري گهٽ ريڊ انڊين جهڙي ٿيندي وڃي.تنهنڪري اهڙي سامراج کان ٻاهر نڪرڻ سنڌي پنهنجو جنم جو حق سمجهن ٿا. هاڻ هو اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جي ڌوڪي هيٺ گمراهه نه ٿي سگهندا.
(4) سنڌ کي پاڪستان کان جدا ٿيڻ بعد نصان پهچندو
مهاجر پنجابي سامراج جا طرفدار ۽ انهن جا سنڌي ايجنٽ اهو دليل به ڏين ٿا ته سنڌو ديش قائم ٿيڻ بعد پنجاب استحصالي مستقل مفاد، انهيءَ جو پاڻي بند ڪري، سنڌ جي زراعت کي سڪائي، سنڌي معيشيت کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
انهيءَ مسئلي تي غور ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد پنجابي حڪومت سنڌ سرڪار سان پاڻيءَ بابت 1945ع ۾ڪيل عهدنامن خلاف نوان بيريج ٻڌي پاڻي کڻي، سنڌ کي اڳيئي گهڻو نقصان پهچايو آهي. پاڪستان جي حڪومت مهاجر پنجابي سامراج جي هٿ ۾ هئڻ ڪري، پنجاب جي ان ڳالهه ۾ هر طرح هي تائيد پئي ڪئي آهي. جنهن کان آزاد ٿيڻ لاءِ ڪروڙها روپيا خرچ ڪري رهيا آهن. هاڻ وڌيڪ پاڻي کڻي نٿا سگهن، جي کڻندا ته اهو وڌيڪ پاڻي سندن تباهيءَ جو باعث بڻيو. البت جنهن سال ندين ۾ گهٽ پاڻي هوندو، ان وقت سنڌ کي ٿورو پاڻي ڏيئي، نقصان ۾ وجهي سگهن ٿا. ليڪن ان حرڪت کان پاڪستان جي موجودگي ڪهڙيءَ طرح پنجاب سرڪار کي روڪي سگهندي! اها ته مورڳو کين ان ناجائز قدم کڻڻ لاءِ ڇوٽ ڏيندي. جنهن سال دريائن ۾ پاڻي گهڻو ٿيندو، ان سال هو ڪنهن به طرح پاڻي روڪي نه سگهندا. نه ته پنجاب سيلاب هيٺ اچي تباهه ٿي ويندو، جهڙو مثال هن سال 1973ع ۾ ٿيو. ڀارت کي پنجاب سرڪار پنجاب ۾ نون بيراجن ٺاهڻ لاءِ پيسن وٺڻ بعد، ٽن ندين جو پاڻي ڏئي ڇڏيو هو. ليڪن پاڻي گهڻي ٿيڻ ڪري ڀارت وارن به زياده پاڻي پاڪستان موڪلي ڇڏيو. جنهن نه صرف پنجاب کي ٻوڙيو، پر سنڌ ۾ ٻوڏون ٿيون. تنهن ڪري پاڻيءَ جو مدار وري گهڻي ۽ ٿوري پاڻيءَ وارن سالن تي رهندو. تفاوت صرف اهو ٿيندو ته پاڪستان جي وجود ڪري، اسان پنجابين جا محتاج ۽ دست نگر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهنداسون، اسان جو ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهندو. پر آزاديءَ جي حالت ۾ برابريءَ جي درجي ڪري، اسان سندن سمنڊ جي رستي واپار جو رستو بند ڪري، ان تي ٽيڪسون وجهي، ڏي وٺ جي اصولن تي کين تنگ ۽ مجبور ڪري، کانئن پنهنجا واجبي سوال مڃائي سگهنداسون. پنجاب چوڌاري زميني گهيري ۾ آهي. سندس هڪ طرف ڀارت، ٻي طرف پختونستان، ٽي صرف بلوچستان ۽ چوٿين طرف سنڌ آهي، ڪيترا اهل پنجاب گذرمعاش لاءِ سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن جو دروازو سندن ملڪ جي غلط روش سبب، اسان وٽ بند ٿي سگهي ٿو.
(5) پاڪستان دنيا جو وڏوملڪ آهي
پنجون دليل سنڌي عوام کي مهاجر پنجابي سامراجي ۽ سندن ايجنٽ، پنهنجي تسلط هيٺ رکڻ لاءِ، اهو ڏين ٿا ته پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت آهي، انهيءَ کي ٽوڙڻ ڪري اسلام کي نقصان پهچندو. اها ڳالهه به سراسر غلط آهي. پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت نه آهي. انڊونيشيا، روس، چين، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ هن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا.
ازانسواءِ اهو به صحيح نه آهي ته پاڪستان جي ٽٽڻ ڪري، اسلام کي نقصان پهچندو. پاڪستاني حڪومتن جو اسلام سان واسطو ڪونه رهيو آهي.اهڙا نعرا حڪمران طبقي سنڌي عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن جهڙوڪ؛ سنڌي قوم ۽ سنڌوديش جي آزادي ترقيءَ ۽ تعمير کان هٽائي، سندن سامراج ۽ استحصال قائم رکڻ لاءِ هنيا ٿي.
پاڪستان جي سرزمين تي ان حڪمران طبقي، جهڙيءَ طرح اسلام جي مٽي پليت ڪئي آهي، ان جو مثال دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ ملي نه سگهندو، اسلامي آئين جي نالي ۾ سنڌين، بينگالين، بلوچن ۽ پختونن جي هزارها سالن جي قومن کي سندن حق خوداراديءَ کان محروم ڪري، اقليت بنايو ويو آهي. اسلامي قانون جي نالي ۾ ماڻهن جي بنيادي حق کسي، جمهوريت کان محروم ڪيو ويو آهي اسلامي ريپبلڪ ملڪ تي نالو رکي، ان ۾ جوا، شرابخوري ،زنا، استحصال ۽ هر قسم جو ظلم جاري رکيو ويو آهي ملڪ جو حاڪم مسلمان هئڻ لازمي ٺهرائي، ان تي اڪثريت حاڪمن جي شرابي، بداخلاق، استحصالي، ڪوڙن بي اصول ماڻهن جي رکي آهي. پاڪستان جون حڪومتون آمريڪا ۽ ان جي حواري سامراجين جو ايجنٽ ٿي رهيون آهن، جن جو عرب ملڪ تي اسرائيل جي مسلط ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان بنجڻ بعد اسلام جي نالي کي غلط طرح جي استعمال ڪرڻ ڪري، اسلام کي وڏو نقصان پهتو آهي. انهي سبب جي ڪري نوجوان طبقو مورڳو مذهب کان منحرف ٿيندو وڃي.
سنڌو ديش جي آزادي، انهن جي سرزمين ۾ پاڻ صحيح اسلامي تعليم رائج ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، ۽ اسلام جي نالي ۾ تشدد جي استعمال، امريڪا سامراج جي غلامي، سامراجي طاقتن سان جنگي عهدنامن جي قيد، سياست ۽ مذهب جي گڏي هلائڻ جي کيڏبازيءَ ۽ ڌارين جي استحصال کان اسان جي جان آزاد ٿي پوندي.
ماڻهو اڳي ئي انهيءَ ظلم ۽ استحصال کان جدا ٿي، بنگلاديش قائم ڪري چڪا آهن. ان جي وجود مان پختون، بلوچ ۽ سنڌي سخت ڏکويل آهن، رات ڏينهن ان جي خاتمي لاءِ خدا جي حضور ۾ ٻاڏائي رهيا آهن.
هاڻي سوال اٿندو ته سنڌوديش ان سامراجي تسلط کان ڪهڙيءَ طرح آزادي حاصل ڪري سگهندو، خصوصاً ان حالت ۾ جڏهن امريڪي سامراج ۽ ان جا طرفدار ملڪ ۽ مڪافي خود مطلب سنڌي، هن جي قائم رکڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ڪندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ان سوال تي غور ڪرڻ کان اڳ، بهتر ائين آهي ته پهرين مهاجر پنجابي سامراجي ڪهڙن حربن سان اسان کي غلام رکيو اچن ٿا، انهن تي ڌيان ڏيون. ٿوري فڪر ڪرڻ بعد پتو پوندو ته اسان تي تسلط قائم رکڻ لاءِ هي هيٺيان چار حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا:
1) مسلم قوم جي نظرئي جو حربو.
2) جمهوريت جي نالي جو حربو.
3) تشدد جو استعمال.
4) سنڌي ايجنٽن جو استعمال.
(1) نظرياتي حربو
ان حربي ذريعي مهاجر پنجابي سامراجي سنڌين ۽ ٻين قوميتن جي ماڻهن جا اسلام، پاڪستان، مسلم قوم، نظام اسلامي وغيره نعرن جي ڌوڪي هيٺ ذهن مسخ ڪري پنهنجي غلاميءَ ۽ زبردستيءَ تي رهڻ لاءِ کين رضامند ڪن ٿا، مهاجر پنجابي سامراجي قوميت جو نظريو انڪار وطن جي بنياد تي، مذهب اسلام جي نالي ۾ سند سان پيش ڪن ٿا. مگر اهو نظريو هرگز اسلامي نه آهي، بلڪ خالص فسطائي نظريو آهي، جنهن کي اسلام جو رنگ ڏيئي، ماڻهن جا ذهن مسخ ڪيا وڃن ٿا.
‘جڏهن کان سنڌي نوجوان حڪمران طبقي جي ان غلط بيانيءَ ۽ فريب ڪاريءَ کان واقف ٿيڻ لڳو آهي ته مهاجر پنجابي سامراج حڪومت جي مشنري جهڙوڪ ريڊيو، ٽيليويزن، اخبارن وغيره معرفت انهن ڌوڪن کي مقبول عام بنائجي زور شور سان ڪوشش شروع ڪئي آهي. موجوده ڀٽي حڪومت جي گيوبلس (مولوي ڪوثر نيازي) جو انهيءَ سلسلي ۾ ملن ۽ مولوين کي منظم ڪرڻ، رهيل هندن سان سنڌ ۾ ظلم ڪرڻ، انهيءَ پاليسيءَ جون ڪڙيون آهن. چئن قومن جي پرچار خلاف آرڊيننس پاس ڪري سزائون ڏيڻ، ان فڪر جي ڪتابي رسالن ۽ اخبارن تي بندش وجهڻ ذريعي پڻ اهي ماڻهو پنهنجا ساڳيا مطلب پورا ڪرڻ گهرن ٿا.
سنڌي قومپرست انهن ڳالهين کان پست همت نٿا ٿين، بلڪ راهبانه صبر سان انهن سمورن گمراهه ڪندڙ نعرن جي ڦندي کان بچڻ لاءِ دليل ڏئي پنهنجي پڙهيل طبقي جا ذهن صاف ڪرڻ گهرن ٿا. کين قوي اميد آهي ته سنڌو ديش قائم ٿيڻ بعد مٿي ذڪر ڪيل پروپيگنڊا کي ختم ڪري سگهندا.
(2) جمهوريت جي نالي ۾ غلط پروپئگنڊا جو استعمال
جمهوريت جديد دنيا ۾ نهايت مقبول ترين نظريو آهي. ان کان ته ڪوبه انڪار ڪري نه سگهندو. پر هتي پاڪستان ۾ جهڙي طرح اسلام جي سهڻي نالي کي بدنام ڪري، ان مان ناجائز فائدو ورتو ويو آهي، اهڙيءَ ساڳيءَ طرح هتي جمهوريت جي نالي جو به غلط استعمال ڪيو ويو آهي. جمهوريت ۽ قوم پرستي لازم ملزوم ڳالهيون آهن. سنڌ سندن جدا قوم جي اصول قبول ڪرائڻ کان اڳ جمهوريت کي ڌوڪو سمجهن ٿا. جمهوريت ۾ شخصي آزادي، انسانن جا بنيادي حق قائم رکڻ بعد مختلف معاملن فيصل ڪرڻ لاءِ اڪثريت جي راءِ مطابق ڪاروبار هلائبو آهي. پر پاڪستان ۾ اهي سڀ ڳالهيون عدم موجود رهيون آهن. هڪ طرف اسلام، پاڪستان، مسلم قوم وغيره جي نالي هيٺ، شخصي راءِ ۽ آزاديءَ جو گلو گهٽيو وڃي ٿو، ته ٻي طرف سنڌين جي جدا قومي وجود کان انڪار ڪيو وڃي ٿو. اسلام جي عقيدن کان متحرف ٿي، ٻئي مذهب اختيار ڪرڻ تي بندش نه آهي، پر مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراجين جي اسلامي تشريح، پاڪستاني سامراجيت ۽ مذهبي قوميت جي نظرين خلاف، راءِ جي اظهار ڪرڻ کي گناهه سمجهي، سزا ڏني وڃي ٿي.
ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هزارن ورهين جي سنڌ ملڪ ۽ قوم کي خود جمهوريت جي نالي ۾ غلام رکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ جدا قوم کي، پنجابي قوم جي دائمي ۽ ڪڏهن به نه بدلجندڙ اڪثريت هيٺ غلام رکي، انهيءَ خلاف اظهار راءِ تي به بندش وڌي وڃي ٿي. اها ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي؟ سنڌي ته اهڙي جمهوريت جو نالو ٻڌي ڏڪي وڃن ٿا. هاڻي سنڌين کي حڪمران طبقي جي هن خودساخته جمهوريت جو پتو پئجي ويو آهي. هيءَ نالو صرف دنيا کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هاٿيءَ جا کائڻ جا ڏند هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا هوندا آهن. هي سامراج فسطائي سياست تي هلن ٿا، ليڪن نالو جمهوريت جو وٺن ٿا.
دنيا ۾ ڪا به ننڍي، ٿوري تعداد واري قوم، دائمي اقليت جو درجو قبول ڪري ڪنهن پاڙي واري هم مذهب يا هم زبان وڏيءَ ۽ گهڻي تعداد واريءَ قوم جي دائمي اڪثريت هيٺ، پنهنجي انفراديت وڃائي غلام بنجي رهڻ پسند نٿي ڪري. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو اسلام، مسلم قوم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هڪ طرف کين مهاجر پنجابي سامراج جي ماتحت رکيو وڃي ۽ هو ان تي راضي ٿي ويهي رهن!
اهڙيءَ جمهوريت کي نه مڃڻ ڪري، قوم پرست ڪارڪنن کي سزائون ڏنيون وڃن ٿيون. خان عبدالغفار خان خان، عبدالصمد خان، شهزاده عبدالڪريم، خير بخش مري، عطاالله خان مينگل ۽ آءٌ سڀ انهيءَ گناهه هيٺ سزائون ڪاٽيندا رهيا آهيون.
تازو 17 جنوري 1974ع تي ڪن نوجوانن منهنجي سالگره گورنمينٽ کان اجازت وٺي ملهائي. ان ۾ حاضر ماڻهو جن ۾ منهنجو فرزند امداد محمد شاهه، سيٺ تيرٿداس ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو هئا، جن ڪا تقرير نه ڪئي ۽ صرف ان مجلس ۾حاضر هئا. انهن کي گرفتار ڪري، 14 ڏينهن لاڪپ ۾ بند ڪري، هٿڪڙيون هڻي، سي ڪلاس ۾ رکي، ڏوهارين جهڙي ماني کارائي ويئي ۽ سزائون ڏنيون ويون. هي انگريزي سامرا ج جا پرورده، فسطائي نظرئي جا حامي، آمريڪن سامراج جا ايجنٽ، جمهوريت جي نالي ۾ ماڻهن کي سزائون ڏيئي تنگ ڪن ٿا. ان مان پتو پئجي سگهي ٿو ته هنن وٽ جمهوريت جي معنى ڪهڙي آهي!
(3) تشدد جي حربي جو استعمال
هن سلسلي ۾ مٿي وضاحت سان بحث ٿي چڪو آهي، ڪهڙيءَ طرح مهاجر پنجابي مستقل مفاد پسندن طبقاتي مفاد خاطر هندستان کي ڀاڱا ڪرائي، پاڪستان ۾ شامل ٿيل رياستن (بينگال، سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان تي انگريزن جي مدد سان سامراج قائم ڪرڻ بعد، لشڪر ۽ پيسي جي زور تي مٿن تسلط ڄمايو). انهن جي قومي وجود کان انڪار ڪندي، انهن جو استحصال ڪري چڪا آهن. ان خلاف جڏهن سنڌين طرفان سندن سياسي آزاديءَ، اقتصادي خوشحاليءَ ۽ ڪلچرل ترقيءَ لاءِ آواز اٿاريو وڃي ٿو، ته ان کي هڪ طرف خودساخته قومي نظرين، ٻئي طرف فسطائي جمهوريت، ٽئي طرف ڏنڊي جي زور تي گهٽيو وڃي ٿو.
انهيءَ لاءِ اسلام جي فسطائي تشريح، بني اميه سامراج جي سنڌ تي فتح جا داستان، محمد بن قاسم کي اسلام جو علمبردار بنائڻ جهاد جي نالي ۾ تشدد جي تعليم ، ڀروارن ملڪن خلاف نفرت جا حربا هڪ طرف استعمال ڪن ٿا، ته ٻئي طرف پنجابي اڪثريت ملٽري طاقت، ڪارن قانون جي ڪتب آڻڻ، قوم پرستن کي جيلن ۾ وجهڻ، مخالفن کي قتل ڪرائڻ جا طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا.
هن وقت سنڌ ۾ ڪي بي غيرت، بزدل ۽ خود مطلب ماڻهو انهيءَ تشدد جي استعمال ڪري دٻجي ويا آهن. پر مونکي يقين آهي سنڌ ۾ باضمير، غيرت مند ۽ باهمت وطن دوست ماڻهو اڃا پيا آهن.
اڃا پڻ آهين، جي سزوار سڱين جا (شاهه)
اهي انهيءَ تشدد جي حربي هيٺ هجي، حق جو آواز ڪڍڻ کان باز نه ايندا. شاعر چوي ٿو ته:
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.
(اياز)
(4) سنڌين کي ويڙهائي ايجنٽ پيدا ڪرڻ:
سامراجين جو قديم زماني کان دستور پئي رهيو آهي، ته محڪوم قومن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، هڪ ڌر کي لالچ ۽ خوف ذريعي پنهنجو ڪري، منجهائن ايجنٽ بنائي، حڪومت ڪندا آهن. روم جي سامراجين ان اصول تي راڄ ڪيو. انگريزن به نقش قدم تي هلندي، برصغير ۾ هندن، مسلمانن، شاهوڪارن، جاگيردارن مان ايجنٽ پيدا ڪري، ملڪ تي حڪومت ڪئي. هنن اهڙن ايجنٽن مان ڪن کي انهيءَ دلاليءَ جي صلي ۾ خانصاحب بهادر، راءِ صاحب، راءِ بهادر ۽ سر جا لقب ڏيئي خوش ڪيو، ته ڪيترن کي جاگيرون، نوڪريون، ۽ واپار جون سهوليتون ڏيئي، منجهائن مستقل مفاد پيدا ڪري، انهن جي مدد سان پئي حڪومت هلائي. اهو سرشتو عارضي طور بيشڪ ڪامياب ٿيو، پر دير تائين هلي نه سگهيو. هن وقت ڪٿي آهن انگريز، ڪٿي آهن سندن ڇاڙتا؟ البت اڄ انگريزن جا پيدا ڪيل هي مهاجر پنجابي مستقل ۾ نئون روپ ڌاري، آمريڪا جا ايجنٽ بنجي، سنڌين کي ويڙهائي ان مان پنهنجا ڇاڙتا پيدا ڪري، حڪومت پيا هلائين.
سنڌ جو عوام ڪجهه سوشلزم جي نالي ۾ ۽ ڪجهه اسلام جي نالي ۾، ڀٽي جي ڪوڙن دلاسن ۽ لالچ تي گمراهه ٿي، مهاجر پنجابي غلاميءَ هيٺ ڇڪجي ويو. پر دوربين نظرون ڏسي رهيون آهن، ته ڪهڙيءَ طرح هي طلسم ٽٽي رهيو آهي. انشاءَالله جلد مهاجر پنجابي سامراج جي نئين ايجنٽ سان گڏ پاڪستان جو پنجوڙ به پرزا پرزا ٿي ويندو. سنڌ جي عوامي شاعر محمد ابراهيم، ‘منشيءَ’ سچ چيو آهي ته:
ڪڏهن چار ڏينهن هت چنيسر به هو،
ڪڏهن چار ڏينهن مير جعفر به هو،
ڪو هت لاڙڪاڻي جو ليڊر به هو،
ڪڏهن سر، ڪڏهن ڪو ڏهيسر به هو،
تون به تن ساڻ تاريخ کي رنگ ڏي،
ڪڏهن قوم تو مان به ويندي ڇٽي،
رات ويندي کٽي، باک ويندي ڦٽي،
تون ڀلي وقت کي واجهه سان ونگ ڏي،
رات ويندي کٽي، باک ويندي ڦٽي!
(منشي)
ايرانين، يونانين، عربن، مغلن ۽ انگريزي سامراجن کان سنڌي قوم پاڻ ڇڏائي، آزاد ٿي ويئي. هي مهاجر پنجابي ڪهڙي شيءَ ٿيندا آهن، جو هن شاندار ماضيءَ واريءَ باغيرت قوم کي گهڻو وقت غلام رکي سگهندا! تاريخ شاهد آهي ته، رومن ايمپائر، تي سامراج ۽ انگريزي سامراج، اڄ ماضيءَ جا نشان وڃي رهيا آهن. هي غلام ابن غلام، ڪٿي ٿا دير تائين سنڌين کي غلام رکي سگهن.
سنڌ سان جنهن سنڌيءَ تازو بيوفائي ڪئي، اهو مسٽر محمدعلي جناح هو. هو جيتوڻيڪ ڄائو نپنو سنڌ ۾ هو، پر گهڻو وقت بمبئي ۾ رهڻ ڪري هن جا تعلقات مسلم اقليت وارن صوبن جي مسلم مستقل مفاد سان منسلڪ ٿي ويا هئا، ان ڪري هن سنڌين جي مفاد ۽ بيوفائي ڪري، اقتدار ۾ طبقاتي مفاد خاطر، جي ڪڌا ڪم ڪيا آهن، ان جو ذآڪر پيش ٿي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيو سنڌي جنهن اقتدار ۾ اچڻ ۽ ان کي قائم رکڻ خاطر، سنڌي مفاد کي نقصان پهچايو آهي، سو مسٽر ذوالفقار علي خان ڀٽو آهي. هن جي دور حڪومت ۾ سنڌ سان جيڪي ظلم ٿيا آهن، انهن جو ذڪر تفصيل سان مٿي پيش ٿي چڪو آهي.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪي ماڻهو حق کي ڇڏي، ناحق جي پوئلڳي اختيار ڪرڻ لڳن ٿا. جهڙيءَ طرح ڪرستانن مان ڪن سندن پيغمبر حضرت عيسى عليہ السلام کي صليب تي چاڙهائڻ واريءَ يهود قوم جي مجرمانه ڪارنامي کي وساري، هن وقت کين عربن مٿان مسلط ڪرڻ لاءِ مدد ڏيڻ شروع ڪئي آهي. جهڙيءَ طرح عربن کي اگرچه رسول اڪرم، جهالت جي اوڙاهه مان ڪڍي، بام عروج تي پهچايو. انهن جي صلي ۾ رسول جي ڏهٽي امام حسين عليہ السلام کي اولاد سميت بيگناهه شهيد ڪري، سندن سر نيزي تي گهمائي ڌڙ تي گهوڙا ڊوڙائي، ظالم ۽ فاسق باسق بادشاهه يزيد کي، ذاتي لالچن ۽ فائدن خاطر اسلام جو خليفو مقرر ڪيو.
اڪثر حق جي آواز اٿاريندڙن کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، ۽ ظالم ظاهري ڪاميابي حاصل ڪندا آهن. ليڪن تاريخ شاهد آهي ته حضرت عيسى جو پيغام ۽ حسين جو آواز، اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. يهودي ٻن هزارن ورهين تائين ان جي سزا ڀوڳيندا رهيا، ۽ يزيد جو نالو نشان ختم ٿي ويو.
اهڙيءَ طرح غداران سنڌ مسٽر جناح ۽ ڀٽي جو نالو هن وقت ننڍي وڏي جي زبان تي آهي. ليڪن مونکي يقين آهي ته جڏهن به سنڌ جو نوجوان بيدار ٿي، سنڌو ديش کي آزاد ڪرائيندو ته اهي به نشتر پارينه ٿي ويندا. سنڌ جو شاعر محمد ابراهيم منشي چوي ٿو ته:
قائداعظم ٻڌوسون ۽ ڏٺم قائد عوام،
ٻيئي قاتل عوام جا، ٻنهي ڪرايو قتل عام،
هن ڪٺو ڪشمير کي ۽ هن ڀريو پورب مان پيٽ،
هي ڀٽي مان ٿيو ڀٽون، هو ڪوٺجي قادو حجام.
هن سلسلي ۾ چند لفظ اهل پنجاب جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ مناسب لڳن ٿا. ان ارادي سان ممڪن آهي ته هو ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺي، تاريخ مان سبق پرائين:
حضرات! اوهان جي واقعي لشڪر ۾ اڪثريت آهي. اوهان سنڌين کان تعداد ۾ زياده آهيون. اوهان تعليم، هنر ۽ پيسي ۾ سنڌين کان وڌيڪ آهيو. اوهان ۾ دنياوي طرح سامراجي قومن وانگر، سنڌ ۽ ٻين قومن تي زوريءَ قبضي رکڻ جي طاقت آهي. پر اوهان کي ادب سان عرض ڪندس ته چوطرف نهاري ڏسو ته هن وقت سامراج حڪومتون دنيا مان غائب ٿينديون وڃن ٿيون.
اوهان خود مطلبيءَ، تشدد ۽ غلط نظرين جي آڌار تي غرور ۾ اچي، هن وقت ننڍين قومن تي قادرآهيو. ليڪن غور ڪري ڏسندا ته اوهان کي دائمي طور ان مان فائدي جي عيوض نقصان پهتو آهي ۽ وڌيڪ پهچڻ جوامڪان آهي. اوهان کي انهن غلط نظرين جي پوئلڳيءَ مان، هن وقت تائين هيٺيان نقصان پهتا آهن:
(1) اهل پنجاب کي تاريخي روايات ۽ سندن درويشن جهڙوڪ شاهه باهو، خواجه فريد، گرونانڪ، بلها شاهه وغيره جي تعليم مان محبت جو پيغام ورثي ۾ مليل هو. جنهن ڪري اتي جا رهاڪو قرآن جي هدايت “لڪم دينکم ولي الدين” يا بقائي باهميءَ جي پوئلڳيءَ ۾ مختلف مذهبن ۽ نسلن جي هوندي، باهمي اتحاد جي نزديڪ اچي پهتا هئا. انگريزي دور حڪومت ۾ پنجاب جا سک، هندو ۽ مسلمان، سول سروس، لشڪر ۽ هنر ۾ برتري حاصل ڪري، قريبا هندستان جي گهڻي حصي تي حاوي ٿي ويا هئا. ليڪن جڏهن کان وٺي هن مسلم اقليت وارن مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت جي پوئلڳي اختيار ڪئي ته مڪاني هندن ۽ سکن سان سندن اختلاف پيدا ٿي پيو. جنهن ڪري پاڻ ۾ وڙهي، پنجاب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، قتل ۽ غارت جو باعث بنيا.
(2) اهل پنجاب کي هزارن ورهين کان سندن پياري زبان پنجابي هئي. جنهن کي اڄ به گهرن ۾ ڳالهائين ٿا. ان ۾ عمدو ادب آهي. انهيءَ زبان ۾ سندن درويشن شاهه باهو، گرونانڪ، بُلا شاهه، خواجه فريد، وارث شاهه وغيره کين محبت ۽ عشق جو پيغام ٻڌايو هو، ۽ پنجابي ادب کي مالا مال ڪيو هو. ليڪن مسلم اقيلت وارن مستقل مفاد مسلمانن جي پوئلڳيءَ ۾ هنن اردو زبان اختيار ڪري، پنهنجن وڏن جي پنجابي زبان کي پوئتي اڇلائي ڇڏيو آهي.
قومن جو وجود سندن زبان جي زنده رهڻ تي رهي ٿو. اهو ڪيتري قدر پاڻ وسارڻ جو درناڪ واقعو آهي، جو پنهنجي قومي زبان تان دستبردار ٿي ويا آهن.
(3) اهل پنجاب ڪيترين مصيبتن ۽ مشڪلاتن مان لنگهڻ بعد مس وڃي سکن جي دور حڪومت ۾ پنهنجي حڪومت حاصل ڪئي. انهيءَ کانپوءِ منجهن قومي بيداري پيدا ٿي. موجوده دور ۾ سندن بهترين مدبرن سر فضل حسين ۽ سر سڪندر حيات خان، انهيءَ جذبي کي تقويت پهچائي، سک، هندو ۽ مسلم اتحاد پيدا ڪري، پنجابي قوم پرستيءَ کي زور وٺايو. اهي ڏينهن ڪهڙا نه سٺا هئا، جڏهن ريڊئي تان “ديان وچ ديش پنجاب دا” جو ترانو ٻڌو هو. ليڪن بدقسمتيءَ سان هنن مسلم اقليت وارن جي پوئلڳيءَ ۾ قوم پرستي ڇڏي، انڪار وطن تي قوميت جي نظرئي ۾ اعتماد رکي، طبقاتي ۽ عارضي نفعي خاطر مڪاني سکن ۽ هندن سان اختلاف پيدا ڪري، پنهنجي قومي شيرازي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، پنهنجو ملڪ ورهائي ڇڏيو. هاڻ به انهيءَ غلط نظرئي قوميت کي چنبڙيا پيا آهن. جنهن کي هن وقت دنيا ۾ ڪٿي به تسليم نٿو ڪيو وڃي.
(4) اهل پنجاب مٿي ذڪر ڪيل مختلف ڳالهين جي وچ ۾ هندستان جي مستقل مفاد مسلمانن جي پيروي ڪرڻ سان سندن قومي انفراديت ختم ڪري ڇڏي آهي. هنن پاڻ مان ليڊر پيدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن. هو ڪڏهن جناح صاحب، ڪڏهن لياقت علي خان، ڪڏهن نشتر صاحب، ڪڏهن خان قيوم، ڪڏهن جنرل محمد ايوب خان ۽ هاڻ ڀٽي صاحب جي پويان هلي، پنهنجي هستي ختم ڪري رهيا آهن.
انهيءَ تي غور ڪري ڏسبو ته هڪ طرف پنجاب ورهائجي ويو، ٻئي طرف کين پنهنجي زبان ڇڏي، ڌارين جي زبان کي اختيار ڪرڻو پيو، ٽئي طرف محبت جو رستو ڇڏي، نفرت جي راهه اختيار ڪئي اٿن. جنهن ڪري اڳي هندن ۽ سکن سان ڦٽايائون. هاڻي بنگالي، سنڌي، بلوچ، ۽ پختون قومن سان سمجهوتو ڪري نه سگهيا آهن.
هي پاڻ سان ته مٿيان ظلم ڪري سگهيا آهن. ٻين مان ڪهڙيءَ طرح توقع رکن ٿا ته سندن پوئلڳيءَ ۾سنڌي، بلوچ ۽ پختون به پنهنجي قومي وجود تان هٿ کڻي، پنهنجي مادري زبان ۽ سڀيتائن کي وساري، نفرت ۽ تشدد تي پلجندڙ خود مطلب ۽ مفادپرست ماڻهن جي ماتحت گڏ گذارڻ پسند ڪندا؟
کين هيءَ ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته سنڌين کي انڪار وطن جي نظرئي، فسطائي سياست ۽ زور زبردستيءَ سان دوست بنائي نه سگهندا. ان معاملي ۾ کين ماضيءَ مان سبق وٺي، ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. شاهه باهو، خواجه فريد، بلا شاهه، گرونانڪ جي پيغام ذريعي پنهنجي پاڙيسري ننڍين قومن تي هو اثر وجهي سگهن ٿا، ته علامه اقبال، مولانا مودودي يا ڪن جنرلن جي ڏنڊي جي وسيلي. مونکي معلوم ڪري افسوس ٿئي ٿو ته اڃا تائين ڪي منجهن اهڙا آهن، جي هيٺين قسم جا خيال ظاهر ڪري رهيا آهن:
(الف) اهل بينگال کي ماتحت رکڻ ۾ انڪري ڪامياب ٿيا، جو هو تعداد ۾ زياده هئا، 15 سو ميل پري هئا ۽ سندن جاگرافيائي حالتون اهڙيون هيون جو کين زوريءَ پاڪستان ۾ گڏ رهي سگهڻ ممڪن نه هو. پر بلوچ تعداد ۾ ٿورا هئا، سنڌي ڪمزور هئا، پختون پيسي تي خريد ٿي سگهيا ٿي، ان ڪري هو زوريءَ باقي رهيل قومن کي، پنهنجي ماتحت رکي سگهندا.
(ب) سندن جوابدار ماڻهن کان هي چوندي ٻڌو ويو آهي ته هاڻ جي سنڌين گوڙ ڪيو ته سنڌ جا جملي ماڻهو ختم ڪري، پنجابي سنڌ ۾ آڻي، آباد ڪرائينداسون. پوءِ سنڌ جي زمين، ڪارخانن، واپار ۽ نوڪرين کي هو پنهنجي ماڻهن کي ورهائي ڏيندا، ۽ بلوچستان سان به اهڙي حالت ڪري، اتي جي کاڻين ۽ واپار تي قابض ٿي ويندا.
هنن کي هيءَ به ڀروسو آهي ته جهڙيءَ طرح ڀٽي کي سنڌ مان، خان قلات ۽ ڄام غلام قادر کي بلوچستان مان، قيوم خان کي سرحد مان خريد ڪري، پنهنجا ايجنٽ پائي سگهيا آهن، اهڙيءَ طرح انهن قومن تي پنهنجي ڏاڍ مڙسي قائم رکڻ لاءِ آئيندي به ڪندا رهندا.
کين ادب سان عرض ڪندس ته اهو فڪر جو طريقو ئي غلط آهي. زور ۽ ٺڳيءَ گهڻي دير تائين قائم رهي نٿي سگهي. غلط نظرين جي آڌار تي ٻين قومن کي گهڻي وقت تائين غلام رکي نٿو سگهجي. کين عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي.
مون کي خبر آهي ته اهل پنجاب کي هيٺين قسم جون مشڪلاتون آهن، جن جا حل ڳولي لهڻا آهن:
(1) پنجاب ۾ ماڻهن جي ڪثرت ۽ زمين جي گهڻائي آهي، تنهن ڪري زوائد آبادگارن جي مشغوليءَ جو انتظام ڪرڻو اٿن.
(2) پنجاب ۾ جنگجو ماڻهن جي ڪثرت آهي، تنهن ڪري فوج وڌائڻ جي ضرورت اٿن.
(3) پنجاب ۾ پيسي جي گهڻائي آهي، ان ڪري ان جي سيڙپ لاءِ ملڪ ۽ موقعا تلاش ڪرڻا اٿن.
(4) پنجابي زبان کي ترقي وٺائي نه سگهيا آهن، تنهن ڪري اردوءَ کي اختيار ڪيو اٿن.
(5) علم ۽ هنر وارن ماڻهن جي ڪثرت اٿن، انهيءَ ڪري سندن روزگار لاءِ انتظام ڪرڻو اٿن.
انهن حالتن هيٺ جڏهن يوپي ۽ ٻين اهل هند جي مهاجرن طرفان کين انڪار وطن جي بنياد تي مسلمانن جي جدا قوم جو نظريو پيش ڪيو وڃي ٿو، ته هو انهيءَ نظريي ذريعي مٿي ذڪر ڪيل مشڪلاتن کي حل ٿيڻ جو امڪان ڏسي. اها پاليسي اخيتار ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن کي هٽلر جي دؤر ۾ جرمنيءَ ۽ مسولينيءَ جي دؤر ۾ اٽليءَ ۾ ۽ توجي جي دؤر ۾ جپان ۾ اختيار ڪيو ويو هو. کين تاريخ تي غور ڪري ڏسڻ گهرجي ته جنهن صورت ۾ اهي طريقا خلاف فطرت هئا، ان ڪري ڪامياب ٿي نه سگهيا. وڏي تباهيءَ ۽ خون خرابيءَ جو باعث بنيا. مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو پئن اسلامزم ۽ خلافت ذريعي آزمائي ڏٺو ويو آهي، جو ناڪامياب ٿيو آهي. هزارن ورهين جي تاريخي قومن، انهن جي زبانن، سندن ڪلچرن ۽ سياسي اقتصادي مفادن کي ختم ڪري نٿو سگهجي.
اهل پنجاب لاءِ هنن حالتن ۾ بهتر رستو اهو آهي، ته پنهنجي وطن پنجاب کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بنائين. اهڙيءَ طرح سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان کي آزاد ٿيڻ ڏين. پنجاب جي آزاد ڪرائڻ بعد پنهنجي زبان، ڪلچر ۽ سياسي اقتصادي مفاد جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪن ۽ ملڪ کي ترقي يافته بنائين. پوءِ بلوچ خوشيءَ سان سندن تعليم يافته ماڻهن کي لشڪر، ڪارخانن ۽ ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهندا.سنڌي خوشيءَ سان سندن بهترين سپاهي پاڻ وٽ رکي سگهندا، جو وٽن انهن جي ڪمي آهي، ۽ گهڻي وقت تائين رهندي. سندن بهترين سائنسدان، عالم ۽ ڊاڪٽر وغيره به سنڌين کي وقت لاءِ کپندا. بهترين هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پڻ سنڌي سندن مدد وٺي سگهن ٿا. تاريخ شاهد آهي ته هزارها ڪٽنب پنجاب کان لڏي، سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا اهن، جي سنڌي زبان اختيار ڪري، لڳ لاڳاپا وڌائي، سنڌين سان هڪ ٿي ويا آهن. اهو سڀ رضاڪارانه طور پئي ٿيو آهي. آئينده سنڌ آزاد ٿيڻ بعد به باهمي سمجهوتي سان ائين ٿي سگهي ٿو. پر اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪوبه باغيرت سنڌي پنجاب سامراجيت هيٺ رهي، سنڌ کي پنجابي مستقل مفاد جي ڪالوني بنائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
اسلام جهڙو عالمگير مذهب دنيا جي مسلمان ملڪن کي 13 سون ورهين جي عرصي اندر هڪ سلطنت ۾ شامل رهڻ لاءِ تيار نه ڪري سگهيو آهي. هاڻي جناح صاحب، ڀٽي صاحب ۽ مودودي صاحب جي معرفت انهن کي هڪ ڪيو وڃي، سو خام خيال آهي. البت هر مسلمان ملڪ جدا آزاد رياست رهي، بقائي باهميءَ جي اصول تي باهمي تعاون ذريعي هڪ اتحاد ۾ ڳنڍجي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح جهڙيءَ طرح عرب ملڪ، يوپين منڊيءَ جا ملڪ، افريڪا جا ملڪ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ هڪ ٻين جي نزديڪ اينداوڃن ٿا.
ليڪن زور زبردستيءَ سان غلط نظرين جي ماتحت، هزارن ورهين جي تاريخ واريون قومون پنهنجو وجود ختم ڪري، اسلام جي نالي ۾ پنجابي سامراج هيٺ رهن، اها ڳالهه محال ۽ جنوني آهي. وطن دشمن استحصال مهاجرن جي نظرين جي پوئلڳي ڪري، پنجابين پنهنجو ملڪ ڀاڱا ڀاڱا ڪرايو، ڀارت سان ٽي جنگيون ڪيون، پنهنجي صوفيائي ڪرام جي محبتي پيغام کي وساريو. انهن ڳالهين مان کين فائدو ڪونه رسيو آهي، بلڪه هر طرف کان هنن پاڻ لاءِ دشمنيون پرايون آهن.
کين گذريل ويجهي وقت جي تاريخ مان سبق پرائڻ گهرجي ته فرينچن جهڙي طاقتور قوم ۽ ملڪ ۾ به الجيريا کي ماتحت رکي نه سگهيو ۽ مجبورن کيس آزاد ڪرڻو پيس. امريڪا پنهنجي سموري طاقت انڊوچائنا ۽ سندس پٽو ويٽنام گروهه کي اقتدار ۾ رکڻ لاءِ صرف ڪئي، پر دنيا ڏسي ورتو ته اها ناڪامياب ٿي. هتي ون يونٽ وارو سندن تجربو سندن اکين اڳيان ناڪامياب ٿيو. اهل بنگال هن پاليسيءَ ڪري، هيتري خون خرابيءَ کان پوءِ جدا ٿي ويو. انهن ڳالهين کانپوءِ هاڻ کين پاڻ ساڳيءَ پاليسيءَ سان سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان کي ماتحت رکڻ جي ڳالهه ڇڏي ڏيڻ گهرجي. پاڪستان نه اڳي ڪڏهن هڪ ملڪ رهيو هو، نه آئيندي ان کي ڪوبه هڪ ملڪي نطام هيٺ گهڻي وقت تائين قائم رکي سگهندو. سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختونستان جون قومون ۽ ملڪ اڳي به هئا ۽ آئيندي به رهندا. انهن کي هڪ ٻئي سان برادارانه لاڳاپي ۾ گڏجي گذارڻ جو واحد علاج آهي، ته انهن قومن کي آزاد ڪري، بقائي باهميءَ جي اصولن تي برٽش ڪامنويلٿ وانگر انڊس طاس ڪامنويلٿ جي نالي سان پاڻ ۾ گڏجي گذارڻ لاءِ تيار ڪجي. انهن جو اهو اتحاد اڳتي هلي ڀارت، بنگلاديش، ايران ۽ افغانستان تائين وڌائي سگهجي ٿو.
پاڪستان جي انهيءَ طرح ٽٽي پوڻ ڪري ڪا مصيبت ڪانه ايندي. سڪندراعظم جي سلطنت ٽٽي پيئي. اشوڪا جو سامراج ختم ٿي ويو. روسي ايمپائر جا باقي وڃي تاريخي نشان رهيا آهن. جرمني، انگلنڊ، روس ۽ فرينچ سامراج ختم ٿي ويا. پوين جي ماتحت عيسائي اتحاد اڄ فقط تاريخ جي ورقن ۾ ملي سگهي ٿو. ترڪ خليفن جي شهنشاهت جو اڄ نالو به نه آهي. پوءِ هيءَ مهاجر پنجابي مستقل مفاد وارو سامراج ٽٽي پيو ته ڪهڙو اُڀ ڏرندو!
پاڪستان جي ٽوڙڻ سان سنڌ، بلوچستان، پختون ملڪن کي هيٺيان فائدا حاصل ٿيڻ وارا آهن:
(1) پاڪستان نفرت، تشدد، ڌوڪي بازي ۽ استحصال جي بنياد تي برپا ڪيل آهي. ان جي ٽٽڻ ڪري ملڪن ۾ محبت، انصاف مساوات ۽ امن جو دور شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
(2) پاڪستان جو وجود برصغير هند جي ٻن هزار ورهين جي تاريخي روايات، تعليم ۽ تربيت جي خلاف آهي. ان جي ٽٽڻ ڪري وري اڳوڻو سلسلو انساني بنيادن تي هتان جي سڀني قومن، مذهبن ۽ نسلن ۾ ڀائپيءَ جو سرجڻ، وڌڻ ۽ پختي ٿيڻ جو شروع ٿيندو. هن وقت اسان کي شاهه باهو، خواجه فريد، گرونانڪ، شاهه لطيف، ڪبير ڀڳت، سچل سرمست وغيره جي تعليم جي ضرورت آهي، ۽ نه اقبال، سر سيد احمد خان ۽ مولانا مودوديءَ جي تعليم جي.
(3) پاڪستان جو قيام سنڌين، پنجابين، بلوچن ۽ پختونن جي هزاره سال قومي وجودن جي خلاف آهي. ان کي زوريءَ قائم رکڻ ڪري، مٿي ذڪر ڪيل قومن ۾ اختلاف وڌندا رهندا. ان کي رضاڪارانه طور ختم ڪرڻ سان منجهن محبت، اتحاد ۽ باهمي تعاون پيدا ٿيندو.
(4) پاڪستان صرف سامراجيت جي آڌار تي قائم آهي. جيئن ته دنيا جا سڀ سامراج ختم ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري بهتر آهي ته ان کي خوشيءَ سان سميٽي، باهمي تعاون سان ايشيائي اتحاد جي سلامتيءَ لاءِ رشيا جي اڳواڻيءَ هيٺ راهه هموار ڪجي.