فصل ٽيون
هن فصل ۾ آئون خاص طرح سنڌ سان پاڪستان جي قيام بعد جيڪي ويل وهايا ويا آهن، تن جو مختصر ذڪر ٻڌائيندس، ته ڪهڙن سببن ڪري اهي سنڌي، جي هڪ وقت ان جي قيام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا، سي ساڳيا ان کي ڊاهي سنڌو ديش قائم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا آهن.
لطيف سائين فرمايو آهي ته:
جو تو مڻيو ڀانئيو، سو اصل ڪوڙو ڪچ.
وري فرمائين ٿا ته:
تو جو ڀانيو هار، سو ٿيو سورن سندو سڳڙو.
بلڪل بعينه اسان کي اها حالت ٿي آهي. اسان جا تن دل داغ ٿي پيا آهن، ڪهڙيءَ جڳهه ملم پٽي ڪري، ان جي ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسون. ڪاش ڪو صاحب دل هجي، جو اسان جي حالت زار جو داستان ٻڌي! هي الفاظ ٻاهرين سامراجين ۽ ان جي ايجنٽ خود مطلب ۽ بيغرت سنڌي سياستدانن لاءِ نه آهن.
(1) سڀ کان وڏو ظلم جو سنڌين سان پاڪستان جي قيام بعد ڪيو ويو آهي، سو سندن هزارها ورهين جي جداگانه قومي وجود کان انڪار جو آهي.
هن وقت مهاجر پنجابي حڪمران طبقو ۽ سندن سنڌي ايجنٽ ائين چئي رهيا آهن ته سنڌي قوم آهي ئي ڪانه ۽ ان جو نالو وٺڻ ۽ اهڙو اظهار ڪرڻ به ڏوهه آهي.
خدا جي مار پوي اهڙي پاڪستان تي، ان جي حڪمران طبقي تي، ۽ ان جي ايجنٽن تي، جي نه صرف سنڌين جي آزادي ختم ڪري، انهن کي غلام رکي، سنڌ جي جملي وسائل ۽ پيداوار تي قابض ٿي راضي نٿا رهن، پر ان جي قومي وجود کان انڪار ڪري انهن کي هڪ خود ساخته نظريي پاڪستان جي نالي ۾ هزارن ورهين جي ورثن، ملڪ، زبان، ڪلچر، قومي روايت، سياسي ۽ اقتصادي مفاد کي وساري، هنن جي ڪفر نما اسلامي تشريح مطابق سندن غلاميءَ هيٺ رضاخوشيءَ سان ماٺ ڪري ويهڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن.
اها ڳالهه محب وطن ۽ سنڌين لاءِ مڃڻ ناممڪن آهي. سنڌ تي تاريخ جي عرصي ۾ ڪيترن ئي ڌارين سامراجن جا حملا ٿيا ۽ قبضا ٿيا، پر ههڙو ظلم ڪنهن ڪونه ڪيو. عرب سامراج سنڌين جي ساري زندگيءَ تي نئين مذهب جي آڌار تي گهڻو اثر ڪيو، انهن سنڌي زبان ۾ ڪيترا لفظ داخل ڪيا ۽ ان جو رسم الخط بدلايو، مڪاني ماڻهن کي ذاتين ۽ نالن بدلائڻ ۾ حرص ڏياريو، ڪيترن سنڌين انهن جي خوش ڪرڻ لاءِ نسل بدلائي، پاڻ کي عربي النسل سڏائڻ تي فخر ڪيو. اهي سڀ ڳالهيون قديم روايات جي خلاف سنڌين الله ۽ رسول جي نالي ۾ قبول ڪيون. ليڪن پهريائين ابن قاسم جي هٿ هيٺ جڏهن کين غلام بنايو ويو ۽ سندن راجائن جن زالون، ڌيئون، ڳوٺاڻن جون هزارها زالون ۽ مرد غلام ڪري بغداد ۽ دمشق جي بازارن ۾ وڪيا ويا، ۽ ان زماني جا 20 ڪروڙ روپيا ڦري ڪري، سنڌي معيشيت کي تباهه ڪيو ويو. ته سنڌي حيرت ۾ پئجي ويا ته ڇا الله ۽ رسول جي متابعت اهو بدلو هو!
اسان مان ڪيترن جا وڏا اتان آيل هئا، جن پنهنجي مذهبي نسلي ۽ ڪلچرل برتريءَ جو غريب ڳوٺاڻن تي سڪو ويهارڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي ٿي سندن دماغ مسخ ڪري ڇڏيا ۽ انهيءَ ساري ڪايا پلٽ تي انهن کي رضامند رهڻ سيکاريو. ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا سڏجڻ ۾ آئي. پر اهو دور گهڻو وقت نه هليو. ٻاهران آيل ماڻهن مڪاني ماڻهن مان شاديون ڪيون. ليڪن اهي مڪاني عورتون اهڙيون غيرتمند هيون، جن سندن اولاد تي عربي نالن جي عيوض سنڌي نالا رکڻ شروع ڪيا. ٻارن کي سنڌي زبان سيکاريائون ۽ شادين غمين جون رسمون رواج ساڳيا رکيائون. جيتوڻيڪ ملن ۽ مولوين انهن دستورن کي ترڪ ڪرڻ لاءِ کين گهڻو سمجهايو، پر هنن انهيءَ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. صرف وڏا ماڻهو انهيءَ مرض جو شڪار ٿيا. سنڌ ۾ مکيه سادات ڪٽنب لڪياري ۽ مٽياري هئا. سيد لڪياري ساداتن جو ڏاڏو سنڌ ۾ عرب کان آيو. ان جي پٽن جا نالا وڳڻ ۽ چڱو رکيا ويا. اهڙيءَ طرح سيدن پنهنجن ٻارن تي پارپيو، بولڻ، نندو، بکر وغيره نالا رکيا. مٽياري ساداتن ميون، جهنڊو، جيو، تورپيو، ڇتن، ناٿن وغيره نالا پنهنجي اولاد تي رکيا. سومرا ۽ سما مسلمان ٿيا، ليڪن اڪثري نالا ساڳيا قائم رکيائون. جيئن ته چنيسر، دودو، ڀونگر، تماچي، پنهون، نندو، ڪرن، آري، ٻاگهي، جيتل، لاڏي، مارئي، سسئي، سهڻي وغيره سندن ٻولي سنڌي رهي. ذاتيون ساڳيون سومرا، سما، مهاڻا، کوسا، چانڊيا وغيره رهيون.
نيٺ مڪاني قبيلن عربن کي نيڪالي ڏئي پنهنجون حڪومتون بحال ڪيون. ان کانپوءِ جيڪي ڌاريا سامراج آيا جهڙوڪ پٺاڻ، مغل، انگريز، تن سنڌين تي سياسي ۽ اقتصادي تسلط قائم ڪرڻ بعد زبان ۽ ڪلچر جا صرف ٿورا اثر ڇڏيا.
ليڪن سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ظلم سنڌين سان هن دور ۾ ٿيو آهي. کين مورڳو قوم بدلائڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. ائين، غلط ۽ خودساخته اسلامي تشريح سان سندن ذهن مسخ ڪري کين هزارن ورهين جي ملڪ ۽ قوم کي بدلائڻ جي تعليم ڏني وڃي ٿي. سندن شهرن گهٽين ۽ رستن تي ڌاريا نالا رکي، سنڌين جي تاريخي يادگارن کي ميساريو وڃي ٿو. سندن هزارن ورهين جي جهونيءَ زبان کي مهاجر پنجابي سامراجي زبان اردوءَ جي دٻالٽ هيٺ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي. سندن سڀني معاشي وسيلن تي پورو پورو تسلط قائم ڪيو ويو آهي. کين رڳو سنڌي سڏائڻ جي اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جي نالي ۾ منع ڪئي وڃي ٿي.
ظاهر ائين پيو ڪيو وڃي ڄڻ پاڪستان پاڪ آهي، سنڌ پليت آهي! اردو اسلامي زبان آهي، ۽ سنڌي ڪفر جي زبان آهي! سنڌي حڪومت ڪرڻ ۽ آزاد رهڻ جا نه لائق آهن ۽ نه حقدار آهن. هي يزيدي لشڪر جا ڪارندا، ابن قاسم جا وارث بنجي، سنڌين تي وري الله ۽ رسول جي نالي ۾ راڄ ڪرڻ جو جواز پيدا ڪري رهيا آهن. هنن اول مذهب جي نالي ۾ سنڌين کي نشو پياري، قائداعظم، پاڪستان، مسلم قوم، اسلامي آئين ۽ نظام اسلاميءَ جا دلاسا ڏيئي، برغلائي، پنهنجو سامراج قائم ڪيو. ليڪن هاڻ سنڌين تان اهي اثر لهندا وڃن ٿا. سنڌي سمجهڻ لڳا آهن ته هنن سامراجين اهي ڳالهيون مٿن سندن راڄ مسلط ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيون هيون. جي سندن غلاميءَ جو ڳٽ هيون ۽ انهن کي لاهي اڇلائي ڇڏڻ سندن فرض نصبي هو.
پر اها ڳالهه پوريءَ طرح تڏهين ڪامياب ٿي سگهندي، جڏهن سڌي پاڻ کي جدا قوم سڏائي، مسلم قوم ۽ پاڪستاني قوم جي ڌڪي جي ديوار ڊاهي ڦٽو ڪندا.
(2) ٻيو ظلم جو سنڌين سان ڪيو ويو آهي، سو اهو آهي ته سنڌو ديش جو هزارن ورهين کان تاريخ جي صفحن ۽ برصغير جي جاگرافيءَ تي علحده حيثيت رکندو آيو آهي، ان کي مٽائي هڪ هٿرادو نالي واري پاڪستان ملڪ جو حصو بنايو وڃي ٿو. سنڌي ان کان انڪار ڪن ٿا. بلڪ پاڪستان جي لفظ کي پنهنجي غلاميءَ جو نشان سمجهي نفرت ڪرڻ لڳن ٿا.
انهيءَ مهاجر پنجابي مستقل مفاد سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪري، سنڌ جو نالو هرهنڌ تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جڏهن ڏٺائون ته اهو ڌوڪو گهڻو وقت جٽاءَ ڪري نه سگهندو، ته ان کي ڊاهي، نالي خاطر سنڌ جو علحده صوبو بنائي، ان کي مضبوط مرڪز جي ماتحت رکي، هڪ بي غيرت ۽ غدار سنڌيءَ کي سندن شو بواءِ بنائي، سنڌ جو استحصال ڪري رهيا آهن. ڄڻ ته سنڌ سندن پيءَ جي ذاتي جاگير هئي. انهن حالتن کي بدلائڻ لاءِ سنڌين گهڻائي حيلا هلايا آهن. مهاجر پنجابي مستقل مفاد کي سمجهائڻ جي ڪوسش ڪئي آهي، پر هو روز بروز چري ويران وير وڌ ۽ صم “بڪم” عمي جي فرمودي مطابق انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي، سنڌين جي غيرت ۽ آزاديءَ کي گهٽي، حڪومت هلائي رهيا آهن. انهن ڳالهين کي مدنظر رکي، هاڻ سنڌي هن راءِ تي پهتا آهن ته پاڪستان واري ڪفر جي قلعي کي مسمار ڪري، ان تي سنڌو ديش جي عمارت تعمير ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونه اٿس ۽ صبح شام پاڪستان تي لعنت جو مينهن وسائيندا رهن ٿا.
(3) ٻاهران آيل مهاجر پنجابي اسلام جي نالي اسان کي ڌوڪو ڏين ٿا. پر ساڳئي وقت سنڌين کي حقارت جي نظر سان ڏسي انهن سان مسلمان ڀاءُ جهڙو نه، پر ڀنگين جهڙو برتاءَ ڪري رهيا آهن. چون ٿا ته:
“سنڌي جاهل هئا، تن کي هنن اچي سڌاريوآهي”
(جنگ اخبار)
“سنڌي غلام هئا، تن کي هن اچي هندن جي چنبي مان آزاد ڪرايو آهي.“ (جنگ اخبارـ
“سنڌين کي اسلام جي معلومات نه هئي، تن کي هنن اچي اسلام سيکاريو آهي.“ (جنگ اخبار)
“سنڌي قوم ئي نه آهن.” (ملا مودودي)
“سنڌين جي تهذيب گڏهن هڪلڻ ۽ اُٺن ڪاهڻ جي هئي.”(لياقت علي خان)
“سنڌي زبان جاهلانه زبان هئي.” (لياقت علي خان)
“هو پاڻ اها برتر، پاڪ ۽ اعلى قوم هئا، جو خود خدا به هنن کان پڇي پوءِ ڪم ڪندو آهي.” (علامه اقبال)
ليڪن هاڻ سنڌين جي باغيرت ڪارڪنن تي ظاهر ٿيندو وڃي ته هي ٻاهران آيل مهاجر پنجابي مستقل مفاد (Vested Intrests) سنڌين جا جاني دشمن، غاصب، ظالم ۽ ڪافر مطلق آهن. انهن کي جيستائين ملڪ نيڪالي نه ڏبي، ان وقت تائين سنڌ سلامت آهي، سنڌي قوم سلامت رهندي.
1) هن سنڌي سياستدانن وڏيرن جي خودمطلبي ۽ باهمي اتفاق جو فائدو وٺي، کين ويڙهائي، صوبائي آٽوناميءَ کي فارس بنائي ڇڏيو آهي. مختصر طور ان جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
پهرين صوبائي چونڊن ۾ مسلم ليگ پارٽيءَ اندر اڪثريت محمد ايوب کهڙي کي حاصل ٿي، ليڪن باوجو ان جي جناح صاحب سنڌ جو وزيراعلى سر غلام حسين کي نامزد ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ سر غلام حسين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري، کهڙي کي سنڌ جو وزيراعلى نامزد ڪيائين ان کان پوءِ کهڙي کي جيل ۾ موڪلي ابن الوقت پير الاهي بخش کي آڻڻ، پير الاهي بخش جي ڪورٽ مان خارج ٿيڻ کان پوءِ يوسف هارون کي آڻڻ، جو اسيمبليءَ جو ميمبر به نه هو، يوسف هارون کانپوءِ قاضي فضل الله کي آڻڻ، ان کي ڪڍي وري کهڙي کي آڻڻ، وري کهڙي مان ناراض ٿي ان کي خارج ڪرائڻ ۽ سنڌ تي هڪ ڪٽر پنجابي دين محمد جو گورنري راڄ مڙهڻ، پوءِ مير غلام علي جي ‘جو حڪم’ خصلت کي پسند ڪري ان کي ميدان ۾ آڻڻ، هن کان ناراض ٿي مرڪي وزير عبدالستار پيرزادي کي وڌيڪ فرمانبردار سمجهي سنڌ جي وزارت جو قلمدان سونپڻ ۽ کيس ٻارهن وزيرن تائين وزيرن ۾ ورهائڻ جو اختيار ڏيئي هن جي وزارت کي مضبوط بنائڻ، اهو سڄو داستان مٿئين فصل ٻئي ۾ بيان ٿي چڪو آهي. هي سڄو ڊرامو آگسٽ 1947ع کان 1955ع تائين فقط هڪ مختصر اٺن سالن جي عرصي ۾ کيڏيو ويو. ترت ئي مهاجر پنجابي سامراجين جي بدبختيءَ سببان سندن ان نئين منظور نظر پيرزادي عبدالستار جي دور وزارت چند اهڙيون ڳالهيون ٿيون جن کان کين سڀني اڳين “جي حضورين” کان وڌيڪ موجود لڳيون مثال طور:
(الف) هن جي وزارت جي وقت ۾ ڪراچي وري صوبي سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جو ٺهراءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيو.
(ب) مرڪزي حڪومت طرفان سنڌين سان نوڪرين، واپار، ڪارخانن وغيره ۾ ماٽيجي ماءَ وارو برتاءَ ورتو ٿي ويو، ان تي سنڌ اسيمبليءَ احتجاج جو ٺهراءَ پاس ڪري سنڌي لاءِ حق گهريا، جا ڳالهه به مرڪزي حڪومت برداشت نه ڪئي.
(ت) سنڌي جدا قوم آهن. ان بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل ٺهراءَ ڪجهه ترميمن سان پاس ٿيو. ان ته مورڳو مهاجر پنجابي سامراج جي گهر ۾ رولو وجهي ڇڏيو.
(ث) سنڌي زبان کي ترقي وٺائڻ لاءِ جو ادبي بورڊ قائم ٿيل هو، ان کي بل ذريعي قانون جي خاص حيثيت ڏيئي، هڪ خاصي رقم حوالي ڪرڻ جي تجويز سنڌ اسيمبليءَ اڳيان پيش ٿي. جا ڳالهه به مهاجرن لاءِ ناقابل برداشت هئي.
(ج) سنڌ جي ثقافت کي زور وٺائڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي سنڌ ڪلچرل مرڪز قائم ڪري، ان لاءِ رقمون منظور ڪيون ويون. جا ڳالهه به حڪمران طبقي جي ناراضگيءَ جو باعث بني.
(ح) سنڌ ۾ ٻن بيراجن گڊو بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج جي تعمير جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪري، انهن جي تڪميل لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي. جيئن ته اهل پنجاب سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ کي ڪتب آڻڻ جو ارادو رکيو ٿي، تن ان ڳالهه کي ناپسند ڪيو. پنجاب طرفان سنڌونديءَ جو پاڻي کڻي وڃڻ ڪري ڊپ هو ته سنڌ جي آباديءَ لاءِ پاڻيءَ جي قلت محسوس ٿئي، ان ڪري سنڌ سرڪار پنهنجي گڏ ڪيل پيسي مان بارش جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ واسطي نئين گاج، نئين سن، نئين بارڻ ۽ ٻين ٿر ۽ ڪوهستان ۾ نئين تي ڊيم (بند) ٻڌائي، آباديءَ جي انتظام ڪرڻ واسطي اسڪيمن تيار ڪرڻ واسطي اسٽاف مقرر ڪيو.
(خ) مرڪزي حڪومت طرفان ملٽريءَ جي آفيسرن ۽ ٻاهرين کي زمينن ڏيڻ لاءِ سنڌ تي زور بار پوڻ لڳو. جنهن لاءِ هن وزارت سنڌي عام راءِ جي مخالفت هئڻ ڪري، ڪجهه پس پيش ڪئي. اها ڳالهه به مرڪزي حڪام کي ناپسند پيئي.
(5) آئين ساز اسيمبليءَ ۾ مهاجر پنجابي سامراجين مرڪز کي گهڻا اختيار ڏئي، صوبن کي کوکلو ڪرڻ جي سازش سٽي هئي، ان جي خلاف پيرزادي بنگالي ميمبرن سان شامل ٿي ووٽ ڏنا، ۽ گورنر جنرل غلام محمد خان، جو پنجابي سامراج جو مدارالمهام هو، ان جي اختياري گهٽائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرائي. ان ويتر ٻرندڙ باهه تي تيل جو ڪم ڏنو.
انهن ڳالهين تي ناراض ٿي، مهاجر پنجابي سامراج، جنهن ۾ هن وقت تائين پنجابي لياقت علي خان جي مرڻ بعد اڳواڻي حاصل ڪري ويا هئا، تن سنڌ جي سموري وسائل کي ڪتب آڻڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي سڀني صوبن کي ملائي ون يونٽ جي تجويز تيار ڪئي، ۽ مسٽر پيرزادي عبدالستار کي چيائون ته صوبي سنڌ کي ختم ڪري، ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ لاءِ رضامندو ڏيکاري. ان تي پيرزادي صاحب سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن سان مشورو ڪيو. جن اهڙيءَ تجويز جي مخالفت ڪئي. جنهن تي پيرزادي صاحب سامراجين جي ون يونٽ ٺاهڻ جي تجويز سان شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو. مرڪزي حاڪمن ڪمال بيشرميءَ جو مظاهرو ڪندي، وري ساڳئي مسٽر کهڙي ۽ ٻن ڪتن وزيرن کان ون يونٽ ٺاهڻ جي مدد جو واعدو وٺي، پيرزادي وزارت کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت جي مدد هئڻ جي باوجود ڊسمس ڪري، کهڙي کي جو ان وقت ڇهن سالن لاءِ پروڊا هيٺ سياست کان خارج ٿيل هو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به نه هو، وزيراعلى نامزد ڪري ون يونٽ ٺهرائڻ لاءِ حالتن جي سازگار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.
کهڙي صاحب وزارت ٺهڻ بعد پاڻ سان پير علي محمد شاهه راشدي، قاضي محمد اڪبر ۽ حاجي مولا بخش سومري کي وزارت ۾ شريڪ ڪيو. هن مهاجر پنجابي سامراج جي حڪم هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪن ميمبرن کي جيل ۾ وڌو، ڪن کي پوليس ۽ ايس. پي. آر جي آڌار تي ڊيڄاري ون يونٽ جو ٺهراءَ سنڌ اسيمبليءَ کان پاس ڪرايو. ڪوٽڙي بيراج تي سنڌ کي ون يونٽ ۾ آڻائيندڙ پنجابي گورنر جنرل غلام محمد جو نالو رکيو.
سنڌ جي خزاني ۾ سنڌ لاءِ تيار ڪيل اسڪيمن واسطي سيڙايل رقم کي ون يونٽ سرڪار جي حوالي ڪيو. سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ وزيرن جي آفيسن جو سامان ون يونٽ سرڪار ڏي موڪليو. پر افسوس جو اها سنڌ سان غداري به کهڙي کي ڪم نه آئي. انهيءَ سامراجي گروهه جن جي چوڻ تي هن اهو کوٽو ڪم ڪيو هو، کيس ڪڍي، ڊاڪٽر خانصاحب کي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ اڪثريت نه هئڻ جي باوجود وزيراعلى نامزد ڪيو. انهيءَ دور ۾ جيڪي سنڌ کي نقصان پهتا، تن جو جابجا ذڪر مٿي ڪيل آهي. ليڪن ڳالهين کي دهرائڻ جو خطرو کڻي به، هتي هڪ هنڌ پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ ان جو ٿورو اختيار پيش ڪجي ٿو:
1) سنڌ جي جدا حيثيت کي ختم ڪري، جملي اقتصادي معاملن سان واسطو رکندڙ کاتا، نون ادارن جي ماتحت آڻي، انهن جي واڳ غير سنڌي عملدارن جي هٿ ۾ ڏيئي، سنڌ جي اقتصادي وسائل جو استحصال شروع ڪيو ويو. واپڊا، پڪڪ، اي. ڊي. سي، پي. آءِ. ڊي سي، وغيره ادارا، انهيءَ سازش جي پيداوار آهن.
2) ون يونٽ سرڪار ۾ سينئر ۽ لائق آفيسرن جي موجود هئڻ جي باوجود، غير سنڌي جونيئر عملدار مکيه جڳهين تي رکيا ويا. جن منظم منصوبي جي ماتحت سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني بنائڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي.
3) انهيءَ دور اندر سنڌ ۾ هر کاتي جا هيڊ غير سنڌي عملدار رکيا ويا، باوجود لائق سنڌي آفيسرن هئڻ جي. انهن ڌارين عملدارن نه صرف سنڌ تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا، پر سنڌي قوم پرستيءَ جي جذبي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سڌي شاگردن کي مارون ڏيارڻ، سنڌي قوم پرست لئٽريچر ضبط ڪرڻ، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ڪٽر مهاجر پنجابي يا بي غيرت سنڌي عملدار رکڻ، انهيءَ ڏس ۾ سندن مکيه ڪم هئا. انهيءَ وقت ضلعي جو ڪليڪٽر يا ايس. پي ڪو ڇٽو سنڌي رکيو ويو.
4) 1945ع ۾ سنڌونديءَ ۽ ان جي مددگار ندين جي پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ سنڌ ۽ پنجاب سرڪارين جي وچ ۾ هڪ عهدنامو ٿيل هو، جنهن مطابق ٻنهي صوبن لاءِ پاڻيءَ جي ڪوٽا مقرر ڪئي ويئي هئي. نون بيراجن يا بندن (ڊيم) کي ٻنهي سرڪارن جي رضامندي کانسواءِ ٽوٽائڻو يا ٻڌڻو نه هو. پر ون يونٽ سرڪار ٺهڻ بعد مهاجر پنجابي سامراج، پاڻ کي ساري الهندي پاڪستان اندر اقتدار ۾ ڏسي، عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪري، پنجاب ۾ نوان بيراج ۽ ڊيم ٻڌائڻ شروع ڪيا. اهڙيءَ طرح ڪيل عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪري، سنڌ کي سندس جائز پاڻيءَ جي حق کان محروم ڪيو ويو.
5) سنڌ سرڪار سنڌ ۾ آبادڪاريءَ کي زور وٺائڻ لاءِ 33 ڪروڙ روپين جي تخميني جون ڪي اسڪيمون تيار ڪيون هيون. ون يونٽ بنجڻ بعد انهن کي رد ڪري، اها سموري رقم پنجاب ۾ خرچ ڪئي ويئي. بلڪ پنجاب جا اڳ ۾ کنيل هڪ سو ڪروڙ روپيا قرض به ون يونٽ جي گڏيل سرڪار کان ڀرايا ويا.
6) ون يونٽ سرڪار ٽن ندين ستلج، راوي ۽ بياس جو پاڻي، جنهن تي سنڌ جو به حق هو، بنا سنڌ جي اجازت جي ۽ اڳوڻي سنڌ جي عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪري، ڀارت جي حوالي ڪيو ۽ ان جي عيوض هڪ هزار ڪروڙ روپيا حاصل ڪري، پنجاب ۾ تونسا بيراج، تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم ٻڌائي، سنڌ کي سندس جائز پاڻيءَ کان محروم ڪري، پنجاب واسطي پاڻي ۽ بجلي حاصل ڪئي.
7) W.P.I.D.C طرفان جملي خرچ ڪيل ٻن سؤ ڪروڙ روپين جي رقم مان، جنهن جو گهڻو حصو سنڌ جي پيداوار ۽ مٽاسٽا مان حاصل ڪيل هو، اڪثر رقم پنجاب ۾ خرچ ڪئي ويئي. سنڌ ۾ ان سڄيءَ رقم مان صرف ڏهه ڪروڙ کن روپيا خرچ ڪيا ويا. ڄڻ ته پاڪستان مهاجر پنجابين جي جاگير هئي. ان جي پيسي کي جهڙيءَ طرح ڪتب آڻين، سو سندن وس ۾ هو.
8) سنڌ جي لکها ايڪڙ زمين گڊو بيراج، سکر بيراج ۽ مکي ڍنڍ جي ايراضين ۾ پنجاب عملدارن جي حوالي ڪئي ويئي. انهيءَ زمين جي سڌارڻ جو خرچ به سرڪار طرفان ڪيو ويو.
9) سنڌ ۾ زمين جي وڪري ۽ ورهاست جي پاليسي اهڙي ٺاهي ويئي، جو ان جي ڪري سنڌ جا لکها ايڪڙ زمين غير سنڌين جي حوالي ۾ اچي ويا ۽ سنڌ باقاعدي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي ڪالوني بنجي ويئي، جنهن جو هو استحصال ڪرڻ لڳا.
10) جيئن ته واپار ۽ انڊسٽرين جون پوسٽون لاهور مان نڪريون ٿي ۽ اتي مهاجر پنجابي عملدار انهن ڪمن جي چارج ۾ هئا. ان ڪري واپار ۽ ڪارخانن لاءِ غير سنڌين جي سرپرستيءَ ڪري سنڌ جي اقتصادي ڪاروبار تي سند تسلط قائم ڪيو ويو.
11) سنڌجي مٿين تعليمي ادارن ۾ اڪثريت غير سنڌي استادن جي مقرر ڪئي ويئي. جن منظم طريقي سان سنڌي زبان، ڪلچر ۽ قوم پرستيءَ جي مخالفت ڪري، سنڌي نوجوان شاگردن کي خودساخته نظرئي پاڪستان سان مهاجر پنجابي سامراج جي غلاميءَ لاءِ مانوس ڪرن واسطي سندن ذهن مسخ ڪرڻ شروع ڪيا.
12) ڪراچي ميونسپالٽي ۽ ٻين مکيه شهرن جي ميونسپالٽين ۾ لياقت علي خان ۽ مرڪزي حڪومتن جي پاليسيءَ ڪري، مهاجرن کي سهوليتون ڏيئي، ڪالونائيز ڪيو ويو هو هاڻ هنن سموري عملي، تعليمي ادارن تي هڪ طرف قبضو ڪيو هو ته ٻئي طرف هو واپار، دڪانن، بينڪن تي قابض ٿي ويا. آهستي ڪري شهرن مان قديم نالا مٽائي، نوان نالا رکي، سنڌجي قديم روايات کي ختم ڪرڻ لڳا.
13) مهاجرن جي همت افزائيءَ ڪري، ڪراچي شهر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي خارج ڪرايو ويو.
14) ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي اها حالت آهي، جو اتي ڏهن ڪلاسن ۽ ٽو عملدارن مان صرف ٻه سنڌي عملدار هئا ۽ هزارها عملي ۾ صرف نالي خاطر سنڌي ملازم هئا. ساڳي حالت حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر وغيره ميونسپالٽين جي ڪئي ويئي آهي.
15) ون يونٽ جي قيام بعد سنڌ جي نالي مٽائڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو ويو، جو حيدرآباد سنڌ اسٽيشن تان سنڌ جو نالو مٽايو ويو. عملدارن کي هدايتون ڪيون ويون، ته جتي سنڌ جو نالو ڪنهن اداري يا بئنڪ سان لاڳو هجي ته ان کي مٽايو وڃي.
16) سنڌي ٻوليءَ سان اهڙو برتاءَ اختيار ڪيو ويو، جو اسٽيشن تان سنڌي ۾لکيل نالا بدلائي، اردوءَ ۾ لکايا ويا. جنهنڪري ڪيترا نالا کل جهڙا ٿي پيا. جهڙوڪ: ‘رڻ پٽياڻيءَ’ کي ‘رن پٺاني’ لکيو ويو. ‘الهڏني ساند‘ کي ‘الاڊينا سانڍ’ لکايو ويو. رستن جي پٿرن تي سنڌيءَ ۾ لکيل نالا بدلائي، اردوءَ ۾ لکايا ويا. اسٽيشنن تي ريلوي جا ٽائيم ٽيبل به بدلائي اردوءَ ۾ لکايا ويا. ووٽرن جون لسٽون جي هميشہ سنڌيءَ ۾ ڇپبيون هيون، سي اردوءَ ۾ ڇپائڻ شروع ڪيون ويون، جنهنڪري ڪيترا سنڌي نالا بدلجي ويا. ڇاڪاڻ ته اردوءَ ۾ 26 اکر هئا ۽ سنڌي ۾ 52 اکر هئا. هڪ اکرن وارا لفظ اردوءَ ۾ لکجي نٿي سگهيا. اشتهار سنڌي اخبارن جي عيوض اردوءَ کي ڏياريا ويا. ريڊئي تان خود سنڌ ۾ سنڌيءَ کي براڊ ڪاسٽنگ پروگرام جي جملي ٽائيم مان 5 سيڪڙو مس ڏنو ويو ٿي. سيلون، گوا، بمبئي، بيڪانير، ڀڄ ۽ دهليءَ تان سنڌيءَ ۾ پروگرام ايندا هئا، پر ملتان، لاهور، راولپنڊيءَ ۽ پشاور تان سنڌي پروگرامن جي منع هئي.
17) سنڌ جي دشمنن کي اهميت ڏيئي، محب وطن سنڌين کي سزائون ڏنيون ويون. سنڌين کي اميد هئي ته آزاديءَ ملڻ بعد اڳين سامراج جي يادگار نشانن کي مٽايو ويندو جهڙوڪ؛ جيڪب آباد، جيمس آباد وغيره. پر مورڳو انهن کي مٽائڻ جي عيوض محلن، تعليمي ادارن، بندرن، رستن، لائبررين، مارڪيٽن وغيره تي سنڌ دشمن ماڻهن جا جهڙوڪ؛ احمد شاهه ابدالي، محمد تغلق، محمود غزنوي، جناح، لياقت علي، محمد بن قاسم وغيره نالا رکي، سنڌين جي سيني تي مڱ ڏريا ويا.
18) سنڌ ۾ مقرر ٿيل ڪن غير سنڌي عملدارن اهو طريقو اختيار ڪيو، جو اردوءَ ۾ لکيل دروخواستن تي غور ڪيو ٿي ويو. سنڌيءَ ۾ لکيل درخواستن کي ردي جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ٿي ويو. حالانڪ انگريزي دور حڪومت ۾ سڀني انگريز عملدارن کي حڪم هو ته هو سنڌي زبان سکي، ماڻهن سان سنڌيءَ ۾ گفتگو ڪن. پر هن نون سامراجي حڪمرانن، سنڌيءَ کي جاهلن جي زبان قرار ڏيئي، ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. اهو طريقو ايتري قدر اختيار ڪيو ويو، جو اردوءَ کي اسلامي زبان سڏي، سنڌيءَ کي ڪافرن جي زبان هئڻ جا طعنا هڻڻ لڳا. موٽرن تان انگريزي يا سنڌي نمبر پليٽون مٽارائي، زوريءَ اردوءَ ۾ لکائڻ شروع ڪيائون. رستن تي غنڊا بيهاري ڇڏيائون، جي موٽرن جون پليٽون لاهي، ان تي اردو نمبرن جون دفتريون لکي، هڻي ڇڏيندا هئا. ٻي صورت ۾ موٽرن جا شيشا ڀڃي ٿي ڇڏيائون. وڏن شهرن ۾ جيڪڏهن ڪي ماڻهو سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندا هئا، ته انهن کي زوريءَ اردو ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. نه ته ٻي حالت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي، گوڙ ڪري، ميٽنگون ڦٽائيندا رهيا.
19) سنڌ سرڪار سنڌي ثقافت کي زور وٺائڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي ڪلچرل سينٽر برپا ڪيو هو. ون يونٽ کان پوءِ ان جي گرانٽ گهٽائي، ان جي بورڊ تي غير همدرد، مهاجرن جا ڇاڙتا ميمبر رکي، ميلن جي موقعن تي ڪوٺايل ڪانفرنس کي نظرئي پاڪستان جي پرچار لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا.
20) سنڌي ادبي بورڊ جي آزاد اداري کي ختم ڪري، سرڪار جي نامزد اداري جي حيثيت ڏيئي،. ان جي گرانٽ گهٽائي، ان تي سرڪاري ڇاڙتا ميمبر نامزد ڪيا ويا، جن ادبي بورڊ جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ڇڏي. ان جي پيسن سان خردبرد ڪئي وئي.قومپرست اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب ڇپڻ بند ڪيا ويا. ادبي بورڊ طرفان رٿيل سمورو پروگرام رد ڪري ڇڏيو ويو.
21) سنڌ جي هر کاتي ۾ مهاجر پنجابي عملدارن اها روش اختيار ڪئي، جو ويندي پٽيوالن تائين غير سنڌين کي نوڪرين ۾ رکي، سنڌين کي نوڪريءَ کان محروم ڪيائون.
22) هر کاتي ۾ جاين، رستن، واهڻ وغيره ڪمن جي تعمير لاءِ مقاطعا غير سنڌين کي ڏنا ٿي ويا.جن کي هڪ طرف اگهه وڌائي ٿي ڏنا ويا ته ٻئي طرف هنن اهڙو ردي ڪم ڪيو ٿي )جو ٿوري وقت کان پوءِ بيڪار ٿي ويو ٿي؛
23) سنڌين کي اهڙو مجبور بنايو ويو هو ، جو اڪثري ننڍي وڏي ڳالهه لاءِ کين لاهور وڃڻو پوندو هو. جنهن ۾ خرچ هڪ طرف ڪرڻو پين، ٻئي طرف سنڌين کي جنهن حقارت سان پنجاب ۾ ڏٺو ٿي ويو، سو صرف هڪ حساس دل سنڌي محسوس ڪري سگهيو ٿي. سنڌ سيڪريٽريٽ جا سوين ڪلارڪ ۽ ٻيو عملو لاهور موڪليو ويو هو. انهن مان گهڻا اتان جو ماحول سازگار نه ڏسندي، گهٽ تنخواهه ۽ جڳهين تي موٽي سنڌ ۾ آيا. ڪيترن نوڪري ڇڏي ڏني. ڪيترا قبل از وقت پينشن وٺي موٽي ويا. ڪيترا ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين اتي رهي، سنڌ جي غدار سياستدانن کي پٽيندا رهيا، جن کي عهدن خاطر پنجابين وٽ گروي ڪري، بي عزتيون برداشت ڪرايون هيون.
آءٌ هڪ ڏينهن پنجاب اسيمبليءَ جي چاڙهيءَ تي بيٺو هوس ته هڪ سنڌي عورت ڳوٺاڻي لباس ۾، مٿي تي هڙ ڪڙن جي ۽ ٻار ڪڇ ۾ کنيون بيٺي هئي. هوءَ ڪو فرياد کڻي آيل هئي. سنڌ ۾ ته ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه رهيو هو. هن کي چيو ويو ته اسيمبلي اجلاس وقت ڪيترا سنڌي ميمبر ۽ وزير اسيمبلي هال جي ٻاهران، ممڪن اهي کيس ملي سگهن. انهن کي پنهنجي درد جو احوال پيش ڪري، هوءَ دادرسي ڪرائي سگهي ٿي. ليڪن پوليس وارن هن کي چاڙهيءَ کان پري روڪي ڇڏيو هو. سنڌ جي بي غيرت وزير ۽ ميمبرن ان وٽ وڃي هن کان احوال نه پڇيو هو. هن جي افسرده شڪل مان ان وقت، مونکي سنڌ ماتا جي مايوس ڪن شڪل نظر آئي ۽ هڪ پراڻي ڳالهه به ياد پيئي، جڏهين اسان پاڪستان بنجڻ کان ڪجهه وقت اڳ تنها مهاجر پنجابي سامراجي سازش جي خلاف سندن مدارالمهام جناح جي مخالفت ڪري رهيا هئاسون، ۽ سنڌ جي ڪاموري، زميندار ۽ پڙهيل طبقي اسان جو آواز نه ٻڌو ۽ غدار سنڌ جناح کي اسلام جو علمبردار بنائي اسان کي هنن شڪست ڏني هئي، ان وقت برادرم علي محمد شاهه راشديءَ مون کي چيو هو، “ميان مرتضى! سنڌ جو اڪثر وڏو ماڻهو بي غيرت ٿي چڪو آهي. ان کي سمجهائڻ لاءِ سندن خوشامد ڪرڻ يا عرضداشت ڪرڻ مان ڪجهه نه ورڻو آهي. سواءِ ان جي ته کين سخت مصيبتن ۾ گرفتار ڪرائي، پنهنجي مضبوطيءَ جو احساس پيدا ڪرايو وڃي.”
آءٌ ان طريقي جي خلاف هوس. هو ان ڪري ڪجهه وقت کانپوءِ مونکان علحده ٿي ويو ۽ ون يونٽ بنائڻ ۾ حصو ورتائين. اڄ مونکي اها ڳالهه ذهن ۾ ويٺي، ۽ راشديءَ جي گذريل مضمون جا هي لفظ پڻ دل تي اتري آيا ته، “سنڌ سان هي جي ويل وهايا وڃن ٿا، سي سڀ مسلمانن جي اتحاد جي نالي ۽ پاڪستان جي حصول جي پويان ڪيا وڃن ٿا. ڄڻ ته اسلام جو حڪم آهي ته ان جي نالي ۾ جماعتون ٺاهي، کين بڇڙائيءَ جو اڏو ڪري ڪتب آڻجي. ان تجويز (پاڪستان) موجب خود اسلام کي چورن جي جاءِ پناهه ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان سٺي شيءَ آهي ته اهو برائيءَ جي ذريعن سان حاصل ٿي نه سگهندو”. “پاڪستان جي تجويز سنڌ جي ڏاگهه چاڙهڻ لاءِ ڪاٺين جو ڍير هئي.....” “پاڪستان، بعد اسان کي پنهنجي ماضيءَ کي وسارڻو پوندو. مستقبل جي ترقيءَ جا سڀ خيال ترڪ ڪرڻا پوندا. پنهنجي قومي وجود کي ختم ڪرڻو پوندو. ڌاريا ماڻهو اوهان تي پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق آئين مڙهيندا، سنڌ جي جملي پيداوار جا ذريعا پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندا. سنڌ پنجاب جي ڪالوني ٿي ويندي.”
انهيءَ زماني ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ فرمايو هو ته، “پاڪستان بچاءَ گهر نه پر قبرستان بنجي پوندو. مسلم بيمار لاءِ پاڪستان جي شفاخاني ۾ بچاءَ جو سامان ميسر ٿي نه سگهندو. اُتي هو شايد آخري ڪلمي پڙهڻ کان سواءِ ختم ٿي وڃن. پاڪستان جي غلط نظرئي ۽ تنظيمي تحريڪ ذريعي قرآن پاڪ جي ڏسيل ساري پروگرام جي انحرافي ٿي رهي آهي.”
انهيءَ وقت انهن سڀني نصيحتن کي ڪنهن نه ٻڌو. انهن مان هڪ ناصح سنڌ جي خواب غفلت کي برداشت نه ڪري وڃي آرام جي ننڊ ستو، ۽ ٻيو ضد ۾ اچي ظالمن کي زور وٺائي، جلد کين ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ لاءِ ميڪاولين طريقا اختيار ڪري رهيو آهي.
آئون هيڪلائي هيل سنڌو ديش جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي نوجوان ساٿين سان ڏونگر جا ڏولاوا جهاڳي رهيو آهيان. ڌاريا ته ڌاريا ئي سنڌ جا مٽ نه هئا، پر پنهنجن به ڏيرن وانگر ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. محمد ابراهيم منشي، سنڌ جي عوامي شاعر جا هي الفاظ اڪثر ڪنن ۾ گونجندا رهن ٿا.
“مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾”.
(24) آخر ۾ 8 آڪٽوبر 1958ع تي انهن سامراجين سنڌ جو روح آزاديءَ کي ڪمزور ڪرڻ خاطر ملڪ سان مارشل لا هيٺ پهريائين اسڪندر ميرزا کي صدر نامزد ڪيائون. پر سگهوئي 20 ڏينهن کان پوءِ ان کي ڪڍي، جنرل ايوب کي ان جي جاءِ تي صدر ڪري، ڪم هلائڻ شروع ڪيائون.
انهيءَ دور ۾ ملڪ مان جيڪي عقوبتون ٿيون، ان جو داستان لنبو اهي. ليڪن مختصر طور انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
چونڊيل اسيمبليون ۽ لوڪل باڊيز جا ادارا ختم ڪري، ان جي جاين تي يونين ڪاميٽيون ٺاهيون ويئون، جي سينيٽري ڪاميٽين وانگر ننڍين ايراضين ۾ معمولي ڪم ڪرڻ لڳيون. ان کان مٿي تعلقي يونينون هيون، جن تي اڌ ميمبر يونين ڪائونسلن جا نمائندا ۽ اڌ ميمبر سرڪاريءَ طرح ٿاڦيل مقرر ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح ضلعي ڪائونسلون ٺاهيون ويئون، جن جا چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر ڪم هلائڻ لڳا. جن تي جملي ميمبر نامزد ٿيل هوندا هئا. انهن ميمبرن ۾ گهڻو حصو سرڪاري ملازمن جو هو. انهن سمورين بنيادي جمهوري ڪائونسلن جو سمورو ڪاروبار، ڪامورن جي معرفت هلايو ٿي ويو، ۽ ضلعن ۾ چند سرڪاري ڇاڙتن کي ورسائڻ خاطر گرانٽن جي ورهاست ٿيندي هئي. جن منظور ڪيل رقم جو گهڻو حصو خرد برد ڪري ٿي ڇڏيو. اهڙي طرح ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ٻاهران حڪومتن کان امداد طور مليل رقمن جو گهڻو حصو سرڪاري ڪامورن ۽ ان جي ڇاڙتن زميندارن جي پاڪيٽ ۾ويو ٿي. ان دور ۾ عوامي طاقت کي ڪمزور ڪيو ويو. عوامي نمائندگيءَ جو نالو نشان گم ڪيو ويو. اهو سڀ ان ڪري هيو ته پاڪستان بنيادي طرح غلط نظرين ۽ ارادن سان قائم ڪرايل هو. جنهن عمارت جو بنياد ڏنگو هوندو آهي، اها ڪيترو به مٿي وڃي، پر سڌي ٿي نه سگهندي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ هڪ خرابيءَ کي ڇپائڻ لاءِ ٻي خراب ڳالهه ڪرڻي پئي ٿي.
مهاجر پنجاب مستقل مفاد سندن استحصال لاءِ پاڪستان قائم ڪرايو هو. ان لاءِ اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جا نعرا هڻي، وقت بوقت ماڻهن کي بيوقوف بنايو پئي ويو. جڏهن اهي طريقا ختم ٿيندا نظر آيا ته ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري، ملٽري ۽ سول سروس سڌو سنواٽو ڪاروبار پنهنجي هٿن ۾ وٺي هلائڻ شروع ڪيو. هنن پنهنجي قبضي کي محڪم بنائڻ لاءِ قوم پرست سياستدانن کي جيل ۾ موڪليو ٻين سياستدانن کي ايبڊو جي قانون هيٺ نااهل بنائي، سياست ۾ حصي وٺڻ کان خارج ڪري ڇڏيو. سنڌ مان مون کي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لعاري، شيخ اياز وغيره کي جيلن ۾ موڪليو ويو. قوم پرست لٽريچر جو پاڪستان کان اڳ يا جناح صاحب جي ڏينهن ۾ ڇپايل هو. ان کي ضبط ڪيو ويو. اخبارن تي پابندي وڏي ويئي. آزاد راءِ جي اظهار جي منع هئي. ڪن اخبارن کي سرڪاري هٿ ۾ کڻي، هرهنڌ اهو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو ويو، ته پاڪستان جا رهاڪو جمهوري طرز حڪومت هلائڻ لاءِ لائق نه هئا. ملٽري عملدار سول سروس، بي عيب، لائق ۽ هر صفت موجود هئا. عدالتي کاتي کي هيسائي، لالچ ڏئي، اهڙو بيڪار بنايو ويو، جو انهن جي معرفت عدل حاصل ڪرڻ جي اميد ختم ٿي ويئي. ماڻهن جا بنيادي حق ختم ڪيا ويا. ملڪ تي پنهنجو تسلط مضبوط ڪرڻ لاءِ اهو مهاجر پنجابي سامراج، سندن نئين شو بواءِ جنرل محمد ايوب خان جي معرفت آرڊيننس ذريعي ڪارا قانون وقت بوقت ڊڪليئر ڪرائي راڄ هلائيندا رهيا.
سنڌ کي شڪار گاهه بنائي، ان ۾ ساليانه شڪارن لاءِ صدر ايوب ۽ ان جا مهمان اچڻ لڳا. انهن شڪارن وقت هزارها پوليس جو عملو حفاظت لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. شڪارن تي زميندار ۽ ڪامورن طرفان ماڻهن کان وصول ڪيل لکين روپين جو خرچ ڪيو ويندو هو جنرل ايوب خان جتي به ويندو هو، زميندارن ۽ ڪامورن معرفت هزارها ماڻهن کي استقبال لاءِ گهرائي، دلي دروازا کڙا ڪري، هن جو آڌارڀاءَ ڪيو ويندو هو. جيئن دنيا کي ڌوڪو ڏنو وڃي ته هي صاحب عوام جو مقبول ليڊر آهي. انهيءَ طريقي سان هڪ شخص کي آڏو ڪري، ان جي معتبر بنائڻ جو دستور وڌو ويو. ان خوشامد جي ڊوڙ ۾ نه صرف زميندار ۽ ڪامورن کي ڪتب آندو ويو ، پر ٻين به ڪونه گهٽايو. سنڌ جي مکيه پيرن، پير صاحب پاڳاري ۽ مخدوم صاحب هالا، انهيءَ خوشامند مقابلي ۾ هڪ ٻين کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جنرل ايوب کي خوب شڪار ڪرايا، دعوتون ڏنيون.
سنڌي عوام ۽ خواص ۾ بزدلي ۽ ڊپ پيدا ڪري، خوشامدڙين جا ڌڻ پيدا ڪيا ويا. جن ضمير وڪڻي، نئين نظام حڪومت سان ها ۾ ها پئي ملائي. انهيءَ ڊوڙ ۾ جن مکيه ماڻهن حصو ورتو، ان مان موجوده وزيراعظم پاڪستان هڪ هو. ان صدر ايوب کي، جنهن پاڪستان جي حڪومت سان حلف وفاداري کڻڻ جي باوجود ان کي ٽوڙي، غاصب ٿي، حڪومت جون واڳون هٿ ۾ کنيون هيون، جمهوريت کي ختم ڪيو ويو هو، پنهنجو ليڊر تسليم ڪري، ان جو وزير ٿي ڪم ڪيو. نه رڳو ايترو پر ان جو طبلچي ٿي، هن هيٺين راين ۾ هرهنڌ اظهار ڪيو:
“صدر ايوب لينن، ابراهام لنڪن، ڪمال اتاترڪ صلاح الدين ايوبيءَ جو ثاني هو.” پاڪستان لاءِ ان جو وجود نعمت عظمى هو”. “شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪڏهن هن وقت حيات هجي ها ته هن کي هار پارائي ها.”
محترمه فاطمه جناح جا صدارتي چونڊ ۾ جمهوري راڄ قائم ڪرڻ جي ارادي سان ايوب خان جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺي هئي ان جي هرهنڌ وڃي مخالفت ڪيائين ۽ منتون ڪري، رشوتون ڏيئي ان ڊڪٽيٽر کي هر حيلي سان طاقت ۾ رکڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين.
انهيءَ دور حڪومت ۾پاڪستاني عوام جي اخلاق ڪيرائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ٿيو. بليڪ مارڪيٽي، سمگلنگ، هورڊنگ، اگهاڙپ جو وڌڻ، رشوتخوري، چوريون ۽ ڌاڙا عام جام ٿي پيا. آئون سمورو وقت جيل يا نظربنديءَ ۾ هوس، ۽ گهڻي غور ۽ فڪر بعد شدت سان محسوس ٿيڻ لڳم ته پاڪستان واقعي مصيبت جو اڏو بنجي چڪو هو. ان جي اصلاح جو اميدون ختم ٿي ويئون هيون. ان کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه چارو ڪونه هو. انهيءَ دور حڪومت ۾ هٽلر جي فسطائي نظرئي جي تتبع تي ملڪ ۾ ڏنڊي جي زور تي حڪومت هلائي، مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج جي استحصال جاري رکڻ لاءِ هڪ طرف ڪم ڪيو ٿي ويو، ته ٻئي طرف ٻين سڀني پارٽين کي ختم ڪري، هڪ مسلم ليگي پارٽيءَ سان جا ايوب خان جي لونڊي ٿي ڪم ڪرڻ لڳي هئي، ڪم هلايو ٿي ويو. ان وقت ساري پاڪستان جي رهاڪن کي سندن هزارها ورهين جي مختلف تاريخي روايات، زبانن، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ۽ ڪلچرن جي باوجود زوري هڪ قوم بنائڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ڪئي ويئي.قومپرست تحريڪن جي ڪارڪنن کي جيلن ۾موڪلي، سندن اخبارون بند ڪري، ڪتاب ضبط ڪري، هرهنڌ اسلام، مسلم قوم ۽ پاڪستان جو نعرو لڳايو ٿي ويو.
پر هنن دل جي اکين کان انڌن کي پتو نه پيو، ته ماڻهن جون دليون مٽيءَ يا ڌاتوءَ وانگر بيجان ڪونه هيون، جو ڪنڀار يا مشين جي قالب ۾ پلٽائڻ جي وسيلي هڪ نموني جي صورت اختيار ڪري وينديون. جي ائين هجي ها ته خدا سائين جدا رنگ، جدا شڪليون، جدا ملڪ ۽ ٻوليون ۽ قومون پيدا نه ڪري ها. انهيءَ بوقلمي رنگارنگيءَ مان سندس صفاتي حسن جو ڪمال ظاهر ٿي رهيو هو. انهيءَ قدرت جي پيدا ٿيل شين کي ڪي ڪم علم ۽ ڪوتاهه نظر زور زبردستيءَ مان هڪ بنائڻ جي ڪوشش ڪن، سا ڳالهه نه رڳو مشڪل هئي پر چريائي هئي.
البت دنيا ۾اهڙا ڪيترا جاهل پيا آهن، جي قدرت جي ڪاروبار کي غلط سمجهي، پنهنجي ڪم علميءَ مطابق هڪ طرفو هلائڻ جو ارادو رکن ٿا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته برادرم مرحوم محمد امين کوسو جڏهن عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو ته ڊاڪٽرمحمد اشرف جي صحبت ۾ ڪڏهن اهڙن خيالن جو اظهار ڪندو هو، جو ڪجهه فرقي پرست پروفيسرن کي پسند نه پيو. ان ڪري هڪ ڏينهن کين عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر مسٽر عبدالحليم گهرائي چيو “کوسا صاحب! ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اوهان غلط خيالن جي پرچار ڪري مسلمان شاگردن تي خراب اثر ويهاري رهيا آهيو.” کوسي صاحب هن کي جواب ڏنو ته، “صاحب! اهو چوڻ صحيح نه آهي. ڀلا هنن ماڻهن کي خدا جو رسول راه راست تي آڻي، متحد ڪري نه سگهيو انهن تي مسڪين کوسي جو ڪهڙو اثر پئجي سگهندو؟”
بلڪل بعينه اها ساڳي حالت مسلمانن جي هئي. ڀلا جتي هزار اولياءَ ڪرام، صوفيائي عظام، علماءِ حق، سندن حياتيون مسلمانن کي درست ۽ متحد ڪرڻ لاءِ صرف ڪيون هيون، پر نه اهي مسلمانن کي همخيال بنائي سگهيا، نه متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. هنن سوها فرقا، ڪيتريون قومون ۽ ملڪ پنهنجي علحده هستي قائم رکي پنهنجي طور طريقي تي زندگي بسر ڪري رهيا هئا، انهن کي ڪهڙي طرح جناح صاحب، لياقت علي خان، ايوب خان ۽ ڀٽو هم خيال ۽ متحد بنائي سگهيا ٿي! اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي، مٿي ذڪر ڪري ليڊرن جي ساري زندگي ٻي ڪهڙي به هجي، پر اسلامي اصول مساوات، اخلاق ۽ صداقت جي صفتن کان خالي هئي.
انهيءَ ساري عرصي ۾ هڪ طرف ماڻهن کي نظرئي پاڪ جي خود ساخته نقطه نگاهه سان متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ٻئي طرف جدا قوميتن ۽ رياست کي هزارها ورهين جي جداگانه قومي زبانن، روايتن، ڪلچرن، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي باوجود هڪ خود ساخته، مصنوع جوڙجڪ پاڪستان ۾ ڪٺو ڪري، پنجابي مستقل مفاد سامراج جي استحصال لاءِ ڪتب آندو ٿي. انهيءَ عرصي ۾ مهاجر پنجابي فوجين، سول ۽ مهاجرن ورسايو ويو. جن عزيزن خويشن ۽ پوئلڳن کي نوازي مالا مال به ايتري قدر ڪيو جو پاڪستان جي ملڪيت جو گهڻو حصو وڃي 23 فيصد ۾ ڪٺو ٿيو. مطلب ته انهيءَ دور ۾ هو اها ڳالهه جنهن سنڌ جي حقن جي گهر يا حب الوطنيءَ جي گفتگو ٿي ڪئي ويئي، سا ڏوهه ٺهرائي، ان کي ڌڪاريو ٿي ويو ۽ سارو وقت نظرئي پاڪستان، اسلام جي مصنوعي تشريح ۽ مسلم قوم جي پرچار سان سڌين جا دماغ گمراهه ڪيا ٿي ويا. ان حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ، آئون جڏهن ٽن مهينن لاءِ نظربندي، کان آزاد ٿيس ته ميلن جي موقعي تي بزم صوفيائي سنڌ جي سهاري هيٺ ڪانفرنسون ڪوٺائي، اتي سنڌ جي محبت، هندو مسلم اتحاد، رواداري ۽ قومپرستيءَ تي تقريرون ۽ شعر پڙهائڻ لڳس، ته مورڳو انهن ڪانفرنسن تي رڪاوٽون وجهي، وري مون کي نظربند ڪيو ويو.
مگر هيءَ ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ جي لائق آهي ته ان سموري معاملي ۾سنڌ جو اڪثر وڏيرو، ڪامورو، واپاري ڊڄي يا خريد ٿي ڌاريي سامراج جو ايجنٽ ٿي، ڪم ڪري رهيو هو. ليڪن خدا جو شڪر آهي، ته باوجود انهن ڳالهين جي سنڌ جو روح آزادي، قوم پرستي ۽ رواداري سلامت رکندو آيو آهي. قوم پرست تحريڪ جا حامي ته ڪيترائي پيدا ٿيا، پر رسالن جو ڇپجڻ، مضمونن جو شايع ٿيڻ مشڪل مسئلو ٿي پيو. سنڌيءَ ۾ اخبارون اڳي ئي ٿوريون هيون، ليڪن جيڪي هيون، انهن جي مالڪن کي ڊيڄاري يا لالچائي، سرڪار پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. نين اخبارن ۽ رسالن جي اجازت ملي نٿي سگهي. ڪيترا ڪتاب ڇپجڻ لاءِ تيار هئا، پر پريس وارن تي اهڙو دٻاءَ ويهاريل هو، جي انهن جي ڇپجڻ لاءِ تيار نه هئا. حالت ايتري ته بگڙي ويئي، جو مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ کي سنڌ جي حقن لاءِ رسالا ڇپائڻ ۽ سنڌ جي تعريف ۾ شعر چوڻ ڪري جيل ۾موڪليو ويو ۽ سندس رسالن ۽ شعر کي ضبط ڪيو ويو. شيخ اياز کي سندس شعرن لاءِ قيد ڪيو ويو. مونکي 9 سالن تائين بنا ڪيس هلائڻ جي جيل ۽ نظربنديءَ ۾ رکيو ويو. سابق گورنر مغربي پاڪستان جنرل موسى هڪ مجلس ۾ تقرير ڪندي ظاهر ڪيو، ته حيدر بخش جتوئيءَ کي جيل ۾موڪلي هن حڪم ڏنو ته ساڻس سختي ڪئي وڃي، جيئن وڃي. ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جو تعريف ۽ شعر لکي، علائقائي تعصب ڦهلائي رهيو هو. ان کانسواءِ ان تقرير ۾ اهو به ظاهر ڪيائين، ته جي. ايم. سيد ون يونٽ جو مخالف هو. ان ڪري کيس وري نظربند ڪيو هئائين ۽ حڪم ڏنو هئائين، ته بيماريءَ وقت علاج لاءِ به وڏي شهر ۾ وڃڻ جي اجازت بند ڪئي وڃيس.
جيل ۽ سختيون سنڌ لاءِ سهي، وري ان لاءِ دانهون ڪرڻ ٺيڪ نظر نه ٿو اچي پر انجو ڪجهه ذڪر پيش ڪيو وڃي ٿو ته پرهندڙن کي خبر پوي، ته هنن مهاجر پنجابي مستقل مفاد اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جي نالي ۾ سنڌ تي تسلط قائم رکي ان جي استحصال لاءِ جيڪي ڪيو ٿي، ان جي خلاف آواز اٿارڻ تي هو ڪيترو خفا ٿي ٿيا ۽ سنڌ جي نالي وٺڻ وارن کان هنن کي ڪيتري نفرت هئي.
اوهان غور ڪري ڏسو ته جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ ڄاوا نپنا هئا، سنڌ جي پنجن هزارن ورهين جي شاندار ماضيءَ جو پتو هون، سنڌ جي ڪلچر،زبان، سياسي ۽ اقتصادي مفاد کي محفوظ رکڻ سان دلچسپي هين، سندن مائٽن جا قبرستان ۽ درگاهون سنڌ ۾ هيون. کين سنڌ جي شاعرن ۽ درويشن سنڌ جي محبت جو سبق سيکاريو هو. کين مائرن کير پيارڻ وقت ۽ ڀينرن شاديءَ جي موقعي تي حب الوطنيءَ جا گيت ڳائي، وطن جي حب سان سرشار ڪيو هو. تن جڏهن ٻاهران آيل ڌارين کي نه صرف سنڌ جي زمين، نوڪرين، دڪانن، ڪارخانن ۽ واپار تي قبضو ڪري، استحصال ڪندي ڏٺو. پران جي تاريخي روايات، ڪلچر ۽ زبان جي مٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي ڏٺو ۽ انهن کي سنڌ جي نالي سان نفرت ڪندي سنڌي کي گڏهن هڪلڻ ۽ اُٺن ڪاهڻ وارا سڏيندي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ گفتگو ڪرڻ وارن کي سزائون ڏيندي ڏٺو، سنڌ جي تعريف ۾ شعر چوڻ وارن کي ريڊيو اسٽيشنن، ٽيلويزن ۽ سرڪاري مجلسن مان نيڪالي ملندي ڏٺو، سنڌي اديبن، ماسترن، پروفيسرن ۽ ڪامورن کي صرف حب الوطنيءَ جي شبھ تي نوڪريءَ مان ڪڍڻ يا دوردراز مفاصلن تي بدلي ڪرڻ يا پروموشن مارڻ جون سزائون ڏيندي ڏٺو ٿي، نه خود مطلب پير، مير، سياستدان ۽ وڏيرا کڻي انهن ڳالهين تي بي هس هئا، پر اسان مان ڪي اهڙا به هئا، جن جي دل ڏکي ٿي.
اسان پهرين چند حاڪمن کي ان لاءِ جوابدار ٺهرائي، انهن جي برخلافي ڪئي. ليڪن هر دور ۾ ساڳي حالت ڏسي، آخر انهيءَ ڪارنامي جي پويان لڪل هٿ کي سڃاڻي ورتوسون، ته ان سموري ڪارگذاريءَ ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراجي ڪارفرما هئا. اهي ان جاءِ تي هجن ئي نه هئا، جيڪڏهن پاڪستان نه بنجي ها. ائين پاڪستان جي گذريل 26 سالن جي ڪارگذاريءَ مان اسان کي پتو پئجي ويو آهي، ته ان جي درست ٿيڻ جو امڪان ئي ڪونه هو. ان جون حالتون ويران وير خراب ٿينديون ويون. جڏهن تجربي مان معلوم ٿيوسين ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد ڪنهن به طرح سنڌ دشمنيءَ ۽ استحصال کان باز نه ايندا، ته اسان جي دل مان پاڪستان جو ٻوٽوڪومائجي، سڪي ۽ سڙي ويو.
حڪمران طبقو سندن طاقت جي غرور ۾ انڌو هو، ۽ صحيح حالتن جو اندازو ڪري نه سگهيو. ان طبقي ٽن طريقن سان سنڌين کي محڪوم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي:
1) طاقت جي ذريعي دٻائڻ سان.
2) لالچ ڏيئي خريد ڪرڻ سان.
3) غلط پرچار ڪري دماغ مسخ ڪرڻ سان.
هنن اها ڳالهه خيال ۾ نه آندي، ته سڀني ماڻهن کي انهن طريقن سان محڪوم رکڻ مشڪل هو.
نيٺ تجربي بعد هنن مجبور ٿي ون يونٽ کي ڊاٺو، ۽ صوبا بحال ڪيا. هاڻ هو هڪ سنڌيءَ کي صدر (وزيراعظم) نامزد ڪري، ان جي معرفت سنڌ تي پنهنجو تسلط قائم رکڻ گهرن ٿا. پر کين خبر هئڻ گهرجي ته جي سنڌ چنيسر، ڄام فيروز، نائونمل، جناح ۽ ڀٽا پيدا ڪيا آهن، ته سنڌ دودي، دريا خان، مخدوم بلاول، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، هيمون ڪالاڻي ۽ جي. ايم. سيد کي به جنم ڏنو آهي. جي ڪيتري به ڏاڍ ۽ لالچ هيٺ ڊڄي يا خريد ٿي، سندن سنڌو ماتا سان دغا ڪري نٿا سگهن.
تاريخ شاهد آهي ته ڪجهه وقت انهيءَ مستقل مفاد جذبات نعرن سان ايوب خان کان پڻ حڪومت ڪرائي، عوام کي بيوقوف بنايو. آخر ڪيترو وقت ماڻهو ڪوڙن نعرن ۽ دلاسن تي برغلائي سگهجن ٿا. نيٺ ماڻهن تان اهو جادو لٿو۽ بي آرامي ٿي. ان تي ايوب خان ماڻهن جو توجهه هٽائڻ لاءِ ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جنگ شروع ڪري، ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي آندو، نيٺ اقوام متحده وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. تاشقند ۾ عهدنامي ٿيڻ بعد ماڻهن کي پتو پيو ته جنگ اجائي ڪرايل هئي، ان مان ملڪ کي ڪوبه فائدو ڪونه پهتو هو. ان تي ايوب خان خلاف ناراضگي پيدا ٿي، جنهن کي وڌندو ڏسي، هن حڪومت جون واڳون پنهنجي هڪ جنرل يحى خان جي حوالي ڪيون. جيئن ته ابتدا کان وٺي، پاڪستان جي حڪومت جي واڳ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي نمائندن سول سروس ۽ ملٽري جنتا جي هٿ ۾ رهندي آئي هئي، ۽ پاڪستان جا جملي حاڪم جناح صاحب کان وٺي ايوب خان تائين، انهيءَ گروهه جا ‘شوبواءِ’ ٿي ڪم ڪري رهيا هئا. ان ڪري حالتن کي مدنظر رکي، ڌڪ ٽارڻ لاءِ ان گروهه يحى خان کي في الحال هيٺين قدمن کڻڻ جي صلاح ڏني:
(i) سياسي نظربند آزاد ڪرايا.
(ii) نين چونڊن جو اعلان ڪري، چونڊون ڪرايون.
(iii) مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ کي ختم ڪري، صوبا بحال ڪيا ويا.
(iv) سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جي مخالفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڀٽي صاحب کي مدد ڏيئي، چونڊن ۾ڪامياب ڪرايو ويو ۽ هتي سنڌ ۾ زميندار، پير ۽ ڪامورن کي گڏي، واحد قوم پرست جماعت سنڌ متحده محاذ کي شڪست ڏياري ويئي.
بهرحال مهاجر پنجابي سامراجين جو هيءَ کليل، ڪن بنيادي صورتن ۾ ٺيڪ بيهي نه سگهيو. اڀرندي بينگال ۾ سمورا ميمبر عوامي ليگ جي معرفت قوم پرستن جا نمائندا چونڊجي آيا. اهڙيءَ حالت ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد کي خدشو پيدا ٿيو ته ممڪن هو ته مرڪزي اختيار سندن هٿن مان نڪري، قوم پرستن جي هٿن ۾ وڃي هليو. جنهن جنهن صورت ۾ ابتدا کان مهاجر پنجابي مستقل مفاد، پاڪستان کي پنهنجي ڪالوني ڪري پئي ڪتب آندو هو، تنهنڪري هنن سندن اقتدار هٿان وڃڻ جو اهو خطرو فورن محسوس ڪيو. بچاءَ ۾ هنن ڀٽي صاحب کي حڪومت جو دلاسو ڏنو ۽ کانئس اهو اعلان ڪرايو، ته جيڪڏهن کيس وزارت ۾ شامل نه ڪيو ويو ته هو بغاوت ڪندو. ڀٽي صاحب جي انهيءَ اعلان سان ئي يحى خان آئين ساز اسيمبليءَ جو سڏايل اجلاس مهمل ڪري ڇڏيو ۽ فوج کي اڀرندي بينگال ۾ موڪلڻ شروع ڪيو. پر ساڳئي وقت هي سياسي کيڏباز يحى خان کي دوڪو ڏياري، اڪثريتي پارٽيءَ جي ليڊر شيخ مجيب الرحمان سان نالي خاطر ڳالهيون هلائيندا آيا. نيٺ جڏهن هنن ڏٺو ته فوج جو چڱو حصو بينگال پهچي ويو هو، تڏهن ساري ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري، بينگال ۾ قتل عام شروع ڪري ڇڏيائون. اتي جيڪي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي نمائنده ملٽريءَ ظلم ڪيا، سي ساريءَ دنيا کي معلوم آهن.
هن جنگ ۾ آخرڪار حق جي فتح ٿي ۽ اهل بينگال کي آزادي نصيب ٿي. هاڻ ايوب خان وانگر ماڻهو يحى خان مان به ناراض ٿي پيا. ان تي ساڳئي سامراجي گروهه يحى خان کي ڪڍي، سندس جاءِ تي ذوالفقار علي خان ڀٽي کي، جيڪو هنن سان سڄي کيل ۾ ڀيچيءَ جي صورت ۾ شريڪ هو، نامزد ڪيو.
ڀٽي صاحب حڪومت وٺڻ بعد مهاجر پنجابي سامراج جي سروس ۾ جيڪي ڪم سرانجام ڪيا آهن، تن مان سنڌ کي هيٺيان نقصان پهتا آهن:
1) جناح صاحب مسلم قوم جي آڌار تي پاڪستان قائم ڪرائڻ جي باوجود، ان نظرئي کي غلط ۽ نقصانڪار سمجهي ختم ڪري ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. ليڪن هن صاحب مورڳو کيس نامزد ڪندڙ مهاجر پنجابي سامراجين کي خوش ڪرڻ خاطر سنڌين جي جداگانه قوم کان انڪاري ٿي، سنڌ جي انفرادي حيثيت ختم ڪري، نظرئي پاڪستان سان وفاداريءَ جو حلف کنيو.
2) هن نظرئي پاڪستان (مسلم قوم) جي بنياد تي نئون آئين ٺاهي، سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني بنائي، سنڌ کي هيٺيان نقصان رسايا آهن:
(الف) انهي، آئين جي آڌار تي سنڌين کي جدا قوم تسليم ڪرڻ جي عيوض، پاڪستان جي متحده قوم ۾ اقليت جي صورت ڏني ويئي آهي.
(ب) جنهن صورت ۾ پاڪستان جو آئين پنجاب جي اڪثريت جي آڌار تي پاس ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌين کي 21 سيڪڙو نمائندگي مليل آهي. ان حالت ۾ آئين پنجابي اڪثريت جي رضامندي کانسواءِ ترميم به نٿو ٿي سگهي، آئين پنجابين جي فائدي ۾ هئڻ ڪري، اهي ڪڏهن به ان ۾ ترميم نه ڪرائيندا.
3) انهيءَ آئين ۾ ٽيڪس وجهڻ جا اختيار مرڪزي حڪومت جي هٿ ۾ آهن. هنن اهڙيون ٽيڪسون وڌيون هيون، جنهن ڪري سنڌ جون 350 ڪروڙ روپين کان مٿي ٽيڪسون، مرڪزي حڪومت جي حوالي ٿي ٿيون. جيئن ته مرڪزي حڪومت دائمي طور انهيءَ آئين جي مطابق مهاجر پنجابي مفاد جي هٿ ۾ اچي چڪي هئي، انڪري سنڌ جي ٽيڪسن جو فائدو به انهيءَ گروهه کي حاصل ٿيو ٿي. سنڌ کي ان مان فائدو نٿي مليو.
4) اهو آئين اهڙيءَ طرح ٺهيل آهي، جو ان جي آڌار تي سنڌ جا ٽيڪس، زمين، ڪارخانا، نوڪريون، غير سنڌين جي حوالي ۾ اچڻ کان روڪجي نه ٿي سگهيون.
5) اليڪشن جي وقت عوامي ليگ طرفان شيخ مجيب الرحمان هڪ منشور تيار ڪيو هو، جنهن ۾ هيٺين نڪتن ۾ اظهار ڪيل آهي.
نڪتو نمبر-1
پاڪستان جو آئين وفاقي طور تي پارليامينٽري قسم جو 1940ع ۾ پاڪستان لاءِ لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان پاس ڪيل ٺهراءَ جي بنيادي اصولن تي ٺاهيو وڃي. جنهن جا نمائندا بالغ راءِ دهيءَ جي بنياد تي چونڊيل هجن ۽ حڪومت جا سمورا اختيار انهن جي هٿن ۾ هجن.
مٿي ذڪر ڪيل نڪتن جي تشريح مختصر طرح هيٺين ريت ٿيندي:
(i) پاڪستان جي حڪومت وفاقي قسم جي هوندي.
(ii) اهو وفاق لاهور واري آل انڊيا مسلم ليگ جي ٺهراءَ موجب آزاد ۽ خودمختيار رياستن تي مشتمل هوندو.
(iii) اها حڪومت انگلستان جي طرز مطابق پارليامينٽري طريقي تي ٺاهي ويندي.
(iv) جنهن ڪري اها حڪومت پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرن جي اڪثريت وٽ جوابدار هوندي.
(v) اسيمبليءَ جا اختيار حڪومت تي حاوي هوندا.
(vi) اسيمبليءَ جي ميمبرن جي چونڊ بالغ راءِ دهيءَ مطابق عام ووٽرن ذريعي سڌيءَ طرح ڪرائي ويندي.
نڪتو نمبر-2
1) وفاقي طرز واري حڪومت ۾ مرڪزي سرڪار کي صرف ٻه کاتا سپرد ڪيا ويندا.
2) بچاءَ کاتو.
3) پرڏيهي معاملات جو کاتو.
نڪتو نمبر-3
ٽيڪس وجهڻ جا اختيار جملي صوبن جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن، مرڪزي حڪومت جي خرچ جي پورائي لاءِ صوبن کان حصو خرچ جو وصول ڪيو وڃي. ان مان هيٺيان فائدا ٿيندا:
1) ٽيڪسن وجهڻ ۽ گڏ ڪرڻ لاءِ جدا جدا کاتا قائم ڪرڻ ڪري جو ڊبل خرچ ٿئي ٿو، انکان بچي پئبو.
2) ٽيڪس هرڪو صوبو پنهنجي سهوليتن ۽ حالتن موافق وجهندو.
3) ڪسٽمس ۽ انڪم ٽيڪس ساري پاڪستان کان وڌيڪ سنڌ يا بينگال مان پيدا ٿئي ٿو. ان کي مرڪز ۾ ٻين صوبن جي فائدي لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڦرلٽ کان بچي پئبو.
جهڙيءَ صورت ۾ فوج ۽ پرڏيهي کاتي جي خرچ، جن ۾ اڪثريت پنجابي يا مهاجرن جي هئي، جو گهڻو حصو بينگال ۽ سنڌ کان ورتو ويو ٿي. انهيءَ ڪري جي ٽيڪسون صوبا پاڻ وجهندا ته انهيءَ جي خرچ جي مد ۾ هو هڪ جيترو حصو خرچ ۾ ڏيندا.
4) ٽيڪسن لڳائڻ جو اختيارصوبن جي حوالي ۾ هئڻ ڪري هڪڙن صوبن کان گهڻي ۽ ٻين کان گهٽ رقم مرڪز لاءِ نه ورتي ويندي.
5) مرڪز جي خرچ ڏيڻ وقت صوبا اها تقاضا ڪري سگهندا ته انهيءَ طرح خرچ مان سندن صوبن جي ماڻهن کي فائدو ڏياريو وڃي.
اها نئين ڳالهه نه هئي 1900ع کان اڳ هندوستان ۾ ٽيڪسن جو اختيار صوبن جي هٿ ۾ رهندو هو، جي مرڪز کي انهن مان حصو ڏيندا هئا. امريڪا ۽ روس ۾ اڃا تائين اهو دستور جاري آهي. مرڪز ۾ٽيڪسن جي هئڻ مان ٻيا هيٺيان نقصان هئا.
(i) مرڪزي حڪومت کي ٽڪيسن وجهڻ جا اختيار ڏيڻ ڪري قوي امڪان هو ته ان جي نالي ۾ مرڪز صوبن جي معاملن دست اندازي ڪري، صوبائي آٽوناميءَ کي فارس بنائي ڇڏيو.
(ii) مرڪز وارا جن ۾ (هاڻ) اڪثريت پنجاب جي آهي، اهڙي قسم جا ٽيڪسون لڳائين ٿا، جن جو اثر هڪڙن صوبن تي گهڻو ۽ ٻين تي گهٽ پوي ٿو.
نڪتو نمبر-4
ان نڪتي مطابق بيروني مٽاسٽا لاءِ هرهڪ صوبي جا کاتا علحده رهندا.
1) ان ڪري هڪڙن جي ٻاهرين ايڪسچينج مان ٻين کي غير واجبي نفعي جو امڪان بند ٿيندو.
2) ان ڪري سنڌ ۾ بينگال جي مٽاسٽا وارو پيسو (جو زياده مقدار ۾ ٿئي ٿو) سندن پنهنجن هٿن ۾ رهندو.
3) مرڪزي حڪومت لاءِ گهربل ايڪسچينج جو پيسو، ان خرچ مان فائدو حاصل ڪندڙ صوبن جي حصي پٽاندڙ ڏنو ويندو، نه ائين جو هڪڙن جو پيسو ٻين صوبن جي نفعي لاءِ خرچ ڪيو وڃي.
4) مڪاني پيدوار بنا مرڪزي اجازت جي ٻاهر موڪلي ناڻو ڪمائي سگهبو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ صوبا پنهنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪري واپار وڌائي سگهندا. انهيءَ آڌار تي پنهنجي ترقي ۽ تعمير لاءِ پرڏيهي قرض پڻ کڻي سگهندا.
هونئن جو مشرقي پاڪستان ۽ سنڌ جي ٻاهرينءَ ايڪسچينج مان گهڻي ڪمائي هوندي به ان رقم جو گهڻو حصو پنجاب ۾ خرچ ڪيو ويو ٿي، ۽ ڪارخانن کولڻ لاءِ جي پرمٽن جا اختيار مرڪزي سرڪار وٽ هئڻ سبب سنڌ ۽ بينگال کي انهيءَ جي فائدن کان محروم رکيو ويو ٿي، تنهن نقصان کان بچي سگهبو.
نڪتو نمبر-5
هن نڪتي موجب هرهڪ صوبي کي اندروني انتظام ۽ بيروني حفاظت لاءِ صوبائي ايشيا رکڻ جو حق ملندو.
ان مان هيٺيان فائدا هئا:
1) بعضي ڌاڙن، مڪاني فسادن، هڙتالن ۽ غنڊاگرديءَ وغيره کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس فورس ڪافي نٿو ٿئي. اهڙيءَ حالت ۾ صوبائي حڪومتون مرڪزي حڪومت کي عرض ڪري فوج جي مدد وٺن ٿيون. فوجي حڪومت کان بالاتر هئڻ ڪري اهڙا طريقا اختيار ڪن ٿا. جي مڪاني حڪومتن ۽ ماڻهن لاءِ نقصانڪار ٿين ٿا.
2) صوبائي مليشيا رکڻ ڪري، ملٽري ملڪ جي اندروني جهڳڙن ۾ ملوث ٿيڻ کان آزاد ٿي، بيروني حفاظت جو ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيئي سگهندي.
3) ڪن صوبن کي مرڪزي فوج ۾ نالي خاطر به نمائندگي نه آهي. شڪايت ڪرڻ تي کين جواب ڏنو وڃي ٿو ته، “اوهان جي علائقن جا ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ پسند نه ٿا ڪن، يا جنگجو اهليت نه ٿا رکن.”
انهن عذرن جا صوبن طرفان جوابي دليل هيٺيان هئا:
(الف) جيئن ته فوج ۾ اڪثريت پنجابين جي هئي. ان ڪري ڀرتي ڪندڙ ۽ ٽريننگ ڏيندڙ عملدارن جي روش ٻين صوبن جي رهاڪن کي فوج داخل ٿيڻ لاءِ منع هئي.
(ب) ڀرتي ڪرڻ لاءِ اهڙا شرط رکيا ويا ٿي، جهڙوڪ؛ قد ۽ بدن جي ڊيگهه ۽ ٿولهه، جنهن جي پورائي سنڌ ۽ بينگال جا رهاڪو نٿي ڪري سگهيا. ان ڪري صوبائي مليشيا رکڻ جي اجازت هئڻ ڪري، صوبا پنهنجي ضرورتن پٽاندڙ پنهنجي شرطن جي پاڻ پورائي ڪري سگهندا.
(4) پاڪستان جي قيام بعد گذريل سالن جي تجربي ثابت ڪيو آهي ته مرڪزي حڪومت تي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو قبضو هئڻ ڪري، گهڻن صوبائي معاملن ۾ رواجي حالتن ۾ به ۽ مارشل لا لڳائڻ سان به مرڪزي سرڪار طرفان دست اندازي پئي ٿي آهي. ان ڪري صوبائي مليشيا مرڪز جي ناجائز دست اندازيءَ کان بچڻ جي ضمانت جو ڪم ڏئي سگهندي.
اسان هتي سنڌ ۾ به اهڙي قسم جي آئين لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. بنگلاديش ۾ عوامي راءِ بيدارهئڻ ڪري، عوامي ليگ وارا سندن قوم پرست اميدوارن کي چونڊائي سگهيا. ليڪن سنڌ ۾ سامراجي گروهه سندن ايجنٽن، پيرن، ملن، زميندارن ۽ ڪامورن کي اسلام، پاڪستان وغيره جي نالي ۾ برغلائي، قوم پرستن کي شڪست ڏياري.انهيءَ سامراجي گروهه بينگال کي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي باوجود حڪومت انهن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري، ملڪ تي سول وار ڪرائي، بينگال کي پاڪستان کان علحده ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو. هنن کي سندن سامراج کان سواءِ ٻي ڳالهه گهربل نه هئي. پاڪستان ٽٽڻ جو فڪر ڪونه هون. جنگ ۾ شڪست ملڻ تي جنرل يحى خان کي انهيءَ گروهه حڪومت مان ڪڍي، وري سندن نئين ايجنٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي حڪومت جون واڳون سپرد ڪيون.
آءٌ سول وارا ٿيڻ کان اڳ مديني شريف ويل هوس.واپس اچڻ بعد ڪجهه به نه ڪرڻ جي باوجود مونکي سن جي شهر ۾ گهر اندر پوليس گارڊ هيٺ نظربند ڪري رکيو ويو. جتي يحى خان جي باقي 8 ماه دور حڪومت جو سمورو عرصو نظربند رهيس. ذوالفقار علي ڀٽي صدر ٿيڻ بعد هڪ مهيني کان پوءِ ٻين سان گڏ مون کي به آزاد ڪيو. پيش لفظ ۾ ڄاڻائي آيو آهيان ته پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي مون پنهنجي تقرير ۾ کيس ڪي صلاحون ڏنيون هيون ان تي ڪاوڙجي هن وري مون کي نظربند ڪيو ۽ اڃا تائين نظربند آهيان.
هن نئين مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي ايجنٽ سندس آفيسرن کي رضامند ڪرڻ لاءِ سنڌ جي غلاميءَ جي زنجيرن کي ريهوڙي پنهنجي پر ۾ ٽٽڻ کان مٿي ڪري ڇڏيو آهي. هو ان سلسلي ۾ نظريه پاڪستان جي بنياد تي پنهنجي ٺاهيل آئين تي فخر ڪري ٿو. پر اهو آئين مهاجر پنجابي سامراج جي فسطائي غلبي جو مختارنامو آهي. پاڪستان جون ننڍيون قومون انهن کي پنهنجي غلاميءَ جو دستور سمجهن ٿيون. سنڌ جي غلاميءَ جون زنجيرون انهيءَ آئين ئي کي ڏيئي مضبوط بنايون آهن. پر اهي ٽٽنديون يا نه ٽٽنديون، ان جو فيصلو ڀٽي جي اختيار ۾ آهي، نه سندس آقائن جي. ان جو فيصلو تاريخ جي هٿن ۾ آهي ۽ تاريخ ئي قومن جي تقدير لکي ٿي ۽ ان جي فيصلي جو اختيار رکي ٿي.
سنڌين لاءِ واقعي هنن حالتن هيٺ ٻه رستا وڃي رهيا آهن. هڪ ته مهاجر پنجابي ۽ ان جي ايجنٽن واري حڪمران طبقي جي غلامي قبولي، ماٺ ڪري زندگي گذارين. يا مخفي جماعتون ٺاهي غلاميءَ کان نڪرڻ لاءِ خوني بغاوت ڪري آزادي حاصل ڪن.
پاڪستان ۾ مذهب بدلائڻ ڏوهه نه آهي. پيغمبر اسلام آخري نبي سڏڻ جي مخالفت ڪرڻ وارن جي هٿن ۾ امريڪن سامراج جي اشاري تي حڪومت جون واڳون سپرد ڪرڻ جرم نه سمجهيو. مهاجر پنجابي سامراج برقرار رکڻ لاءِ آمريڪن سان معاهدا ڪري اسلح حاصل ڪرڻ، مڪاني قومن جي آزاديءَ کي ختم ڪرڻ، ڪتب آڻڻ ڏوهه نه آهي. شراب نوشي، جوا، سمگلنگ، چور بازار، فحش ڪاريءَ کي ڇوٽ ڇڏڻ. بلڪه حڪمران طبقا انهن ڳالهين جا مرتڪب ٿين، ته انهن کي آزادي آهي. سنڌ ۾ ٻاهران لکين ماڻهو گهرائي، انهن کي ڪالونائيز ڪري، کين سنڌ جي زمين، ڪارخانا، نوڪرين، واپار، بئنڪن، زبان تي تسلط ڏيارڻ ۽ سنڌي قوم جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ ۽ سندن تاريخي روايات کي مٽائڻ ڏوهه آهي، بلڪ منظم طور تي ان جي ڇوٽ آهي. مهاجرن کي سندن استحصال جي برقرار رکڻ، جدا صوبي بنائڻ لاءِ پرچار ڪرڻ جي ڇوٽ آهي. قومپرست سنڌي ڪارڪنن کي ملڪ دشمن قرار ڏيئي، نظر بند ڪري، جيلن ۾ وجهي، مارون ڏياري، قتل ڪرائڻ جي اجازت آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي گورنر ۽ وزير قانون جي بيعزتي ڪرڻ وارن تي ڪوبه قدم نٿو کڄي، نه ڪنهن شاگرد کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ٿو وڃي، نه وائيس چانسيلر کي ڪڍيو وڃي ٿو، بلڪ انهن کان ٻاهون ٻڌي معافي ورتي وڃي ٿي، ته ڏوهه نه آهي. بلڪ اهي سڀ ڳالهيون روا آهن. ليڪن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قومپرست شاگردن کي مارون ڏياري، ريسٽيڪيٽ ڪري، جيلن ۾ موڪلي، طرح طرح جا عذاب ڏنا وڃن ٿا. انهن جا ضامن هيٺيون ڪورتون نٿيون کڻن، جي سپريم ڪورٽ کڻي ٿي ته وري کين جدا جدا ڪيسن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو.
مونکي 31 مارچ 1973ع تي حيدرآباد يونيورسٽيءَ ۾ هيٺين ڪم ڪرڻ تي بنا ڪيس هلائڻ جي ڊي. پي. آر هيٺ 14 مهينن تائين نظربند ڪري رکيو ويو آهي ۽ ڀيري ڀيري ان نظربنديءَ جو مدو وڌايو وڃي ٿو.
31 مارچ 1973ع سنڌي شام جي موقعي تي جي ايم سيد جي ڪيل تقرير:
عزيز دوستو! اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر هوندو. ههڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجهه ٻڌجي ۽ ڪجهه چئجي.
مون اوهان کي 4 مارچ 1973ع تي آگاهه ڪيو هو ته سگهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن ممڪن آهي ته اوهان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي. ان لاءِ اوهان کي تيارٿيڻو آهي. صرف صالح لائق ماڻهو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪرن ٿا. جيل ۾ وڃڻ ۽ مارون جهلڻ، سولو ڪم آهي، پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اولو ڪم آهي. ان ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ اوهان کي مخلص ڪارڪنن جو ذهن پيدا ڪرڻو پوندو. جي ڪارڪن سنڌ جي سياسي، سماجي، بنيادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجهي سگهن ۽ پنهنجي ذهن صاف ڪرڻ بعد هم خيال دوستن جو تعداد وڌائين.
اوهان کي هيٺين مسئلن تي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پهچڻو آهي:
1. قومي نظرئي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد
هڪ نظرئي کي قبول ڪرڻو آهي.
آئون غور، فڪر ۽ تجربي بعد هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي سندن سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچر آزاديءَ، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن.
2. سنڌ
برصغير پاڪ ۽ هند ۾ هزارن ورهين کان جدا تاريخي ملڪ رهيو آهي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هرڪو حق آهي.
3. سنڌي زبان
قديم زماني کان سنڌ جي زبان سنڌي رهي آهي. اها پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جهوني ۽ شاهوڪار زبان آهي. ان ڪري ان کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان جو هرڪو حق آهي.
4. ملڪي آئين
آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجهن لاءِ پهرين هن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين هڪ قوم جي بنياد تي ٺاهيو وڃي ٿو، يا چئن قومن جي بنياد تي، پهرئين نظرئي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي، ٻئي اڪثريت واري صوبي جي ڪثرت جا محتاج ٿي پوندا. ٻئي نظرئي مطابق ڪوبه آئين سنڌين جي رضامندي کانسواءِ ٺهي نه سگهندو.
(الف) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو (پنجاب) سندس تعداد، پيسي، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رهندو. جنهن ڪري سنڌ جي پيسي وسيلي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.
(ب) ان نظرئي جي آڌار تي سنڌ جي پيدائش، زمينن، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين صوبن جي رهاڪن جو استحصال رهي سگهندو.
(ت) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي نظرئي پاڪستان، اسلامي آئين، مضبوط مرڪز جي چنبي مان سنڌي نڪري نه سگهندا.
(ث) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جا رهاڪو هن صوبي مان پيسا ڪمائي، ٻاهر کڻي، صوبي جي معيشيت کي نقصان پهچائي سگهندا.
(ج) ان نظرئي جي آڌار تي ٻاهرين مٽاسٽا، واپار، بئنڪن، ريلوي، پوليس، ٽيليگراف، ريڊئي، ٽيليويزن، کاڻين ۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رهندو.
(ح) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌين کي ساري پاڪستان جي آباديءَ جي لحاظ کان نمائندگي ملندي.
(د) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌين کي هن وقت وانگر صرف هڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
(ذ) ان نظرئي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ رهي ڪري صوبائي خودمختياري بيڪار بنجي ويندي.
(ر) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ جي قومي زبان، غير ملڪي اردو زبان ٿيندي.
(ز) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذهب ۽ سياست گڏيل رهندا.
(س) ان نظرئي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رهندي.
(ش) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ رهندي.
(ص) ان نظرئي جي آڌار تي سوشلزم پوريءَ طرح رائج ٿي سگهندي.
(5) سنڌي ڪلچر:
سنڌ کي گذريل چئن هزارن ورهين جي تاريخ آهي. جنهن جي بنياد تي هن پنهنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاهيو آهي. اهي سندن قومي ورثا آهن. انهن کي وساري نون آيل ماڻهن جي ڪلچر ۾ سمائجڻ سنڌين لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.
(6) سامراجي مفاد جو استحصال:
سنڌين کي ان ڳالهه بابت ذهن صاف ڪرڻا آهن ته اهي ڪهڙا مستقل مفاد آهن، جي سندن استحصال ڪن ٿا. ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سياسي آزادي سلب ڪيو ويٺا آهن، سندن اقتصادي ذريعن تي قابض آهن، سندن ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آهن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿن.
(7) قومپرستي ڇاکي چئجي ٿو؟
مٿي چئي آيو آهيان ته اسان سنڌين جي جداگانه قوم کي مڃون ٿا. پر ڏسڻو آهي ته سنڌي قومپرستيءَ جا بنيادي متا ڪهڙا آهن؟ منهنجي نظر ۾ اهي هيٺيان ٿي سگهن ٿا:
(الف) سنڌ جي جدا ملڪ ۾ ويساهه رکڻ.
(ب) پاڪستان هڪ ملڪ نه آهي، بلڪه چئن جدا ملڪن جو مجموعو آهي، ان ۾ اعتماد رکڻ.
(ت) سنڌي وطن، زبان، ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن.
(ث) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
(ج) سنڌي قومپرستيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان اسلامي نظام حڪومت، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آهن.
(8) سيڪيولر نظام حڪومت:
ساريءَ دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنيادن تي ٻڌل آهي، پر هتي پاڪستان ۾ هڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ اچاري رهيا آهن. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذهب جي نالي ۾ ملا جي اٿارٽيءَ هيٺ حڪومت هلائڻ آهي. جي ملا گهڻي قدر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.
(9) صحيح جمهوريت ڇا آهي؟
صحيح جمهوريت ۾ هيٺين ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي.
(الف) ان ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪثريت، قابليت، تشدد، پيسي ۽ هنر جي آڌار تي تسلط قائم نه رهندو.
(ب) جنهن ۾ هڪ گروهه يا طبقو ٻئي گروهه يا طبقي جو اقتصادي استحصال ڪري سگهي، ۽ ملڪ جي جملي ماڻهن کي هڪ جهڙا حق ۽ موقعا حاصل هجن.
(ت) جنهن ۾ شاهوڪار، ڪارخانيدار، ملا ۽ پير کي سياست ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ تي بندش جي.
(10) سوشلزم ڇا آهي؟
ان جو مقصد ملڪ جي جملي پيداواري ذريعن، ورهاست ۽ پيسي تي عوامي حڪومت جو تسلط هئڻ آهي. جا ان تسلط کي ماڻهن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندي. ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا بند ڪيل هوندا آهن. ان جو بنياد زماني جي حقيقتن ۽ عقل جي آڌار تي ٿئي ٿو. مذهبن ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي بچاءَ ڏنل آهي، جنهن ڪري سوشلسٽ معاشري جي حصي ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. اسلامي سوشلزم ٿيندو ئي نه آهي.
(11) اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت
ملڪ جو آئين معاشري جي حالتن جي آڌار تي هلايو وڃي ٿو. تنهن ڪري اسلامي آئين يا اسلامي نطام حڪومت ٿينديون ڪونه آهن. جيڪي ماڻهو اهڙي گفتگو ڪن ٿا، سي يا ته ڏوهي آهن، يا ته بيوقوف آهن.
(12) سنڌو ديش جي معنى ڇا آهي؟
سنڌو ديش جي معنى سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ ايراضي آهي. ان ملڪ هزارن ورهين کان پنهنجي علحده حيثيت رکي آهي. سنڌ ۽ سنڌو ديش ۾تفاوت هي آهي ته سنڌ ۾ انڊس ويليءَ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو، سنڌوديش ۾ صرف موهن واري سنڌ جي ايراضي آهي. جيئن بينگال جي معنى اڀرندو ۽ الهندو بينگال آهي، ۽ بنگلاديش جي معنيٰ صرف بينگال جي معنيٰ صرف اڀرندي بينگال وارو آزاد حصو آهي. سنڌوديش نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد ان خطه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ٿئي ٿي، جا هن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آهي.
(13) سنڌي قوم جي تڪميل:
اها حقيقت آهي ته سنڌ جا رهواسي علحده قوم سڏائڻ جا حقدار آهن. پر ان ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته هڪ باغيرت ۽ يڪجهت قوم بنجڻ لاءِ جنهن قومي عصبيت جي ضرروت رهي ٿي، سا اڃا سنڌ جا رهاڪو پوريءَ طرح پيدا ڪري نه سگهيا آهن، ان جي راهه ۾ رڪاوٽون آهن، تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. مثلاً: پير، وڏيرو ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثر ڪري ان ۾ رڪاوٽون آهن.
(14) پاڪستان ۽ سنڌ:
سنڌ پاڪستان کان سواءِ رهي سگهي ٿي، پر پاڪستان جو ان کانسواءِ قائم رهڻ مشڪل آهي. پاڪستان جي قيام جو مدار اُن طبقي جي سنڌ سان برتاءَ تي آهي. جيڪڏهن سندن موجوده آئين ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۾ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪبو يا سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا، ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگهندي.
(15) پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون:
پاڪستان ۾ موجوده سياسي پارٽيون سواءِ “جيئي سنڌ” ۽ “خدائي خدمتگار” جي سڀ آل پاڪستان جماعتون آهن. اهي بنيادي نظرئي پاڪستان جي آڌار تي ٺهيل آهن. جنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آهي. انهن ۾ سنڌي قوميت جو داخل ٿيڻ، سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ برابر آهي.
(16) حڪومتن جي پاليسي:
سنڌين کي هر حڪومت جي پاليسي پرکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون ڪري، ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منهنجي نظر ۾ هيٺيون ڪسوٽيون آهن، جن جي آڌار تي اوهان حڪومتن جي پاليسيءَ بابت ظاهر ڪري سگهو ٿا:
1) نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت، سنڌين کي ڪڏهين به فائدو پهچائي نه سگهندي.
2) مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌ جي دشمن ٿيندي.
3) اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ۾ مڃيندڙ سرڪار سنڌ لاءِ هاڃيڪار ٿيندي.
4) اصولن جي هلڻ جي بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيح ڏيندڙ حاڪم سنڌ جا خيرخواهه ٿي نٿا سگهن.
5) سنڌين جي جداگانه قوم ۽ سنڌو ديش جي آزاديءَ جي اصولن کان انڪار ڪندڙ حڪومت، سنڌ دشمن شمار ڪري سگهجي ٿي.
(17) سنڌين لاءِ مفيد خارجيه پاليسي:
ٻاهرين ملڪن مان امريڪا اسرائيل تان بار جهڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙهائڻ گهري ٿي. امريڪا هٿيارن جي نيڪال لاءِ جنگجوبانه پاليسيءَ جي حامي آهي. امريڪا روس جي دشمنيءَ خاطر پاڪستان جي مهاجر پنجابي مستقل مفاد تسلط قائم رکڻ جي حامي آهي. چين، ڀارت جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ، ڀارت دشمني اختيار ڪئي آهي. انهيءَ ڪري پاڪستان جي معاملي ۾ هو امريڪا جي پوئلڳيءَ ۾ هلي ٿو. تنهنڪري سنڌين لاءِ ڪنهن به حڪومت جي امريڪا ۽ چين سان دوستي، سنڌي حقوق لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ڀارت، روس، افغانستان، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌي مفاد وٽان آهي.
(18) پئن اسلامز:
هيءَ نظريو فرسودو ۽ بيڪار بنجي چڪو آهي. آئيندي مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنيادن تي پيدا ڪرڻ گهرجن. انهيءَ نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سان، اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج ۽ انهن جي مددگار آمريڪا ۽ چين سامراجين جي سازشن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو.
(19) سياسي اخلاق:
سياست ۾ جهڙيءَ طرح اصول مقرر ضروري آهن، اهڙيءَ طرح انهن اصولن تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. جي ماڻهو شخصي اخلاق برقرار رکي نٿا سگهن، انهن کان اصولي يا سياسي اميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي گيرڻي پاليسي عارضي طور انهن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگهي ٿي. ليڪن اهڙي پاليسي قومن ۽ ملڪن جي ديرپا مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.
(20) ذهني قابليت ۽ صلاحيت:
ڪي به افراد، گروهه يا قومون حڪومت هلائڻ جون اهل ٿي سگهنديون، جيڪڏهن انهن ۾ ذهني صلاحيت پيدا نه ٿي آهي. انهيءَ کان سواءِ حاصل اقتدار پاڻيءَ جي ڦوٽي جي مثل آهي. جو هوا جي جهوٽي سان ختم ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جا وارث ٿيڻ گهرو ٿا، ته سياسي اخلاق ۽ ذهني صلاحيت جا حامل ٿيو.
(21) سياستدانن جا قسم:
هڪڙا پرئڪٽيڪل پاليٽيشن آهن، جي سياست عمليءَ ۾ اعتماد رکندي، عارضي ڪاميابي يا اقتدار جي حصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا. ٻيا آئڊيلسٽ سياستدان آهن، جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي مفاد لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري، ان مطابق هلن ٿا ۽ ٻين کي ان تي هلڻ جي ترغيب ڏين ٿا. انهن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام بي معنى شيون آهن.
اهي ۽ ٻيا سوال آهن، جن بابت اوهان کي ذهن صاف ڪرڻا پوندا. بجاءِ ان جي جو اوهان ٻاهر نڪري حڪومت جي پاليسيءَ يا ڪن پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو. بهتر ائين آهي ته شاگرد برادريءَ جي ذهنن صاف ڪرڻ واسطي، سندن تعليم ۽ ترغيب لاءِ وقت صرف ڪيو. اوهان کي دعوت ڏجي ٿي ته 12 شاگردن جا گروپ هفتي کن لاءِ موڪل وٺي، ملڪي مسئلن، سياسي نظرين ۽ اخلاقي ڳالهين جي وچ ۾ تميز حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سن ۾ اچي، ڪچهري ڪري، تربيت حاصل ڪريو. (تقرير پوري ٿي.)
جمهوري طرزِحڪومت ۾ جماعت سازي ۽ آزاد راءِ جو اظهار عوام جو بنيادي حق ٿئي ٿو. ايتري قدر جو ماڻهو مذهب بدلائي، ته ان کي به منع نه هجي. ليڪن هتي پاڪستان ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد اها حالت بنائي آهي، جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا تشدد جي صرف پنهنجي آزادانه راءِ جو اظهار ڪري ٿو، جا پاڪستان جي حڪمران طبقي جي راءِ جي مخالف آهي، ته ان کي نه صرف روڪيو وڃي ٿو، پر سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
انهيءَ ڪري مون کي اڄ تائين صرف اظهار راءِ جي ڪري نظربند رکيو ويو آهي. ڀٽو صاحب سنڌي هئڻ جي باوجود، ايتري طاقت نٿو ساري سگهي ته مون کي آزاد ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته سندس اقتدار مهاجر پنجابي سامراج جي آڌار تي قائم آهي.
ڀٽي صاحب پاس ڪرايل آئين جي آڌار تي ٻاهرين ناڻي جي مٽاسٽا ۽ سنڌ طرفان ڪمايل پيسي، سنڌ مان شين جي واپار، سنڌ ۾ ڪمايل پيسي جي سيڙائپ لاءِ بئنڪن، سنڌ اندر ريلوي، پوسٽ، ٽيليگراف، ريڊئي ۽ ٽيليويزن، سنڌ اندر کاڻين ۽ اقتصادي ادارن کي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪري، انهيءَ مان حاصل ٿيندڙ فائدن کان سنڌ کي محروم رکيو آهي.
انهيءَ آئين جي آڌار تي بچاءُ جو کاتو مرڪزي حڪومت جي حوالي ۾ رهڻ وارو آهي. آئيندي حڪومت جي واڳ تعداد ۾ زياده هئڻ ڪري پنجابين جي حوالي رهڻ واري آهي، جنهن صورت ۾ لشڪر اڳي ئي پنجابين سان ڀريو پيو آهي، تنهن ڪري ان ۾ سنڌين کي حصي ملڻ جي ڪابه اميد رکي نٿي سگهجي. بلڪه جڏهن به سنڌين طرفان سندن حقن جي لاءِ ڪابه گهر ڪئي ويندي، ته فوجي طاقت کي استعمال ڪري، ان کي بيڪار بنايو ويندو.اڳي به انهي فوجي طاقت جي آڌار تي ملڪ سان ڪيترا ڀيرا مارشل لا لاڳو ڪري حڪومت هلائي ويئي آهي. هن آئين هوندي، اهڙين حالتن کي وري سرزد ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوبه انتظام ٿيل نه آهي. انهيءَ آئين جي آڌار تي ملڪ جا خارجيه معاملات مرڪزي حڪومت تي مهاجر پنجابي سامراجين جو قبضو رهيوآهي ۽ آئين مطابق آئيندي به رهڻ جو بندوبست ٿيل آهي، ان ڪري ملڪ جا خارجي معاملا اهڙيءَ طرح مرتب ٿيڻ جو امڪان آهي، جو اهي هيٺينءَ پاليسيءَ مطابق هلايا وڃن:
(الف) ملڪ کي امريڪن سامراج مفاد بنياد تي ٿيل عهدنامن۾ ڦاٿل رکيو وڃي.
(ب) ڀارت، افغانستان ۽ روس جي ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي قائم رکي وڃي.
(ت) مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي سامراج کي، ملڪ تي قائم رکڻ لاءِ لشڪر وڌائي، ملڪ جو اڪيچار پيسو خرچ ڪيو وڃي.
(ث) انهيءَ خرچ جو گهڻو حصو سنڌ جي ٽيڪسن مان وصول ڪري، سنڌ جي ترقيءَ ۽ تعمير جي ڪمن ۾ رڪاوٽ وڌي وڃي.
(ج) ٻاهرئين واپار مان جا زرمبادله وصول ٿيڻ واري آهي، ان جو گهڻو حصو سنڌ کان ٻاهر خرچ ڪيو وڃي، باوجود ان جي جو اهڙي زرمبادله جي گهڻي رقم سنڌ جي ڪارخانن مان تيار ڪيل ۽ سنڌ جي زراعت مان پيدا ٿيل شين کي ٻاهر موڪلڻ ڪري حاصل ٿئي ٿو.
(ح) ٻاهرين سفارتن ۾ 98 سيڪڙو غير سنڌين جي هئڻ ڪري، دنيا کي سنڌ جي جداگانه قوم، ملڪ ۽ ان سان ٿيل مظالم کان بي خبر رکيو وڃي ٿو. بلڪه نظرئي پاڪستان ۽ پاڪستان جي يڪجهتيءَ وغيره جي آڌار تي سنڌين جي راهه ۾ رنڊڪ وڌي وڃي ٿي.
(خ) اهي سفارت خانا پاڪستاني نظرئي کي زور وٺائڻ لاءِ مذهب جي نالي ۾ مسلم ملڪن کي گمراهه ڪري، مڪاني صوبن جي آزاديءَ جي تحريڪ کان بي خبر رکن ٿا. اها پروپيگنڊا ايتري قدر هلائي ويئي هئي، جو بنگلاديش جي آزاديءَ واريءَ تحريڪ وقت مسلم ملڪن جي اڪثريت، پاڪستان جي مهاجرپنجابي سامراج جي سنڌ، بلوچستان، پختونستان ۽ بنگلاديش تي تسلط قائم رهڻ جي حمايت ڪئي. جڏهن ته ان ڪري 30 لک بينگالي قتل ٿيا، لکين زالن جي عصمت دري ٿي رهي هئي ۽ اربها روپين جو نقصان ۽ تباهي ٿي رهي هئي.
(د) خارجيه معاملات جو کاتو مرڪزي سرڪار جي ماتحت هئڻ ڪري دنيا ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو مبلغ ٿي ڪم ڪري ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح دنيا کي پاڪستان جي جدا قومن جي حقيقتن کان بي خبر رکي، سندن استحصال کان آزادي جي تحريڪن سان عالمي همدرديءَ جي پيدا ٿيڻ ۽ رنڊڪ وجهي ٿو.
(ذ) خارجيه معاملات جو کاتو مهاجر پنجابي مستقل مفاد پاليسي مطابق هلي، پاڪستان جي خارجيه پاليسيءَ کي روس، ڀارت ۽ افغانستان کان خطري جي نالي ۾ امريڪن بلاڪ جي جنگي عهدنامن ۾ ڦاسائي، هٿيار هٿ ڪري، لشڪر وڌائي، ڀارت سان ٽن جنگين جو ڪارڻ بنيو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ خاص طرح ۽ بلوچستان ۽ پختونستان جي ترقيءَ ۾ عام طرح رڪاوٽ پئجي ويئي آهي.
(ر) پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين انهيءَ کاتي جي چارج ۾ اڪثري اهي ماڻهو رکيا ويا آهن، جي امريڪن يا برٽش سامراج جا ايجنٽ هئا. جن انهيءَ کاتي جي پاليسي ٻاهرين سامراجي حڪومتن جي مفاد خاطر سندن اشاري تي پئي هلائي آهي. انهن مان مکيه لياقت علي خان، چوڌري ظفرالله خان، ڀٽو ۽ عزيز احمد خان آهي.
ڪرنسي مرڪزي حڪومت جي حوالي هئڻ ڪري، انهي کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي لاءِ اهڙيءَ طرح هلايو وڃي ٿو، جو ملڪ کي قائدي بدران نقصان پئجي ٿو:
(الف) نوٽن تي جناح صاحب جي فوٽي ڇاپڻ ڪري مهاجر پنجابي سامراج جي سرپرست جي پروپيگنڊا ٿئي ٿي. جنهن مان سنڌ دشمن جي همت افزائي ٿئي ٿي.
(ب) انهيءَ کاتي جي چارج مهاجر پنجابي سامراجي نمائندن جي هٿن ۾ هئڻ ڪري، غلط خارجيه پاليسي ۽ فوجي خرچ ۾ واڌاري ڪري، گهڻا نوٽ ڇپايا وڃن ٿا، جي افراط زر ۽ مهانگائيءَ جو باعث بنجن ٿا.
(ت) ان ڪري پاڪستاني روپئي جي قيمت ڌارين ملڪن ۾ گهٽجيو وڃي.
انهيءَ آئين جي آڌار تي مرڪزي حڪومت سدائين مهاجر پنجابي سامراجين جي هٿ ۾ رهڻ واري آهي. جيڪڏهن اهي ڪن سياسي مصلحتن خاطر صدر يا وزيراعظم ڪن، سنڌين کي کڻي رکن، ته به اڪثريت سندن هئڻ ڪري، اهي سندن محتاج ٿي اها پاليسي هلائيندا. جا سندن آقائن جي مرضيءَ مطابق هوندي. جهڙيءَ طرح جناح صاحب هلائي ٿي، يا هن وقت ڀٽو صاحب هلائي رهيو آهي. غيرتمند سنڌي سندن هٿ هيٺ اهڙو عهدو وٺندو ئي ڪونه، جيڪي وٺندا، سي انهن جي حڪم هيٺ هلي ڪم ڪندا ايندا.
انهيءَ آئين جي آڌار تي سياست ۽ مذهب کي گڏ ڪري، سنڌين کي هيٺيان نقصان پڄايا ويا آهن:
(الف) سنڌين جي جداگانه قومي وجود کان انڪار ڪري، انهن کي اقليت بنائي، سندن هزارها سالن جي تاريخ کي مٽائڻ واري دستاويز تي صحيح ڪئي ويئي آهي.
(ب) انهيءَ آئين ڪري سنڌ جي جدا جاگرافيائي حيثيت کي ختم ڪري، ان کي هڪ خود ساخته نظرئي مهاجر پنجابي سامراجي سلطنت جي صوبي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
(ت) انهيءَ ڪري ملڪي سياست کي حقيقتن کان علحده ڪري مذهب جي بنياد تي رکي، سنڌ جي تعمير ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ وڌي ويئي آهي.
(ث) ملڪي نظام کي مذهب جي نالي هيٺ فسطائي طرز جو بنائي قوم پرست قوتن کي ڪمزور ڪيو ويو آهي.
(ج) هن آئين ذريعي مذهب جي نالي ۾ جمهوري قدرن کي ختم ڪرڻ لاءِ هيٺيان ڪم ڪيا ويا آهن:
(i) سنڌين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ۽ ٻين حقن جي حفاظت جي سوالن کي پاڪستان مسلم قوم ۽ اسلامي جي نالي ۾ رد ڪري، انهن تي پابنديون وڌيون وڃن ٿيون.
(ii) سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ هر گهر کي انتشارپسندي، پاڪستان دشمني، مذهبي انحرافي ۽ دهريت ٺهرائي، ان جي اظهار ڪندڙن کي سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
انهيءَ آئين جي آڌار تي ڀرواري ملڪ سان تعلقات درست ڪرڻ تي رنڊڪ پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڀارت جي سياست سيڪيولرزم قوم پرستي، جمهوريت ۽ سوشلزم جي بنياد تي هلائي وڃي ٿي. پاڪستان جي آئين کي اسلامي آئين سڏڻ ڪري، سيڪيولر طرز حڪومت جي مخالفت ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ اڪثر ڳالهيون روح مذهب جي خلاف رهيون آهن. پوءِ به انهيءَ کي اسلامڪ ريپبلڪ سڏڻ مان هيٺيان مقصد معلوم ٿين ٿا:
(الف) مذهب جي بچاءَ جي نالي ۾ ڀارت دشمنيءَ جو جذبو قائم رکي فوج کي وڌائڻ لاءِ جواز پيدا ٿئي ٿو.
(ب) لشڪر وڌائڻ ڪري اهل پنجاب کي اقتصادي نفعو هڪ طرف حاصل ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ کي ڪالوني ڪري هلائڻ لاءِ طاقت حاصل ٿئي ٿي. لشڪر وڌائڻ لاءِ ڌارين حڪومتن کان روس خلاف محاذ لاءِ مدد ملي ٿي. لشڪر وڌائڻ جي ضرورت يا مقصد جمهوري ۽ قوم پرست قوتن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهل پنجاب جي هٿ ۾ هڪ وڏي آواز جو ڪم ڏئي ٿو.
(ت) مذهب جي نالي ۾ عوام کي بيوقوف بنائي، عوام جو حقيقي مسئلن کان توجهه هٽائي، مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو تسلط ملڪ تي قائم رکيو وڃي ٿو.
(ث) مذهب جي آڙ ۾ مسلمانن کي جدا قوم تسليم ڪري، سنڌي بلوچ، پختون ۽ پنجابي قومن کي ختم ڪري، مهاجر پنجابي سامراج جي ماتحت رکڻ لاءِ جواز پيدا ڪيو وڃي ٿو.
(ج) مذهب جي نالي ۾ پاڻ کي اشتراڪيت جو مخالف شمار ڪري، امريڪي حڪومت کي برغلائي، ان کان مدد حاصل ڪرڻ جو بهانو بنايو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح مهاجر پنجابي مستقل مفاد کي شاهوڪار ۽ طاقتور بنجڻ جو موقعو ملي ٿو.
(ح) مذهب جي آڌار تي سياست ملڪ کي عقل جي عيوض جذباتي بنيادن تي مذهبي مهندارن جي مدد سان چالاڪ سياستدان هلائين ٿا.
جنهن صورت هيءَ آئين قومپرستيءَ جي به مخالفت ۽ جمهوريت جي به مخالفت ۾ آهي. دنيا ۾ هن وقت اسرائيل کان سواءِ ڪوبه ملڪ نه آهي، جنهن ۾ قوميت جو مدار مذهبي عقيدن تي رکيل هجي. اسرائيل هڪ مستقل مفاد جي حڪومت آهي، جنهن جو آڌار امريڪي سامراج تي آهي. اهڙيءَ طرح مهاجر پنجابي مستقل مفاد پڻ پنهنجي سامراج قائم رکڻ لاءِ امريڪن سامراج جي ڀروسي تي هلي ٿو. پاڪستان جو آئين هيٺ ذڪر ڪيل اصولن جي خلاف آهي.
جمهوريت جديد قومپرستيءَ جي پيداوار آهي. ليڪن هي آئين اهڙيءَ خودساخته قوم جي بنياد تي بنايو ويو آهي، جنهن جو وجود دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي. اسرائيل ننڍو ملڪ آهي. ان ۾ گهڻو ڪري هڪ مذهب جا ماڻهو رهن ٿا. سندن ٻولي به ساڳي آهي. ليڪن پاڪستان ان جي مقابلي ۾ وڏو ملڪ، چئن جدا قومن، زبانن ۽ وطن تي مشتمل آهي. ان جي سڀني ملڪن ۽ قومن کي زوريءَ هڪ سامراجي قوم جي نموني تي بدلائڻ، غلط ۽ مشڪل مسئلو آهي. پاڪستان کي مهاجر پنجابي سامراج سڏي سگهجي ٿو ليڪن ان کي قومي ۽ جمهوري ملڪ سڏڻ غلط آهي.
جمهوريت ۾ فردن ۽ قوتن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي ٿي. پر هن فسطائي حڪومت ۾ نه صرف سنڌين جي جدا قومي وجود ۽ حقن کان انڪار ڪيل آهي، پر ماڻهن کي شخصي حقن جي آزادي به نه آهي. هن وقت سنڌي قومپرستن کي اظهار راءِ ۽ جماعت بنديءَ جي آزادي به نه آهي. بنا ڪيس هلائڻ جي کين جيلن ۾ موڪلڻ عام ڳالهه ٿي پيئي آهي. حڪمران طبقو ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جي عيوض مورڳو مخالفن کي مارائي، ملڪيت ڦري ۽ انهن جون طرح طرح جون بيعزتيون ڪري ٿو. اهو هيءَ ئي ملڪ آهي، جتي مخالفن کي جيل ۾ موڪلڻ سان گڏ انهن جي منهن تي ڪرفتي مکائڻ، پيشاب پيارڻ، ساڻن غير انساني هلتن هلڻ ۽ جيل مان پوليس هٿان ماڻهن کي ڪڍائي، ٻاهر نيئي، مارائڻ جا ڪم ڪيا ويا آهن. مخالفن جي اناج ۽ ڦٽين جا کر ۽ ملڪيتون ڇاڙتن هٿان ڦرائي، انهن جي داد رسيءَکان جواب ڏنو ويو آهي.
هن ملڪ ۾ قانون جي ڪا به عزت نه رهي آهي. حڪمران پارٽيءَ جا ڪارڪنن انتظامي يا عدالتي آفيسرن کي دٻائي، کانئن ناجائز ڪم ڪرائين ٿا. حڪومت طرفان عدالتي معاملن ۾ دست اندازي ڪري، ججن يا ماجسٽريٽن کي هيسائي يا لالچون ڏيئي، پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلا ورتا وڃن ٿا. جن ججن يا ماجسٽريٽن حڪمران طبقي جي مرضيءَ خلاف فيصلا ڪيا آهن، انهن کي نوڪريءَ کان نيڪالي ڏني وئي آهي، يا بي عزت ڪيو ويو آهي، يا ڊي. پي. آر هيٺ جيل ۾ موڪليو ويو آهي.وزيرن جي شخصي يا سياسي مخالفن کي جيل ۾ وجهڻ بعد جيڪڏهن ڪي مٿيون ڪورٽون ضامن ڏين ٿيون (ڇاڪاڻ ته هيٺين ڪورٽن کي مجال نه آهي، ته حڪمران طبقي طرفان جيل ۾ موڪليل ماڻهن جا ضامن کڻن) ته جيل جي عملدارن کي حڪم آهي ته انهن کي آزاد نه ڪن. ان وچ ۾ ٻيا ڪوڙا ڪيس ٺاهي، انهن کي آزاد ٿيڻ کان روڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ ڪن شاگردن کي 8 مهين تائين لاڪ اپ ۾ رکيو ويو آهي. ڪيس چالان نٿا ڪيا وڃن. ان ڪري ماڻهن ۾ اهو ويساهه ويهندو وڃي ٿو، ته پاڪستان حڪومت ۾انصاف ملڻ ناممڪن آهي. ان جو مدار بي انصافيءَ، ظلم ۽ ڏاڍ تي بيٺل آهي. هن حڪومت ۾مخالفن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرائڻ جو دستور عام ٿي ويو آهي. مخالفن جي گهرن، دڪانن ۽ فصلن کي باهيون ڏيارڻ رواجي ڪم ٿي ويو آهي. هتي شخصي ملڪيتن کي سوشلزم جي جذبي هيٺ نه پر شخصي دشمنيءَ جي بنياد تي سرڪار تحويل ۾ کنيو ويو آهي.
هتي پيپلس پارٽيءَ کي ملڪ جي واحد نمائنده جماعت بنائڻ لاءِ ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو، سندن ملڪيتون ڦرايون وڃن ٿيون، مٿن ڪوڙا ڪيس ڪرايا وڃن ٿا، شاهوڪارن ۽ زميندارن کي هيسائي کانئن رقمون ڇڏائي، پارٽيءَ جي مضبوطيءَ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو.
هتي جي حڪومت جو نالو “اسلامڪ ريپبلڪ” رکيو ويو آهي. ليڪن ان جي چارج ۾ اهي ماڻهو آهن، جن جو اخلاق تمام ڪريل آهي. زنا، جوا، شرابخوري، ظلم، ڌوڪيبازي، ڪوڙ ڳالهائڻ هن جا روزمره جا مشغلا آهن.
آئون بنيادي طرح مذهبي ماڻهو آهيان. انهيءَ بنياد تي جڏهن پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ورتو هوم، ته ان لاءِ هڪ پوسٽر ڇپي پڌرو ڪيو هوم. جنهن جي نمبر 3 فقري ۾ ڄاڻايل هو ته “ان اسلامي حڪومت جون واڳون سچن ۽ پرهيزگار مسلمانن جي هٿ ۾ هونديون.” ٻي فقري ۾ لکيل هو ته “جتي جوا، زنا، شرابخوري، ۽ وياج خوريءَ جي قانونن منع هوندي.” ليڪن هاڻ ڇا ٿا ڏسون عين انهن اصولن جي برخلافي ٿي رهي آهي ته به نالو اسلام جو ورتو وڃي ٿو. جيڪڏهين هن وقت آئون پاڪستان جي مخالفت ڪري رهيو آهيان، ته ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته ان جي وجود ڪري، بقول علامه آءِ. آءِ. قاضي، “قرآن پاڪ جي ڏسيل ساري پروگرام جي انحرافي ٿي رهيو آهي.” موجوده حالتن موجب ان جي رهڻ مان اسلام يا مذهب کي فائدي بدران نقصان پهچي رهيو آهي.
نئين آئين پاس ٿيڻ جي آڌار تي ٻين صوبن يا ملڪن مان ماڻهو گهرائي، سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرائڻ لاءِ رستو کوليو ويو آهي. جنهن ڪري آهستي ٿي، اصل سنڌي اقليت ۾ بنجي سگهن ٿا. مهاجر پنجابي مستقل مفاد طرفان سازش اها هلي رهي آهي، سنڌين تي سياسي، اقتصادي، ۽ ڪلچرل طور ڪمزور ڪري، آخر ۾ ريڊ انڊين جهڙو بنايو وڃي. پنجابين، پٺاڻن ۽ بهارين جي ڪثير تعداد جي سنڌ ۾ اچڻ، سنڌين جي حالت رحم جوڳي بنائي ڇڏي آهي. ڀٽي صاحب کي اقتدار ۾ رکڻ جو دلاسو ڏيئي، اهي مفاد هن کان ڪڌو ڪم وٺي سگهن ٿا. ڀلا جنهن ماڻهوءَ جو اخلاق درست نه هوندو، ان مان سياسي اخلاق جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. ڇا اسلام جو اهو چوڻ آهي ته ڳالهه هڪڙي ڪريو ۽ عمل ٻيو ڪريو؟
انهيءَ آئين جي بنياد تي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ راءِ عامه منظم ڪرڻ تي بندش پئجي وئي آهي. ازانسواءِ جنهن صورت ۾ ڪوبه آئين يا قانون ڪثرت راءِ کانسواءِ پاس ٿي نه سگهندو، ۽ ‘هڪ قوم’ جي نظرئي مطابق اڪثريت مهاجر پنجابي مستقل مفاد ۽ ان جي ايجنٽ جي رهڻ واري آهي. تنهن ڪري ظاهر ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته سنڌين لاءِ موجوده غلاميءَ کان نجات صرف پاڪستان کي ختم ڪرڻ ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ آئين جي آڌار تي سنڌ جي اقتصادي خوشحالي، ملڪي تعمير ۽ ڪلچرل ترقيءَ جون راهون هيٺين سببن ڪري روڪيون ويون آهن.
(الف) سنڌ جي اقتصاديات کي مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين موجب سنڌين جو قبضو رهڻ وارو آهي.
(ب) ملڪي تعمير لاءِ گهڻو پئسو پنجاب ۽ مهاجر ايراضين جي لاءِ خرچ ٿيڻ سبب سنڌ لاءِ ٿورو پيسو وڃي بچندو.
(ت) سنڌ جي زبان کي ريڊئي، ٽيليويزن، سئنيمائن، اخبارن ۽ سرڪاري سرپرستي اردو زبان تي هئڻ ڪري، وڏو نقصان پهچايو وڃي.
(ث) حڪومت طرفان ڪوشش هلي رهي آهي ته مهاجر پنجابي ڪلچر کي زور وٺائي، سنڌ جي جداگانه قومي ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي. سنڌ جي قديم روايات، جن ۾ مذهبي رواداري، قومي غيرت، محبت، بقائي باهميءَ جو جذبو، مهمان نوازي جا ڪم آزاد طبيعت ۽ عدم تشدد جو مادو اچي وڃن ٿا، تن کي حڪمران طبقو پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ اثر وسيلي ختم ڪري رهيو آهي.
هي طبقو سنڌ جي مذهبي رواداريءَ جي عيوض مذهبي تعصب ۽ ڪٽرپڻو رائج ڪري، مختلف مذهبن ۽ فرقن جي وچ ۾ نالو پيدا ڪري رهيو آهي. ملڪ مان قومي غيرت ۽ عصيبت مادو مفتود ڪرائي، سنڌين کي بيغيرت بنايو وڃي ٿو. جيئن:
(الف) سنڌين، جي اڳي قومي يا نسلي غيرت يا عصبيت ڪري ڌارين کي سڱ نه ڏيندا هئا، تن کان حڪمران طبقو لالچ ذريعي سنڱ وٺي يا ڏيئي سندن نسل، زبان، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ غيرت کي ختم ڪرائي رهيو آهي.
(ب) سنڌ مان ايجنٽ پيد اڪري انهن ذريعي سندن گهرن ۾ ڌاري زبان ۾ ڳالهائڻ مروج ڪري سنڌي زبان ۾ ڳالهائڻ، سنڌ تي فخر ڪرڻ، سنڌي قوم جو فرد سڏائڻ، سنڌ جي سياسي آزاديءَ، اقتصادي خوشحاليءَ ۽ ڪلچرل ترقيءَ جي ڳالهه ڪرڻ کان گهٻرائڻ جي عادت وجهي، کين بي غيرت بنائي رهيا آهن.
(ت) اهي ماڻهو، جن سنڌ کي ڌارين جي غلاميءَ هيٺ آندو، يا ان ۾ مدد ڪئي، تن جا يادگار ملهائڻ يا نعرا هڻڻ سنڌين ۾ مروج ڪري، سنڌي غيرت کي مٽايو وڃي ٿو. جهڙوڪ:
(i) ابن قاسم بني اميه سامراج جي هڪ سپھ سالار جي نالي لائبريريون، رستا، بندر، درسگاهه قائم ڪري، سنڌين کي غاصبن ۽ ظالمن لاءِ سندن دل ۾ عزت پيدا ڪرائي، بيغيرت بنايو وڃي ٿو.
(ii) جناح صاحب، جنهن مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي سامراج، ذاتي اقتدار جي حصول لاءِ سنڌ کين سپرد ڪئي، ان کي قائداعظم جي لقب سان سڏڻ، قبو اڏي، رستن، درسگاهن، اسپتالن، محلن، مارڪيٽن وغيره تي سندس نالا رکڻ سان سنڌين ۾ اهو احساس پيدا ڪرايو وڃي ٿو ته هر غدار جي عزت ٿئي ٿي.
(iii) ڀٽو صاحب، جنهن سنڌ کي مهاجر پنجابي غلاميءَ ۾ ڏيئي، سنڌ سان وڏي غداري ڪئي آهي. ان جا نعر ا ‘جيئي ڀٽو’ لڳائڻ ۽ کيس قائد عوام لقب ڏيڻ، سنڌين ۾ بيغيرتيءَ جو مادو پکيڙڻ جي برابر آهي.
سنڌي سندن درويشن ۽ سنتن کان پريم ۽ محبت جو سبق سکيل هئا. پاڪستان جي قيام بعد انهن ۾ مذهبي تعصب، نفرت ۽ نفاق جي فضا پيدا ڪئي پيئي وڃي. اڳي مختلف مذهبن جا پيروڪار، مختلف ذاتيون ۽ نسل گڏجي، صلح سانت سان رهندا هئا. هاڻ اها حالت آهي جو مهاجرن ۽ سنڌين، سنڌين ۽ پنجابين، مسلم ليگين ۽ پيپلن، قوم پرستن ۽ ترقي پرستن ۾ نفاق ۽ نفرت ڦهلجي ويئي آهي. حڪمران طبقو ئي انهيءَ ساري معاملي لاءِ جوابدار آهي. ڇاڪاڻ ته سامراجي سندن طاقت، ويڙهائي راڄ ڪرڻ جي آڌار تي ئي رکندا آهن.
هڪ ٻئي سان رلي ملي هلڻ جو جذبو سنڌ ۾ عام جام هو. هتي هندو مسلم ڀائرن وانگر رهندا هئا. مسلمان، هندو درويشن وٽ درس پرائڻ ۾ عيب نه سمجهندا هئا. شاهه لطيف جو سامين، يوگين، نانگن جي تعريف ڪرڻ، ان جو زنده مثال آهي. اهڙيءَ طرح هندو، مسلمان درويشن وٽ وڃي سبق وٺندا هئا ۽ سندن درسگاهن تي وڃي زيارتون ڪندا هئا. رواداريءَ ۽ بي تعصبي، سنڌين جون عام خاصيتو هيون. ليڪن قيام پاڪستان بعد ان جي حڪمران طبقي اهڙي فضا پيدا ڪئي آهي، جو نه صرف هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ويڇا وڌي ويا آهن، پر گهر گهر ۾ دشمني پيدا ٿي ويئي آهي. انڪري بقائي باهميءَ جو جذبو ختم ٿيندو وڃي، جو قرآن شريف جي حڪم “لڪم دينکم ولي الدين” پٽاندڙ هو. ان الاهي جذبي کي هن نام نهاد اسلامي سلطنت ۾ ختم ڪيو پيو وڃي.
سنڌين جي قديم روايات اها هوندي هئي،ته مسڪين ۽ مسافر کي کاڌو کارائيندا هئا، يتيمن جي پرگهور لهندا هئا، بيواهن ۽ ڀڳلن کي پناهه ڏيندا هئا، خير خيرات ڪري بکين ۽ دوستن کي کارائيندا هئا. ليڪن هن حڪمران طبقي ان جي عيوض اسان کي مسڪين ۽ مسافرن جي عيوض غاصب ۽ ظالم مهاجرن کي ملڪ ۾ جاءِ ڏئي، پاڻ کي کٽائڻ ۽ غلام بنائڻ تي زوريءَ رضامند ڪيو آهي. يتيمن جي پرگهور لهڻ بدران ڌاري کي زمينون، ڪارخانا، دوڪان، واپار وغيره ڏيئي، شاهوڪار بنائي، پاڻ کي محتاج بنائڻ سيکاريو آهي. ڀڳلن ۽ بيواهن کي پناهه ڏيڻ عيوض ڪامورن ، حاڪمن، غاصبن ۽ غدارن جي خوشامد ڪرڻ تي گهر لٽائڻ سيکاريو آهي. ۽ خير خيرات جي عيوض مهاجر پنجابي سامراج جي تحريڪن لاءِ ملڪ جو پيسو ضايع ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو آهي.
سنڌي سندن بزرگن جي تعليم سبب ڪم ضرر ۽ صلح سانت ۾ رهڻ وارا ماڻهو هئا. هاڻ نوان آيل ماڻهو انهن جي انهيءَ صفت مان ناجائز فائدو وٺي، هنن کي دٻائي، هيسائي، کين جاهل ۽ هندن جا غلام، بزدل، انتشارپسند،علاقائي تعصب رکندڙ ۽ اسلام دشمن جا لقب ڏيئي، کين زوريءَ غلام رکڻ چاهين ٿا.
قديم زماني کان وٺي ملڪ جي آبهوا،درويشن جي صحبت ۽ تعليم، سنڌين کي اهنسا جو عادي بنايو هو. هنن جو چوڻ هو ته، “اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.” انهيءَ ڪري سنڌين نه ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪيو، نه ڪنهن کي آزاريو، نه ڪنهن جو استحصال ڪيو. ليڪن هاڻوڪو حڪمران طبقو سندن انهيءَ صفت کي ڪمزوري ۽ بزدلي تصور ڪندي، سندن اقتصادي استحصال ڪري ٿو. سندن ڪلچر ۽ زبان کي ختم ڪرڻ ۽ کين ويڙهائي زوريءَ راڄ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
هاڻ سنڌي وڏيري جي اها حالت ٿي آهي، جو زميندار ۽ ٻين راڄن سان ظلم ڪري، کين ڦري، پٽ تي ويهاري، بي عزتو ڪن ٿا. پر ساڳئي وقت مهاجر پنجابين جي غلاميءَ، زبان ۽ پوئلڳي تي فخر ڪرڻ لڳن ٿا. ايتري قدرجو سنڌ جا مکيه وڏيرا سنڱ ڏيئي، انهيءَ ٻاهران آيل طبقي جي رضامندي حاصل ڪن ٿا.
انهيءَ نئين پاس ڪرايل آئين جي آڌار تي پنجابي قوم جو سنڌين تي سامراج قائم ٿئي ٿو. جنهن صورت ۾ اڪثر اهل پنجاب زبان، مذهبي عقيدن، سياسي نظرين وغيره موجب مهاجرن جو پوئلڳ آهي، انڪري سنڌي مورڳو غلام ابن غلام بنجيو پون. تازو لساني فسادن وقت سنڌ اسيمبليءَ ڀٽي پارٽيءَ طرفان ٻوليءَ جي بل پاس ڪرائڻ بعد، جڏهن مهاجرن طرفان فساد شروع ٿيا، ته پنجابين مهاجرن طرفان ڀٽي تي بار وڌو ۽ هو پنهنجي گادي بچائڻ خاطر وڃي پناهگيرن جي پيرن تي ڪريو.
انهيءَ آئين جي آڌار تي ملڪ جي سياست جو مدار تشدد تي رکي، هڪ قوم، هڪ پارٽيءَ ۽ هڪ ليڊر جي نالي ۾ هزارن ورهين جي جدا قومن، ملڪن ۽ مختلف سياسي نظرين ۽ پارٽين کي فسطائي اصول موجب پائمال ڪري، مهاجر پنجابي غلاميءَ تي مانوس ڪيو وڃي ٿو.
پاڪستان بنائڻ ۾ جناح جو وڏو هٿ هو. هو سنڌي هو. ليڪن اقتدار جي حصول خاطر هن اصول ڦٽا ڪري، مهاجر پنجابي سامراج جو ايجنٽ ٿي، سنڌين کي جي اڪيچار نقصان پهچايا، انهن جو ذڪر اڳي ڪيل آهي. ڀٽو صاحب به سنڌي آهي، پر پنهنجي اقتدار جي حصول ۽ قيام لاءِ هيءَ مهاجر پنجابي سامراج جو ‘شو بواءِ’ ٿي، اهي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ جي تباهيءَ جو باعث بنجن ٿا. هن وقت هو مهاجر پنجابي سامراجين جي رضامندي خاطر سندس حڪومت جي پاليسي هيٺين بنيادن تي هلائي رهيو آهي.
1) پاڪستان ۾ شامل ٿيل باقي چئن قومن کي هو زوريءَ هڪ قوم بنائڻ چاهي ٿو.
2) انهيءَ مققصد جي حصوللاءِ سندس پارٽيءَ کي طاقتور ڪري، ٻين پارٽين کي ختم ڪري، ملڪ ۾ فسطائي طريقي موجب هڪ پارٽيءَ جو راڄ ڪرڻ چاهي ٿو.
3) پاڻ کي ملڪ جي سڀني معاملات ۾ پوري اختيار جو صاحب بنائي، ساري ملڪي سياست تي غالب رهي، آمرانه حڪومت هلائڻ چاهي ٿو.
4) سنڌ بابت ته هي سمجهي ٿو ته اتي جا ماڻهو سندس خريد ڪيل ۽ ماٽائڻي ورثي ۾ مليل آهن. تنهنڪري پنهنجي ذاتي اقتدار قائم رکڻ لاءِ انهن کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي فائدي لاءِ هلائي، ته ان لاءِ هن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه ٿيندو.
هن انهن مقصدن جي حصول لاءِ پهرين ساري ملڪ جا دورا ڪري، طرح طرح جي طريقن سان ماڻهن جي ذهن مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر انهن طريقن کي موثر ٿيندو نه ڏسي، هاڻ آرڊيننس پاس ڪرائي، ملڪ جي ماڻهن کي جدا قومن جي نالي وٺڻ يا انهن متعلق گفتگو ڪرڻ کي ڏوهه ٺهرايو اٿس. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن سامراجي گروهه، تاريخ مان ڪو سبق نه پرايو آهي. هزارن ورهين جي فطري ارتقا بعد وجود ۾ آيل قومون ڪي واريءَ جا دڙا نه آهن، جي آرڊيننس جي بلڊوزر گهمائڻ سان هموار ٿي هڪ ميدان بنجي وينديون. مختلف قومن جي باهمي تعاون لاءِ قديم وقت کان ٻه طريقا استعمال ڪيا ويا آهن:
(1) سامراج جو طريقو:
جنهن مطابق ماتحت قومن کي زوريءَ هڪ رسيءَ ۾ سلهاڙي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
(2) باهمي سمجهوتي سان تعاون جو طريقو:
جنهن مطابق مختلف قومن کي وفاق، ڪامن ويلٿ، آرگنائيزيشن يا ڪنڊومينن جي ذريعي گڏ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
پهرئين طريقي کي رومن، عربن، مغلن، ترڪن، روسين، فرينچ ۽ ٻين سامراجين آزمائي ڏٺو. ليڪن باوجود طاقتور هئڻ جي، هو نه گهڻي وقت تائين سامراج قائم رکي سگهيا، نه وري قومن کي ملائي هڪ ڪري سگهيا. رومن سامراج هيٺ جملي ملڪ ۽ قومون اڄڪلهه سندن اصلوڪين جدا صورتن تي قائم آهن. رومن سامراج جو وڃي نالو رهيو آهي. انگلنڊ، فرانس، جرمني، اٽلي، آسٽريا، ايشيا مائنر، شام، مصر، تونشيا، الجيريا وغيره ملڪ، ڪنهن وقت رومن ايمپائر جي ماتحت هئا، رومي باوجود صدين تائين مٿن راڄ ڪرڻ جي انهن کي ملائي، دائمي طور هڪ متحد قوم بنائي نه سگهيا. عربن جي دور حڪومت ۾ بني اميه سامراج هيٺ هڪ وقت عرب، سنڌ، ايران، افغانستان، ترڪستان، عراق، شام، مصر، طرابلس، موراڪو، اسپين وغيره ملڪ شامل هئا. پر باوجود اسلام جهڙي طاقتور مذهب جي حمايت جي، اهو سامراج سڀني ملڪن ۽ قومن کي دائمي طور ملائي هڪ ڪري نه سگهيو، ۽ نه انهن جا جداگانه وجود ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ترڪي سامراج باوجود خلافت اسلاميءَ جي نالي جي پشت پناهيِءَ، پئن اسلامزم جي نعري، زبردست ملٽري طاقت جي، مختلف ملڪن ۽ قومن کي متحده قوم بنائي، دائمي طور ماتحت رکي نه سگهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اول ۾ بلقان رياستون ان کان جدا ٿيون. آهستي ٿي طرابلس، مصر، الجيريا، سائپرس، ڪرپٽ، عراق ۽ عرب وغيره سڀ ان کان جدا ٿيندا ويا. هاڻ اهي ملڪ جدا نالن ۽ قومن سان سڏجن ٿا. ان کي نه جمال الدين افغانيءَ جي پروپيگنڊا ڪم ڏنو، نه غازي انور پاشا جو مذهبي جذبو بچائي سگهيو. انگريزن سندن جديد تعليم، هٿيارن، سائنس ۽ طريقه حڪومت سان دنيا جي ڪيترن ملڪن تي سامراج قائم ڪيو. ايتري قدر جو دنيا ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي هئي، ته انگريزن جي سامراج تان سج نٿي لٿو. اها زبردست شهنشاهي هن وقت ڪٿي آهي؟
مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو سامراج بنسبت مٿي ذڪر ڪيل سامراجن جي طاقت ۾ گهڻو گهٽ آهي. پوءِ پتو نٿو پوي ته هو ڪهڙيءَ طرح جدا زبانن، جدا ڪلچرن، جدا سياسي ۽ اقتصادي مفاد ۽ هزارن ورهين جي تاريخي روايتن جي ملڪن ۽ قومن کي ملائي هڪ ڪري سگهندا.
پاڪستان جي گذريل 26 سالن جي تجربي مان معلوم ٿئي ٿو، ته باوجود زبردست ملٽري طاقت ۽ اسلام جي نالي ۾ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ، اسلامي نظام حڪومت جي دلاسي ۽ ڌوڪي، نظرئي پاڪستان جي پرچار ۽ امريڪن سامراج جي مدد جي، هن وقت تائين هو ماڻهن کي هڪ ڪري نه سگهيا آهن.
جناح صاحب نظرئي پاڪستان کي ڦٽو ڪيو. ڀٽي صاحب اقتصادي دلاسن ذريعي عارضي ڪاميابي حاصل ڪئي. اقتصادي خوشحاليءَ جو حربو روس وارن به آزمايو آهي. ليڪن هو اڃا تائين ان ڪري سوويت حڪومت کي گڏ رکيو اچن ٿا. ڇو ته هنن جدا قومن جي وجود ۽ حق خوداراديءَ کي تسليم ڪيو آهي.
هاڻ پاڪستان ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد، اسلام ۽ سوشلزم جي نالي ۾ ماڻهن کي هڪ ڪرڻ جو تجربو ڪري رهيو آهي. ان لاءِ هنن جناح صاحب، لياقت علي خان، ايوب خان ۽ ڀٽي صاحب جهڙن هوشيار ۽ دانشمند ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪري ڪم ڪيو آهي. ليڪن اهي سڀ ڪوششون رائگان وينديون. هزارن ورهين جي قدرتي ارتقا موجب ٺهيل قومن ۽ ملڪن کي جڏهن پيغمبر درويش ۽ زبردست سامراج ملائي هڪ ڪري نه سگهيا، ته هي ملٽري ۽ سول سروس تي مشتمل افراد جو ٽولو ڇا ڪري سگهندو! جيئن اهي سختي ڪري ماڻهن کي ماتحت رکڻ جي ڪوشش ڪندا، تيئن رد عمل ۾ بغاوتون پيدا ٿينديون. انهيءَ پاليسيءَ ڪري بينگال اڳ ۾ وڃائي ويٺا آهن. بلوچستان ۽ پختونستان ۾ سندن انهيءَ روش جي مخالفت ۾ بغاوتون شروع ٿي ويون آهن. سنڌ ۾ ٻرندڙ جبل وانگر اندران اندران وڃي باهه دکندي. آخر ڪيترو وقت هڪ ڌوڪي کان ٻئي ڌوڪي تائين، انهن کي باز رکندا ايندا. ڀٽي صاحب کي سمجهائڻ عبث آهي. جو هو مهاجر پنجابي سامراج جي ايجنٽ هئڻ ڪري، اهو ڪري ٿو، جو سندس استاد هن کان ڪرائين ٿا. هو اقتدار جي لالچ تي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي چوڻ پويان، هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو.
تنهن ڪري اسان مهاجر مستقل مفاد جي سامراجي گروهه جي خدمت ۾ چند عرض ڪنداسون. ممڪن آهي ته هو طاقت جي نشي کي حال بالائي طاق رکي، انهن سوالن تي غور ڪن:
1) اوهان ۽ اسان مذهب اسلام سان منسلڪ هئڻ جي دعويٰ ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ ان جي مذهبي تشريح، سياسي تدبير ۽ طريقيڪار ۾اختلاف رکون ٿا.
2) اوهان ۽ اسان پاڪستان جي قيام لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون هيون، پر تجربي ثابت ڪيو آهي ته اوهان ۽ اسان جون ان بابت مختلف مرادون ۽ مقصد هئا.
3) هن ڳالهه کان انڪار ڪرڻ بيجاءِ ٿيندو ته اوهان مان ڪيترا ايراني ۽ مغل سامراجن جي انتظامي، علمي ۽ ادبي ماحول سان صدين کان وابسته هئڻ ڪري تهذيب ۽ تمدن جي صفات سان ملبوس آهن، ۽ ڪيترن کي واپار ۽ هنرن ۾ مهارت حاصل آهي. ان ڪري اوهان جو وجود ڪنهن به معاشري لاءِ باعث عزت ۽ ڪارآمد ٿي سگهي ٿو.
4) اوهان کي معلوم هوندو ته سنڌ جو باشعور قومپرست طبقو اوهان مان هن وقت ناراض آهي. اوهان ڪڏهن ان مسئلي تي غورڪري ڏٺو آهي ته ان جو باعث ڪهڙيون ڳالهيون آهن.
5) اوهان کي پتو آهي يا نه، 1943ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي آخري اجلاس منعقده ڪراچيءَ ۾ خطبي استقباليه ۾ مون سرزمين سنڌ جي ماضيءَ جو ذڪر ڪندي، اوهان مان ڪارآمد حضرات کي سنڌ ۾ اچي، سنڌين کي مدد ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي.
6) ممڪن آهي، اوهان مان ڪيترا هن تبديليءَ جو ڪارڻ سمجهي نه سگهيا هجن. جي نه، ته ٻڌو ته ٻڌايانو:
(الف) اسان اوهان کي مددگار ۽ ساٿي ٿي اچڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، نه اسلام سيکاريندڙ، استحصال ڪندڙ، جاهلن کي دست ڪندڙ ۽ نه اردو زبان اسان تي مڙهڻ لاءِ، ۽ نه مستقل مفاد سامراجي بنجي، اسان تي حڪومت ڪرڻ لاءِ گهرايو هو.
(ب) اسان تجربي بعد هيٺين ڳالهين کان ناراض ٿيل آهيون:
(i) مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو.
(ii) پاڪستان، هڪ ملڪ ۽ قوم ڪري هلائڻ جو نظريو.
(iii) اسلامي آئين ۽ نظام اسلاميءَ جو ڌوڪو.
(iv) اردو زبان جي مسلط ڪرڻ جو ارادو.
(v) بي تحاشا اقتصادي استحصال جي خواهش.
(vi) تهذيبي برتري ۽ جداگانه حيثيت جو جذبو.
(7) ممڪن آهي، اوهان مان ڪي اهو سوال پڇن ته اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي اختيار ڪرڻ تي اوهان ۽ سنڌين جو باهمي سمجهوتو ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ جيتري قدر مون غور ڪيو آهي، ته مون کي هيٺيون تجويزون ڪارگار ڏسڻ ۾ آيون آهن.
(i) اوهان مسلمانن جي قوم جي نظرئي کي خيرباد چئي، سنڌي قوم ۾ سمائجي، ان جي زبان ۽ ڪلچر اپنايو.
(ii) اوهان اسان سان ملي، پاڪستان کي ختم ڪرائي، سنڌوديش قائم ڪرائڻ ۾ مدد ڪرايو.
(iii) گهر ۾ اردو زبان رکي سگهو ٿا، اسڪولن ۾ اردو زبان پڙهي سگهو ٿا، ليڪن سنڌ جي قومي زبان واحد سنڌيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ رضامند ٿيو.
(iv) اسلامي آئين، اسلامي نظام حڪومت، پئن اسلامزم جون ڳالهيون ڇڏي، سنڌ ۾ سيڪيولر رياست جي قيام لاءِ شريڪ ٿيو.
(v) ڀارت دشمني ڇڏي، ايشيائي اتحاد خاطر ڀارت، بنگلاديش، سنڌوديش، افغانستان، ايران ۽ عرب ملڪن کي روحاني قدرن جا ملڪ سمجهي، انهن جي اتحاد سان مغربي تهذيب جي (Vanquard) وئنگارڊ جيش اول روس سان سمجهوتي لاءِ تيار ٿيو.
(vi) سنڌ جي بين الاقوامي تبليغ ۾ ويساهه رکي، ان جي سرانجاميءَ لاءِ اسان سان تعاون ڪريو.
ممڪن آهي، اوهان جنهن ماحول ۾ پليا آهيو، يا جيڪو سامراجي غرور ۽ گهمنڊ اوهان جي دماغن ۾ سمايل هجي، تنهنڪري اسان جي مٿي ذڪر ڪيل تجويزن ڏي توجهه نه ڪريو ۽ اهي ٿوڪاري ڇڏيو! ان حالت ۾ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته اوهان ۽ سنڌين جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي نه سگهندو، ۽ اوهان کي تاريخ جي قهري فيصلي ٻڌڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. هندستان ته اڳي ڇڏي آيا آهيو. هاڻ بقول جنرل محمد ايوب خان اوهان لاءِ جاءِ پناهه عربي سمنڊ ئي ٿي سگهي ٿو. ان عذاب کان اوهان کي نه ڀٽي صاحب جي مائٽي بچائي سگهندي، نه پير صاحب پاڳاري جي خوشامد، نه اهل پنجاب جي مدد، ۽ نه مولوي مودوديءَ جي فتويٰ اسلام، سوشلزم، پاڪستان، پئن اسلامزم جا نعرا ۽ ڌوڪا هاڻ سنڌين تي گهڻو اثر ڪري نه سگهندا.
ٻڌي ڇڏيو ته قوم پرست سنڌي، ابن قاسم کان راجا ڏاهر کي ترجيح ڏين ٿا. هنن وٽ دادا ڄيٺمل اوهان جي سر سيد احمد خان کان وڌيڪ پيارو آهي. هو شري جيرامداس کي لياقت علي خان کان ڪيئي دفعا بهتر ڄاڻن ٿا.
هاڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اوهان جو انتها پسند گروهه ڀٽي صاحب جي سندن هرحڪم مڃڻ جي باوجود کيس ڪڍي، ملٽري رول آڻڻ جي خواهش ۾ آهي. هنن جي خيال ۾ آهي ته انهيءَ ذريعي هو پاڪستان جي قومپرست ليڊرن کي ختم ڪرائي، ساري پاڪستان تي سختيءَ سان سندن سامراج مضبوط ڪري سگهندا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تاريخ مان هنن سبق نه ورتو آهي. بنگلاديش جو آزمودو کين وسري ويل آهي، ڀلي اهو به آزمودو ڪن. ليڪن نتيجو اهو نڪرندو ته، نه صرف شو بواءِ ختم ٿي ويندا، پر اهو سارو مهاجر پنجابي مستقل مفاد وارو گروهه سندن بدڪردارين ڪري، پاڪستان سميت ختم ٿي ويندو.
ڀٽو صاحب مهاجر پنجابي سامراجي مقاصد جي حصول لاءِ جو قدم کڻي رهيو آهي سو اهو آهي ته ساري پاڪستان تي پيپلس پارٽيءَ کي فسطائي طريقن سان مسلط ڪري. پر اهو به سندس قدم ڪامياب نه ٿيندو.
تاريخ ان جوثبوت ڏئي ٿي ته عيسائي مذهب، باوجود سندس راهبن ۽ درويش جي محنت ۽ مغربي تهذيب سان ملوث ترقي يافته ۽ طاقتور حڪومتن جي، ڪرستانن کي هڪ بنائي نه سگهيو آهي. گذريل ٻه مهاڀاريون لڙايون ان لاءِ شاهد آهن. مذهب اسلام ان جي پوئلڳن کي باوجود ان جي برگزيده اصحاب جي جدوجهد، تعليم ۽ تربيت جي هڪ رسيءَ ۾ پوئي نه سگهيو آهي. هن وقت مسلمان سني، شيعي، وهابي، قادياني وغيره صدها فرقن ۾ ورهايا ويا آهن، جن هڪ ٻين جا رت وهايا آهن. هن وقت به مسلمان جدا ملڪن ۾ ورهايل آهن، جي مذهب خاطر هڪ سلطنت ۽ قوم ۾ متحد ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن. توجو، هٽلر، مسولني وغيره سندن قومن کي فسطائي طريقن سان هڪ بنائي نه سگهيا. جڏهن مغرب ۽ مشرق ۾ هڪ مذهب جا پوئلڳ، سندن ليڊرن جي ڪوششن جي باوجود جرمني، اٽلي ۽ جپان جي قومن کي هم خيال بنائي نه سگهيا، ته هتي سنڌي، پختون، پنجابي، بلوچ ۽ مهاجرن کي باوجود مختلف نظرين، سياسي اقتصادي ۽ ڪلچرل مفاد جي. ڀٽي صاحب جو هڪ پارٽيءَ ذريعي زورزبردستي سان متحد ڪرڻ خام خيال آهي.
سنڌي سمجهن ٿا ته پاڪستان جو وجود ۽ پيپلس پارٽيءَ جون ان جي استحڪام لاءِ ڪوششون سندن مفاد لاءِ زهر قاتل آهن. ظاهري طرح سان حڪمران طبقو انهن کي دٻائي سگهي ٿو، ليڪن اهو دٻاءَ ديرپا رهي نه سگهندو. مخالف تحريڪون زير زمين وڃي، نيٺ ٻرندڙ جبل وانگر اوچتو ڦاٽنديون.
جناح صاحب جي ڏينهن ۾ مسلم ليگ پارٽي مذهب جي نالي ۾ نهايت طاقتور ٿي ويئي هئي. ليڪن اڳتي هلي، جڏهن انهيءَ گروڏهه جي لڪل طاقتن مذهب جي جادوءَ کي جهڪو ٿيندو ڏٺو ته اهي پيپلس پارٽيءَ ذريعي اسلام سان اقتصادي مسئلن کي ڳنڍي، ماڻهن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن. ليڪن سندن اهو تجربو به ڪامياب ٿيڻ وارو نه آهي.
ڀٽو صاحب کانئس ٻين وڏن ڊڪٽيٽرن وانگر ماڻهن جا مجموعا ڏسي، ڌوڪي ۾ اچي، صحيح حقيقتن کان بيخبر آهي. کيس خبر آهي ته لياقت علي خان مسلم ليگ جو مکيه ليڊر ۽ مهاجر مستقل مفاد جو نمائندو هو. ان وقت ملڪ جي ساري سياست مسلم ليگ جي زير اثر هئي. ان تي قبضي هئڻ ڪري، هو ملڪ ۾ نهايت طاقتور شخصيت بنجي ويل هو. مهاجر پنجابي مستقل مفاد گروهه جو با اثر حاڪم هو. ليڪن جنهن ڏينهن انهيءَ گروهه جي هڪ طبقي، هن کي سندن مفاد لاءِ نقصانڪارسمجهيو، ۽ ڏٺائون ته ٻيو طريقو هن مان جان آزاد ڪرائڻ جو نه هو، ته هنن بندوق جي هڪ گوليءَ سان هن جي سارين تجويزن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. حالت اها آهي ته اڃان تائين هن جي خون جا جوابدار هٿ نه ٿي سگهيا آهن. انهيءَ هڪ ڳالهه مهاجرن کي انهيءَ گروهه ۾ ثانوي حيثيت ڏيئي ڇڏي.
اهڙيءَ طرح مهاجرن جي پاڪستان تان اقتدار جهڪي ٿيڻ بعد بينگالين ان تي قبضو ڪرڻ گهريو. ان وقت جي بينگالي نمائندن کي نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد هو. ليڪن سگهوئي پنجابي گروهه مهاجر سول سروس ۽ پنجابي ملٽريءَ جي آڌار تي، بينگالين جي نمائندي خواجه نظام الدين کي پاڪستان جي نيشنل اسيمبليءَ ۾ باوجود اڪثريت هئڻ ۽ مسلم ليگ پارٽيءَ جي صدر هئڻ جي، لاهي ڇڏيو، ته ان لاءِ ڪجهه نه ٿي سگهيو.
پاڪستان جا رهاڪو نه هڪ قوم آهن، ۽ نه انهن جا مفاد ساڳيا آهن. ڀٽو صاحب عوام جو نالو وٺي، ڪيترو به پاڻ کي ڌوڪي ۾ رکي ته هن کي ڪوبه ڪڍي نٿو سگهي، اهو خيال غلط ۽ بي بنياد آهي، هيءَ پاڻ کي اسلام، جمهوريت ۽ سوشلزم جو علمبردار ظاهر ڪري ٿو، پر اهي ٽيئي دعوائون غلط اٿس. اسلام جو نالو لياقت علي خان ورتو، پر اهو ڪم نه آيس. جمهوريت جي آڌار تي خواجه ناظم الدين طاقت ۾ آيل هو، پر ان ڪو فائدو نه ڏنس. سوشلزم ۽ مذهب ته آهن ئي متضاد ڳالهيون! تنهن ڪري اهي ٽيئي متضاد ڳالهيون هڪ وقت ڪرڻ بيڪار آهن.
ڀٽي صاحب کي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد، جن جي هو نمائندگي ڪري رهيو آهي، تن جا مفاد ۽ پاڪستان ۾ شامل قومن جا مفاد متضاد ۽ منفرد آهن. اها پرواهه نه آهي ته هن وقت مظلوم قومون سندن حمايت ۾ سندن صوبن اندر طاقتور گروهه يا بيروني حمايت حاصل ڪري نه سگهيون آهن. پر ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ اجايو ٿيندو ته انهن قوميتن جا وجود ۽ هنن جا قومي مفاد پنهنجي جاٰءِ تي مستقل طرح موجود آهن. انهن کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد گهڻو وقت دٻائي، محڪوم رکي نه سگهندا. خان عبدالولي خان، عطاءَالله خان، خير بخش خان ۽ جي. ايم. سيد کي هيسائي يا ختم ڪرڻ سان هزارن ورهين جي قومي وجود ۽ آزاديءَ کي ختم ڪري نٿو سگهجي.
هر ظلم ۽ دٻاءَ، سندن ردعمل آڻي ٿو. تشدد ۽ فسطائي طريقن سان ڪابه ڳالهه دائمي طرح حاصل ٿي نه سگهندي. تنهن ڪري ڀٽي صاحب واري نظرئي پاڪستان جي بنياد تي هڪ پارٽيءَ واري ڪوشش به ناڪامياب ٿيندي. اهڙيون ڪوششون جڏهين جرمني، اٽلي ۽ جپان ۾ هڪ قوم هوندي به ڪامياب ٿي نه سگهيون، ته انهن جو گهڻين قومن واري ملڪ پاڪستان ۾ ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي.
ٽي ڳالهه جا ڀٽي صاحب هٿان، مهاجر پنجابي ڪرائڻ گهرن ٿا، ته مغربي پاڪستان کي هڪ پارٽيءَ ۽ هڪ قوم جي آڌار تي مضبوط مرڪزي حڪومت هيٺ آڻين ۽ کيس ملڪ جي هر معاملي ۾ پوري اختيار جو صاحب بنائين، سا ڳالهه به اجائي آهي. اهي مستقل مفاد جن جو هيءَ نمائندو ٿي حڪومت ڪري ٿو، تن جي مفاد ۾ آهي ته کيس گهڻووقت طاقت ۾ رهڻ نه ڏين. پاڪستان جي سموري تاريخ اهڙن مثالن سان ڀرپور آهي. جناح صاحب کي ابتدا ۾ عام مسلمانن جي همدردي ۽ جوش شامل راءِ هئا. لياقت علي خان کي طاقتور سول سروس ۽ سرمائيدار طبقي جي حمايت ساڻ هئي. جنرل ايوب کي سموري ملٽري طاقت ۽ ڪجهه قدر سول سروس جي همدردي حاصل هئي. باوجود ان جي هي مفاد هنن کان پاڪستان کي متحد، مضبوط ۽ يڪجهت ڪرائي نه سگهيا. اهو ڏوهه هنن جي ليڊرشپ جو نه هو، پر ملڪ جون تاريخي حالتون ۽ حقيقتون، ملڪ جي اهڙي اتحاد ۾ حائل هيون. پاڪستان مختلف قومن ۽ مفاد تي مشتمل ملڪ آهي، جنهن جو مهاجر پنجابي مستقل مفاد استحصال ڪرڻ چاهي ٿو. انهن قومن جا مفاد ۽ حڪمران طبقي جو مفاد متضاد آهي. انهن ڳالهين هوندي، هن مقصد ۾ ڪنهن جو ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي. ۽ نه سول سروس ان جي پويان آهي. هو هڪ اهڙي صوبي جو نمائندو آهي، جنهن جو عوام پٺتي پيل آهي. هن کي عارضي طرح ڪارآمد سمجهي، انهيءَ مفاد برسرِاقتدار آندو آهي. جڏهن هو ڏسندا جنهن ڪم لاءِ هنن کيس اڳتي ڪيو هو، سو سرانجام ٿي نه ٿو سگهي ته کيس ڪڍي ڇڏيندا. پاڪستان ۾ دير تائين اهي مستقل مفاد سندن تسلط رکي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته حالتون انهن جي مخالف آهن.
ڀٽو صاحب جمهوريت جو حامي نه آهي ڇاڪاڻ ته جيستائين جملي قومن کي جمهوري حق حاصل نه ٿيا آهن، ان وقت تائين جمهوريت جو نالو وٺڻ، پنجابي اڪثريت جي طرفداري ٿيندي. جمهوريت، قوم جي سوال فيصل ڪرڻ کان اڳ بي معنيٰ آهي ڀٽو صاحب، عوام جو نمائندو نه آهي. عوام ۾ نعري بازيءَ يا شعبده بازيءَ سان عارضي طرح مقبول ٿيڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي. عوام جي صحيح نمائندگي تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن پاڪستان جي مختلف خطن جي سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جي نمائندگي ڪندو هجي. جنهن صورت ۾ هر خطي جا مفاد متضاد آهن، تنهن حالت ۾ ساڳيو ماڻهو سڀني خطن جي نمائندگي ڪري نٿو سگهي. هن حالت ۾ نه هي سنڌ جي صحيح نمائندگي ڪري ٿو، نه پنجاب جي، نه سرحد جي، ۽ نه بلوچستان جي.
هن کان اڳ آئون پاڪستان جي ٺهڻ وقت سنڌين جي آسرن ۽ اميدن ۽ انهن جي عيوض کين جي نقصان پهتا آهن، ان جو ذڪر ڪري آيو آهيان. انهيِءَ سموري سرگزشت تي نظر ڪرڻ بعد آئون هيٺين نتيجن تي پهتو آهيان:
پاڪستان جن آسرن ۽ اميدن سان قائم ڪرايل هو، سي برثواب ٿي نه سگهيون آهن.
پاڪستان مان ننڍين قومن وارن ملڪن، خاص طرح سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي.
پاڪستان کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي سامراج لاءِ قائم ڪرايو ويو هو، ۽ انهن جي استحصال لاءِ هلايو پيو وڃي.
پاڪستان جو حڪمران طبقو سندن مفاد خاطر قديم قومن جي وجود کان انڪار ڪري، هڪ خودساخته ملڪ ۽ قوم جي نالي ۾ حڪومت هلائڻ گهري ٿو. جنهن صورت ۾ نه اهو ملڪ ۽ نه اها قوم ڪڏهين تاريخ جي صفحن تي رهي آهي، تنهن ڪري غلط بنيادن تي رکيل تجويز ڪامياب ٿي نه سگهندي.
پاڪستان جو حڪمران طبقو تاريخ جي سبقن کان منهن موڙي هزارن سالن جي قومن ۽ ملڪن کي سندن طبقاتي مفاد لاءِ ختم ڪرڻ گهري ٿو. جيئن ته اها ڳالهه تاريخي حقيقتن جي خلاف آهي، ان ڪري اها برثواب ٿي نه سگهندي.
انهن حالتن کي مدنظر رکي، آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پاڪستان جي حالت ان مريض جهڙي آهي، جو گذريل چوويهن سالن کان موت جي بستري تي پيل آهي. هاڻ ان جا خيرخواهه هي چئي رهيا آهن ته، “خدا کڻي پنهنجو ڪرم ڪريس”، يعني ماريس ته جند آزاد ٿئي. ان ڪري هاڻ پاڪستان جو بچڻ ناممڪن آهي. هن جا حڪمران عقل کان انڌا ٿي چڪا آهن. هو صلاح مصلحت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.
تنهن ڪري ملڪ جي خيرخواهن جو فرض آهي ته ان کي ٽوڙي، اصل تجويز مطابق کيس آزاد ۽ خودمختيار رياستن ۾ ورهايو وڃي. پوءِ انهن کي آزاد رياستن تي ڇڏجي ته پاڻ ۾ ڪهڙا تعلقات قائم ڪن ٿيون. جيترو وقت انهن کي زوريءَ هڪ مرڪز هيٺ رکبو اوترو انهن جي مستقبل ۾ باهمي تعاون جا امڪان گهٽ ٿيندا.