فصل ٻيون : پاڪستان مان سنڌ کي اميدون ۽ آسرا
پاڪستان جي تحريڪ ۾ مون به حصو ورتو هو. مون هيٺين سببن ڪري،ان ۾دلچسپي ورتي هئي.
(1) جڏهن سنڌ جي جدا ٿيڻ بعد ڪانگريس ڪارڪنن جي مدد سان الهه بخش جي قومپرست وزارت ٺاهي، سنڌ جي تعمير ۽ ترقي جون رٿون تيار ڪري، ڪم هلائڻ گهريوسون، ته هندو مستقل مفاد ان جي راهه ۾ رنڊڪ بنجي بيٺا. جدا چونڊن جي ڪري ڪانگريس ميمبر، جي اڪثري هندو هئا، انهن ڳالهين کي روڪي نه سگهيا ۽ اسان کان جدا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح سان اهي اميدون برثواب ٿي نه سگهيون.
(2) سنڌ ۾ عام مسلمانن تي زميندار، ڪاموري، پير ۽ ملا جو اثر هو، جي اڪثري رجعت پسند، اقتدار جا بکيا، بي اصول ۽ خود مطلب هئا. عام ماڻهن جي اڪثريت زراعت پيشه هئي، جن مان گهڻا بي زمين هاري قرض ۾ غلطان ۽ ڏاڍ جا ستايل هئا.
هندو مستقل مفاد، واپاري، وياج خور، ڪامورو ۽ زميندار هو. مسلمان مستقل مفاد، زميندار، پير، ملا ۽ ڪامورو هو. ٻئي ڌريون عوام جون مخالف هيون، ٻنهي مستقل مفاد سان هڪ وقت لڙي نٿي سگهياسون.
جنهن صورت ۾ هندو مستقل مفاد ٿورو ۽ زياده منظم هو، ان ڪري اول ۾ ان جي استحصال کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ چاهياسون ٿي، ان لاءِ قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن جي گهٽائڻ جا بل مکيه ڳالهيون هيون. جن ذريعي ڳوٺاڻن کي رليف (نجات) ڏيارڻ گهريوسون ٿي. ڀارت ۾ ڪانگريس وزارتن انهيءَ ڏس ۾ قدم کنيا هئا اسان کي اميد هئي ته هتي به هو اسان کي ان ڳالهه ۾ مدد ڪندا، تنهن ڪري اسان فيصلو ڪيو ته ڪانگريسين ذريعي اهم ڪم سرانجام ڪرايون، پر ائين نه ٿيو، بلڪ مڪاني ڪانگريس ڪميٽي ۽ ان جي آل انڊيا ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ اسان کي مڪاني اقتصادي، سماجي ۽ تعميري ڪمن جي سرانجاميءَ ۾ مدد ڏيڻ جي عيوض آل انڊيا سياسي مسئلن کي ترجيح ڏني. ان ڪري اسان مجبور ٿي، مسلم ليگ جي فرقيوار بنياد تي مسلمان عوام کي هندو مستقل مفاد جي سامهون کڙو ڪري منظم ڪرڻ شروع ڪيو. تجربي نه هئڻ ڪري، جو پروگرام بنايوسون تنهن جو ڪجهه احوال هيٺ ڏجي ٿو:
“پوسٽر”
مسلم ليگ جي گهر آهي پاڪستان.
پاڪستان جي معنى آهي اسلامي حڪومت.
1) جنهن ۾ قرآن شريف جي اصولن مطابق اقتصادي هڪ جهڙائي هوندي!
2) جتي سڀني ماڻهن کي سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي هڪ جهڙائي هوندي!
3) جتي حڪومت جون واڳون سچن ۽ پرهيزگار مسلمانن جي هٿ ۾ هونديون!
4) جنهن ۾ غير مسلمانن جي حقن جي خاص طرح حفاظت ڪئي ويندي!
5) جتي حڪومت جو پهريون فرض ملڪ مان غربت، ظلم، بي علمي ڪڍي، طبقاتي مفاد خاطر عوام کي ناجائز طرح ڪتب آڻڻ کي بند ڪرڻ هوندو!
6) جتي زنا، شراب خوري ۽ وياج خوريءَ جي قانونن منع هوندي!
7) جنهن ۾ عدل ۽ انصاف پيسن تي نه وڪامندو، پر هرهڪ کي مفت نصيب ٿيندو!
8) جنهن ۾ عزت جو معيار طاقت ۽ پيسي تي نه، پر چڱن اخلاقن تي مقرر ڪيو ويندو!
غلام مرتضى
چيئرمين مسلم ليگ آرگنائيزيشن ڪميٽي.
3. ان وقت سنڌي مسلمانن کي پاڪستان ٺهڻ بعد آل انڊيا مسلم ليگ جي 1940ع لاهور واري ٺهراءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيل ٺهراءَ مطابق، آئيندي سنڌ ۾ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت قائم ٿيڻ جي اميد هئي.
انهن حالتن ڪري اسان پاڪستان ۽ مسلم ليگ طرف گهلجي وياسون. سياسي تجربي نه هئڻ ڪري پتو نه پئجي سگهيوسون ته الهه بخش وزارت کي هندو مستقل مفاد، جو عوام جي ڀلي جو ڪم ڪرڻ نٿي ڏنو، ان جو ڪارڻ ڪانگريس جا ميمبر نه هئا، پر انهن جي هندو مستقل مفاد سان جوابداري هئي، جيڪا جدا چونڊن سبب سندن نتيجي اچڻ سبب مٿن عائد ٿيل هئي. جدا چونڊن جو ڪارڻ مسلم ليگ جماعت هئي. جنهن مسلم اقليت وارن صوبن ۾ مسلم مستقل مفاد کي بچائڻ خاطر، انگريزن جي مدد سان جدا چونڊن کي مروج ڪرايو هو.
انهيءَ وقت اهو خيال به نه آيوسون ته مسلمانن کي فرقيوار بنياد تي منظم ڪرڻ سان عوامي فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه هو. ڇاڪاڻ ته عوام ۾ غريب هندو به هئا ۽ مسلمان به هئا. تنهنڪري عوام کي اقتصادي ۽ طبقاتي بنيادن تي منظم ڪرڻ زياده ڪارآمد ٿي سگهيو ٿي.
فرقيوار سياست ڪري سموري واڳ ملا ۽ ان جي سرپرست چالاڪ مستقل مفاد جي حامل مسلم سياستدان جي هٿ ۾ وڃڻي هئي.
اهڙيءَ طرح اسان غلط طريقن سان صحيح مقصد کي حاصل ڪرڻ گهريو ٿي. عوام جي طبقاتي جنگ کي مستقل مفاد خلاف محاذ قائم ڪرڻ جي عيوض هندو مستقل مفاد ۽ مسلم مستقل مفاد جي چڪر ۾ وڃي وڌوسون. اسان عوام کي مثالي حڪومت قائم ڪرڻ جي دلاسي تي ڪٺو ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ليڪن علم ۽ تجربي جي گهٽتائيءَ سبب اهو پتو نه پيوسون ته مٿي ذڪر ڪيل اسلامي مقصد اسان اهڙي جماعت جي هٿان حاصل ڪرڻ گهريا ٿي، جنهن جي واڳ اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ هئي، جي مستقل مفاد جا عيوضي، شرابي، جواري، بداخلاق، رجعت پسند ۽ عوام دشمن هئا. نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي عوام سان گڏ، اسان پاڻ کي مصيبتن ۾ وجهي ڇڏيو.
اسان ان وقت ائين سمجهيو هو ته صرف ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ وارا مڪاني سوالن تي آل انڊيا مسئلن کي ترجيح ڏيندڙ هئا، ليڪن اڳتي هلي پتو پيوسون ته انهيءَ ساڳي گناهه جا ڪندڙ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وارا به ثابت ٿيا. ڪانگريس ڪارڪنن ۾ ڪجهه قدر اصول ۽ شخصي اخلاق هو. ليڪن هي ليگي ليڊر زياده بي اصول ۽ بداخلاق ثابت ٿيا. اسان جو مثال ان تتر جهڙو وڃي ٿيو، جو باز کان ڇڏائڻ لاءِ وڃي هڪ فقير جي گودڙيءَ ۾ لڪو هو. پر تجربي بعد پتو پيس ته اهو فقير باز کان به زياده بڇڙو هو.
(4) اسان سمجهيو هو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ جملي ملڪ، ڪيل واعدن موجب آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي صورت اختيار ڪندا. پر تجربي ثابت ڪيو ته آزاد ٿيڻ جي عيوض اسان جا ملڪ وڃي، مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج جي ڪالوني بنيا آهن.
هيٺ اسان سنڌين جي پاڪستان مان اميدن جي ختم ٿيڻ جو ڪجهه تفصيل سان ذڪر ڪنداسون.
1. اسان کي اميد هئي ته لاهور جي مسلم ليگ ٺهراءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ مطابق، سنڌ، بلوچستان، پنجاب، پختونستان ۽ بينگال جي قومن کي آزاد ۽ خودمختيار مستقل مفاد پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڦيرو کائي، مٿي ذڪر ڪيل جملي ملڪن جي جدا قوميتن جي وجود کان انڪار ڪري، پاڪستان کي يونيٽري قسم جي رياست بنائي، ننڍين قومن جو استحصال ڪرڻ لڳا. جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي حقن جي گهر ٿي ڪئي، ته انهن کي اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن، صوبائي تعصب رکندڙ، انتشار پسند ۽ ڌارين جو ايجنٽ سڏي، سزائون ڏنيون ويون ٿي.
2. اسان کي اميد هئي ته پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سنڌي عوام، جنهن جي اڪثريت مسلمان هئي، هندو مستقل مفاد جي استحصال کان نجات حاصل ڪندو. پر ان جي عيوض الٽو اسان وري مسلم اقليت وارن صوبن جي مستقل مفاد جي چنبي ۾ وڃي ڦاٿا آهيون، جن جو استحصال هندو سرمائيدار جي استحصال کان سؤ دفعا بدتر آهي.
3. سنڌين کي اميد هئي ته سنڌ زرخيز ملڪ هئڻ ڪري، ان مان وصول ٿيندڙ جملي محصول سنڌين جي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ ڪتب آندا ويندا. پر پاڪستان بنجڻ بعد ائين نه ٿيو آهي. مورڳو سنڌ مان وصو ل ٿيندڙ ٽيڪسن جو 95 سيڪڙو پيسو، مهاجر پنجابي نفعي لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو.
4. سنڌين کي اميد هئي ته پاڪستان بنجڻ بعد ڪم از ڪم حڪومت سنڌ تي سنڌي سياستدانن جو قبضو رهڻ ڏنو ويندو، جي سنڌي عوام جي نفعي لاءِ ان کي سندن مرضي ۽ مفاد مطابق استعمال ڪندا. پر تجربي بعد معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي آٽوناميءَ کي ختم ڪري، مهاجر پنجابي سامراجين ان کي سندن مرضي ۽ مفاد لاءِ پئي ڪتب آندو آهي. هن سلسلي ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سنڌ جي پهرئين وزيراعلى محمد ايوب خان کهڙي سان جيڪا روش اختيار ڪئي ويئي، ان کي سمجهڻ ضروري آهي، کيس سندن مرضيءَ مطابق هلندڙ نه ڏسي، هيٺين مسئلن جي اختلاف ڪري، سندس وزارت کي باوجود سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت هئڻ جي ڊسمس ڪري، ڪوڙي ڪيس هيٺ جيل ۾ موڪلي ڇڏيائون.
کهڙي سان سامراجين جي اختلاف جا ڪارڻ
i. کهڙي صاحب سنڌ ۾ لياقت علي خان جي ان تجويز جي مخالف ڪئي هئي، ته سنڌي هندن خلاف فساد ڪرائي، کين سنڌ مان لڏائي، سندن ملڪيتن تي ڀارت کان ڪثير تعداد ۾ مهاجر گهرائي، قابض ڪرايو وڃي.
ii. ڪراچيءَ ۾ لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان سندس ماڻهن هٿان هندن جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ فساد ڪرايا هئا، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت جي مهاجر عملي شرڪت ڪئي هئي. ان تي کهڙي صاحب، جو ان وقت وزيراعلى هو، ڏوهارين کي گرفتارڪرائي، ڦريل مال هٿ ڪيو هو. ان تان وزيراعظم لياقت علي خان، کهڙي جي خلاف ٿي پيو.
iii. سنڌي هندن کي سنڌي مسلمانن هم قوم هئڻ ڪري، فسادن وقت پناهه ڏني هئي. پر مرڪزي حڪومت جي پاليسي ۽ ڀارت کان لڏي آيل مهاجر غنڊن هنن جي زندگي وبال جان بنائي ڇڏي. ان ڪري هو ڪثير تعداد ۾ لڏڻ لڳا. جنهنڪري زرعي زمين، واپار جون منڊيون، مختلف شين جا دڪان سامان سوڌا ڪارخانا، عاليشان رهڻ جون جايون خالي ٿيڻ لڳيون. تن جاين تي صوبائي حڪومت مڪاني سنڌين کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪري مرڪزي حڪومت جنهن تي قبضو لياقت علي خان وسيلي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو هو، ناراض ٿي پيئي، ۽ هنن اها ملڪيت سنڌين کان کسي مهاجرن ۾ ورهائڻ شروع ڪئي. کهڙي ۽ لياقت علي خان جي وچ ۾ اختلاف جو هڪڙو سبب اهو به هو.
iv. پاڪستان پنجن جدا ملڪن ۽ قومن تي مشتمل ملڪ هو، جن قومن کي هزارها ورهين جون جهونيون زبانون هيون. اتي جي رهاڪن کي جدا ڪلچر هئا. نئين حڪمران طبقي انهن زبانن جي عيوض، سندن وچ ڀارت مان آندل اردو زبان کي زوري ملڪ مٿان مڙهڻ چاهيو ۽ سڀني درجن تي اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ان کي لازمي ٺهرائڻ شروع ڪيو. کهڙي صاحب انهيءَ پاليسي جي مخالفت ڪئي. جنهن تان اهو طبقو مٿس ناراض ٿي پيو.
v. ڪراچيءَ جو شهر هڪ سؤ ورهين کان سنڌ جي گاديءَ جو شهر رهيو آهي. ان جي ترقي ۽ تعمير تي سنڌ جي پيدائش مان اربها روپيا خرچ ٿيا هئا. نئين حڪمران طبقي ان کي مهاجرن سان ڀري، سندن ڪالونيءَ طور ڪتب آڻڻ شروع ڪيو هو. کهڙي ان قدم جي مخالفت ڪئي. جواب ۾ هنن زوريءَ ڪراچي کي سنڌ کان کسي، مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪرڻ چاهيو ٿي. جنهن جي مخالفت ڪرڻ تي، هن کهڙي کان ناراض ٿيا.
vi. سنڌ اندر هندن جي خالي ٿيل نوڪرين تي، حڪمران طبقي مهاجرن کي رکڻ ٿي چاهيو. کهڙو صاحب ابتدا کان وٺي، سنڌي مسلمان ڪاموري جو حامي هو، تنهن ان خالي ٿيل نوڪرين تي سنڌين کي مقرر ڪرڻ گهريو. ان تان هن کي صوبائي تعصب رکندڙ قرار ڏئي، بدنام ڪري، وزارت مان ڪڍڻ لاءِ گهاٽ گهڙيا ويا.
vii. پاڪستان جو آئين نه ٺهيو، پر برٽش پارليامينٽ طرفان پاس ڪيل پاڪستان جي آزاديءَ جو قانون ملڪ ۾ رائج هو. ان مطابق سنڌ کي آٽوناميءَ مليل هئي. ليڪن پاڪستان جي سامراجي حڪمران طبقي، مسلم ليگ پارٽيءَ جي نالي ۾ ۽ مرڪزي حڪومت طاقتور هئڻ جي آڌار تي، سنڌ جي اندروني معاملن ۾ دست اندازي ڪئي، سنڌ جي آٽوناميءَ کي بيڪار بنائڻ گهريو ٿي. کهڙي صاحب ان پاليسيءَ جي مخالفت ڪئي. ان تان به هي نوان حڪمران مٿس ناراض ٿيا، ۽ سندس زبردست وزيرن ۽ گورنر سنڌ کي لالچون ڏئي، ان جي مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيائون.
سنڌي عوام ٻاهران آيل مهاجرن کي کاڌا کارايا، آڌرڀاءُ ڪئي، انهن جي رهڻ لاءِ انتظام ڪيا. سنڌ سرڪار جي عمارتن ۾ رهڻ ۽ آفيسن لاءِ ڪروڙها روپيا خرچ ڪيا. پر جڏهن سنڌ سرڪار گهر ڪئي ته سندس خرچ ڪيل رقم کين واپس ڏني وڃي، ته حڪمران طبقي سنڌي حڪومت جي اهڙي واجبي گهر جي مخالفت ڪري ناراضگي ڏيکاري.
i. ڪيتريون زمينون ۽ دڪان، ڪارخانا سنڌي مسلمان هندن کان خريد ڪيا هئا. انهيءَ جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ڪسٽوڊ کاتو کوليو ويو. جنهن جي چارج مهاجر عملدارن جي هٿ ۾ ڏني ويئي. نتيجو اهو نڪتو ته هنن سنڌي مسلمانن جون دعوائون ڪري ڇڏيون. جڏهن کهڙي ان لاءِ سنڌين طرفان حقن واسطي گهر ڪئي، ته ان تان به حڪمران طبقو مٿس ناراض ٿي پيو.
ii. سنڌ مسلم ليگ جو صدر کهڙو صاحب هو. هو آزاد خيال ۽ سنڌي حقن لاءِ لڙندڙ ماڻهو هو. ان سنڌ مسلم ليگ کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ چاهيو ٿي. ليڪن مرڪزي حڪام ان جي دست اندازي ڪري، صوبي مسلم ليگ کي به پنهنجي ڇاڙتن جي حوالي ڪرڻ گهريو ٿي. ان جي کهڙي صاحب مخالفت ڪئي. جنهن تان مرڪزي حڪام مٿس ناراض ٿي، پير الاهي بخش ۽ ٻين سندن ڇاڙتن کي، هن جي خلاف بغاوت لاءِ آماده ڪيو.
iii. صوبي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جي اڪثريت کهڙي صاحب جي طرفدار هئي. ازانسواءِ صوبي مسلم ليگ جماعت جو قبضو سندن هٿن ۾ هو. کهڙي جي سنڌ نواز پاليسيءَ تان ناراض ٿي، هنن پيرالاهي بخش ۽ مير غلام علي خان کي لالچ ڏني، ان جي مخالفت لاءِ آماده ڪيو. جڏهن کهڙي صاحب مرڪزي حڪمران طبقي جي طرفان سنڌ سرڪار جي اندرون معاملن ۾ دست اندازيءَ ۽ سازش جي خلاف احتجاج بلند ڪيو ته هنن کيس وزارت مان ڪڍڻ لاءِ گهاٽ گهڙيا.
iv. صوبائي وزيرن جڏهن سنڌ جي قديم رهاڪن جي مفاد خاطر مرڪزي سرڪار جي ناجائز حڪمن جي بجا آوريءَ کان انڪار ڪيو، ته ان کان ناراض تي، ان حڪمران طبقي جناح صاحب ۽ لياقت علي خان ذريعي صوبائي اسيمبلي ميمبرن يا وزيرن کي اسيمبلي اندر سندن برخلاف ووٽ پاس ڪرڻ کان سواءِ عام تسليم ڪيل جمهوري دستور خلاف وزارت يا ميمبريءَ مان خارج ڪرڻ لاءِ پروڊا قانون پاس ڪرائي، وزيرن ۽ ميمبرن کي ڪڍڻ شروع ڪيو.
(5) پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي ڳوٺن ۽ جهوپڙين ۾ رهندڙ خانه بدوش سنڌين کي رٿائتي طريقي سان جديد طرز جي ڳوٺن ۾ رستا، کوهه، اسڪول، اسپتالون وغيره ٺهرائي، ڳوٺاڻن کي سهوليتن ڏيڻ لاءِ پروگرام رٿيل هو. پر پاڪستان ٺهڻ بعد حڪمران طبقي سمورو توجهه مهاجرن جي آبادڪاريءَ طرف رجوع ڪيو. هندن جا خالي ڪيل گهر انهن کي ڏياريائون. نوان ڳوٺ به انهن کي ٻڌائي ڏنا ويا. فساد ڪرائڻ بعد جڏهن هندن جي لڏپلاڻ ٿي ۽ وڌيڪ گهر خالي ٿيا ته اهي به مهاجرن کي مليا. ليڪن اصلوڪن سنڌين جي آبادڪاريءَ يا گهرن ٺهرائڻ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو. ڄڻ ته هو ملڪ جا رهاڪو ئي ڪونه هئا، ۽ هيءَ ملڪ ورثي ۾ صرف مهاجرن کي، سندن آقا انگريزن کان مليو هو.
(6) سنڌ جا اڪثر مسلمان زراعت پيشه هئا. جيڪي ٿورا ماڻهو واپار ۾ هئا، تن کي پيسي جون سهوليتون نه مليل هيون، تنهن ڪري هو ترقي ڪري نه سگهيا. ان تي جڏهن هندن جي ريس ۾ مسلمانن واپار ۽ دڪانداريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ته ان وچ ۾ پاڪستان قائم ٿي ويو. سنڌين کي اميد هئي ته هندن جي خالي ٿيل جاين کي هو ڀريندا. پر پاڪستان جي نون حاڪمن، جي مهاجرن پنجابي مستقل مفاد جا نمائندا هئا، هندن جا دوڪان سامان سوڌا مهاجرن کي ڏياريا ويا. ڪارخانا کين ڏياريا ويا، جملي بئنڪن تي منظم طريقي سان سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ کين مسلط ڪيو ويو. واپار جي منڊين ۽ واپار جي پرمنٽن لاءِ انهن کي مخصوص ڪري، انهن کي زور وٺايو، ۽ سنڌين کي ڄاڻي واڻي ٻاهر رکيو ويو. جنهن ڪري سنڌ مهاجرن جي ڪالوني بنجي ويئي، ۽ سنڌي ساڳي ڪسمپرسي ۽ غربت جي حالت ۾ رهجي ويا.
7- انگريزن جي دور حڪومت جي شروعات ۾ هندو تعليم حاصل ڪري، سرڪاري نوڪرين تي قابض ٿي ويا هئا، جڏهن کان سنڌ بمبئي علائقي کان جدا ٿي صوبن ۾ حڪومت قائم ٿي ته باوجود انهن خامين جي، جن هيٺ سنڌ علحده ٿي هئي. جهڙوڪ اسيمبلي ميمبرن جو گهٽ تعداد، جدا چونڊون، هندن کي نمائندگيءَ ۾ ويئيج (ڪثرت) جنهن جو مکيه ڪارڻ مسلم اقليت وارن صوبن جا مسلمان هئا)، ته به سنڌي مسلمانن تعليم لاءِ سهوليتن پيد اٿيڻ ڪري ان طرف توجهه ڏنو، ۽ هزارها شاگرد تعليم حاصل ڪري نوڪرين جي لائق بنجي ويا. پر هندو اڳيئي انهن جاين تي قابض هئا، ان ڪري مسلمان اميدوارن کي اڳوڻن نوڪرن جي پينشن تي وڃڻ، مرڻ يا نين جاين پيدا ٿيڻ تي اميد هئي ته کين نوڪريون ميسر ٿينديون. پاڪستان جي قائم ٿيڻ ۽ هندن جي لڏي وڃڻ ڪري، هزارها نوڪريون خالي ٿي پيئون. تعليم يافته سنڌي مسلمانن کي اميد هئي ته ڪم از ڪم صوبي سنڌ جي نوڪرين ۾ کين رکيو ويندو، پر ائين نه ٿيو،. انهيءَ سامراجي عناصر منظم طريقي سان بيشمار نوڪري پيشه مهاجرن کي پاڪستان ۾ گهرائي، اهي جايون کين سپرد ڪيون، ۽ اهڙي طرح مکيه عهدن جي چارج مهاجر عملدارن جي هٿن ۾ اچڻ ڪري، هنن نيون خالي ٿيندڙ يا پيد اٿيل جاين تي به مهاجرن ۽ پنجابين کي رکڻ شروع ڪيو. سنڌي ساڳي حالت ۾ بيروزگار رهڻ لڳا يا کين ننڍين خسيس جاين تي نوڪري ڏني ٿي ويئي. هنن اسلام جي علمبردارن ايتري قدر پاس خاطري ڪئي، جو سنڌي ايم. اي پاس ڪيل سنڌي پرائمري اسڪول ماستريءَ لاءِ محتاج هئا، ۽ ميٽرڪ پاس ٿيل مهاجر اعلى عهدن تي فائز ڪيا ويا. مرڪزي نوڪرين ۾ ته پنجن هزارن پويان سنڌين کي هڪ به نوڪري نه ڏني ويئي.
اهڙين حالتن هوندي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ احتجاج ڪيو ته ان کي علاقائي تعصب رکندڙ، پاڪستان دشمن وغيره لقب ڏئي، ماٺ ڪرائي ٿي ويئي. ان لاءِ ڪيترن سياستدانن کي ڊيڄارڻ يا کين شخصي لالچ ڏيئي، سندن زبان بند ڪرائي ٿي ويئي. اهڙيءَ طرح سان پاڪستان جي قيام بعد سنڌي گهر ۾ مظلوم ٿي ويا. انهيءَ پاليسيءَ ڪري سنڌين کي ٻه طرفو نقصان ٿي پهتو. هڪ ته ان ڪري هو بيروزگار رهجي ٿي ويا. ٻيو ته سموري انتظام جي واڳ غير سنڌي آفيسرن جي حوالي ٿيڻ ڪري، سياسي طرح غير سنڌي ملڪ تي مسلط ٿي ويا هئا.
سول سروس مرڪزي حڪومت جي ماتحت هئڻ ڪري انهن عملدارن سنڌ سرڪار جي وزيرن جي پرواهه نه ٿي ڪئي. پر باوجود ان جي به جيڪڏهن سنڌي وزيرن سنڌين لاءِ قدم کنيو ٿي ته سندن زبردست مهاجر ۽ پنجابي عملدارن مرڪزي حڪومت وٽ خبر رسائي ڪري، انهن وزيرن کي پروڊا ۽ ايبڊو جي قانونن هيٺ (جي ٺاهيا ئي ان مقصد لاءِ هئا) خارج ڪرائڻ لاءِ مواد ميسر ڪيو ٿي.
ضلعي جي روينيو ۽ پوليس جي مکيه عهدن جون چارجون غير سنڌي عملدارن جي حوالي ۾ ڏنيون ٿي ويئون. اڪثر کاتن جا وڏا عملدار غير سنڌي رکيا ويا هئا. ويتر ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد ته سنڌي عملدارن کي چونڊي چونڊي نقصان رسايا ويا، ۽ هو ملڪ ۾ اڇوتن جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
ڀٽي صاحب کي حڪومت جي واڳ ڏيڻ وقت هنن انهيءَ قيمت ۾ جو ذليل ڪم هن کان ڪرايو، سو اهو هو ته پاڪستان ۾ ڪل 13 سو عملدارن کي نااهل قرار ڏيڻ وقت ان جو پورو اڌ کن سنڌين کي هنن خارج ڪرايو.
8. انگريزي دور حڪومت کان اڳ سنڌ ۾ ٽالپر گهراڻي جي حڪومت هئي. انهن ڏينهن ۾ هندو اڪثر تجارت جو ڌنڌو ڪندا هئا. زراعت جو پيشو، مسلمانن جي حوالي ۾ هئڻ ڪري انگريزن جي آمد وقت هندن جي هٿ ۾ چند ايڪڙ زمين به ڪانه هئي. پر انگريزن جي دور حڪومت ۾ هندن وياج خوري، واپار ۽ نوڪريءَ مان پيسو ڪمائي زمين خريد ڪئي. جنهنڪري پاڪستان بنجڻ تائين هندو 25 لک ايڪڙ زمين هٿ ڪري ويا. اها زمين آبادگارن کي واپس موٽائڻ لاءِ سنڌ جي بمبئي علائقي کان جدائيءَ بعد، سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن گهٽائڻ جا بل پيش ڪيل هئا. جي پاس ٿيڻ بعد جڏهن جناح صاحب ۽ لياقت علي خان وٽ منظوريءَ لاءِ پيش ٿيا ته هنن مهاجرن کي وسارڻ خاطر، انهن بلن جي منظوري نه ڏني. بلڪه لڏي ويل هندن جي ڇڏيل سموري زمين جا 20 لک ايڪڙ هئي، مهاجرن کي ڪليمن ۾ ورهائي ڏنائون. جن مان اڪثر ڪوڙا ڪليم هئا. سنڌي آبادگارن جي حق جو ڪوبه خيال نه ڪيو ويو. جن مان ڪي ته اهي هئا، جن جي هندن کان زمين ورتل هئي ۽ ڪي بي زمين هاري هئا.
ڀٽي صاحب ووٽن وٺڻ وقت سنڌي ووٽرن کي ڪوڙا دلاسا ڏيئي ڇڏيا هئا ته اقتدار ۾ اچڻ بعد هو هرهڪ هاريءَ کي 16 ايڪڙ زمين ڏيندو. سواءِ انهن جي جن کي سندس ڌوڪيبازيءَ ۽ بدڪرداريءَ جو پتو هو، عام ماڻهن برغلجي کيس ووٽ ڏنا ته من هو سندس واعدو پورو ڪري. پر هن صاحب مهاجرن کي اهڙيءَ طرح مليل زمين کي هٿ نه لاتو آهي، نه پنجابي عملدارن کي ڏنل زمين موٽائي ورتي آهي.
ان ساريءَ ڪارگذاريءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ ۾ نه رڳو هندن جي ڇڏيل سموري زمين غير سنڌين کي ڏني ويئي آهي. بلڪه ٻي سرڪاري يا زميندارن کان ورتل زمين جو گهڻو حصو پڻ عير سنڌين جي حوالي ٿي ويو آهي. اڄڪلهه سنڌ ۾ غير سنڌين جي عام ڪالونائيزيشن تي رهي آهي.
9. سنڌ ۾ ڪيتري آباديءَ لائق زمين، پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب غير آباد پيئي آهي. ان کي آباد ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پنهنجي پيسي مان ٻه نوان بيراج هرهڪ ڪوٽڙي بيراج ۽ گڊو بيراج ٻڌائي، لکها ايڪڙ زمين کي پوک هيٺ آڻڻ جو انتظام ڪيو. جنهن تي اٽڪل 160 ڪروڙ روپيا سنڌ سرڪار جو خرچ آيو. سنڌين کي اميد هئي ته زراعت پيشه 50 لک بي زمين هارين کي اهي زمينون ڏنيون وينديون. پر ائين نه ڪيو ويو. بلڪ انهن بيراجن تي سرڪاري خرچ سان لکها ايڪڙ زمين هموار ڪرائي غير سنڌي عملدارن ۾ تقسيم ڪئي ويئي. باقي زمين کي نيلام ڪيو ويو. جنهن صورت ۾ نيلام ڪندڙ عملدار اڪثر غير سنڌي هئا، ان ڪري هنن اهڙي پاليسي اختيار ڪئي، ته انهيءَ نيلام ڪيل زمين جو گهڻو حصو غير سنڌين جي حوالي ٿيو. جتي سنڌي زميندار، انهن غير سنڌي آبادگارن جي وچ ۾ يا ڀر ۾ اچي ويا ته انهن جو پاڻي بند ڪرايو ٿي ويو، هنن کي زمين ڇڏڻي ٿي پيئي. اهڙيءَ طرح سان غير سنڌين کي گهڻي ڀاڱي ملڻ ڪري، باغات يا بي نقد فصل جي پوکڻ جي سهوليت نصيب ٿئي ٿي.
مون ۽ ٻين جڏهن به ان ظلم خلاف آواز اٿاريو ٿي، ته ان لاءِ نظربنديءَ يا جيل جون سزائون ڏنيون ٿي ويون. مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ انهن حالتن بابت هڪ ڪتاب لکيو ته ان ڪتاب کي ضبط ڪيو ويو، ۽ هن صاحب کي جيل ۾ موڪليو ويو. جتي هن کي ايتري قدر تڪليف ڏني ويئي، جو ٻاهر اچڻ کان پوءِ هو جلد وفات ڪري ويو.
گورنر محمد موسى حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ سندس تقريرن ۾ صاف ظاهر ڪيو هو ته حيدر بخش جتوئيءَ ۽ جي. ايم. سيد کي جيلن ۾ انڪري رکيو ويو هو، جو هنن ون يونٽ جي مخالفت ٿي ڪئي، ۽ غير سنڌين کي سنڌ ۾ زمين ڏيڻ تي اعتراض ٿي ڪيو (کيس به زمين مليل هئي) ڄڻ ته زمين سنڌ مهاجر پنجابي سامراج جي جاگير هئي. اُن ۾ سنڌين کي ڪوبه حق نه هو.
10- سنڌ جي زبان هزارن ورهين جي قديم ۽ ترقي يافته زبان هئي. بمبئي کان سنڌ جي جدا ٿيڻ بعد، سنڌ سرڪار ان جي ترقيءَ لاءِادبي بورڊ قائم ڪري ان کي منظم طرح سان زور وٺائڻ گهريو ٿي. ليڪن پاڪستان بنجڻ تي نئين آيل حڪمران طبقي ان زبان کي ختم ڪري، سندن ٻاهران آندل اردو زبان کي سنڌين تي مسلط ڪرڻ گهريو ٿي. ان لاءِ جڏهن کهڙي صاحب کان انڪاريءَ جو جواب ملين، ته هنن انهيءَ کي ڪڍي، پير الاهي بخش جهڙي ضمير فروش ماڻهوءَ کي لالچ ڏيئي وزارت ۾ آڻي، ان کان ساريءَ سنڌ ۾ اردوءَ کي لازمي ٺهرايو ۽ پاڪستان جي قومي زبان اردو مقرر ڪيائون ان کان پوءِ رٿابنديءَ سان سرڪار پرستيءَ هيٺ اردوءَ کي زور وٺائي سنڌي زبان سان ماٽيجي ماءُ وارو برتاءُ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ کي ون يونٽ وقت گهٽايو ويو. ان بورڊ تي پهرين غير سنڌي سرڪار آفيسر رکيا ويا. پوءِ سرڪاري ڇاڙتا ميمبر نامزد ڪري، ان جي پيسي سان هٿ چراند ڪئي ويئي جنهن ڪري بورڊ طرفان تجويز ڪيل ڪم جهڙوڪ:
1) سنڌيءَ کان سنڌي ڊڪشنري.
2) انگريزي مان سنڌي ڊڪشنري.
3) سنڌ جي تاريخ لکائڻ.
4) سنڌي انسائيڪلوپيڊيا لکائڻ.
5) ٻين ٻولين جي ڪلاسيڪل ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ.
6) سنڌ جي هيريئيج تي ڪتاب لکائڻ.
7) سنڌي ڊراما لکائي، انهن کي اسٽيج ڪرائڻ ۽ فلمون ٺهرائڻ.
8) سنڌي لوڪ ادب جي سروي ڪرائڻ.
9) سنڌ ۾ جديد سائنسي ۽ هنري لفظن جو ترجمو ڪرڻو.
10) سنڌي شارٽ هينڊ لکڻ، سنڌي ٽائيپ تيار ڪرائڻ.
وغيره رهجي ويا. ان جي مقابلي ۾ انجمن ترقي اردوءَ کي هندن طرفان ٺهيل وڏيون جايون سپرد ڪري، لکها روپيا گرانٽون ڏيئي، اردو بورڊ قائم ڪري، اردوءَ جي همت افزائي ڪئي ويئي. ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي زبان کي خارج ڪرائي، ان جي جاءِ تي اردوءَ کي رکيو ويو. ڪراچي شهر مان سنڌي زبان کي پرائمري تعليم جي درجي تان هٽائي اردوءَ کي زوريءَ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن تي مسلط ڪيو ويو، جاين گهٽين تي غير سنڌي نالا لکائي، سنڌي روايات کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان سنڌي زبان کي تمام گهٽ وقت ڏنو ويو. پر جيڪو ڏنو ويو، ان لاءِ گهٽ رقم خرچ سبب سنڌيءَ ۾اهڙا نڪما پروگرام نڪتا ٿي، جو ٻڌڻ جي لائق نه هئا، سنڌين مجبور ٿي آل انڊيا يا سياون وغيره اسٽيشنن تان سنڌي پروگرام ٻڌڻ کي ترجيح ٿي ڏني ڄاڻي واڻي هنن سنڌي فنڪارن ۽ شاعرن کي ريڊئي ۽ ٽيليويزن کان ڏور رکيو ٿي ويو، ۽ رواجي فنڪارن ۽ شاعرن کي ترجيح ڏيڻ ڪري سنڌي پروگرام بيڪار ٿي پيا ٿي.
(11) سنڌين کي اميد هئي ته پاڪستان بنجڻ بعد جمهوري طرز حڪومت مطابق ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ، قومپرستيءَ جي پرچار، سوشلزم ۽ سيڪيولرزم جي پروپيگنڊا جي اجازت ڏني ويندي. ليڪن جنهن صورت ۾ پاڪستان حڪومت تي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراجين جو قبضو ٿي ويو هو، تن اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جو ڪابه ڳالهه جا سندن راءِ يا مفاد جي خلاف هئي، يا سنڌين جي فائدي ۾ هئي، ان کي سختيءَ سان اسلام، پاڪستان ۽ مسلم قوم جي خلاف ظاهر ڪري دٻايو ٿي ويو. قومپرست سياستدانن کي بنا ڪيس هلائڻ جي ورهين جي ورهيه جيلن يا نظربندين ۾ رکيو ويو، سندن رسالا، اخبارون بند ڪيون ويئون، سندن ڪتاب ضبط ڪيا ويا. سنڌي اديبن کي بنا ڪيس هلائڻ جي جيلن ۾ موڪليو ويو، ڪارا قانون پاس ڪري، قومپرستي کي غير قانوني ٺهرايو ويو. پريسن تي اهڙي چوڪسي رکي ويئي، جو هنن ڪوبه سنڌ جي فائدي يا حڪمران طبقي جي مفاد خلاف مضمون، ڪتاب، رسالو ڇپڻ کان انڪار ٿي ڪيو. جن پريسن ڪجهه مواد ڇپيو ٿي ته انهن جون پريسون ضبط ڪيون ٿي ويئون. عدالتي کاتي کي هيسائي، ڪمزور ڪري، پنهنجا ڇاڙتا جج رکي، قانوني چاره جوئيءَ کي بيڪار بنايو ويو. شاعرن، مضمون نويسن، قومپرست ڪارڪنن کي حڪومت جي ظلم جو نشانو بنائي، تڪليفون ڏنيون ٿي ويون. قومپرست پروفيسرن ۽ ماسترن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ شاگردن کي مارون ڏياري، ريسٽيڪيٽ ڪرائي، کانئن اسڪالرشپون کسي، کين ناپاس ڪري، تنگ ڪيو ويو. ايتري قدر جو موجوده ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ شاگردن جي عيوض ان جي مائٽن کي مارون ڏياري، جيلن ۾ رکيو ويو ٿي، يا پوليس ٿاڻن تي بنا سبب جي هفتن جا هفتا لاڪ اپ ۾ رکيو ٿي ويو، جن شاگردن ۾ قومپرستيءَ جو مادو پيدا ٿيل هو، انهن کي لالچائي خريد ڪري، پنهنجي اصولن کان ڦيرايو ٿي ويو. يا جيلن ۾ موڪلي سزائون ڏنيون ٿي ويئون، يا سرڪاري غنڊن هٿان مارون ڪڍائي، چپ ٿي ڪرائي ويئي. ڪن شاگردن جڏهن ضمانت لاءِ درخواست ٿي ڏني ته ماجسٽريٽن تي زور بار آڻي، ضمانت جون درخواستون رد ڪيون ٿي ويئون. ايتري قدر جو جڏهن ڪن شاگردن جي ضمانت سپريم ڪورٽ منظور ٿي ڪئي، ته ٻيا ڪوڙا ڪيس ڪري، انهن کي وري جيلن ۾ رکيو ٿي ويو. پر جي ٻئي ڪيس ۾ به وڏين ڪورٽن صمانت ٿي کنئي ته ٽيون ڪيس داخل ٿي ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ڪي شاگرد اهڙا هئا، جن تي جيل ۾ وڃڻ بعد ڪيسن جو تعداد به 8 تائين وڃي پهتو هو. جيلن ۾ شاگردن کي ڏنب ڏنا ويا، ساڻن ٻيون نازيبا حرڪتون، ڏوهاري قيدين يا جيل عملي يا پوليس وارن کان ڪرايون ٿي ويئون. غنڊن شاگردن کي پئسا ڏيئي، حڪمران طبقي جو حامي بنائي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد شاگردن ۾ اضافو ڪيو ٿي ويو. حالت ايتري قدر وڃي بيٺي ٿي ته اسڪالرشپ ڏيڻ کان اڳ ڪاليج پرنسپال يا وائيس چانسلر لاءِ، حڪمران طبقي جي شاگردن جي سفارش وٺڻ لازمي ٺهرائي ويئي هئي.
هڪ مهاجر ڪمشنر سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ون يونٽ خلاف ۽ سنڌي ٻوليءَ جي فائدي ۾ جلوس ڪڍڻ تي لٺين سان مارون ڏياري، پاڻيءَ ۾ اڇلارايو هو. ان کانپوءِ انهن کي جيلن ۾ وجهي، طرح طرح جي تڪليف ڏني هئي، ته ان جي خلاف ڪجهه به قدم نه کنيو ويو. ڀٽي صاحب حڪومت جي واڳ وٺڻ بعد سنڌين کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ اعلان ڪرايو ته جنهن جاءِ تي سنڌي شاگردن کي ان مهاجر ڪمشنر مارون ڏياريون هيون، ان جاءِ تي سرڪار اٺ لک روپين جي خرچ سان يادگار ٺهرائيندي. پر مٿان مهاجر پنجابي زور بار پوڻ ڪري هن نه رڳو ان يادگار جي ٺهرائڻ کي رد ڪيو، پر مورڳو ان عملدار کي سزا ڏيڻ جي عيوض پروموشن ڏيئي، هڪ وڏي مکيه عهدي تي رکيو.
12. پاڪستان بنجڻ کانپوءِ مرڪزي حڪومتن جي واڳ مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراجي نمائندن سول سروس ۽ ملٽري جنتا جي هٿن ۾ هئي. تن وقت به وقت مرڪزي وزارتن کي اسيمبلين ۾ اڪثريت هئڻ جي باوجود پئي بدلايو. لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو. خواجه ناظم الدين کي ڪڍيو ويو. ان کانپوءِ محمد علي بوگرا کي آڻي، وري ان کي هٽايو ويو. پوءِ محمد اسماعيل چندريگر، محمد علي چوڌري، حسين شهيد سهروردي، سر فيروز خان نون سڀ انهيءَ گروهه جي محلاتي سازشن ڪري وزارتن ۾ آندا ويا ۽ ڪڍيا ويا. ان کانپوءِ سڪندر ميرزا ۽ جنرل ايوب خان صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلين کي ختم ڪري، ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري، انهيءَ فوجي جنتا جي آڌار تي حڪومت برپا ڪئي، 20 ڏينهن کانپوءِ وري سڪندر ميرزا کي ڪڍي، جنرل ايوب کي صدر ڪري، حڪومت هلائڻ لاءِ نامزد ڪيو.
انهيءَ دور ۾ صوبائي اسيمبليون، ميونسپالٽيون، لوڪلبورڊ وغيره جا سڀ چونديل ادارا ختم ڪري، هٿرادو نامزد ڪيل ڪاميٽيون بنائي ڪم هلايو ويو. ساڳئي وقت مسلسل پروپيگنڊا ڪري، دنيا ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جا عوام جمهوريت هلائڻ لاءِ نااهل هئا. اڪثري تجربيڪار سياستدانن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان نااهل قرار ڏنو ويو. جنرل ايوب جي دور ۾ ڪامورن مسلسل پروپيگنڊا جي ذريعي جنرل ايوب کي ملڪ جو نجات دهنده ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ڪامورن کي حڪومت هلائڻ جو اهل ۽ لائق سمجهي، انهن کي ملڪ جو ڪرتا ڌرتا بنائي ڇڏيو.
ان وقت اخبارن تي پابنديون وجهي، يا خريد ڪري، ان آمرانه دور کي باعث رحمت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جن به اخبارن انهيءَ پاليسيءَ جي پٺڀرائي ٿي ڪئي ته انهن اخبارن کي يا ضبط ڪيو ٿي ويو، يا ان جي ايڊيٽرن کي جيلن ۾ موڪليو ٿي ويو.
13. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مهاجر پنجابي سامراج جي مدارالمهام ملٽري ۽ سول سروس جنتا، نه صرف مرڪزي حڪومتن ۾ ڦير گهير پئي ڪئي، پر صوبائي اسيمبلي کي به کيڏوڻو بنائي رکيو ويو. سنڌ ۾ وزارتن کي بنا سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي اجازت ۽ مصلحت جي، مٿان دست اندازي ڪري، هڪڙين کي ڪڍي، ٻين کي آڻڻ جو دستور عام ڪري ڇڏيو هو. پهرين محمد ايوب کهڙي وزيراعلى سنڌ جڏهين سندن مرضيءَ مطابق ڪم نه ڪيو ته ان کي ڪڍي، جيل ۾ موڪلي، هڪ بي ضمير ميمبر پير الاهي بخش کي وزيراعلى نامزد ڪري، ان کان سنڌ دشمنيءَ جا ڪم ڪرايائون. آخر جڏهن پير الاهي بخش سندن ڪڌن ڪمن ڪري، ميمبريءَ مان اليڪشن ٽربيونل جي فتوى ڪري، خارج ٿي وزارت کان نڪتو ته ان جي جاءِ تي يوسف هارون کي وزيراعلى ڪري نامزد ڪيو ويو، جو سنڌ اسميبليءَ جو ميمبر به نه هو ان کي ڪجهه وقت آزمائي، پوءِ کيس آسٽريليا جو ايلچي ڪري موڪلڻ بعد قاضي فضل الله کي وزيراعلى ڪري ڪم هلائڻ لڳا. ان کانپوءِ جڏهن ڏٺائون ته کهڙو صاحب ڪم هلائڻ لاءِ زياده ڪارآمد ٿي سگهيو ٿي، ۽ هنن به حالتن کي ڏسي کين رضامند ڪرڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ڪئي هئي، ته ماضيءَ کي وزارت تان هٽائي، کهڙي کي ٻيهر وزيراعلى نامزد ڪيائون.
کهڙي جي ان وزارت کي اڃا ٿورو وقت مس گذريو هو، ته جملي سنڌي ميمبرن ۾ اختلاف پيدا ڪري، پاڻ ۾ ويڙهائي، کهڙي قاضي فضل الله ۽ ٻين وزيرن تي پروڊا درخواستون وجهارائي، ٽربيونل مقرر ڪرائي، انهن کي وزارت مان خارج ڪري، سنڌ ۾ شيخ دين محمد نالي هڪ ڪٽر پنجابي گورنر هيٺ راڄ هلائڻ شروع ڪيائون. جنهن سنڌ جي زمينن تي پنجابين کي ڪالونائيز ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي. ان کانپوءِ نين چونڊن تائين سنڌ ۾ گورنري راڄ قائم رهيو. 1953ع ۾ سنڌ ۾ نيون چونڊون ٿيون جنهن ۾ چونڊن بعد پيرزادي عبدالستار کي مرڪزي اسيمبليءَ مان هيٺ لاهي، بنا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ جي، سنڌ جو وزيراعلى مقرر ڪيو ويو. ان جي وزارت ۾ پير علي محمد شاهه راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر کي وزير ڪري رکيو ويو.
ٿوري وقت ۾ سامراجي پاليسي “ويڙهائي راڄ ڪرڻ” مطابق انهن وزيرن ۾ اختلاف وجهارايو ويو. جنهن تي پير علي محمد شاهه راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر وزارت کان ٻاهر نڪري ويا. ان ڪري پيرزاده وزارت لوڏن ۾ آئي، ته ان کي بچائڻ لاءِ هن کي اجازت ڏني ويئي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن مان سڀني اثر وارن کي وزارت ۾ کڻي، پنهنجي وزارت کي مضبوط ڪري. اهڙيءَ طرح هن وزيرن جو تعداد ڇهن مان وڌائي 13 ڪيو نيٺ ٿوري وقت کانپوءِ اهي سامراج حڪمران پيرزادي وزارت مان به هيٺين ڳاليهن ڪري ناراض ٿي پيا.
(الف) مرڪزي اسيمبليءَ ۾ آئين ٺاهڻ وقت مرڪز جي اختيارن جي سوال.
(ب) مغربي پاڪستان ۾ صوبن کي ختم ڪري، ون يونٽ ٺاهڻ ۽
(ت) غلام محمد هڪ پنجابي گورنر جنرل جا اختيار گهٽ ڪرڻ واري سوال تي پيرزادي، سرڪار جنتا جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري باوجود سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جي اڪثريت جي مدد هئڻ جي، ڊسمس ڪري، کهڙي کي جو هن وقت تائين عهدي جي لالچ ڪري نئينءَ مان سندن پوئلڳ ٿي چڪو هو، پروڊا جي قانون موجب ڇهه سال سياست ۾ حصي وٺڻ کان خارج هجڻ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر نه هئڻ جي باوجود سنڌ جو وزيراعلى نامزد ڪري، ان کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي جيل ۾ وجهارائي، پوليس ۽ ڏنڊي جي زور سان سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو ٺهراءَ پاس ڪرايو ويو. ان وقت جن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ قومي ڪارڪنن کي جيل ۾ موڪليو ويو هو، انهن مان آئون به هڪ هوس.
ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان جيڪي ويل وهايا ويا ۽ ظلم ڪيا ويا، انهن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
1) سنڌ سرڪار جي خزاني جا بچت ٿيل 33 ڪروڙ روپيا، جي سنڌ جي ترقياتي ڪمن لاءِ مخصوص ڪيل هئا، مغربي پاڪستان صوبي جي ڪتب آندا ويا ۽ پنجاب صوبي جي هڪ سؤ ڪروڙ رپين قرض کي، ون يونٽ جي گڏيل خزاني مان ڀريو ويو.
2) سنڌ سرڪار جي وزيرن ۽ سيڪريٽريٽ جا فرنيچر غاليچن سوڌا سنڌ مان کڻائي لاهور نيا ويا، ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي لائبريري به اوڏانهن موڪلي ويئي.
3) صوبي سنڌ ۾ صوبائي خرچ مان ٺهرايل ٻن نون بيراجن مان هرهڪ ڪوٽڙي بيراج ۽ گڊو بيراج تي نڪتل زمينون آهستي آهستي ڪري ملٽري ۽ سول سروس جي عملدارن کي جن ۾ اڪثريت پنجابين جي هئي، ورهائي سنڌ ۾ انهن کي وسايو ويو. سڄي سنڌ کي ائين پنجاب جي هڪ ڪالوني بنائڻ لاءِ ڪالونائيزيشن آفيسر مقرر ڪيا ويا.
4) سنڌ ۾ مکيه عهدن ڪمشنر، ڊيپوٽي ڪمشنر، ڊي.آئي.جي، ايس. پي وغيره جي جاين تي غير سنڌي عملدارن کي رکي، سنڌ جي قومپرستيءَ جي تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
5) سنڌ جي نالي کي هر جڳهه تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ايتري قدر جو حيدرآباد سنڌ ريلوي اسٽيشن تان سنڌ جو نالو ڪڍايو ويو. ريلوي اسٽيشنن جي نالن، رستن جي پٿرن، ووٽرن جي لسٽن کي اردو زبان ۾ لکارائي، سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا.
6) سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ منظم سازش هيٺ سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهه عبداللطيف ڪلچرل بورڊ لاءِ سنڌ سرڪار طرفان مقرر ڪيل رقمون گهٽايون ويون. سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪاليجن کي اهڙيءَ طرح هلايو، جو انهن جي چارج غير سنڌي استادن جي حوالي ۾ ڏيئي، نظريي پاڪستان جي حامين کي زور وٺائي، سنڌي قومپرستيءَ جي رجحان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جن سنڌي شاگردن احتجاج يا مخالفت ڪئي ٿي، انهن کي پوليس کان مارون ڏياري، جيلن ۾ موڪلي، ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
7) سنڌ ۾ نه صرف وڏن عهدن تي غير سنڌي عملدار رکيا ويا، پر ويندي پٽيوالن تائين به غير سنڌي عملي جي ڀرتي ٿيڻ شروع ٿي. سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سوال پڇڻ يا اخبارن ۾ مضمون لکڻ کي ناپسنديءَ جي نگاهه سان ڏٺو ويو.
8) سنڌ جي واپار ۽ ڪارخانن لاءِ، غير سنڌين کي ليسن ۽ پوسٽون ڏيئي، سنڌين جي حقن کي ماريو ويو. اهڙيءَ طرح اقتصادي طرح سنڌين جي ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون ويئون. سنڌ مان فقط چند انهن ماڻهن کي پرمٽون ڏنيون ٿي ويون، جن سندن دلالي ٿي ڪئي. پر جنهن صورت ۾ انهن کي انهيءَ ڏس ۾ مهارت ڪانه هئي. نه واپار ڪرڻو هو ۽ نه ڪارخانو هلائڻو هو. پر فقط پنهنجي آقائن جي دلالي ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ اهي ليسن کين قيمت طور ڏنا ٿي ويا. تنهنڪري انهن وري اهي پرمٽون ۽ ليسن ثير سنڌين کان پئسا وٺي، انهن کي وڪرو ڪري ڏنا ٿي.
9) سنڌ ۾ زمين جي وڪري ۽ نيڪالي لاءِ اهڙا طريقا اختيار ڪيا ويا، جنهن ڪري سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن کي زمين خريد ڪرڻ جي سهوليت مهيا ڪئي ويئي ٿي.
10) اڪثر اقتصادي معاملن سان واسطو رکندڙ کاتا، مغربي پاڪستان جي بنياد تي نوان ادارا ٺاهي، انهن جي حوالي ڪري، سندن واڳ غير سنڌي عملدارن جي هٿ ۾ ڏني ويئي. جن منظم طريقي سان هر منصوبي ۾ سنڌ کي پوئتي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. سنڌ جي ترقيءَ لاءِ صوبي سنڌ جي ڏينهن ۾ ٺاهيل اسڪيمن کي رد ڪري، هيٺين ادارن ذريعي سنڌ کي مهاجر پنجابي ڪالوني سمجهي انهيءَ جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو ويو.
1. پي. آءِ. ڊي،. سي
2. پي. آءِ. سي. آءِ. سي
3. آر. ڊي. سي
4. واپڊا
5. اين ايس آءِ سي P.I.D.C
P.I.C.I.C
R.D.C
WAPDA
N.S.I.C
پاڪستان ۾ سنڌين جي حقن سان جيڪا هٿ چراند ٿي آهي، ان جو ڪجهه احوال شاگردن طرفان مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي کي پيش ڪيل عرضداشت ۾ ڏيکاريا، حقيقتن جي احوال مان پڻ پڌرو ٿي سگهي ٿو:
(1) “سنڌ ۾ مهاجر پنجابي سرمائيدارن جي هزار کن فرمن سنڌي ملازم اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رکيا ويا آهن. اهڙن ملازمن ۾ سنڌي هڪ سؤ کن مس هوندا.
2) سنڌ ۾ اٽڪل چار سؤ کن خانگي ۽ سرڪاري انڊسٽريز آهن، جن ۾ ڏهن لکن کان به مٿي مزدور، ٽيڪنيشن ۽ ٻيو عملو ڪم ڪندڙ آهي. جن ۾ هڪ هزار کن سنڌي مس نوڪرين ۾ آهن ائين نه آهي ته سنڌي مزدوري ۽ ٻئي عملي لاءِ ملي ڪونه ٿا سگهن پر مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي پاليسي اها آهي ته سنڌين کي حتي الامڪان نوڪرين کان پري رکجي.
3) سنڌ ۾ خانگي بئنڪن (جي هاڻ قومي ملڪيت ۾ ورتيون ويون آهن) جهڙوڪ؛ حبيب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، مسلم ڪمرشل بئنڪ وغيره جون سون جي اندر برانچون آهن. جن ۾ ڪارڪنن جو تعداد ڏهن هزارن کان به مٿي آهي. جن ۾ سنڌي ٻه اڍائي سو کن مس آهن. هاڻ ته ويتر انهن قومي ملڪيت ۾ ورتل بئنڪن ۾ سنڌين کي نوڪري ملڻ مشڪل ٿي پوندي، جو اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ مرڪزي سرڪار جي مالي کاتي تي مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو قبضو آهي، جي سنڌين جا دشمن آهن.
4) اهڙيءَ طرح سڀني بئنڪن جي ڏيتي ليتيءَ جو زياده تر وهنوار به غير سنڌين سان رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو غير سنڌي واپار ۽ ترقي ڪندا وڃن ٿا ۽ سنڌي پوئتي پئجي ويا آهن.
5) ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ مرڪزي سرڪار اٽڪل 50 ڪروڙ روپيا مهاجرن جي آبادڪاريءَ تي خرچ ڪري، کين گهر ٺهرائي ڏنا آهن. ازانسواءِ بي انداز سرمايو قرضن طور کين ڏيئي، کين جاين ٺهرائڻ لاءِ بهترين سهوليتون مهيا ڪيون آهن. پر سنڌ جي اصل رهاڪن جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي. سنڌ جي اصل رهاڪن جو چوٿون حصو خانه بدوش، نيم خانه بدوش، ڇڙوڇڙ جهوپڙين ۾ رهندڙ غليظ ڳوٺن ۾ رهي ٿو. پر پاڪستان سرڪار جي معتصب ۽ بغض رکندڙ روش ڪري، انهن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. اُهي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ سٺن گهرن، تعليم، علاج، مٺي پاڻي، رستن ۽ جديد زماني جي سهوليتن جهڙوڪ بجلي، گيس، سينيما وغيره کان محروم آهن.
ڪراچيءَ جو لياري ڪوارٽر، کڏو، غريب آباد، چنيسر ڳوٺ، ڀٽه وليج، آسپاس ۾ بروهين، مڪرانين، گبولن، گڊن، برفتن جا ڳوٺ ساڳيءَ طرح پراڻين ۽ زبون جهوپڙين ۾ زندگي بسر ڪري رهيا آهن. نه رڳو ايترو، پر وقت بوقت ڊيولپمينٽ اختياريءَ وارا انهن ڳوٺن کي لڏائڻ لاءِ قدم کڻندا، کين ٻاهر ڌڪيندا، مهاجرن لاءِ ميدان صاف ڪندا وڃن ٿا، ته جيئن ڪراچيءَ کي آسانيءَ سان مهاجر ڪالوني بنائي سگهن.
هڪ طرف سنڌ جا 30 لک رهاڪو نيم خانه بدوش زندي گذاري رهيا آهن، ته ٻئي طرف مهاجرن لاءِ کڏي جي ٻاهران ناظم آباد، ڪورنگي، لياقت آباد، ڊرگ روڊ، سعود آباد ۽ ٻين ڪالونين تي ڪروڙ ها روپيا خرچ ڪيا ويا آهن. تازو ڪي. ڊي. اي جي ڊائريڪٽر بيان ڏنو آهي ته ڀٽي صاحب جي حڪومت بهارين جي رهائش لاءِ گهر ٺهرائڻ واسطي اٺ ڪروڙ روپيا منظور ڪيا آهن.”
ان کان پوءِ شاگردن پنهنجي عرضداشت ۾ ڀٽي صاحب کي هيٺين طرح خطاب ڪيو آهي:
“جناب صدر! اوهان کي خبر هوندي ته هرهڪ قوم ۽ ملڪ جي افراد وٽ هيٺيان پنج ورثا، سندن قيمتي ميراث ٿين ٿا، هن جي حفاظت هو سندن فرض منصبي سمجهي ڪندا آهن:
1) سياسي آزادي.
2) اقتصادي سرمايو.
3) قومي ڪلچر.
4) تاريخي روايات.
5) زبان.
اوهان کي معلوم هوندو ته جڏهين ڪي گروهه يا قومون، ٻين قومن کي فتح ڪري کين غلام بنائينديون آهن، ته انهن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ هيٺيان حربا استعمال ڪنديون آهن.
1) تشدد جي ذريعي هنن کي تابع رکنديون آهن.
2) محڪوم ڪرڻ بعد اصلي باشندن جي اقتصادي ورثن ۽ سرمائي تي قبضو ڪنديون آهن.
3) غلط نظريا ايجاد ڪري، سخت پروپيگنڊا ذريعي محڪوم ماڻهن جا ذهن مسخ ڪري، غلاميءَ لاءِ رضامند ڪنديون آهن.
4) مڪاني ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، خود مطلب ۽ بزدل ماڻهن کي پنهنجو ايجنٽ بنائي ڪم وٺنديون آهن.
5) اصل باشندن جي هزارن ورهين جي زبان ۽ ڪلچر کي ختم ڪري، پنهنجي زبان ۽ ڪلچر مٿن مسلط ڪنديون آهن.”
انهيءَ کان پوءِ شاگردن پنهنجي عرضداشت ۾، مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين بابت هيٺينءَ طرح وضاحت ڪئي آهي:
(الف- پهريون هيءَ سوال فيصل ڪرڻو آهي ته سنڌ جدا ملڪ ۽ سنڌي جدا قوم آهن يا نه”
هن حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ هزارن سالن کان هڪ جدا ملڪ جي صورت ۾ آزاد رهي آهي، جنهن کي پنهنجو سياسي وجود، پنهنجا تاريخي روايات، زبان، ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد رهيا آهن. انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي جدا آزاد حڪومت وجود ۾ هئي، سنڌ هميشہ سندس آزادي قائم رکڻ لاءِ ڪوشان پئي رهي آهي.
يونانين جي قبضي کان پوءِ وري ان تي مڪاني ماڻهن حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ وري کين عرب سامراج محڪوم ڪيو. جن کان به هنن وري آزادي حاصل ڪري، پنهنجون مڪاني حڪومتون برپا ڪيون. ان کان پوءِ به ڪيترين ٻاهرين جنگجو قومن مٿس حملا ڪيا ۽ قبضا ڪيا، جو هنن وري پنهنجيون حڪومتون، سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ڌارين جي هٿ هيٺ قائم ڪيون.
آخر ۾ انگريزن ان کي فتح ڪري، سندن انڊين ايمپائر ۾ شامل ڪري، ان کي بمبئي علائقي مان ملحق ڪري ڇڏيو. جنهنڪري ان جي ترقي ۽ تعمير ۾ رنڊڪ پئجي ويئي. گهڻي جدوجهد بعد 20 سالن جي ڪوشش سان 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي علائقي کان علحده ڪري، جدا صوبي جي صورت ڏني ويئي. سنڌين اڃا مواصلات، تعليم، صحت ۽ زرعي سڌارن وغيره لاءِ ڪجهه قدم مس کنيا هئا، ته هندوستان جي آئيني سڌارن جي چڪر ۾ سنڌ کي مذهب جي نالي ۾ پاڪستان جو حصو بنايو ويو.
سنڌين کي آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري ٺهراءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ جي آڌار تي آسرو هو ته ان کي پاڪستان جي دائري اندر آزاد ۽ خودمختيار رياست بنايو ويندو. ليڪن ائين نه ٿيو.
1) هزارها سالن جي جدا ملڪ کي هڪ اهڙي نظام حڪومت ۽ مذهب ۽ پاڪستان جي ڌوڪي هيٺ محڪوم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو دائمي اقليت ۾ رهي، ٻئي اڪثريت واري صوبي جي مفاد لاءِ ڪتب اچي رهيو آهي. پاڪستان جي وحدت، سالميت ۽ يڪجهتيءَ جي ڌوڪي هيٺ، سنڌ جي رهاڪن کي مهاجر پنجابي اڪثريت جي فيصلن سان ٻڌو ويو.
2) مغربي پاڪستان ۾ سنڌ مان وصول ٿيندڙ جملي پيدائش ڪسٽمس، انڪم ٽيڪس، ايڪسائيز ڊيوٽي، سليس ٽيڪس وغيره مان اٽڪل 35 ڪروڙ رويپا ٿئي ٿي، سا ٻين صوبن جي ماڻهن ۽ مفاد لاءِ خرچ ڪئي وڃي ٿي.
3) سندن جداگانه قوم جو مهاجر پنجابي مستقل مفاد خاطر خودساخته نظرئي پاڪستان جي آڙ ۾ انڪار ڪيو وڃي ٿو.
4) پاڪستان جي يڪجهتيءَ جي نالي ۾ سنڌ جي هزارن ورهين جي وسيع زبان تي 300 ورهين جي نوزائيده غير ملڪي اردو زبان کي مسلط ڪري، سنڌ جي زبان ڪلچر کي نقصان رسايو وڃي ٿو. سنڌي ادب فوڪ لور ۽ تاريخ جي، سرڪاري ادارا جهڙوڪ ريڊئي، ٽيليويزن، يونيورسٽي، سئنيما ۽ ڪلچرل ادارن ذريعي گهٽتائي ڪئي وڃي ٿي، ۽ انهن کي ريٽي، ڌارئين ڪلچر جي برتريءَ جي ڌاڪ وهاري وڃي ٿي.
5) سنڌ مان تاريخي جاين، ڳوٺن، شهرن، رستن بلڪه ان جي ڪيترين جاگرافيائي هنڌن جا نالا مٽائي، يا مسخ ڪري، نوان نالا رکي، ان جي تاريخي، تهذيبي ۽ قدرتي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
6) سنڌ ۾ ڪثير تعداد بهاري گهرائي، ۽ پنجابي شهرين مان ڪالونائيز ڪرائي، منظم منصوبي ماتحت، ان جي اصل رهاڪن کي اقليت بنائڻ جي سازش سٽجي رهي آهي.
7) سنڌ کي ٽڪرا ڪري، هڪ حصي کي مهاجرستان بنائڻ لاءِ منصوبا هلي رهيا آهن.
8) پاڪستان ۾ سنڌين کي مليل نوڪرين جا هيٺيان انگ اکر ثابت ڪندا، ته سنڌين جي پاڪستان ۾ رهڻ ڪري، ڪهڙي نه زبون حالت ٿي آهي:
(الف) پاڪستان مرڪزي حڪومت جي سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌين کي پنجن هزارن پويان هڪ نوڪري مس مليل آهي.
(ب) صوبي سنڌ اندر جملي نوڪرين ۾ سنڌين کي 40 سڪيڙو نوڪريون مس مليل آهن.
(ت) قيام پاڪستان بعد منظم سازش ذريعي، مسلم اقليت وارن مسلم ڪامورن کي ترڪيب ڏيئي پاڪستان آڻي، انهن کي مکيه عهدن تي مسلط ڪري، انهيءَ ذريعي اهڙي پاليسي هلائي ويئي آهي، جنهن جو نتيجو هيٺينءَ طرح نڪتو آهي:
(i) مرڪزي حڪومت جي سيڪريٽريٽ ۾ پنجن هزارن پويان سنڌين کي مس هڪ جاءِ مليل آهي.
(ii) بچاءَ کاتي ۾ ڏهن هزارن پويان سنڌين کي هڪ نوڪري مس حصي ۾ آيل آهي.
(iii) پرڏيهي معاملات جي کاتي مان تقريبن سنڌين کي محروم رکيو ويو آهي، سواءِ ٿورن سفيرن جي. هن کاتي جي عملي مان چئن هزارن پويان هڪ سنڌيءَ کي نوڪري مس مليل آهي.
(iv) مالي کاتي ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن.
(9) مهاجر پنجابي سامراجين، سنڌ جي اقتصاديات تي قابض ٿيڻ لاءِ هيٺيان قدم کنيا آهن:
(الف) ون يونٽ ٺاهي، مارشل لا لڳائي، پورا پندرهن سال سنڌ جي جملي اقتصادي ۽ مالي وسيلن کي پنهنجي سامراجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن.
(ب) ٽن وڏين ندين جو پاڻي ڀارت کي ڏيئي، هڪ هزار ڪروڙ روپين جي خرچ سان نوان بيراج، تربيلا ۽ منگلاڊيم ٻڌائي، سنڌ کي بجليءَ ۽ پاڻيءَ جي فائدي کان محروم ڪيائون.
(ت) مغربي پاڪستان صنعتي ۽ ترقياتي ڪارپوريشن تي خرچ ڪيل ٻه سو ڪروڙ روپين مان سنڌجي ترقياتي اسڪيمن تي صرف ڏهه ڪروڙ روپيا خرچ ڪيائون.
(ث) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ غير سنڌي استادن جي اڪثريت رکي وئي آهي، جن امتحانن ۽ پڙهائڻ ۾ سنڌي شاگردن کي نقصان پهچايو آهي.
(ج) ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن جي ميونسپالٽين ۾ عملي جي اڪثريت مهاجرن جي حوالي ڪئي وئي آهي. جن سنڌين لاءِ شهرن ۾ آباد ٿيڻ تقريبن ناممڪن بنائي ڇڏيو آهي.
(ح) ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي سينٽر ۽ جونيئر ڪلاس آفيسرن ۾ 13 غير سنڌي ۽ ٻه سنڌي آهن. ساڳي حالت حيدرآباد، سکر، وغيره ميونسپالٽين جي آهي. ڪلاريڪل ۽ مينيل اسٽاف ۾ سنڌي پنج سيڪڙو مس آهن.
(10) هن وقت، سنڌ ون يونٽ کان جدا ٿيڻ بعد سرڪاري ملازمن ۾ سنڌي عملي جي حالت هيٺينءَ ريت آهي.
(i) سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪلاس ون ۽ ٽو جي جملي 66 آفيسرن مان 19 سنڌي آهن.
(ii) اسٽيٽ بئنڪ جي ڪلاس ون ۽ ٽو جي جملي 959 آفيسرن مان 3 سنڌي آهن، ۽ ان جي هيٺين عملي مان ساڍن ٽن هزارن ۾ 20 سنڌي آهن.
(iii) نيشنل بئنڪ جي ڪلاس ون ۽ ٽو جي جملي 1200 سؤ آفيسرن مان 5 سنڌي آهن، ان جي هيٺين عملي ۾ ساڍن ٽن هزارن مان چاليهه سنڌي آهن.
(iv) ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ هزار تي هڪ سنڌي آهي.
(v) پوسٽ ۽ ٽيليگراف ۾ = = =
(vi) ٽيليفون ۾ = = = =
(vii) پورٽ ٽرسٽ ۾ = = =
(viii) ڪسٽمس کاتي ۾ = = =
(ix) ريڊيو ۽ ٽيليويزن ۾ = = =
(x) پي آءِ ڊي سي ۾ = = =
(xi) سرڪاري ڪارخانن ۾ هڪ هزار تي هڪ سنڌي آهي.
(xii) تعليم کاتي ۾ = = =
(11) اهو سڀ ان ڪري ٿيو آهي، جو مهاجر عملدارن هيٺيان حربا استعمال ڪري، نوڪرين جي ڀرتي ڪئي آهي.
(الف) سنڌين جي جداگانه ڪوٽا کي ختم ڪري، آل پاڪستان جي بنياد تي کليل مقابلي ۾ نوڪريون ڏنيون، سنڌين لاءِ ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي گهر ڪندڙن کي علاقائي تعصب رکندڙ، نظرئي پاڪستان جا مخالف، اسلام دشمن عناصر سڏي، ماٺ ڪرائي وڃي ٿي يا سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
(ب) اردوءَ کي قومي زبان تسليم ڪري، سنڌين کي غير مساوي حيثيت ۾ رکيو ويو آهي. ان لاءِ پهريائين ڪراچي شهر جي تعليمي ۽ انتظام دنيا مان سنڌين کي بيدخل ڪيو ويو.
(ت) ڪراچي شهر جي گهٽين ۽ رستن تان اڳوڻا نالا مٽائي، انهن تي نوان غير سنڌين جا نالا رکيا ويا آهن. نون تعمير ٿيل رستن، گهٽين ۽ جاين تي به سنڌي نالو اتفاق ان رکيو وڃي ٿو. نوٽن، آفيسن، بورڊن، ٽڪيٽن ۽ سنڌ جي رستن جي پٿرن وغيره تي اردوءَ ۾ نالا لڳايا ويا هئا.
(ث) شهرن ۾ سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ تي غنڊن کي چوري توڪزني ڪرائي وڃي ٿي.
(ج) موٽرن تي زوريءَ اردوءَ ۾ نالا لکايا وڃن ٿا، نه ته انهن جا شيشا ڀڳا ويا ٿي.
هر فاتح قوم جڏهن محڪوم قوم تي سندن سامراجي زبان ۽ ڪلچر مڙهيندي آهي، ته اهو ذهني سامراج سڏبو آهي.
(12) پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌين کي اميد هئي ته ٻاهران لڏي آيل مهاجر سنڌين جي قومي وجود ۾ سمائجي، سنڌي قوم جا فرد بنجي، هڪ ٿي، اهڙيءَ طرح سان هو سنڌي زبان، سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ جا مفاد اپنائي ويندا. ليڪن تجربي مان پتو پيو آهي ته مهاجر منظم طريقي سان سنڌين جي جداگانه قومي وجود کان انڪار ڪري، پنهنجي زبان ۽ ڪلچر سنڌين مٿان مڙهي سنڌين جي هزارها ورهين جي زبان، ڪلچر ۽ قومي وجود کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا
(13) سنڌين کي اميد هئي ته پاڪستان جي قيام بعد ٻاهران آيل مهاجرن جي نامناسب روش ڪري، چي؛ سنڌي هندو هتان سنڌ مان لڏي ڀارت ويل هئا، سي حالتن درست ٿيڻ بعد موٽائي سنڌ ۾ آڻبا. جو انهن ۾ بهترين انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر، مصنف، اديب، سائنسدان ۽ شاهه ۽ سچل جا ڄاڻو وغيره شامل هئا، جي سنڌ جي تعمير، ترقي، ادب ۽ زبان کي فروغ ڏيئي سگهن ها. پر هنن نو آيل ماڻهن ملڪ ۾ سندن خلاف نفرت پکيڙي، باقي رهيل هندن کي فساد ڪرائي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. ازانسواءِ ڀارت سان پاڪستان جا ناتا خراب ڪري، باهمي تعلقات جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي.
جن سنڌ جي مسلمانن سندن اهڙي پاليسيءَ جي مخالفت ٿي ڪئي، انهن کي پاڪستان جا دشمن، اسلام جا مخالف ۽ انتشار پسند سڏي سزائون ڏنيون ٿي.
(14) سنڌين کي اميد هئي ته آزاديءَ جي حصول بعد مشرق ۽ مغرب جي مختلف تهذيبن، عملن، مذهبن ۽ فلسفن جو امتزاج ڪري، دنيا جي سامهون هو اتحاد ۽ امن لاءِ سنڌ جي قديم مشن جي پيغام پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڪندا. پر تجربن بعد ثابت ٿيو آهي ته هي نوان آيل ماڻهو نفرت، فسطائيت ۽ تشدد جا مجسما هئا. سندن طبقاتي مفاد جي بحاليءَ ۽ استحصال خاطر هي امريڪن سامراج جا ايجنٽ ٿي ساري برصغير کي انتشار، بدامنيءَ ۽ غير جي غلاميءَ ۾ ڌوڪڻ کان نٿا رهن.
مهاجرن جي مکيه ليڊر مسٽر لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان سنڌين سان هيٺيان ظلم ڪيا. جنهن کي سندس سنڌ دشمن پاليسيءَ ڪري، انهيءَ طبقي قائد ملت جو لقب ڏنو.
(1) هن عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن جهڙوڪ؛ غربت دور ڪرڻ، ملڪي معيشيت کي زور وٺائڻ، امن بحال ڪرڻ، ماڻهن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ کان هٽائي، مهاجرن جي اقتصادي استحصال سياسي برتري، ڪلچرل غلبي قائم ڪرڻ خاطر ڀارت سان مخاصمت جي پاليسي شروع ڪري، ان کي دشمن ملڪ سڏي، لشڪر وڌائڻ طرف توجهه ڏياريو. اها پاليسي اڃا تائين حڪمران طبقو هلايو اچي ٿو.
(2) هن مهاجر پنجابي مستقل مفاد جي قائدي واري پاليسيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ امريڪن بلاڪ سان جنگي عهدناما ڪري، روس ۽ هندستان سان هڪ طرف دشمني پيدا ڪئي، ته ملڪ کي پاور بلاڪس جي اختلافن ۾ ٻئي طرف ڦاسايو. جنهن کان ملڪ اڃا تائين آزاد ٿي نه سگهيو آهي.
(3) هن مهاجرن سان سنڌ کي ڪالونائيز ڪرڻ لاءِ کوکراپار، سمنڊ ۽ واگهه رستي کان اچڻ لاءِ دروازا کولي ڇڏيا. جيتوڻيڪ بينگال، پنجاب، سرحد جي حڪومتن مهاجرن جي زياده اچڻ تي بندش وجهي ڇڏي هئي.
(4) هن پنهنجن ماڻهن هٿان نوابشاهه، جيڪب آباد، ڪراچيءَ ۾ فساد ڪرائي، انهن کي لڏائڻ لاءِ سازش سٽي. جنهن جو مقصد اهو هو ته اهڙي طرح سان هندن جي لڏائڻ ڪري، جي گهر، زمين ۽ ڪارخانا ۽ ٻي ملڪيت هو ڇڏي ويندا، سي هيءَ مهاجرن جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪتب آڻيندو ۽ ٻاهرين ماڻهن کي سنڌ ۾ اچڻ لاءِ اسباب پيدا ڪندو.
(5) هيءَ ئي ماڻهو هو، جنهن ڪراچيءَ کي مهاجرن جو مرڪز بنائڻ لاءِ جناح صاحب کي گمراهه ڪري، اها سنڌ کان کسي مرڪزي حڪومت ۾ پنهنجي هٿ هيٺ رکائي. جنهن ڪري سنڌين جي ڪروڙها روپين جي خرچ سان تعيمر ٿيل شهر سندن هٿن مان نڪري ويو، ۽ هن کي ان مهاجرن جو مرڪز بنايو، جنهن کي هاڻ مهاجرستان بنائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن.
(6) هن ڪراچيءَ جي زوريءَ سنڌ کان جدا ڪرڻ بعد سنڌين کي ڌوڪي ڏيڻ خاطر ۽ انهن جي مخالفت کي جهڪي ڪرڻ لاءِ واعدو ڪيو هو، ته ڪراچي مرڪزي حڪومت جي حوالي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار طرفان ان ۾ خرچ ڪيل رقم جو تخمينو ڪرائي، اهو معاوضو مرڪز طرفان ادا ڪيو ويندو ۽ پوءِ سنڌ کي جدا گديءَ جي شهر ٻڌائڻ لاءِ مدد ڏني ويندي. ليڪن جڏهن سنڌ طرفان انهن رقمن لاءِ گهر ڪئي ويئي، ته چيائين ته “فتح ڪيل ملڪ جو عيوضو ڪونه ٿيندو آهي.” ان جي معنى اها ٿي نڪري ته مهاجرن سنڌ کي فتح ڪري، ڪراچي شهر ورتو هو ۽ سنڌ هاڻ انهن جي غلام هئي. غلام مالڪ جي ملڪيت هئڻ ڪري، ڪنهن ملڪيت جي معاوضي لاءِ گهر ڪري نٿي سگهيو.
(7) مهاجر پنجابي سامراج جي هن مکيه ڪارڪن جڏهن سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي ختم ڪرڻ لاءِ کليو کلايو پرچار شروع ڪرايو ته سنڌ مسلم ليگ جي صدر سيد حاجي علي اڪبر شاهه هڪ وفد وٺي، ساڻس ملڻ لاءِ ويو، ۽ کيس سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي حفاظت لاءِ درخواست ڪئي. ان تي هن شاهه صاحب کي چيو ته، “سنڌين جو ڪلچر گڏهه هڪلڻ ۽ اُٺ ڪاهڻ آهي، ۽ سنڌي زبان جاهلن جي زبان آهي. ان جي حفاظت ڪهڙيءَ طرح ڪري سگهبي؟” ان جواب مان هن مهاجر سامراج جي نمائنده وزيراعظم جي سنڌين لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو پتو پئجي سگهي ٿو.
انگريزن سنڌيءَ کي زور وٺايو ۽ سنڌ ۾ نوڪري ڪندڙ هر هڪ عملدار لاءِ سنڌي سکڻ لازمي ٺهرايو. انگريزي ڪتابن ذريعي هرهڪ عملدار لاءِ سنڌي سکڻ لازمي ٺهرايو. انگريزي ڪتابن ذريعي سنڌي زبان ۽ ادب کي بهترين شمار ڪيو. ليڪن هي نفرت جا مجسما اسلام جي نالي ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، گهمنڊ ۾ اچي، مٿي ذڪر ڪيل جملو اچارين، ته ان تي پاڪستان جي حڪومت لاءِ سنڌين کي نفرت پيدا ٿئي، ته اها ڳالهه بيجا نه آهي.
(8) هن مهاجرن جي اعلى منصوبي مطابق، نه صرف سنڌ کي ڪالوني بنائي، تسلط هيٺ رکڻ لاءِ قدم کنيا پر آهستي ڪري ٻين صوبن کي به مهاجر سامراج هيٺ آڻڻ جي سٽ سٽي.
هن ٻيو وار بينگال تي ڪيو. مولوي فضل الحق بينگال جي جهوني ڪارڪن کي، جنهن جي طاقت بينگال جي طاقت هئي، ڪمزور ڪرڻ لاءِ جناح صاحب کي هن جي خلاف ڪري، منجهن ناراضگي پيدا ڪئي. جناح صاحب انگريزن جي آڌار ۽ مسلم اقليت وارن چالاڪ سياستدانن جي پروپيگنڊا ڪري، گهڻي شهرت ۽ طاقت حاصل ڪري ويو. جيتوڻيڪ هو ملڪ خاطر نه جيل ۾ ويو هو ۽ نه آزاديءَ جي تحريڪن ۾ ڪو نمايان حصو ورتو هئائين. مولوي فضل الحق جي مقابلي ۾ هن جون خدمتون گهٽ درجي جون هيون. ليڪن هن کي انگريز گورنر ۽ فرقي پرست گروهن جي آڌار تي پوئتي اڇلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ان کانپوءِ ٻيو نمبر قوم پرست بينگالي سياستدان حسين شهيد سهروردي هو. هو گڏيل بينگال جي روهاڱي کان اڳ وزيراعلى ٿي رهيو هو. ليڪن زبرڪ مهاجر نگاهن تاڙي ورتو هو، ته جنهن صورت ۾ اهو پاڪستان جي اڪثريت واري صوبي جو مکيه سياستدان هو ۽ مهاجر طبقي ۽ جناح صاحب جو “جو حڪم” ٿي رهڻ وارو نه هو، ان ڪري هن کي جناح صاحب سان ٽڪرائي، بينگال جي وزارت اعلى تان هٽائي، سندس جاءِ تي خواجي ناظم الدين کي آندو ويو. خواجه صاحب نهايت شريف ۽ امن پسند ماڻهو هو. ليڪن ڪمزور هئڻ ڪري هن مهاجرن جي سياسي نظرئي ۽ سياسي تسلط هيٺ رهي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ سهرورديءَ کي آئين ساز اسيمبليءَ مان خارج ڪرائي، هن کي هر طرح بدنام ڪيو ويو. اهي سڀ ڪم مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ سرزد ٿيا. ان مان پتو پئجي سگهي ٿو ته مهاجر طبقي صوبائي حڪومتن کي سندن سامراج جون ايجنسيون ڪري هلائڻ گهريو ٿي.
(9) لياقت علي خان بينگال ۾ بهاري مهاجرن کي گهڻي تعداد ۾ لڏائي، سرڪاري نوڪرين، هندن جي جائداد ۽ ڪارخانن تي، اتي به قابض ڪرڻ جي پاليسي شروع ڪئي، ۽ جناح صاحب کي گمراهه ڪري، هن کان بينگال جهڙي قوم پرست صوبي ۾ پاڪستان جي قومي زبان اردوءَ کي بنائڻ جي غير جوابدارانه تقرير ڪرائي. جنهن کان مشتعل ٿي، اڀرندي بينگال ۾ لساني فساد ٿيا. جنهن جو آخري نتيجو بنگلاديش جدا ٿيڻ ۾ نڪتو. انهن بهار مسلمانن بينگال کي سندن سياسي تسلط، اقتصادي استحصال ۽ ڪلچر غلبي لاءِ ڪتب آندو ٿي. اهل بينگال جي پاڪستان خلاف مخالفت جو مکيه ڪارڻ انهن ماڻهن جي پاليسي ۽ ڪارناما هئا.
لياقت علي خان آئين ساز اسيمبليءَ ۾چونڊيو بينگال مان هو. پر ان جو عيوضو کين اهو ڏنائين ته اهل بينگال کي ويڙهائي، انهن کي مهاجر پنجابي سامراج جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جو آغاز ڪيائين.
(10) لياقت علي خان سنڌ ۽ بينگال تي نظر عنايت ڪرڻ بعد، پنجاب طرف متوجهه ٿيو. اهل پنجاب سان مسلم اقليت وارن صوبن جي مستقل مفاد جيڪي ڪفر ماجرايون ڪيون آهن، اهو لنبو داستان آهي. ليڪن لياقت علي خان جي دور حڪومت انهن سان جي ويل وهايا، ان جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
ان وقت پنجاب صوبي جو وزيراعلى نواب افتخار حسين ممدوٽ هو. هو سادو، ايماندار مسلم ليگي ڪارڪن هو. گهٽ لياقت هئڻ ڪري هن جو سمورو ڪاروبار پنجاب سول سروس جي پاليسيءَ مطابق هلندو هو. جا ڳالهه مهاجر سامراج جي هن مدارالمهام کي پسند نه آئي. ڇاڪاڻ ته پنجابي ڪامورا باوجود خامين جي، وري به پنجابي قوم پرستيءَ جو مادو رکندا هئا. ان ڪري نواب ممدوٽ کي ڪڍي ميان ممتاز محمد دولتانه کي وزيراعلى نامزد ڪيو. ميان ممتاز محمد دولتانه نهايت هوشيار، قابل ۽ اعلى تعليم يافته سياستدان هو. ليڪن هن ۾ هيٺيون خاميون هيون:
1. منجهس پنجابي قوم پرستيءَ جو مادو گهٽ هو.
2. حد درجي جو خود مطلب هئڻ ڪري، هو سهوليت سان مهاجر سامراج جو ايجنٽ ٿي، ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هو.
(3) هن ۾ اقتدار جي حصول جي خواهش ايترو وڌيل هئي، جو انهيءَ راهه ۾ هن کي اصول وسري ٿي ويا.
4. جيترو ظاهري فهم ۽ فراست سان هو آراسته هو، اوترو وفاداري ۽ اصول پرستيءَ کان پري هو.
لياقت علي خان جي ان حرڪت پنجابي مستقل مفاد ۾ بيچيني پيدا ڪئي. ٻيو ڪم جيڪو لياقت علي خان ڪرڻ گهريو ٿي، سو ميان غلام محمد خان وزير مال پاڪستان سرڪار کي ڪڍڻ جو هو. ميان غلام محمد خان ۾ ڪيترائي عيب هئا. پر هن ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته هو سول سروس پنجاب جو قائل ۽ خوددار ماڻهو هو. جنهن ڪري مهاجر عملدار طبقي جي ڪک جو ڪنڊو پئي محسوس ٿيو ان جا ڪيترا دوست ۽ ساٿي به هئا، جهڙوڪ قربان علي خان، مشتاق احمد خان گرماني، بخت خان وغيره. جنهن ڪري جڏهن اهل پنجاب لياقت علي خان مان جان آزاد ڪرائڻ جي ٻي واهه نه ڏٺي، ته مجبور ٿي پنهنجي دشمن کي قتل ڪرائي، نه صرف اهل پنجاب جي جان آزاد ڪرائي، پر ساري پاڪستان جي اصل رهاڪن تي به احسان ڪيو. اهڙيءَ طرح اهل پنجاب، مهاجرن جي ڪم از ڪم سڌي اقتدار کان آزادي حاصل ڪري ورتي. ان کان پوءِ مهاجرن جو سمورو توجهه سنڌين کي زيردست رکڻ طرف مائل ٿيو.
(11) لياقت علي خان پاڪستان جي ٻن مکيه صوبن بينگال ۽ پنجاب جي سياستدانن ۾ آئين ۽ ٻين انتظامي مسئلن بابت غلط فهميون پيدا ڪري، انهن جو اندروني شيرازو ڪمزور ڪيو ۽ انهن کي مختلف طريقن سان پاڻ ۾ بدظن ڪري، ٻنهي صوبن جي وچ ۾ طبعي ويڇي کان وڌيڪ سياسي اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا. بنگالين کي چيو ويو ته هو تعداد ۾ زياده هئا، ان ڪري کانئن پوءِ هو ئي اقتدار جي واڳن جا حقدار هئا. پنجابي ۾ اهو اثر پيد اڪيو ويو ته لياقت، پيسي، سياسي شعور فوجي برتريءَ ۽ سول سروس ۾ هو اهل بينگال کان وڌيڪ لائق هئڻ ڪري، پاڪستاني حڪومت هلائڻ جا حقدار هئا.
انهن غلط فهمين آئين پاس ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهي، لياقت عليءَ کي وڌيڪ وقت ڏنو ته آمرانه طور حڪومت هلائيندو رهي.
(12) لياقت علي خان صوبي سرحد ۾ عوامي نمائندي ڊاڪٽر خان صاحب جي قوم پرست وزارت کي سندس منصوبي ۾ شريڪ ٿيڻ ان جي جاءِ تي خان عبدالقيوم خان کي صوبي سرحد جو وزيراعلى نامزد ڪيو. جنهن مهاجر سامراج جو اوزار بنجي، پختون قوم پرست عوامي تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي.
انگريزن جي آخري دور ۾ جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ زور تي هئي، ان وقت خان عبدالغفار خان جي خدائي خدمتگار تحريڪ گهڻيون قربانيون ڏنيون هيون ۽ پٺاڻن ۾ قومي شعور پيدا ڪيو هو. خان عبدالقيوم خان ان تحريڪ جو فرد هو، پر هن کي اقتدار ۾ اچڻ جي بک ايتري قدر وڌيل هئي، جو ان جي لالچ ۾ هن ابن الوقت ٿي، خدائي خدمتگار تحريڪ سان غداري ڪري، خان عبدالغفار خان ۽ خدائي خدمتگارن تي سختيون ڪيون.
(13) 1930ع کان آل انڊيا مسلم ليگ، بلوچستان کي ٻين صوبن جهڙا سڌارا ڏيڻ ۽ اتي جمهوري نظام حڪومت رائج ڪرڻ جا ٺهراءَ پاس ڪيا. ليڪن جڏهن مسلم ليگ پاڪستان جي حڪومت جي چارج ورتي، ته بلوچستان ۾ قوم پرست ڪارڪنن جو زور ڏسي، لياقت علي خان نه صرف بلوچستان ۾ جمهوري حڪومت رائج نه ڪئي، پر اتي جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ موڪلي، طرح طرح جون تڪليفون پهچايون.
(14) لياقت علي خان جي چوڻيءَ ۽ ڪرڻيءَ ۾ اختلاف هو. هن هڪ طرف اسلامي آئين ۽ نظام اسلامي رائج ڪرڻ جا نعرا هڻي ماڻهن جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائڻ گهريو ته ٻئي طرف سندس بيگم صاحبه مينا بازارن جو رواج وجهي، بي پردگيءَ کي زور وٺايو. جنهن ڪري جماعت اسلاميءَ جهڙي رجعت پسند جماعت کي وجهه ملي ويو ته پاڪستاني حڪومت جي پاليسيءَ کي بدنام ڪري، ۽ نوجوان وري مذهب جي نالي ۾ استحصال ڏسي مذهب کان ٿڌا ٿيڻ لڳا.
(15) لياقت علي خان مهاجر سامراج جي نقطه نگاهه کان نظريي پاڪستان جي بنياد تي فسطائي سياست، فرقيواريت ذهنيت ۽ رجعت پسنديءَ جي خيالن کي زور وٺائي، پاڪستان جي سياست کي جمهوريت، سيڪيولرزم، قوم پرستي ۽ سوشلزم جي جديد اصولن کان پري رکيو. هن هر ترقي پسند ڪارڪن کي هندستان جو ايجنٽ، علاقائي ذهنيت رکندڙ، دهريو. پاڪستان دشمن ۽ انتشار پسند سڏي بدنام ڪيو ۽ سزائون ڏنيون.
(16) هن پاڪستاني مسلمانن جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن جهڙوڪ معيار زندگي بلند ڪرڻ، جمهوري نظام قائم ڪرڻ، تحرير ۽ تقرير جي آزادي، ننڍين قومن جي اندروني خودمختياري ۽ هڪ ٻئي سان رواداريءَ جي برتاءَ کان هٽائي، نون نعرن طرف ڇڪايو. جهڙوڪ:
(i) هندستان کان پاڪستان کي خطرو.
(ii) ڪميونزم کان پاڪستان کي خطرو.
(iii) علاقائي تعصب وڌڻ ڪري، پاڪستان جي ڪمزور ٿيڻ جو خطرو.
(iv) قوم پرستي ۽ سيڪيولرزم کان اسلام جو خطرو وغيره.
(v) لياقت علي خان زبان جو ڪچو، طبيعت جو سفله مزاج ۽ آمر وزيراعظم هو.
(الف) هن خان عبدالغفار خان ۽ سندس ساٿين کي هندستان جو ايجنٽ ۽ غدار ملڪ سڏي، جيل ۾ موڪليو. هيءَ حڪومت جي عارضي گهنڊ ۾ ان ڳالهه کي ڏسي نه سگهيو ته خان بادشاهه پٺاڻن جي حقن جو علمبردار هو. ان جي مخالفت، پٺاڻ قوم جي مخالفت برابر هئي.
(ب) هن بينگال جي اعلى قوم پرست ليڊر حسين شهيد سهرورديءَ کي هندستان جو جاسوس ۽ ڪتو سڏي، آئين ساز اسيمبليءَ کان خارج ڪرايو.
(ت) هن مولوي فضل الحق کي هندن جو غلام سڏي، سياست کان ٻاهر ڪڍرايو. هن اقتدار جي نشي ۾ غرق ٿي اهو ڪونه ڏٺو ته بينگال جي انهن ٻنهي اعلى ليڊرن جو توهين ۽ مخالفت ڪرڻ ڪري، هو اهل بينگال جي دلين ۾ پاڪستان جي مخالفت جي هوا پيدا ڪري رهيو هو.
(ث) هن جي. ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندن ساٿين کي هندن جا ايجنٽ ۽ غدار قوم سڏي، پهرئين کي جيل ۾ موڪليو ۽ سندن نئين ملڪ جي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ هنن طرفان آڇيل خدمات کي حقارت جي نظر سان ٺڪرائي ڇڏيو.
هن کي طاقت جي نشي ۾ اها خبر نه پيئي ته اهي مڪاني ليڊر وقتي طور ڪيترا به ڪمزور هئا، ليڪن سنڌ جي حقوق جا روح روان هئا. سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ لاءِ ڪم ڪيو هئائون، جنگ آزاديءَ ۾ حصو ورتو هئائون. هي ابن الوقت خود مطلب ڪارڪن نه هئا.
(ج) لياقت علي خان بلوچستان جي مخلص ڪارڪنن خان عبدالصمد خان، شهزاده عبدالڪريم ۽ ٻين قوم پرست ڪارڪنن کي صوبي جي حقوق لاءِ آواز اٿارڻ سبب جيل ۾ موڪليو. هن غرور جي انڌ ۾ اچي، اهو ڪونه سوچيو ته اهي ماڻهو بلوچ ۽ پختون قوم جا روح روان هئا. ٻنهي قومن جي روح کي ڪهڙيءَ طرح دٻائي سگهيو ٿي!
(18) لياقت علي خان نهايت ئي ڳڻ چور ۽ طوطي چشم ماڻهو هو. جناح صاحب جي حياتيءَ ۾ هن جي خوشامد ڪندو رهيو ان جي انتقال بعد جناح صاحب جي همشيره فاطمه جناح جي زندگي تلخ ڪري ڇڏيائين.
(19) هي حد درجي جو منافق ماڻهو هو. هڪ طرف اسلامي آئين ۽ نظام اسلاميءَ جي نالي ۾ عوام جو توجهه حقيقي مسئلن کان هٽائي، مهاجر سامراج لاءِ ميدان هموار ڪندو رهيو، ٻئي طرف مولانا شبير عثمانيءَ جڏهن هن کي چيو ته آئيني ۽ مذهبي مسئلن ۾ هن کان مشورو نٿو ڪيو وڃي، ته هن ان کي چيو ته، “اوهان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ شموليت ۽ دعائون ڪافي آهن. وڌيڪ ڪم اسان پاڻهي ڪنداسون”.
(20) هي ايترو ڪريل ذهنيت جو ماڻهو هو، جو چوڌري خليق الزمان کي هن مسلمان ملڪن پئن اسلامزم جي پرچار لاءِ ٻاهر موڪلي، هن جي پويان شخصي اختلافن جي بنا تي، انهن ملڪن ۾ پاڪستاني سفيرن کي هدايتون ڪيون ته چوڌري صاحب سان تعاون نه ڪيو وڃي.
(21) هن مهاجرن جي اهڙي حوصله افزائي ڪئي، جو هو پاڻ کي سنڌ جا فاتح سمجهي، سنڌين کي حقارت سان ڏسي، انهن سان بدسلوڪي ڪرڻ لڳا. تنهن ڪري سنڌين کي مهاجرن لاءِ جا همدردي پيدا ٿي هئي، سا ختم ٿي ويئي ۽ سنڌي مهاجرن کي سنڌ جو دشمن، استحصالي، مجسمه نفرت ۽ فرعون صفت سمجهڻ لڳا.
(22) هن جناح صاحب جي انتقال بعد غير آئيني طرح، پارٽي ۽ اسيمبليءَ جي ميمبرن کان مشوري ڪرڻ کان سواءِ خواجه ناظم الدين کي بينگال مان آڻي گورنر جنرل مقرر ڪيو، ۽ مرڪزي حڪومت ۾ ٽيون حصو مهاجر وزيرن کي رکيو. جهڙوڪ: پاڻ، محمد اسماعيل چندريگر، اشتياق حسين قريشي، ڊاڪٽر محمود حسين ۽ ٻين اهڙن طريقن سان خواجه صاحب کي حڪومت جي معاملن ۾ بيدخل ڪري ڇڏيائين.
(24) هن ڪاموري ڪلاس جي طاقت وڌائي چند ڪامورن جي همت افزائي ڪئي. جنهن ڪري اڳتي هلي ملڪي سياست ۾ دست اندازي ٿي. سڪندر ميرزا، چوڌري محمد علي ۽ جنرل ايوب خان هن جا منظور نظر هئا.
(25) هن جمهوريت کي ڪمزور ڪري، فسطائيت کي زور وٺائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ سرگس ڪڍائي، پنهنجي بنگلي جي ڀر ۾ ماڻهو گڏ ڪرائي، مسولنيءَ وانگر دريءَ مان بيهي ماڻهن کي تقرير ڪندي چيو ته آئيندي پاڪستان جي سياست جو نشان مڪو هوندو. ان جي پوئلڳيءَ ۾ ٻين شهرن مان به سرگس نڪتا. جن ۾ هن جا پوئلڳ جيپن ۾ مڪو ڏيکاريندا هليا ٿي.
(26) هن پاڪستان تي اسلامي ريپلبڪ جو نالو رکي، ان ۾ شرابخوري، جوا، گهوڙي ڊوڙ، سمگلنگ ۽ مينا بازاريون جاري رکيون. اهڙيءَ طرح سان عام ماڻهن تي اهو اثر ٿيو ته اسلام جو نالو صرف ڌوڪي لاءِ ورتو ٿي ويو. ليڪن پاڪستاني حڪام جو اسلام جو روح سان ڪو واسطو ڪونه هو. بلڪ هنن جا افعال عين اسلامي حڪام جي خلاف هئا.
(27) هن پاڪستان جي مڪاني زبانن کي نظرانداز ڪري پنهنجي ٻاهران آندل اردو زبان کي قومي زبان طور مٿن مڙهڻ جي پاليسيءَ تي عمل ڪيو. جنهن مان هيٺيان نقصان پهچي رهيا آهن:
1. اردو پاڪستان جي ڪنهن به ملڪ جي قومي زبان نه هئي، ان ڪري ان کي تسليم ڪرڻ سان مهاجرن جي قومي سامراجيت کي تسليم ڪرڻ جي مترادف هو.
2. مهاجرن جي جدا قوميت کي تسليم ڪرڻ، سنڌ جي ورهاست جو پيش خيمو هو.
3. اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان تسليم ڪرڻ، سنڌين کي سندن قومي ورثن جهڙوڪ: سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت تان هٿ ڌوئڻ جي برابر هو.
4. انهيءَ زبان بينگالين کي پاڪستان کان جدا ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو.
5. انهيءَ زبان اردوءَ جي نالي ۾ سنڌ جي سرزمين تي 4 مارچ 1967ع تي سنڌي شاگردن کي مارون مليون.
6. انهيءَ زبان جي بحاليءَ لاءِ سنڌين جي دڪانن، جاين کي ڦريو ۽ ساڙيو ويو ۽ سنڌين کي قتل ڪيو ويو.
6. هيءَ زبان مهاجر-پنجابي طبقي جي جملي سازشن جي ڪنجي هئي. ان زبان کي زوريءَ ملڪ مٿان مڙهڻ، سنڌين کي پاڪستان سان کليل بغاوت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ جي برابر هو.
سنڌ جي شاگردن سنڌ جي اڳوڻي وزيراعلى مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي پڻ اهڙي قسم جي هڪ عرضداشت پيش ڪئي هئي. جنهن ۾ هنن سنڌ جي مسئلن جي وضاحت هن ريت ڪئي هئي.
اسان کي معلوم اهي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ پهريون دفعو جمهوري طرز تي نمائنده حڪومت پيپلس پارٽيءَ جي ٺهي آهي جنهن جو صدر خوش قسمتيءَ سان هڪ سنڌي آهي.
اسان کي هي به معلوم آهي ته پيپلس پارٽيءَ ۾ اڪثريت پنجابي نما.ئندن جي آهي. جنهن ۾ جي. اي رحيم، معراج محمد خان ۽ ڪوثر نيازيءَ جهڙا سامراجي ذهنيت رکندڙ، ڪٽر ترقي پرست ۽ سنڌ جا دشمن موجود آهن.
اسان کي هيءَ به معلوم آهي ته اهل پنجاب جي اڪثريت تي هن وقت مهاجر نظرين ۽ فرقي پرست ذهنيت جو ڀوت سوار اهي.
اسان کي هي به معلوم آهي ته پيپلس پارٽي پاڻ کي غير فرقيوار ۽ ترقي پسند اصولن جي حامي جماعت ڪوٺائڻ جي باوجود، اقتدار ۾ رهڻ خاطر مهاجرن جي ايجاد ڪيل نظرئي مسلم قوم ۾ ويساهه رکڻ لاءِ مجبور آهي.
(5) اسان کي هي به معلوم آهي ته باوجود ان جي پيپلس پارٽي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت رکي ٿي، سندس موجوده حڪومت جا نمائنده، سواءِ سروس ۽ فوجو عملدارن کي حقيقي طاقت جو مرڪز سمجهي، ان جي حڪم پٺيان هلن ٿا.
(6) اسان کي هي به معلوم آهي ته صدر صاحب ۽ ان جا ساٿي ظاهري طور جمهوريت ۽ سوشلزم ۾ ويساهه رکڻ جي دعوى ڪن ٿا، ليڪن ان جي باوجود هو اسلامي آئين، اسلامي نظام حڪومت ۽ نظرئي پاڪستان جو راڳ اچاريندا رهن ٿا. اهو صرف ان ڪري آهي، جو کين پتو نه آهي ته سوشلز م ۽ جمهرويت، سواءِ قوم پرستيءَ ۽ سيڪيولرزم جي حاصل نه ٿي سگهندا.
(7) اوهان کي معلوم هوندو ته پاڪستان ۾ چار قومي زبانون هر هڪ سنڌي، پنجابي، پختون ۽ بلوچي صدين کان موجود آهن.
(8) اوهان کي هي به معلوم آهي ته انهن چئني زبانن مان سنڌي ترقي يافته ۽ شاهوڪار زبان آهي. ان اصول مطابق پاڪستان جي قومي زبان ٿيڻ جو حق سنڌيءَ کي هو. پر باوجود انهيءَ علم جي اوهان جي پارٽيءَ الف- اقتدار ۾ رهڻ خاطر ب- اهل پنجاب جي ناراضپي جي ڊپ کان، ۽ ت- مهاجر ۽ ترقي پرست ماڻهن جي راضپي خاطر، غير ملڪي زبان اردوءَ کي قومي زبان مقرر ڪري، سنڌيءَ جي مستقبل کي خود سنڌ ۾ خطري ۾ وجهي ڇڏيو. اوهان سنڌي ٻوليءَ کي رڳو سنڌ جي سرڪاري زبان بنائڻ کان به ڊڄي ويا.
(9) اوهان کي معلوم هوندو ته سنڌين جي باشعور ماڻهن جي اڪثريت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ بابت پيش ٿيل بل کي تسلي بخش ٿي سمجهيو، پر اوهان جي مشڪلاتن ۽ ڪمزورين کي مدنظر رکندي، هو ان تي خاموش رهيا.
(10) اوهان جي پارٽي ميمبرن ان بل تي اسيمبليءَ ۾ زوردار تقريرون ڪري 62 ميمبرن مان 51 ميمبرن جي اڪثريت سان بل کي پاس ڪرايو.
(11) اوهان کي معلوم آهي ته مهاجر اردودان ميمبرن اسيمبلي ۾ ان بل جي مخالفت ڪئي هئي ۽ بل پاس ٿيڻ بعد ڪراچيءَ ۽ ڪن شهرن ۾ لساني فساد ڪرايا جن ۾ سنڌين جي گهرن ۽ دڪانن کي ڦرڻ، باهيون ڏيڻ، سنڌين جي بي عزتي ڪرڻ ۽ انهن جا قتل جا واقعات سرزد ٿيا. هنن صدر پاڪستان ذوالفقار علي خان ڀٽي اوهان (ممتاز علي خان) وزيراعلى سنڌ ۽ گورنر سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر جي شان ۾ فحش نعرا ڀتين تي لکڻ، سندن قبرون ٺاهي انهن جي بي عزتي ڪئي، پتلا ٺاهي ساڙيا ويا، سندن نالا ڪتن تي رکي انهن جا سرگس ڪڍيا. صدر صاحب جي اهليه ۽ نياڻيءَ جي ذات خلاف ناشائسته ڪارٽون ۽ نعرا، ڀتين ۽ پوسٽرن تي لکيا ويا.
اهو سڀ ان ڪري ڪيو ويو، جو اوهان سنڌي هئا، ان ڳالهه سنڌ جي ٻچي ٻچي ۾ رد عمل پيدا ڪيو. جيڪڏهن پيپلس پارٽيءَ جي ڪارڪنن جي، صدر صاحب جي حڪم موجب مهاجرن کي مدد نه پهچي ها، ته سنڌي انهن گستاخ مهاجرن جي گت نهايت خراب بنائين ها. اسان کي اميد هئي ته اوهان جي قومي غيرت جوش ۾ اچي، انهن بدڪردار ۽ نمڪ حرام پناهگيرن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندي. ليڪن اسان جي تعجب جي حد نه رهي، جڏهن يڪايڪ 8 جولاءِ 1972ع تي راولپنڊيءَ مان صدر صاحب، آئيني طرح پاس ٿيل بل تي غور ڪرڻ لاءِ چند ماڻهن کي راولپنڊيءَ ۾ گهرايو. جن ۾ فساد ڪرائيندڙ پناهگير ليڊر به شامل هئا، انهن کي سرڪاري خرچ تي گهرايل هو.
اسان کي خبر نه آهي ته ڪهڙا ڪارڻ هئا، جنهن ڪري صدر صاحب اهو غير جمهوري قدم کڻي، سنڌ اسيمبليءَ جي معاملي ۾ دست اندازي ڪئي. پر جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي، ان مان ائين پتو پوي ٿو ته پناهگيرن سندن بيپناهه پروپيگنڊا ذريعي اهل پنجاب کي، جماعت اسلاميءَ ۽ پي. ڊي. پي معرفت حڪومت جي برخلاف ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري صدر کي ڊپ پيدا ٿيو ته اهي گڏجي، سندس حڪومت جو تختو اٿلائي ڇڏيندا. ان ڪري گادي بچائڻ لاءِ صدر صاحب بقول رئيس امروهي، “منت سماجت ڪري، مهاجرن جا شرط مڃي، انهن اڳيان پيش پئي، آرڊيننس ذريعي ان بل جي افاديت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.” پوءِ اوهان سنڌين کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ظاهر ڪيو ته:
“اڳوڻو بل سلامت رهيو ۽ سنڌين جا حق سلامت رهندا. زبان جو مسئلو خاطرخواهه نموني فيصل ٿي ويو.”
ليڪن جيڪڏهن دل ۾ ٿئيو ته صاف چئون ته ان کان وڌيڪ منافقي ۽ ڌوڪيبازي ٿي نٿي سگهي. جيڪڏهن طاقت جي نشي ۾ اوهان سنڌين جو رايو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هجو، سواءِ پناهگيرن جي طريقي جي يعني فسادن جي، ته اها ڳالهه ٻي آهي، ليڪن ان آرڊيننس واري قدم کڻڻ ڪري جي هيٺيان نڪتا آهن تن کان انڪار ٿي نٿو سگهي:
1) صدر جي ان دست اندازيءَ ڪري، مرڪزي حڪومت جي سامهون صوبائي اسيمبليون ۽ پراونشل آٽونامي فارس ٿيو پون. ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ ڪثرت راءِ سان پاس ڪيل بل کي مرڪزي حڪومت، قلم جي نوڪ سان ختم ڪري سگهي ٿي. جا ڳالهه انتها پسند ۽ غيرتمند سنڌين کي، اهو ڏسي ته پاڪستان رڳو مهاجر ۽ پنجابي سامراج جي اثر هيٺ هلي رهيو آهي، خود پاڪستان خلاف ٿي، آزاد سنڌ جي تحريڪ اُڀارڻ لاءِ ڪافي اسباب پيدا ڪري ٿي.
2) اهو قدم صوبائي اسيمليءَ ۽ حڪومت تي بي اعتباريءَ جو فيصلو هو. جيڪڏهن اوهان جي وزارت کي ذرا به غيرت هجي ها، ته اهڙي حڪم کي قبولڻ عيوض استعيفائون ڏئي وڃي ها.
3) ان فيصلي جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪثرت ۽ ان جا فيصلا ڪابه حيثيت نٿا رکن. جيڪڏهن چند با اثر ۽ شرير ماڻهو ڪا ڳالهه جمهوري ۽ آئيني طريقن سان حاصل ڪري نٿا سگهن، ته گوڙ فساد ڪري، اوهان جهڙن اقتدار جي بکين کي ڊيڄاري، ساڳي ڳالهه زور سان مڃائي سگهن ٿا.
4) ان مسئلي جي نمايان پهلو کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ته ان ساري معاملي ۾ سنڌي سياستدانن جي وڏي بي عزتي ٿي چڪي آهي. هو سندن واجبي سوال کي ڪثرت راءِ سان اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرائڻ بعد چند غنڊن جي ڪاررواين ڪري، ماڻهو به مارائين ٿا، گهر ۽ دڪان به ساڙائين ٿا، گاريون به جهلين ٿا ۽ اسيمبليءَ ۾ ڏهن سرن قربان ڪرڻ جي هام هڻڻ جي باوجود، نيٺ پناهگيرن جا شرط مڃي، ان جي آڏو پيش به پون ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌين مان اوهان وارو ڪلاس، وڏو بي غيرت ۽ بزدل آهي.
5) محمد ايوب کهڙي کي سنڌين ون يونٽ قائم ڪرڻ وقت نهايت برو ان ڪري سمجهيو هو، ته هن عهدي ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر، سنڌ کي غيرن جي هٿ ۾ وڪڻي ڇڏيو پر اوهان هن حالت ۾ اقتدار کي بچائڻ خاطر، اهو ساڳيو ذليل واپار ڪرڻ قبوليو آهي، جنهن مان هيٺيان نتيجا نڪتا آهن:
(الف) سنڌ کي عملي طور ٻن زبانن جو صوبو تسليم ڪيو ويو ويو آهي.
(ب) ائين ڪرڻ سان مهاجرن کي جدا قوم مڃڻ جو اصول تسليم ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هو سنڌ کي ورهائڻ لاءِ گهر ڪري رهيا آهن.
(ت) سنڌ ۾ مکيه عهدن تي غير سنڌي عملدارن کي رکڻ جو اصول قبول ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌ ۾ رهي قوم پرست سنڌي عملدارن کي تبديل ڪيو ويو آهي.
گوڙ ڪندڙ مهاجرن جي رضامندي خاطر ٻن هزار سنڌين کي جيل ۾ موڪليو ويو آهي، ۽ مهاجرن کي آزادي ڏني ويئي آهي ته هو پرچار ڪندا رهن.
(ج) پناهگير ڏوهارين لاءِ سندن ٿيل نقصان جي عيوضي طور ۽ 2 لک روپيا منظور ڪيا ويا آهن.
(ح) مهاجرن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ صدر ذوالفقار علي ڀٽو ساري سنڌ ۾ گشت ڪري، سنڌين کي هدايت ڪرڻ ويو، ته مهاجر ڇا به ڪن ته به سندن نالو نه ورتو وڃي. ڄڻ ته ڏوهاري سنڌي هئا. پر باوجود ان جي، سندس گشت پوري ٿيڻ تي، مهاجرن سندس هر طرح جي بي عزتي ڪئي. ايتري قدر جو سندس اڳيان اگهاڙو ٿي ڏيکاريائون.
(خ) مهاجرن کي رضامند ڪرڻ لاءِ باوجود مٿي ذڪر ڪيل حالتن جي صدر ذوالفقار علي خان ڀٽي، ٽيليويزن تان مهاجرن کان ٻانهون ٻڌي، معافي وٺڻ وقت هنن کي اهو شرم وڌو ته جي ٻيو خيال نه ٿئين ته من اهو ننگ پوين، جو (هن جون به ڀيڻون مهاجرن جي گهرن ۾ هيون) هو سندن مائٽ هو.
(د) ٻيا مخفي شرط، جي پناهگيرن طرفان ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته قبوليا ويا آهن، سي اڃا ظاهر نه ٿيا آهن. (ان کان پوءِ ظاهر ٿي چڪا آهن.) انهن ۾:
(i) ڪراچيءَ کي جدا صوبو بنائي، مهاجرن جي حوالي ڪرڻ.
(ii) سنڌ وزارت ۾ مهاجرن کي نمائندگي ڏيڻ.
(iii) گورنر جو عهدو مهاجرن کي ڏيڻ.
(vi) غير سنڌي ڪامورن کي سنڌي زبان نه ڄاڻڻ جي باوجود نوڪرين ۾ هلائيندو اچڻ وغيره.
(ذ) مهاجرن کي سنڌ جي نوڪرين ۾ 50 سيڪڙو نوڪرين ڏيڻ جو اصول قبول ڪرڻ.
(ر) اهو شرط به قبوليل آهي ته آدمشماريءَ جا فارم اهڙيءَ طرح ڇپايا ويندا، ۽ اها اهڙيءَ طرح شمار ڪرائي ويندي. جو پناهگيرن کي سندن آباديءَ جي تعداد ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ سهوليت ٿئي.
(ز) پناهگيرن جي صوبائي ۽ مرڪزي نوڪرين ۾، موجوده برتريءَ ۽ اڪثريت کي برقرار رکڻ قبوليو ويو آهي.
(س) ريڊئي ۽ ٽيلويزن تي پناهگيرن کي ڇوٽ ڏيئي سنڌي زبان، ڪلچر، ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ لاءِ رستو کليل ڇڏيو ويو آهي.
(ش) اهو به قبوليو ويو آهي ته سنڌي زميندارن کان زمينون کسي، هارين کي ڏنيون وينديون، پر مهاجرن کي سنڌي هندن جي بي واجبي طرح ڏنل ملڪيت کي هٿ نه لاٿو ويندو.
(ص) اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته اهڙا طريقا استعمال ڪيا ويندا، جو سنڌ يونيورسٽيءَ کي بند ڪري، سنڌين کي اعلى تعليم کان بي بهرو ڪيو ويندو ۽ ان جي برخلاف مهاجرن جي تعليمي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، وڏيون رقمون سنڌ ۾ اردوءَ جي فروغ لاءِ گرانٽ طور ڏنيون وينديون.
(ض) هيءَ به فيصلو ڪيو ويو آهي ته مهاجرن جي رضامنديءَ خاطر جماعت اسلاميءَ سان مخفي ٺاهه ڪري، انهن جي پاليسيءَ مطابق سنڌي قوم پرستيءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ هر طرح جا قدم کنيا ويندا.
خدا ڪري اهو سڀ ڪجهه سچ ثابت نه ٿئي، ليڪن ذوالفقار علي خان ڀٽي جي گذشته روايات جي آڌار تي قوي گمان پيدا ٿين ٿا ته جنهن صاحب ايوب خان کي خوش ڪرڻ خاطر کيس لينن، ڪمال، اتاترڪ، صلاح الدين ايوبي ۽ ابرهام لنڪن چيو، ۽ شاهه لطيف هٿان هار پارائڻ جو اهل سڏيو هجي، جنهن صاحب جنرل يحى خان ۽ سندس ملٽري جنتا کي خوش ڪرڻ خاطر کين بينگالين کي اقتدار نه ڏيڻ ۽ سڌي قدم کڻڻ جي صلاح ڏني هجي ۽ بينگال ۾ مارشل لا ڊيڪليئر ڪري قتل عام ڪرائڻ تي چيو هجي ته “شڪر خدا جو بروقت قدم کڻي، يحى خان پاڪستان بچائي ورتو.” جنهن صاحب مهاجرن کي خوش ڪرڻ لاءِ محمد بخش ڌامراهه، حفيظ قريشي، مولوي ربانيءَ ۽ جي. ايم. سيد وغيره کي جيل ۾ موڪلي، نوجوان قوم پرست شاگردن کي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ هٿان ڏنڀ ڏياريا هجن سو جڏهن سندس اقتدار لاءِ خطرو ڏسي، ته سنڌ جي آٽونامي زبان، ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد کي مهاجر پنجابي سامراجين جي هٿن ۾ وڪرو ڪري ته اها ڳالهه اختيار ۾ اچي سگهي ٿي.
اهي سڀ ڪڌا ڪم موجوده صدر ۽ ان جي پارٽي انهيءَ لاءِ ڪري رهي آهي، ته سندس حڪومت کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد زياده عرصي تائين اقتدار ۾ رهڻ ڏين. ليڪن هن حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته هن ماڻهن کي ساڻس مخالفت، سندس سنڌي هئڻ تي آهي. جيستائين ڀٽو صاحب بي غيرت ٿي، لالچ خاطر سنڌي مفاد کي نقصان پهچائي سندن حڪم مڃيندو ايندو، ان وقت تائين هو کيس ڪرسيءَ تي سلامت رکندا ايندا، پر جهڙيءَ طرح هن کهڙي صاحب کان ون يونٽ ڪرائي ٻن مهينن کان پوءِ هن کي وزارت اعلى تان هٽائي ڇڏيو، اهڙيءَ طرح ساڳي حالت ڀٽي ساڻ به ڪندا، ان حالت ۾ هو نه پاڻ بچائي سگهندو، نه پاڪستان کي......”
سنڌي شاگردن صدر (هاڻ وزيراعظم) ذوالفقار علي خان ڀٽي کي سنڌ سان ٿيل ظلمن جو ذڪر ڪري، سندن عرضداشت ڪندي، ان جي 24 صفحي تي هيٺين طرح عرض ڪيو هو:
جناب صدر صاحب! جناح صاحب پاڪستان قائم ڪي، اسان کي ههڙيءَ حالت ۾ آندو آهي. هاڻ اوهان تي ڇڏيل اهي ته اڳين جي نقش قدم تي هلي، ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪريو يا تاريخ جي تجربي مان سبق حاصل ڪري، ملڪي مسئلن کي نئين انداز ۾ فيصل ڪريو.
اسان اوهان کي هيٺين لياقتن جا مالڪ سمجهي، اميد رکون ٿا ته ماضيءَ کي درگذر ڪري نئين انداز ۾ پاليسي مرتب ڪندا:
اوهان جو سنڌ ۾ جنم ورتل آهي، تنهن ڪري سنڌي قوم جا فرد آهيو.
هر مسئلي کي دنيا جي حقيقتن ۽ جديد نقطه نگاهه کان ڏسڻ جا اهل آهيو.
صحيح جمهوري قدرن ۾ ويساهه رکڻ جي دعوى ڪريون ٿا.
پهريان چونڊيل غير سرڪاري صدر آهيو.
سياست عمليءَ جا ماهر آهيو.
ان حالت ۾ اسان حق بجانب ٿينداسون، ته اوهان کي عرض ڪريون ٿا ته:
1) سنڌين جي جدا قومي وجود کان انڪار ڪندڙ مهاجر پنجابي سامراجي قوتن جي ظلم کان اسان کي بچائڻ ۾ مدد ڪريو.
2) مرڪزي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي نالي ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج جي غلاميءَ کان سنڌين کي بچايو.
3) ڀارت جي وهمي دشمنيءَ جي نالي ۾ لشڪر وڌائي، وري ملٽري رول قائم ٿيڻ جي راهه بند ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻو.
4) ملڪي پاليسي مذهبي تعصب ۽ نفرت جي عيوض محبت دانشمندي، سيڪيولرزم ۽ غير جانبدار بنيادن تي قائم ڪري، صحيح سوشلزم جي قيام لاءِ راهه هموار ڪيو.
5) اردو زبان جي ذهني سامراجيءَ کان سنڌين کي بچايو پر جيڪڏهن ڪن مجبورين سبب، اڳوڻن ملڪن وانگر اوهان به:
1) نظريه پاڪستان.
2) هندوستان دشمني.
3) باهمي نفرت.
4) مذهبي نظام حڪومت.
5) مضبوط مرڪز.
جو راڳ اچاريندا رهندا ته اوهان کي هيٺين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو:
1) ڪٽر قوم پرستي پيدا ٿي، صوبا مرڪز جي خلاف ٿي، پاڪستان جي ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.
2) مرڪز ۾ مهاجر پنجابي تسلط جي قبضي کان تنگ ٿي ملڪ ۾ بغاوتون پيد اٿي پونديون.
3) مذهب جي نالي ۾ استحصال ٿيڻ ڪري، نوجوان مورڳو مذهب کان بيزار ٿي پوندا.
4) سنڌي اهڙي پاڪستان ۾ رهڻ کان آزاد ٿيڻ زياده پسند ڪندا، جنهن ۾ هو ڪالوني طور هلايا وڃن.
پر ڀٽو صاحب گادي بچائڻ لاءِ مجبور هو ته مهاجر پنجابي سامراج جو “شو بواءِ” ٿي ڪم هلائيندو رهي.
نه رڳو هن مٿي شاگردن جي ذڪر ڪيل عرضداشت تي خيال نه ڪيو، پر انهيءَ عرضداشت کي ضبط ڪري، جنهن پريس جي نالي اهو ڇپائي ڏيکاريل هو، ان کي ضبط ڪري، ان جي مئنيجر کي جيل ۾ وڌو ويو.
اهڙين حالتن هيٺ، غور سان ڏسجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته جن اميدن ۽ آسرن تي سنڌين کي پاڪستان جي قيام تي رضامند ڪيو ويو هو، انهن جي برثواب نه ٿيڻ ڪري، هنن لاءِ ان کانسواءِ ڪو چارو نه رهيو آهي، ته ان کي ٽوڙي، آزاد سنڌ ديش قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.