تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ

سائين جي ايم سيد جو هي ڪتاب اسان جي هر قدم تي اها رهنمائي ڪري ٿو ته سنڌ هڪ الڳ ملڪ رهيو آهي، تنهنڪري سنڌ هاڻي به هڪ آزاد ملڪ جي ئي حيثيت ماڻي
  • 4.5/5.0
  • 8059
  • 3411
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ

فصل چوٿون

آءٌ اڳين فصلن ۾ ڄاڻائي آيو آهيان، ته سنڌ برصغير هند ۾ تاريخي ارتقا بعد پيدا ٿيل ملڪ آهي. ان جو ماضي شاندار رهيو آهي. ان جي جداگانه خطي زمين ۾ تاريخي روايات، ڪلچر، زبان، سياسي ۽ اقتصادي مفاد واري قوم رهندڙ آهي. ٻئي طرف، پاڪستان کي نه اڳين تاريخ آهي، نه انهيءَ نالي وارو اڳي ڪو ملڪ هو. اهو سياسي سازشن ڪري وجود ۾ آيل هڪ عجوبو آهي.
اهو به ٻڌائي آيو آهيان ته پاڪستان جو قيام ڪهڙن آسرن ۽ اميدن جي آڌار تي ڪرايل هو، ۽ ڪهڙيءَ طرح اهي خواب پريشان ٿي چڪا آهن، ۽ سنڌ ۾ سنڌي، دنيا جي هڪ بدترين، وطن دشمن، انسان دشمن سامراج جي ڪالوني بنجي چڪا آهن. تنهنڪري مجبور ٿي، اسانکي سنڌ جي آزاديءَ، اقتصادي خوشحاليءَ ۽ ڪلچرل ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پيئي آهي.
هاڻ سوال اٿندو ته سنڌوديش جي قيام لاءِ اسان کي ڪهڙا جوکا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون ۽ ديش آزاد ٿيڻ بعد ان مان ڪهڙا فائدا حاصل ڪرڻا آهن. جيتري قدر مون غور ڪيو آهي ته مون کي ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته آزاديءَ جي حصول لاءِ اسان کي هيٺين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو:
1) مهاجر پنجابي مستقل مفاد جا الزام.
2) جيل ۽ سزائون.
3) پنهنجن جو سزائون.
4) جنگ آزاديءَ وقت ٿيل نقصان.
5) آزاديءَ بعد قومي اتحاد ۽ ملڪي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون.
پهرين آءٌ مٿي ذڪر ڪيل پنجن مشڪلاتن جو مختصر ذڪر ڪري، پوءِ سنڌ جي آزاديءَ مان ٿيندڙ فائدن جو بيان ڪندس:

مستقل مفاد جا الزام

شخص ۽ قومن تي غلبي ۽ تسلط قائم ڪرڻ لاءِ زور زبردستيءَ کان علاوه ذهني غلبي کي آواز طور ڪتب آندو وڃي ٿو. پوئتي ويل جاهل ماڻهن ۽ قومن تي هوشيار ماڻهو، طبقا ۽ قومون ذهني طرح غلبو حاصل ڪري، هنن جا ذهن بگاڙي ڇڏيندا آهن. سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ بينگالين کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد، پهرين مذهب جي نالي ۾ گمراهه ڪري، پاڪستان قائم ڪرايو پوءِ هنن اسلام جي سربلندي، مسلمانن جي اتحاد، نظام اسلامي، پاڪستان جي يڪجهتي ۽ استحڪام جي نالي ۾ عوام جا ذهن سن ڪري، پنهنجي سياسي تسلط، اقتصادي استحصال ۽ ڪلچرل غلبي لاءِ کين رضامند ڪرڻ جو پرچار ڪيو.
انهيءَ سلسلي ۾ هنن هيٺيان نظرياتي ڌوڪا ڪتب آڻي، سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ بينگالين کي گمراهه پئي ڪيو آهي. خوشقسمتيءَ سان بينگالي انهيءَ غلاميءَ مان پاڻ ڇڏائي ويا. باقي ٽي ڌريون بلوچ، پختون ۽ سنڌي، اڃا مصيبت ۾ ڦاٿل آهن.

سامراج جا ڌوڪا

1) پاڪستان جا رهاڪو مذهب جي بنياد تي هڪ قوم هئا.
2) پاڪستان برصغير هند جي مسلمانن جو قومي وطن هو.
3) پاڪستان دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو.
4) پاڪستان ۾ اسلامي آئين ۽ نظام رائج ڪري، ان کي هڪ مثالي ملڪ بنائڻو هو.
5) پاڪستان کي مسلمانن ۽ اسلام جي بچائڻ جو ڪردار ادا ڪرڻو هو.
جيتوڻيڪ انهن پنجن ڌوڪن تي تفصيلي روشني اڳين فصلن ۾ وڌي ويئي آهي، بهتر آهي ته هت ان بحث جو نچوڙ پيش ڪري، سنڌين جي سامهون صحيح نقطه نگاهه واضح ڪيو وڃي.

(1) پاڪستان جا رهاڪو مذهب جي بنياد تي هڪ قوم هئا:

ان جو جواب صاف ظاهر پيو آهي ته پاڪستان جا رهاڪو هڪ قوم نه هئا، بلڪ چئن قومن تي مشتمل متضاد مفاد جو مجموعو هئا. مذهب جي بنياد تي مسلمانن جي قوم جو نظريو، دنيا ۾ ڪٿي به مروج نه آهي. ان کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سامراج قائم رکڻ لاءِ ايجاد ڪيو هو. اهو نظريو (i) غلط (ii) ڌوڪو ڏيندڙ (ii)تاريخي تجربي خلاف ۽ (iv) اقوام متحد جي تسليم ڪيل اصولن جي خلاف هو.

(i) غلط ڪيئن هو؟

اهو نظريو غلط ان ڪري آهي، جو مذهب اسلام ۾ سوين فرقا پيدا ٿي ويل آهن، جي هڪ ٻئي سان برسرپيڪار آهن. جن مان هڪڙو ٻئي کي صحيح نٿو سمجهي، بلڪ دوزخي ڄاڻي ٿو. تنهنڪري عقيدن جي بنياد تي هو ڪڏهن هڪ ٿي نه رهيا هئا.

(ii) ڌوڪو ڏيندڙ ڪيئن هو؟

ڌوڪو ڏيندڙ ان ڪري هو، جو گذريل 13 سو ورهين جي تاردخ ۾ ڪڏهن به مسلمان هڪ ٿي نه رهيا هئا،. هنن هڪ ٻئي جا رت وهايا هئا. منجهن ڪڏهن به نسلي، لساني، اقتصادي، اخلاقي ۽ سياسي يڪجهتي پيدا ٿي نه سگهي هئي. هن وقت به 40 کان مٿي جدا قومن ۽ ملڪن ۾ ورهايل آهن.

(iii) تاريخي تجربي خلاف ڪيئن هو؟

دنيا جي تاريخي تجربي خلاف انڪري هو، جو هن وقت تائين مذهبن جي بنياد تي ماڻهن يا ملڪن کي متحد ڪرڻ جون جملي ڪوششون رائگان ويون آهن. جنهن مان سبق حاصل ڪري، دنيا جي اڪثر قومن مذهب کان سياست کي علحده ڪري، ملڪن جو ڪاروبار هلايو ٿي
(الف) ٻڌ ڌرم وارن جو اشوڪا جي ڏينهن ۾ مذهب جي بنياد تي ماڻهن کي متحد ڪرڻ جو تجربو ديرپا قائم رهي نه سگهيو.
هندن کي وڪرماجيت جي ڏينهن ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو آزمودو ڪامياب نه ٿيو.
(ت) عيسائي قومن کي پوين ماتحت متحد ڪرڻ جي سياسي تنظيم ناڪامياب ثابت ٿي.
(ث) مسلمانن جي خلافت جي اداري هيٺ ڪيل اتحاد لاءِ ڪوششن مسلمانن ۾ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جي عيوض انتشار جو باعث بني، ۽ ڪن گهراڻن جي سامراج جو ڪارڻ ٿي. نيٺ تنهن کي ان اداري کي مسلمانن لاءِ نقصانڪار سمجهي، خلافت کي ختم ڪري، جان آزاد ڪرائي. هاڻي ان فرسودي نظرئي جو تجربو وري برصغير هند جي پٺتي پيل صحيح اسلامي تعليم کان غير واقف، عمل کان بي بهره ماڻهن تي آزمايو وڃي ٿو. پر اهو به ناڪامياب ٿيندو. ڀلا جن ماڻهن کي اولياءِ ڪرام صوفياءِ عظام، مجتهد زمان هڪ ڪري نه سگهيا، تن کي جناح صاحب، لياقت علي خان ۽ ڀٽي طرفان هڪ ڪرڻ جي دعويٰ خام خيال ۽ چريائيءَ کانسواءِ ڪجهه نه آهي. اهو نظريو صرف چند مستقل مفاد، سندن طبقاتي نفعي خاطر ماڻهن کي برغلائڻ لاءِ ڪتب آڻي رهيا آهن.

(iv) اقوام متحده جي تسليم ڪيل اصولن جي خلاف ڪيئن هو؟

پاڪستان جي بنياد تي قوميت جو نظريو، دنيا جي حالات حاضره جي حقيقتن جي خلاف آهي. اقوام متحد جي جملي ميمبر قومن کي هڪ اسرائيل ملڪ آهي، جو ان ۾ اعتماد رکي ٿو. ٻيا سڀ جيڪي وطن، زبان، ڪلچر، تاريخي روايات اقتصادي ۽ سياسي مفاد جي بنياد تي ان جي وجود ۾ اعتماد رکن ٿا. جنهن ۾ يهودين وانگر مهاجر پنجابي مسلسل مفاد ساڳين اصولن ۾ مڃين ٿا، ۽ ساڳي ذهنيت رکن ٿا، ان ڪري هتي پاڪستان ۾ ان جي پوئلڳي ۾ ان نظرئي جو آواز اٿاريو وڃي ٿو.



(v) پاڪستان برصغير هند جي مسلمانن جو ملڪ هو:

اها ڳالهه غلط ۽ بي بنياد آهي. پاڪستان نه تاريخي طور هڪ ملڪ رهيو آهي ۽ نه هن وقت هڪ ملڪ آهي. بلڪه چئن جدا سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ قومن جي ملڪن جو هڪ خطو آهي. جن مان ڪن کي قديم زماني کان پنهنجون علحده آزاد رياستون پئي رهيون آهن. انهن تي مهاجر پنجابي مستقل مفاد انگريزن جي معرفت پنهنجو سامراج قائم ڪيو آهي، ۽ هن وقت ڏنڊي جي زور تي اهو هلائي رهيا آهن. ان ۾ رهندڙ قومن کي حق خوداراديءَ موجب پنهنجي بنياد ۽ خودمختياري رياستن قائم ڪرڻ جو حق آهي. سنڌ، صرف مسلمانن جو ملڪ نه، پر سنڌي مسلمانن، سنڌي هندن، سنڌي ڪرستانن، سنڌي سکن جو ملڪ آهي. ان جي خصوصيت ئي ان ۾ آهي ته مڙني مذهبن جي بنيادي وحدت جي زبان آهي.
سنڌ تي ڀارت کان آيل مسلمانن جو ڪو حق نه آهي. ڇاڪاڻ ته قوم پرست سنڌي مذهبن جي بنياد قائم ڪيل قوم ۾ ويساهه ئي نٿا رکن. ان کي خود اسلام جي بنيادي اصول جي خلاف ٿا سمجهن. خلافت، پئن اسلامزم ۽ موجوده وقت پاڪستان طرفان ڪوٺايل مسلمان ملڪن جي ڪانفرنس ۽ اداري کي غلط ۽ اسلام جي فروغ لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا. جهڙيءَ طرح امريڪا صيهونيت جي مدد ڪري، پنهنجي سامراج کي طاقت وٺائڻ گهري ٿي، اهڙيءَ طرح هي مهاجر پنجابي مستقل مفاد ۽ عربن ۽ اسلام جي نالي ۾ سندن سامراج جون پاڙون پختيون ڪرڻ گهرن ٿا. جنهن ڳالهه ۾ مهاجر پنجابي سامراجين جو فائدو آهي، ان ۾ سنڌين جو نقصان آهي. علامه مودوديءَ صحيح چيو آهي ته جيئي سنڌ معنى مري پاڪستان ان ڪري سنڌي سمجهڻ لڳا آهن ته سنڌ جيئندي تڏهن، جڏهن پاڪستان ختم ٿيندو.

(1) پاڪستان دنيا جي مسلمان ملڪن ۾ اتحاد آڻيندو:

اهو دليل به سراسر غلط آهي. ملڪ نه مسلمان ٿيندا آهن، نه هندو يا عيسائي. انهن ۾ رهندڙ ماڻهو، پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق عقيدا قائم ڪري يا بدلائي سگهندا آهن. مسلمان ڄمي ڪونه پيدا ٿين ٿا. مسلمان سڏائڻ سولو آهي، ليڪن ان اعلى روحاني پنڌ تي پهچڻ ڏکيو آهي. اهو سوال به بحث طلب آهي ته موجوده مسلمان حڪومتون ۽ ملڪ صحيح طور تي اسلامي هئا يا آهن. ازانسواءِ مذهب جي بنياد تي ملڪن جو اتحاد، خود مذهبن لاءِ نقصانڪار آهي. ڪرستانن جي گهڻائيءَ وارا ملڪ، مسلمانن کان علم، پيسي، صفت، ملٽري طاقت ۽ تهذيب ۾ گهڻو ترقي يافته هئا. جيڪڏهن مذهب جي بنياد تي اتحاد کي هو ڪرسچنٽي (عيسائيت) لاءِ مفيد سمجهن ها، ته هو اتحاد ڪري سگهن ها. بلڪ هنن ان راهه ۾ جيڪي اڳي ڪوششون ڪيون، سي سڀ ناڪامياب ثابت ٿيون هيون. مسلمان ملڪن جي اتحاد لاءِ خلافت جي اداري هيٺ هڪ طرف ۽ پئن اسلامزم جي نالي ۾ ٻئي طرف، ۽ مهدين جي پوئلڳيءَ ٽئين طرف، سڀ ڪوششون رائگان ويون آهن.
پاڪستان جي حڪومت دنيا جي مسلمان ملڪن کي ڪهڙي طرح متحد ڪري سگهندي، جڏهن اها ان ۾ مشتمل قومن کي اتحاد ۽ انصاف پلئه وجهي نه سگهي آهي؟ تنهنڪري اها گفتگو منافقانه ۽ ڌوڪو ڏيندڙ آهي. ان جو مطلب پاڪستان جي مختلف قومن ۽ ماڻهن جو توجهه حقيقي مسئلن کان هٽائڻ آهي، ۽ ان جي نالي ۾ مهاجر پنجابي سامراج کي مضبوط ڪرڻو آهي. تيرهن سون ورهين کان وٺي مسلمان پاڻ ۾ متحد ٿي نه سگهيا. تن کي هاڻ جناح، ايوب خان ۽ ڀٽي جهڙا مذهب کان اڻ واقف، اخلاق کان عاري، ابن الوقت ۽ سامراجي مفاد جا ايجنٽ ڪهڙيءَ طرح اتحاد ڪرائي سگهندا. هر صاحب عقل ماڻهوءَ کي پتو آهي ته پاڪستان کي سندس حڪمران طبقن، امريڪن سامراج جي ملٽري عهدنامن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. ان کان هو اسلح وٺي، پنهنجي ماتحت قومن کي غلام رکي، انهن جو استحصال ڪري رهيا آهن. امريڪا جا هن وقت مغربي ايشيا ۾ ٽي سامراجي اڏا آهن: 1. پاڪستان، 2. اسرائيل، 3. ترڪي. جن جي وسيلي هو سندس تسلط وچ ايشيا ۽ افريقا تي قائم رکڻ گهري ٿو. تنهن ڪري عالم اسلام جي اتحاد جو نعرو سراسر غلط ۽ ڌوڪو آهي.

(4) پاڪستان ۾ اسلامي آئين ۽ نطام قائم ڪري، ان کي هڪ مثالي ملڪ بنائڻو هو

هيءَ ڳالهه پڻ مهاجر آزاديءَ، مفاد، سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جو توجهه سندن سياسي آزاديءَ، اقتصادي خوشحاليءَ ۽ ڪلچرل ترقيءَ جي سوالن کان هٽائڻ لاءِ ڪن ٿا. ڇاڪاڻ جو هڪ ته اسلامي آئين ٿيندو ڪونه آهي، ٻيو ته جديد معاشري ۾ اسلام جي نقاد جا قانون ڪارگر نٿا ٿي سگهن، ٽيون ته مثالي حڪومت قائم ٿيڻ لاءِ عوام جو پهريائين صالح ۽ نااخلاق ٿيڻ بنيادي شرط آهي. چوٿون ته اسلامي سياست يا اقتصاديات جهڙي ڪا ڳالهه وجود ۾ ئي ڪانهي، پنجون ته پاڪستان جو متحد ٿي، پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ٿي رهڻ هڪ خلاف فطرت امر آهي.
هيٺ آئون مٿي ذڪر ڪيل پنجن دليلن جي تشريح ڪندس.

(1) اسلامي آئين ٿيندو ئي نه آهي:

جي تاريخ تي نظر ڪري ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته ڪڏهن به ڪنهن مسلمان ملڪ ۾، ڪنهن حڪومت باقاعدي ڪو آئين ٺاهي، انموجب حڪومت نه هلائي هئي. هاڻ ڪجهه وقت کان مغربي ملڪن جي تتبيع تي مسلمان ملڪن آئين ٺاهڻ شروع ڪيا آهن، جي سڀ سيڪيولر قسم جا آئين آهن. هن وقت به اٽڪل 40 کان مٿي مسلمان ملڪن مان هڪ ملڪ ۾ به صحيح جمهوري حڪومت جو سرشتو رائج آهي. نه انهن مان ڪنهن ڪو اسلامي آئين ٺاهيو آهي، يا اهڙي دعوى ڪئي آهي.
آئين جو، جيئن مٿي هڪ هنڌ چيو ويو آهي، واسطو اڪثر هيٺين مسئلن سان ٿئي ٿو:
1) عام ماڻهن جا بنيادي حق.
2) مرڪزي حڪومت جا اختيار.
3) صوبائي حڪومتن جا اختيار، جي اهڙيون حڪومتون ڪنهن رياستي نظام ۾ هجن.
4) ڍلن ۽ ٽيڪسن جا اختيار ۽ مرڪز ۽ صوبن ۾ انهن جي ورهاست.
5) قانون سازي، عملداري ۽ عدالتي ادارن جا اختيار.
6) آئين پارليامينٽري قسم جو هجي، يا ڊڪٽيٽري قسم جو وغيره.
انهن مان ڪنهن هڪ مسئلي لاءِ مذهب اسلام مان ڪا واضح رهبري ملي نٿي سگهي، بلڪ جيڪڏهن ائين چئجي ته آئين جديد دور جي پيداوار آهي. عرب ۾ اسلام مروج ٿيڻ وقت معاشرو آئيني حڪومت هلائڻ جي لائق ٿي نه سگهيو هو، ته اها ڳالهه صحيح چئي سگهجي ٿي.
هن وقت عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ آئين کي مشرف ۽ اسلام بنائڻ واسطي، پاڪستاني آئين ۾ هيٺيون ڳالهيون درج ڪيون ويون آهن:
1) ملڪ جو سربراهه مسلمان هوندو.
2) پاڪستان حڪومت جو نالو “اسلامڪ ريپبلڪ” هوندو.
3) ان ۾ قرآن ۽ سنت نبويءَ خلاف ڪوبه قانون پاس ٿي نه سگهندو.
هاڻي پڙهندڙ انصاف ڪري ڏسن ته:
الف- بداخلاق ۽ قول ۽ فعل ۾ اختلاف رکندڙ ماڻهو، مملڪت جو سربراهه رکڻ سان ڪهڙيءَ طرح آئين اسلامي ٿي سگهندا.
(ب) جنهن حڪومت ۾ شرابخوري، وياج خوري، جوا، اقتصادي استحصال، ڏاڍن جا غربين تي ظلم، هڪڙين قومن جو ٻين تي تسلط قائم هجي، ان کي “اسلامڪ ريپبلڪ” سڏڻ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ پائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ان جو مثال اهڙو آهي، جهڙوڪ ڪاڪوس مٿان اذان ڏيئي مسجد سڏڻ.
ت- ڀلا جنهن ملڪ ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ، ڪرمنل پروسيڊيئر ڪوڊ وغيره قانون مغربي طرز تي رومن قانون جي بنياد تي ٺهيل هجن، ان کي قرآن ۽ سنت جي مطابق سمجهڻ ڪيري قدر صداقت جي ڳالهه آهي.



(ii) اسلامي نظام ۽ اسلامي قانون:

اسان جي معاشري ۾ ملڪي انتظام جو مذهب سان گهڻو واسطو ٿو رهي. حڪومت جو نظام سيڪيولر بنياد تي رهي ٿو. هر سيڪيولر حڪومت ۾ به شاديءَ، ورثي وغيره جا قانون هرهڪ مذهب جي پوئلڳن جي شريعتن مطابق هلندا آهن. باقي حڪومت جي اڪثر کاتن جهڙوڪ (1) روينيو (2) پوليس (3) عدالتي (4) ميڊيڪل (5) انجنيري (6) ٻيلي (7) بچاءُ (8) خارجيه معاملات (9) ايڪسائيز وغيره سان تعلق رکندڙ قاعدا قانون، حالتن ۽ ضرورتن مطابق ملڪي معاملي فهميءَ کي مدنظر رکي، ٺاهيا ويندا آهن. جن جي پاس ڪرڻ جو اختيار اڪثر عام ووٽن تي چونڊيل اسيمبلين ۽ ڪائونسلن جي نمائندن جي هٿ ۾ هوندو آهي. هنن حالتن ۾ مذهبي قانون ٺاهڻ جو اصول جيڪڏهن قبول ڪبو، ته پوءِ سمورو جمهوري نظام حڪومت بيڪار ٿي پوندو.
انهن مسئلن تي مذهبي قانون ٺاهڻ مان هيٺيان اختلافي مسئلا پيدا ٿي، اڪيچار مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيندا:
(الف) اهي اسلامي نظام جا قانون عوام طرفان چونڊيل نمائندا ٺاهيندا يا ملن کي ٺاهڻ جو اختيار هوندو!
(ب) جيڪڏهن مذهبي مهندارن کي قانون ٺاهڻ جي اختياري ڏبي ته قانون ساز اسيمبلين جي ميمبرن جو، ان تي ڪهڙو اختيار رهڻ ڏنو ويندو؟
(ت) مذهبي مهندارن مان ڪهڙي مذهب ۽ فرقي جي ماڻهن جي هٿ ۾ اها قانون ٺاهڻ جي واڳ ڏني ويندي.
(ث) جيڪڏهن مختلف مذهبن ۽ فرقن جي رهنمائن جو ڪنهن مسئلي تان اختلاف پيدا ٿي پوي، ته آخري فيصلو ڪير ڪندو ۽ ڪهڙن اصولن مطابق ڪيو ويندو؟
(ج) اهڙيءَ طرح پاس ڪيل قانون جي فيصلي ڪرڻ لاءِ موجوده قسم جون ڪورٽون ججن ۽ ماجسٽريٽن واريون بحال رکيون وينديون، يا ان لاءِ نوان قاضي ۽ مفتي رکيا ويندا؟
(ح) جي مفتي ۽ قاضي رکڻ جي تجويز بحال ٿي، ته انهن جي تيار ڪرڻ لاءِ ڪي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کولڻا پوندا ڇا؟
(خ) مفتين ۽ قاضين جي ڪورٽن ۾ ڪيس هلائڻ جي اجازت موجوده وڪيلن کي ڏني ويندي، جي جديد قانون جا ماهر آهن، يا ان لاءِ ملن ۽ مولوين کي وڪالت ڪرڻ ڏني ويندي؟
(د) انجنيري، ميڊيڪل،ايڪسائيز، ريلوي، فنانس، ٻيلي، بچاءُ، بئنڪن وغيره کاتن جي قانون ٺاهڻ جو ڪم اسيمبلين جي سپرد ڪيو ويندو، يا ملن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو؟ جي اسيمبلين کي ڏنو ويندو ته انهن قانونن کي شريعت اسلاميءَ مطابق ٺاهڻ لاءِ ملن کي به ان ۾ رکيو ويندو ڇا؟ جي ها ته انهن جو تعداد ڪيترو هوندو؟
جنهن صورت ۾ گذريل ڇويهن سالن اندر پاڪستان ۾ مهاجر پنجابي سامراجين يا سندن ايجنٽن طرفان ان مسئلي بابت ڪافي غلط فهمي ڦهلائي ويئي آهي. ان ڪري آئون مناسب ٿو ڄاڻان ته جديد نظام حڪومت جي ڪن کاتن جا نالا ڏيئي، هرهڪ کاتي تي بحث ڪريان ته ڪهڙيءَ طرح ملان جي شريعت انهن کاتن جي رهبري ڪري سگهي ٿي.
(1) انتظامي کاتو:
هن کاتي جو مکيه عملدار ڊپٽي ڪمشنر (ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ) ٿئي ٿو. نظام اسلاميءَ جا حامي ٻڌائي سگهندا ته ڊپٽي ڪمشنر کي ڪهڙي نظام شريعت مطابق تعليم ۽ تربيت ڏيئي، انهيءَ عهدي جي لائق بنائڻ جي تجويز رکن ٿا. ان جي ڊگري مقرر ڪرڻ جو فيصلو وزيرن يا اسيمبلين کي هوندو يا ملن کي ڪرڻو پوندو، ڇا اهي عملدار ملن جي هدايتن مطابق ڪاروبار هلائيندا، يا خود ملا اهي عهدا سنڀاليندا، يا انهن عهدن لاءِ ماڻهو تيار ڪرڻ واسطي ملن جي ماتحت ڪاليج کولڻا پوندا.
(2) پوليس کاتو:
پوليس کاتي جي ماڻهن کي پريڊ ڪرڻ، چورين جي ڳولا ڪرڻ، جاسوسي ڪرڻ، ٽرئفڪ جو ڪنٽرول ڪرڻ، فسادن کي روڪڻ، بندوق هڻڻ وغيره جا ڪم سپرد ٿين ٿا. نظام اسلاميءَ جا طرفدار ٻڌائي سگهندا، ته هو اهو ڪم ملن جي حوالي ڪندا، يا پوليس عملدارن جي مٿان هدايتن لاءِ ملن کي مقرر ڪري ڪم هلائيندا.
(3) ريلوي کاتو:
انهيءَ کاتي سان واسطو رکندڙ ڳالهيون، ريلوي لائين پکيڙڻ، اسٽيشنون ٺاهڻ، ريلن جا گاڏا ۽ انجڻيون ٺاهڻ ۽ هلائڻ، ريلوي لائين جون پليون ۽ موريون ٻڌڻ، ٽڪيٽن ٺهرائڻ، سگنل، ۽ تارن وغيره جا ڪم ٿين ٿا. جنهن لاءِ انجنيئر، تارن وارا، اسٽيشن ماسٽر وغيره عملو رکڻو پوي ٿو. نظام اسلاميءَ جا حامي ٻڌائي سگهندا، ته ريلوي کاتي کي ڪهڙيءَ طرح نظام اسلاميءَ مطابق هلائڻ جي تجويز رکن ٿا. انهيءَ ڳالهه لاءِ شريعت اسلامي ڪهڙي رهبري ڪري سگهي ٿي.
(4) انجنيري کاتو:
انهيءَ کاتي جي سپرد بيراج ٺاهڻ واهه کوٽائڻ، پليون ٻڌڻ، رستا ٺاهڻ، جايون اڏڻ، نهرن جي پاڻيءَ جي ورهاست ڪرڻ، ڪارخانن جون عمارتون ٺاهڻ، شهر اڏڻ، وغيره ڪم ٿين ٿا. نظام اسلاميءَ جا طرفدار ٻڌائي سگهندا ته 13 سو ورهيه اڳي معاشري جي وقت ٺهيل شريعت دور جديد جي ضرورتن مطابق هن کاتي جي ڪهڙي رهبري ڪري سگهندا؟ ڇا انجنيرن کي ملن کان پڇي بيراج ٻڌڻا پوندا يا پليون ٺاهڻيون پونديون؟ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ فقھ ۽ شريعت مان ان ڊپارٽمينٽ جي هلائڻ لاءِ ڪهڙيون هدايتون ملي سگهنديون؟
(5) تعليم کاتو:
دور جديد ۾ تعليم جو دائرو ايڏو وسيع ٿي ويو آهي، جو انهيءَ جون ڪيئي شاخون ٿي ويون آهن. مثال طور آرٽس، سائنس، ميڊيسن، انجنيرنگ، ايگريڪلچر جنگي تعليم، مڪئينيڪل، پاليٽيڪنڪ، آرڪيالاجي، جيالاجي وغيره. انهن لاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، لائبريريون، ليبارٽريون وغيره کولڻيون پون ٿيون، جي سڀ جديد دور جي پيداوار آهن. 13 سو ورهيه اڳي معاشري لاءِ رٿيل شرعي تعليم ان راهه ۾ ڪابه هدايت ڪري نٿي سگهي. ڇا، نظام اسلاميءَ جي نالي ۾ عوام کي دوڪو ڏيندڙ مهاجر ۽ انهن جا ايجنٽ ملا ٻڌائي سگهندا، ته يونيورسٽين ۽ ليبارٽرين ۾ ملا ڪهڙي رهبري ڪري سگهندا؟ پر جي نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ ڇو هروڀرو اسلام جهڙي روحانيت ۽ اخلاق جي علمبردار مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي گمراهه ڪري، پنهنجا طبقاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سندن توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائين ٿا؟
(6) بچاءَ کاتو:
اڄ ڪلهه جنگ يا بچاءَ لاءِ ٽينڪون، بم گولا، هوائي جهاز، مشين گنون، راڪيٽ، ميزائل وغيره ڪتب آندا وڃن ٿا. اهو کاتو جديد سائنس جي نين کوجنائن مطابق هلي ٿو. ان کي اسلامي بنائڻ لاءِ جيڪڏهن ملا صاحب چون ٿا ته اهي سڀ کوجنائون بدعتون آهن، صحيح اسلامي جنگ اُٺن، گهوڙن تلوارن، نيزن ۽ ڀالن سان ٿيڻ گهرجي. ته ان لاءِ ڪهڙو جواب ڏيڻو پوندو؟ هرهڪ ڪمانڊ آفيس ۾ جنرل جي هدايت ۽ رهبريءَ لاءِ ملن کي رکڻ لازمي هوندو ڇا؟ جنگ کي اسلامي بنائڻ لاءِ مال غنيمت جي اجازت ڏيڻي پوندي ڇا؟ گرفتار ٿيل شهرين يا سپاهين کي غلام يا ٻانهيون ڪري ورهائڻ جو رواج چالو ڪرڻو پوندو ڇا؟ ها، ته جديد مهذب دنيا کي ان جي جواز ۾ ڪهڙو جواب ڏيڻو پوندو.
(7) خارجيه معاملات جو کاتو:
انهيءَ کاتي ذريعي حڪومتن سان تعلقات قائم ڪرڻ، ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪرڻ، ٻين حڪومتن جي چرپر ۽ ارادن کان واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائڻ، ۽ ٻاهرين ملڪن سان آمدرفت جا ڪم سرانجام ٿين ٿا.
ملا جي شريعت موجب جهاد اسلام جي بنيادي اصولن ۾ داخل آهي. ان حالت ۾ دوستانه تعلقات صرف مسلمان ملڪن سان رکي سگهن ٿا. اوائلي خليفن جي دستور موجب غير مسلم ملڪن جي حڪومت کي هدايت ڪرڻي هئي ته دين اسلام قبول ڪن، نه ته ٻيءَ صورت ۾ سندن خلاف جهاد ڪري،کين مطيع بنائي، اسلام پکيڙڻو هو. امريڪا، روس ۽ چين جا ملڪ جيڪڏهن اسلام نه قبولين، ته انهن سان جنگ ڪرڻي پوندي ڇا؟
مسلمانن جي ابتدائي دور ۾ حڪومت جوو ڪاروبار هڪ خليفي جي ماتحت هلندو هو. وقت گذرڻ بعد ملسمانن جون جدا جدا بادشاهتون قائم ٿي ويون، جن مان ڪيتريون هڪٻئي جي مخالف هيون. هاڻ وري مسلم دنيا کي هڪ خليفي جي هٿ هيٺ آڻڻو پوندو ڇا؟ ان مان سوال اٿندو ته جيڪڏهن ڪي مسلمان ملڪ هڪ خليفي جي جنگ ڪرڻ بعد هڪ اتحاد ۾ شامل ڪرڻو پوندو؟ ڇا اهي جنگيون به جهاد ۾ شمار ڪبيون؟
هن وقت مسلمان ملڪ غير مسلم حڪومتن کان وياج تي قرض ۽ مدد وٺن ٿا. ان لاءِ نظام اسلاميءَ جا حامي ڪهڙوحڪم ڏيندا؟
ٻاهرين ملڪن ۾ سفير موڪلڻا پون ٿا. انهن جي لياقت، سيرت ۽ صورت لاءِ نظام اسلاميءَ وارن جو ڪهڙو حڪم ٿيندو؟ ڇا اهي سفير ملا مدرسن جا تعليم يافته عالم هوندا؟ ڏاڙهيون هوندن؟ ويس ديسي هوندن، شراب استعمال ڪرڻ جي منع هوندين، کين زالن کي پردو ڪرائڻ ضروري ٿيندو؟ پرڏيهي معاملات شريعت اسلامي موجب هلن، ان لاءِ وزارت خارجيه ۽ جملي سفارتخانن۾ عالمن جو تقرر لازمي ٿيندو ڇا؟
انهن سڀني ڳالهين جو جواب وٺڻو آهي، جنهن صورت ۾ قرآن ۽ حديث ان معاملي ۾ رهبري نٿا ڪن، ته پوءِ نظام اسلاميءَ جو نالو وٺڻ ڪيتري قدر صحيح ٿيندو؟
(8) مالي کاتو:
اڄڪلهه ملڪن جي انتظامي ضروريات، ترقي ۽ تعمير واسطي ڪيترا ٽيڪس ۽ ڍلون ماڻهن تي وڌيون وڃن ٿيون. انهن ٽيڪسن ۽ ڍلن جو جواز قرآن ۽ حديث مان ڪهڙيءَ طرح ڪڍي سگهبو؟ فقهه ۾ سواءِ زڪوات جي ٻيو ڪو چٽو ٽيڪس ذڪر ڪيل نه آهي. زڪوات موجوده دور ۾بيڪار ٿي چڪي آهي. دنيا جي اڪثري مسلمان ملڪن ۾ حڪومتن طرفان زڪوات جي وصولي نٿي ڪئي وڃي. موجوده دور جي ٽيڪسن جهڙوڪ اينٽرٽينمينٽ ٽيڪس، ايڪسائيز ٽيڪس، زرعي ڍلن، انڪم ٽيڪس وغيره جو جواز قرآن ۽ حديث مان ڪهڙيءَ طرح ڪري سگهبو؟ وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ شريعت اسلاميءَ جي خلاف چيو وڃي ٿو. پر ڪهڙو مسلمان ملڪ آهي، جنهن ۾ بئنڪون نه هجن. جي اهي نه هجن ته واپار، ڪارخانا، ترقي ۽ تعمير جو ڪاروبار هلي نه سگهندو. ملڪ ۾ 90 سيڪڙ ماڻهو غريب، بيروزگار، بيمارين ۾ مبتلا ۽ بي گهر آهن. انهن جي آبادڪاري، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو ڪم، جيڪڏهن ڪا حڪومت کڻڻ چاهي ته ان لاءِ پيسن جي ضرورت پوندي. ان واسطي حڪمت سوشلزم موجب ڪي قدم کڻڻ چاهي ۽ ان تي ملن طرفان شخصي ملڪيت جي بچاءَ جي بهاني سان مخالفت ڪئي وڃي، ته ان حالت ۾ ڪو سڌارو ٿي سگهندو؟ ڪي ماڻهو يا ملا اسلامي سوشلزم جو نالو وٺن ٿا، ليڪن تاريخ جي ڄاڻن کي پتو آهي ته سوشلزم هنري دور جي پيداوار آهي. ان جو اسلام سان ڪو واسطو ئي نه آهي.

(9) صحت کاتو:
اڳئين زماني ۾ بيمارين لاءِ ڏنڀ ڏيڻ، رما هڻڻ، سيرون ڇوڙڻ، بيمارين کي جنن جي اثر هيٺ سمجهي مارون ڏيڻ يا ڦيڻا ڇنڊا ڪرڻ وارن طريقن سان علاج ڪيا ويندا هئا.
هن وقت ايڪسري ايجاد ٿيا آهن، انجيڪشنون ٺاهيون ويون، هن مذڪوراسڪوپ، ريڊياگرام وغيره ڪم آندا وڃن ٿا. اهڙيون دوائون ايجاد ٿيون آهن، جو اڳي خواب خيال ۾ به نه هيون. طبعي تعليم لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ليبارٽريون کوليون ويون آهن. انهن ڳالهين لاءِ نظام اسلامي ڪهڙي مدد ڏني آهي، ياڏيئي سگهندي؟ جيڪڏهن خدانخواسته ڪا وچڙندڙ بيماري ڪالرا، پليگ انفلوئنزا وغيره پيدا ٿي پوي ته صحت وارا انجيڪشن يا ٻيون دوائون ان جي بند ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا، يا ملن کي گهرائي ورد وظيفن ۽ دعائن وسيلي ان جو سدباب ڪندا؟ ان حالت ۾ هر ڊائريڪٽر آف پبلڪ هيلٿ جي آفيسن ۾ ملن کي تعويذن ۽ دعائن وغيره لاءِ مقرر ڪرڻو پوندو ڇا؟
انهن مثالن مان پتو پوندو ته اهي نظريا يا نعرا مهاجر پنجابي سامراجين ۽ سندن ايجنٽ مسلم عوام کي ڌوڪو ڏيئي، پنهنجا مستقل مفاد سڌ ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيا هئا.
(iii) پاڪستان ۾ مثالي حڪومت قائم ڪرڻ:
پاڪستان جي ڇويهن سالن جي تاريخ مان ثابت ٿي چڪو آهي ته هتي مثالي حڪومت جو قائم ٿيڻ ناممڪن آهي. جو ڪم درويشن ۽ صوفياءِ ڪرام ۽ بااخلاق عالمن جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو، ۽ نه موجوده قسم جي سياستدانن جي وسيلي، جن جي ساري زندگي ڌوڪي ۽ فريب سان ڀريل رهي ٿي. البت پاڪستان ۾ هيٺين ڳالهين جا مثال ڏيئي سگهبا!
هتي انسانن جا بنيادي حق محفوظ نه آهن.
هتي ننڍين قومن تي مهاجر پنجابي استحصال جاري آهي.
هتي رشوت ستاني عام جام آهي.
نشو ۽ شرابخوري، ننڍي پيماني کان وڏي پيماني تائين جاري آهي.
هتي جوا قانونن جائز آهي.
هتي وياج خوري هرهنڌ هلي رهي آهي.
هتي بليڪ مارڪيٽي، سمگلنگ،چوريون، ڌاڙا بند نه ٿي سگهيا آهن.
هتي بيگناهه ماڻهن کي ، مخالف راءِ رکڻ ڪري، بنا ڪيس هلائڻ جي سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
هتي اسلام کان عاري ۽ بدعتي ماڻهن کي اسلام جي علمبردار سڏي مٿن ڪروڙن جا قبا اڏيا ويا آهن.
هتي بدڪردار، ڌوڪبياز، بداخلاق ۽ فرعون صفت سياستدانن کي عوام جو ليڊر ڪوٺيو وڃي ٿو.
هتي بک ۽ بيروزگاري ۽ ڊاڪه زني عام جام اهي.
هتي ظلم ۽ استحصال رواجي ڳالهيون آهن.
انهن حالت هيٺ به، جي صاحب اتي مثالي حڪومت جا خواب ٺهن ٿا، ته اهو ٿي ٻٻرن کان ٻير گهرڻ.

(iv) اسلامي سياست يا اقتصاديات:
چيو وڃي ٿو ته هتي اسلامي سياست يا اقتصاديات جي مروج ڪرڻ لاءِ، حڪومت جو ڪاروبار هلايو ويندو. مسلمانن جي تاريخ ۾ اهو بدبخت ڏينهن هو، جڏهين مذهب کي سياست سان گڏڻ جي شروعات ڪئي ويئي.
مون پنهنجي ڪتاب “پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل” ۾ ڄاڻايو آهي ته مذهب جو اصل مقصد روحاني ۽ اخلاقي اصلاح آهي، جا تاليف قلوب ۽ صحيح تربيت ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي. اها رضاڪارانه طور شخصي اخلاق جي تڪميل وسيلي حاصل ٿي سگهندي. ان ۾ جڏهين به سياست کي وچ ۾ آڻي تشدد کي ڪتب آندو ويو آهي، يا هڪڙن جي راءِ کي ٻين مٿان زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ٿي آهي، ته ان مان فائدي جي بدران نقصان زياده پهتو آهي. انهيءَ ڪري ئي صوفياءِ ڪرام سياست کان علحده ٿي، ماڻهن کي رضاڪارانه طور روحاني ۽ اخلاقي ترقيءَ لاءِ درس تدريس ڏيندا هئا.
اقتصاديات، روزمره جي گذر معاش ۽ ان جي طريقئه ڪار جي مسئلي سان واسطو رکندڙ ڳالهين جو علم آهي، جيڪڏهن گذر معاش کي اخلاقي اصولن جي ماتحت ڪري ڪم هلائجي، ته اها ڳالهه علحده آهي. پر ٽيڪس ڪهڙا هجن، زراعت ڪهڙيءَ طرح ڪجي. زمين جي ورهاست يا ڪارخانن جي هلائڻ لاءِ بهترين طريقا ڪهڙا هئا، ان ۾ مذهب جي نالي کي ڦٻائي وچ ۾ آڻڻ غلط آهي. ان لاءِ صحيح طريقو اهو آهي ته معاشري جي تبديليءَ سان اقتصادي مسئلن جي تبديلي لازمي سمجهي، حالت جي تقاضا مطابق عقل کان ڪم وٺي، معاشي انصاف آڻجي.
(v) پاڪستان جو اتحاد ۽ استحڪام:
گذشته ڇويهن سالن جي جي تجربي اهو ثابت ڪيو آهي، ته پاڪستان جو قيام غلط بنيادن تي ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مکيه غلطي اها هئي ته هزارن ورهين جي تاريخ وارين قومن کي هڪ غلط قومي نظرئي، جنهن جو وجود دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي، موجب زوريءَ ڳنڍي، هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ويئي، جنهن نظرئي کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد ايجاد ڪيو هو. انهيءَ بنيادي غلطيءَ کي درست ڪرڻ جي عيوض پاڻ ان تي اسرار ڪرڻ، حالتن کي سڌارڻ بدران بگاڙيو هو.
جڏهن ڪا ڪمپني، مختلف ڌرين جي شموليت سان برپا ڪئي ويندي آهي، ۽ جنهن وقت ان ۾ شامل ٿيندڙ ڀائيوار محسوس ڪندا آهن ته ان مان سڀني کي فائدو نٿو پلئه پوي ۽ ڪي ڌريون سموري پيداوار کي سندن نفعي لاءِ ڪتب آڻين ٿيون، ته نقصان پهتل ڌريون ان مان جدا ٿي وينديون آهن. ان وانگر پاڪستان جو وجود پنجن قومن جي باهمي عهدنامي “ته ان ۾ شامل ٿيندڙ قومون آزاد ۽ خودمختيار رياستون قائم ڪري سگهنديون” جي آڌار تي وجود ۾ آيو هو. ليڪن مهاجر پنجابي مستقل مفاد انهيءَ عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪري پاڪستان کي سندن سامراج طور هلائي، سنڌين ۽ ٻين قومن کي غلام ڪري هلائڻ شروع ڪيو.
جڏهن سنڌين ۽ ٻين الهندي پاڪستان ۾ شامل بلوچن ۽ پختونن سندن حقن جي گهر ڪئي، ته مورڳو انهيءَ مفاد صوبا ختم ڪري، ون يونٽ بنائي، انهن کي پنجاب جي ڪالوني ڪري ڇڏيو. جڏهن انهيءَ گروهه ڏٺو ته ون يونٽ جي ڪري مخالفت وڌي ڳويئي اهي ته ان کي ٽوڙ: اهڙي پاليسي اختيار ڪئي، جو بينگال علحده ٿي ويو ۽ هان نئين قسم جي مضبوط مرڪز جي نالي ۾ ون يونٽ کان بدتر حڪومت هلائي رهيا آهن. ان ۾ جيڪي وهيو واپريو آهي، ان جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ذريعي مٿي ذڪر ڪيل قومن ۾ اتحاد جون سڀ اميدون ٽٽي ويل آهن.

(5) پاڪستان کي مسلمان ۽ اسلام جي حفاظت جو ڪم ڪرڻو آهي:
اها ڳالهه سراسر ڪوڙ آهي. ڀارت جا رهاڪو مسلمان پاڪستان ۾ رهندڙ ننڍن صوبن جي اصلي رهاڪو مسلمانن کان وڌيڪ آزاد ۽ سکيا آهن. هتي ظلم، تشدد ۽ استحصال جي بازار گرم آهي. اسلام کي نه ڀارت ۾ نقصان پهتو آهي، نه چين ۽ رشيا ۾ يورپ ۾ به مسلمان رهن ٿا.
اسلام کي مٿي ذڪر ڪيل ملڪن ۾ هندن، عيسائي يا دهرين جي ڪثرت ڪري ڪو نقصان نه پهتو آهي. هي خطري جونعرو صرف مهاجر پنجابي مستقل مفاد، سندن طبقاتي مفاد جي برقراررکڻ ۽ مڪاني ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ هڻي رهيا آهن. ان ۾ صداقت ڪانه آهي. پاڪستان جي قيام بعد اسلام جي نالي جو جيتري قدر استحصال ڪيو ويو آهي، ۽ هندن، ڪميونسٽن ۽ قومپرستن جو خوف ماڻهن ڏيکاري، مهاجر پنجابي مستقل مفاد جيتري قدر سنڌين سان ظلم ڪيا آهن، تن اسلام خلاف نوجوان طبقي ۾ نهايت خراب اثر ڪيو آهي. منهنجي خيال موجب اسلام کي جيترو نقصان هتي پاڪستان ۾ پهتو آهي، اوترو نه چين، نه رشيا، نه يورپ ۽ نه ڀارت ۾ پهتو هوندو، تنهنڪري آئون انهيءَ راءِ جو آهيان ته پاڪستان کي ختم ڪرڻ سان پاڻ اسلام کي وڏو فائدو پهچندو.
البت پاڪستان کي ختم ڪري، سنڌو ديش قائم ڪرڻ لاءِ سنڌين کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي مهاجر پنجابي سامراجي، جن کائي ڏٺو آهي، سي مئي مارائي کانسواءِ سنڌ کي آزاد ڪرڻ نه ڏيندا. تنهن ڪري آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ ضروري آهن. هيڪر تباهي ايندي، پوءِ فائدا ٿيندا.
“سنڌو ديش جي قيام مان فائدا”

سنڌ ۽ سنڌي هزارن ورهين کان جدا ملڪ ۽ قوم رهيا آهن انهيءَ ڪري هنن جي آزادي فطري ڳالهه ۽ سندن جنم جو حق آهي، جيڪڏهن پکيءَ کي هڪ طرف سوني پڃري ۾ رکي طرح طرح جا طعام کارائجن، ۽ ٻي طرف ٻاهر آزاديءَ جي هوا ۾ کين بکون ڪاٽڻيون پون، ته به هو آزاديءَ جي هوا کي سوني پڃري ۾ صدها نعمتن کان وڌيڪ پسند ڪندو.
عمر بادشاهه مارئيءَ کي زوريءَ کڻي محلات ۾ اچي رهايو هو. جتي طرح طرح جا طعام، ريشمي ۽ زربفت جا ڪپڙا، عاليشان محل ۽ سوين سکن جا سامان موجود هئا. پر مارئيءَ کي سدائين پکن، جهوپڙين، پنهوارن، لنبن، لاڻن، ڏٿ،کٿن ۽ لوين ۽ ڦاٽل ڪپڙن جي ياد ستائيندي رهندي هئي. سدائين دعائون گهرندي هئي ته شال! موٽي ملڪ وڃي، مارن سان ملي. هوءَ سدائين ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ تالن جي ٽٽڻ لاءِ دعا گهرندي هئي ۽ چوندي هئي ته:
“ايءَ نه مارن ريت، جو سين مٽائين سون تي.”
پاڪستان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيل کان بدتر آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾!”
ان ڪري سنڌين جي پاڪستان جي ڊهڻ، سنڌو ديش جي آزاد ٿيڻ جي خواهش فطري آهي. امير خسرو عليہ الرحمت فرمايو آهي ته:
ڪافر عشقم مسلماني مرا درڪار نيست،
هر رگ من تا رگشته حاجت زنار نرست!
يعني عشق جو ڪافر آهيان. اوهانجي مسلمانيءَ جي مون کي ضرورت نه آهي، منهنجي رڳ رڳ جڻيا ٿي ويئي آهي.
هاڻ سنڌي ان حالت تي پهتا آهن، جو مهاجر پنجابي غلامي هيٺ رهڻ کان منڪر ٿي چڪا آهن. پاڪستان جيڪڏهن بهشت هجي، ته آزاد سنڌ وارو دوزخ کين وڌيڪ قبول آهي. سنڌين لاءِ خوشي ٿوري ٿيندي، ته هن غلاميءَ کان آزاد ٿي ۽ خودمختيار هجي، اقوام متحده جا ميمبر بنجن!
هاڻ اچو ته ان مسئلي تي نگاهه ڪريون ته سنڌ جي آزاديءَ سنڌين کي ڪهڙا فائدا رسڻا آهن:
1) سنڌ جي آزاد ٿيڻ بعد ملڪ جي سموري پيداور، جا ٽيڪسن مان هن وقت مرڪزي حڪومت جي هٿ ۾ وڃڻ ڪري پنجابي ۽ مهاجرن جي بلي خرچ ٿئي ٿي، سا سنڌ جي ترقيءَ ۽ تعمير تي ڪتب آڻي سگهبي. جنهن ڪر سنڌ ٿوري وقت کانپوءِ ترقي يافته ملڪ بنجي ويندي.
2) سنڌ جي آزاد ٿيڻ بعد سنڌ جي رهاڪن کي، جيڪي هن وقت سامراجي ويڙهائي منستشر ڪريو ويٺا آهن، متحد ڪري، بافعال قوم بنائي سگهبو. جن جي زبان، ڪلچر، سياسي ۽ مادي مفاد هڪ ٿي ويندا ان وقت هو سندن ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ڪندڙن کي ڪڍي سگهندا.
3) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جا اصل باشندا، يا اُهي ٻاهران آيل ماڻهو، جن سنڌي زبان ۽ ڪلچر اختيار ڪري، پاڻ کي سنڌي هئڻ جو جزو بنائي ڇڏيو هوندو، سي سڀ مهاجر پنجابي مستقل مفاد سياسي سامراج، اقتصاد استحصال ۽ ڪلچرل غلبي کان بچي، فيصلا ڪري سگهندا.
4) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جي سموري زرعي زمين تي ان جي دائمي رهاڪن کي قبضو ملي سگهندو. هن وقت جو ٻاهرين غير سنڌين ۽ غيرآبادگارن کي زمين مليل آهي، سا هنن کان کسي، سنڌي آبادگارن کي ڏيئي سگهبي.
5) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جي سموري واپار تي سنڌ جي دائمي طور رهاڪن، سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي تسلط ڏياري سگهبو. هن وقت اهو ڌارين جي قبضي هيٺ آهي.
6) سنڌ جي آزاديءَ بعد ٻاهرين ماڻهن جي آمد تي بندش وجهي،ملڪ ۽ زمين تي آباديءَ جو وڌندڙ بار روڪي سگهبو. ازانسواءِ ٻاهران عارضي طور آيلن يا سنڌي قوم ۾ سمائجڻ کان انڪار ڪندڙن، يا ڌارين جي ايجنٽن کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي سگهبو.
7) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جي جملي پيسي تي دائمي طور سنڌين جو قبضو ڪرائبو. هن وقت واپار، ڪارخانا، بئنڪون ٻاهرين جي قبضي ۾ هئڻ ڪري، سنڌ جي ڪمائي، سندن رهاڪن لاءِ ڪم نٿي اچي. مرڪزي حڪومت تي مهاجر پنجابي سامراجين جو قبضو هئڻ ڪري، هو اهڙي پاليسي هلائين ٿا، جنهن ڪري سنڌي مسڪين رهجيو وڃن.
8) سوشلزم، سواءِ قومي آزاديءَ جي بي فائدي آهي. يعني هن قوت جيڪڏهن ڪوبه ڪارخانو، ملڪيت، بئنڪ وغيره قومي ملڪيت ۾ آندي وڃي ٿي، ته مرڪزي حڪومت مهاجر پنجابي سامراجين جي هٿ هيٺ هئڻ ڪري، ان جو فائدو سنڌي عوام کي نٿو پهچي. سنڌ جي مڪمل آزاديءَ بعد سوشلزم جي طريقن جو پورو فائدو سنڌ جي رهاڪن کي نصيب ٿي سگهندو.
9) هن وقت سنڌ جا ڪارخانا غير سنڌين جي حوالي آهن، جي منجهن مزدور به غير سنڌي رکن ٿا. جيڪڏهن سنڌ آزاد ٿي ته انهن کي مجبور ڪيو ويندو ته سنڌي مزدور رکن ۽ سنڌ سرڪار کي ان جو حصو ڏين يا جي قومي ملڪيت بنائبو ته به ان جو قبضو سنڌ سرڪار وٽ رهندو. هن وقت وانگر، جو قومي ملڪيت هيٺ ويل ڪارخانا اڻ سڌيءَ طرح سان وري مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراجين جي قبضي ۾ رهن ٿا.
10) هن وقت پاڪستان ۾ اڪثر ڪارخانا، هلڪي سامان ٺاهڻ وارا ۽ رواجي ڪاريگريءَ وارا بنايا ويا آهن. بنيادي ۽ ڳري صنعت اڃا هتي قائم نه ڪئي ويئي آهي. تنهن ڪري سنڌ آزاد ٿيڻ بعد اهي بنيادي ۽ ڳرا ڪارخانا پبلڪ سيڪٽر هيٺ ٺاهڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو.
11) پرائيويٽ سيڪٽر (خانگي ڪارخانن) لاءِ اهو شرط رکڻو پوندو ته ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو سنڌ جا هوندا. ان مان پيسا ڪمائي ٻاهر کڻي نه ويندا.
12) سنڌ جي آزاديءَ بعد ملڪ جي قومي ۽ سرڪاري زبان صرف سنڌي رهندي. ڪوبه ماڻهو، جو سنڌي زبان نه ڄاڻندو هوندو، ته ان کي شهري حق نه ڏنا ويندا، يعني ان کي ووٽ جو حق نه هوندو ۽ خانگي يا سرڪاري کاتي ۾ نوڪري نه ملي سگهندي. اهڙي طرح سنڌي اردوءَ جي تسلط کان هميشہ لاءِ آزاد ٿي ويندا ۽ اردودانن جو موجوده غرور ٽٽي پوندو. پر جيڪڏهن ان کان پوءِ به هو سازشون ڪندا ته بنگلاديش وانگر انهن کي ملڪ نيڪالي ڏيئي سگهبي.
13) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌي ڪلچر کي ترقي وٺائڻ سان غير سنڌي ڪلچر جي غلط ۽ ناجائز نشانن کي مٽائي سگهبو. جهڙوڪ سوڙهيون پتلونون پائڻ، پان کائڻ ۽ نوڙي سلام ڪرڻ جا دستور وغيره. ريڊيو، ٽيلويزن،، سئنيمائن، ۾ سنڌي زبان ۽ ڪلچر کي ترجيح ۽ ترويج ڏياربي.
14) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جي رهاڪن ۾ يڪسانيت ۽ پنهنجي قومي انفراديت جي احترام پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جي مانائتي قومي لباس کي مروج ڪري، ڌارين تهذيب جي ترجماني ڪندڙ لباسن جي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهندي.
15) سنڌ جي آزاديءَ بعد شهرن، محلن، مارڪيٽن، رستن، اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن وغيره سان غير سنڌي يا سنڌ دشمن ماڻهن جا نالا ڪڍي، سنڌي نالا رکڻ سان قوم پرستيءَ جي هوا کي زور وٺائي سگهبو، ۽ قومي، تاريخي عظمت ۽ شان کي وڌائي ۽ مستحڪم ڪري سگهبو.
16) سنڌ جي آزاديءَ بعد شهرن، ڳوٺن، جهنگلن، دريائن، ڍنڍن جي ڀر ۾ رهندڙ خانه بدوش يا نيم خانه بدوش جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي پڪا ڳوٺ ٻڌائي، ان ۾بجلي، ٽيليفون، مارڪيٽ، تفريح گاهن، باغن، اسڪولن، اسپتالن، رستن ۽ پوليس ٿاڻن جو نظام قائم ڪري، ماڻهن کي شهري زندگيءَ جي سهوليتن سان روشناس ڪرائي سگهبو.
17) جيڪي ٻاهريان ماڻهو سنڌ ۾ هندن جي رهائشي جاين، دڪانن، زمينن ۽ ڪارخانن تي قبضو ڪري ويٺا آهن، تن کان اهي ڇڏائي، اهي جايون سنڌي مسلمانن يا ٻاهران موٽي آيل هندن ۾ ورهايايون وينديون. پر مهاجر مان جن سنڌ جي آزاديءَ ۾ حصو ورتو هوندو، انهن جي ملڪيت کي هٿ نه لاٿو ويندو.
18) جيڪي ماڻهو سنڌي زبان نه ڄاڻندا هوندا يا آزاديءَ کان پوءِ ٽن مهينن ۾ سنڌي سکي، امتحان ڏيئي نه سگهندا، تن کان نوڪري کسي ويندي. جيڪو ماڻهو سنڌين جي جداگانه قوم، سنڌ کي جدا وطن سان وفاداريءَ جو قسم نه کڻندو، ان کان سنڌ ۾ رهائش جو حق کسي سگهبو.
19) هن وقت سنڌ ۾ ستر سيڪڙو ماڻهن جو مدار زراعت تي آهي. جن جو تعداد 70 لک کن ٿيندو. 210 ڪروڙ ايڪڙ زمين سنڌ ۾ لائق آباد آهي. ان حساب سان زراعت پيشه في ماڻهوءَ کي مساوي ورهاست ذريعي صرف 3 سيڪڙ زمين ملي سگهندي. جيئن ته هڪ ڪٽنب ۾ 5 ماڻهو شمار ڪرڻ بعد هرهڪ ڪٽنب کي 15 ايڪڙ زمين ملي سگهندي، جنهن جي پيدائش سٺي معيار زندگيءَ بسر ڪرڻ لاءِ ڪافي نه ٿيندي انهيءَ ڪري زمين جي حد وڌائي 200 ايڪڙ بئريج زمين چئن ڪٽنبن لاءِ گڏيل پوک جي اصول تي آباد ڪرڻ لاءِ محسوس ڪرڻ بعد، باقي بچيل ماڻهن جي گذر معاش لاءِ نوڪرين، ڪارخانن، واپار ۽ ننڍن هنرن وغيره ۾ انتظام ڪرڻو پوندو ته جيئن زراعت تي مدار صرف 20 سيڪڙ ماڻهن جو رهي سگهي.
20) ساري ملڪ جي رهاڪن جي سروي ڪرائي، انهن جي روزگار جي انتظام ڪرڻ لاءِ منصوبا ٺاهي، هرهڪ ماڻهوءَ کي گهر، روزگار، علاج، تعليم ۽ شهري زندگيءَ گذارڻ لاءِ انتطام، پوڙهپڻ جي پينشن، زالن جي ويم وقت خرچ ۽ علاج جو انتظام، سرڪاري طرح ڪرڻو پوندو. ان لاءِ پلاننگ ڪميشن مقرر ڪري، اهڙيءَ طرح پلئن تيار ڪبو، جيئن 15 سالن اندر هرهڪ ماڻهوءَ کي روزگار، گهر، علاج ۽ تعليم جو بندوبست ٿي وڃي.
21) هرهڪ ماڻهوءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تنخواهه اهڙيء طرح مقرر ڪئي ويندي، جنهن مان هن جو معيار زندگي مهذب نموني جو رهي سگهي.
22) سنڌ جي آزاديءَ بعد تعليم عام ڪري، ماڻهن مان جهالت ڪڍي، علم، اخلاق، ۽ هن سان واقف ڪرائڻ جو ذمو سرڪار تي هوندو.
23) هڪ حد کان مٿي ملڪيت وارين جاين رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
24) خانگي ڪارخانا صرف ننڍا رهڻ ڏنا ويندا، جن ۾ ڏهن کان گهٽ ڪم ڪندڙ ماڻهو هوندا.
25) پيريءَ ۽ سرداريءَ تي گذر ڪرڻ جي ممانعت ڪئي ويندي.
26) ملڪ ۾ صحيح جمهوريت رائج ڪرڻ لاءِ مذهبي ملا، پير، وڏيري، زميندار ڪارخانيدار ۽ ڪاموري کي اسيمبلين ۾ داخلا جو حق نه هوندو.
27) سئنيمائن، اخبارن، ٽيليويزن، ڪتابن ڪاليجن ۽ يونيورسٽي تعليم ذريعي سنڌي قوم جي يڪجهتيءَ لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي. فرقيوار ۽ باهمي نفرت پيدا ڪندڙ جماعتن تي بندش وڌي ويندي.
28) سنڌ جي پيداوار جي ذريعن، پيسي ۽ ورهاست جي وسيلن تي عوام جي معيار زندگي بلند ڪرڻ ۽ روزگار جي ضمانت مهيا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ سوشلزم جي بنيادي اصول مطابق قومي ملڪيت ۾ آڻي استعمال ڪيو ويندو.
(29) سنڌ جي آمدرفت جا ذريعا جهڙوڪ؛ ريلوي، خشڪي، رستا، هوائي سروس عام ڪري، سنڌ جي هرهڪ ڳوٺ تائين آسانيءَ سان پهچڻ جو انتظام ڪيو ويندو.
(30) بجلي، ٽيليويزن، تار پوسٽ کي فروغ ڏيئي، ڳوٺن ۽ شهرن جي وچ ۾ رابطو وڌائي، ڳوٺن کي مهذب زندگيءَ جي طريقي سان رهڻ جي لائق بنائڻو پوندو.
(31) ماڻهن کي امن امان ۾ رهڻ ۽ پنهنجي بچاءَ ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏيئي، ڏوهن کي گهٽائي، ڳوٺن کي عام ماڻهن جي سلامتيءَ جي جاءِ بنائڻو پوندو.
(32) چوپائي مال جي گوشت ۽ کير ڪتب آڻڻ واسطي مال جا وڏا فارم ٺاهيا ويندا. زراعت جو گهڻو مدار مشنريءَ تي رکي، مال جي چوريءَ ۽ کوٽ جا رستا بند ڪيا ويندا.
(33) ڳوٺن ۾ ننڍا هنر عام ڪري، ماڻهن جي آمدنيءَ جي ذريعن ۾ واڌارو ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ طرح ڳوٺاڻن هنرن کي زور وٺايو ويندو.
(34) هن وقت سنڌ ۾ باغن هيٺ زمين تمام گهٽ آهي. جيڪا آهي سا اڪثري ميوي لاءِ آهي ۽ ڪن خاص ايراضين ۾ آهي. سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جي گوشي گوشي ۾ ميوي ۽ تفريح ۽ ملڪ جي حسن وڌائڻ لاءِ باغ رکايا ويندا، ۽ هرهنڌ عام رستن جي ٻنهي طرف وڻ پوکايا ويندا.
(35) هن وقت زالن جو گهڻو وقت گهر جي صفائي ڪرڻ، مردن سان زراعت ۾ شرڪت ڪرڻ، مال چارڻ، اٽي پيهڻ، ڪپڙن سبڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، سبڻ، پالڻ، ماني ٺاهڻ وغيره ۾ صرف ٿئي ٿو. آزاديءَ بعد انهن کي زياده تعليم ۽ تربيت ڏيئي، زندگيءَ جي مختلف معاملن ۾ مردن سان هم شريڪ بنائڻ جو انتطام ڪرڻو پوندو. اٽي پيهڻ، ڪپڙن سبڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، ماني پچائڻ، بار نپائڻ، زراعت ۾ ڪم ڪرڻ کان زالن کي آزادي ڏياربي. اهي ڪم مشينري ۽ اسپتالن وغيره جي وسيلي ڪرائڻا پوندا.
(36) مذهب ۽ سياست کي علحده رکي، حڪومت جو سرشتو سيڪولر بنائي، ملا، پير، پنڊت ۽ پادريءَ کي سياسي معاملن کان ٻاهر رکي، کين ماڻهن جي اخلاق، تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪم لائبو.
(37) تعليم کي اهڙيءَ طرح سڌارڻ جو انتظام ڪبو، جو ماڻهن کي مختلف مذهبن، نظرين، سياسي راين، اعتقادن، نسلن ۽ طبيعتن جي باوجود بقائي باهميءَ يا گڏيل بچاءَ جي بنياد تي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ رغبت ڏياري ويندي.
(38) سنڌ جي آزاديءَ بعد سنڌ جي زير زمين ذخيرن جهڙوڪ گئس، پيٽرول، لوهه، ڪوئلي وغيره جي کاڻين جي کوٽائي ڪري، ملڪ کي انهيءَ معاملي ۾ پاڻڀرو ڪيو ويندو، ۽ اهڙيءَ طرح ملڪ جي آمدني ۽ روزگار جي ذريعن کي وڌايو ويندو.
(39) سنڌ جي عام ٻهراڙيءَ کي رهڻ جو لائق بنائڻ لاءِ سنڌ جي ڳوٺن جي جديد طريقي مطابق تعمير ڪرائي، ان ۾ ضروريات زندگيءَ جي هر ڳالهه جو انتظام ڪيو ويندو.
(40) سنڌي زبان کي ابتدائي تعليم کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين لازمي ٺهرايو ويندو. ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ خاص انتظام ڪرڻا پوندا.
(41) سنڌ ۾انجنيئرنگ، ايگريڪلچرل، ميديڪل، سائنس ۽ مذهبي يونيورسٽيون برپا ڪرڻ لاءِ ساريءَ سنڌ اندر اسڪولن، ڪاليجن ۽ هاسٽلن جو ڄار وڇائڻو پوندو. انهيءَ واسطي ابتدائي تعليم کان يونيورسٽيءَ تائين تعليم کي مفت ڪرڻو پوندو ۽ لکن شاگردن جي رهڻ، کاڌي ۽ ڪتابن جي خرچ جو حڪومت کي انتظام ڪرڻو پوندو، جن ڌارين کي سنڌ جي ڪاليجن يا يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري آهي، انهن کي سنڌي سکڻ ۽ سنڌوديش سان وفاداريءَ جو قسم کڻڻ بعد نوڪري ڏئي سگهبي.
(42) سنڌو ديش جي قديم تهذيب ۽ تمدن جي کوجنا ڪري، ان جي تاريخ مڪمل ڪرڻ لاءِ قديم دڙا کوٽائي، وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جو انتطام ڪرڻو پوندو.
(43) سنڌ جي تاريخ پوريءَ طرح لکيل نه آهي. ان لاءِ قديم وقت کان وٺي موجوده دور تائين، ان جي تاريخ کي مڪمل ڪرائڻ لاءِ مکيه ليکڪن کي ويهاري، ڪم سرانجام ڪرائڻو پوندو.
(44) سنڌي ٻوليءَ جي لغت تيار نه ٿي سگهي آهي. ان کي مڪمل ڪرائڻ لاءِ ڀارت ۽ سنڌ جا بهترين ماهر رکي، ان کي مڪمل ڪرائڻو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ مان انگريزي ۽ انگريزيءَ مان سنڌي، سنڌيءَ مان عربي ۽ عربيءَ مان سنڌي، پارسيءَ مان سنڌي ۽ سنڌيءَ مان پارسي، سنسڪرت مان سنڌي لغتون تيار ڪرائڻيون پونديون.
(45) سنڌيءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا ۽ سنڌ جي ڪلچرل هيريٽيج تي ڪتاب تيار ڪرائڻا پوندا.
(46) سنڌيءَ ۾ سٺن علمن ۽ فنن جي علمي اصطلاحن جون لغتون تيار ڪرائي سگهبيون. سنڌي زبان ۾ دنيا جي مختلف علوم، فنون، سائنس ۽ ٻين مضمونن تي معياري ڪتاب ترجما ڪرائي، ڇپائي، سنڌ جي هر پنج سو کان مٿي آباديءَ واري ڳوٺ ۾ لائبريري قائم ڪرائي، ان ۾ رکائڻ جو بندوبست ڪيو.
(47) سنڌ جي جملي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فوجي تعليم ۽ تربيت جو انتطام ڪرايو ويندو. بري، بحري ۽ هوائي فوجي تربيت لاءِ ڪاليج ۽ اڪيڊميون کولايون وينديون.
(48) سنڌ جي آباديءَ ۽ پيئڻ لاءِ زير زمين پاڻيءَ جا ذخيرا ڳولائي، کاري پاڻيءَ کي مٺي ڪرڻ، بارش جي پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ مان فائدي وٺڻ لاءِ پڻ گهرج پٽاندڙ تجويزون تيار ڪرائڻيون پونديون.
(49) سنڌ جي جبلن، ڀٽن ۽ ڪلراٺين زمينن کي درست ڪرائي، آباديءَ لائق بنائي، ٻيلن يا ٻي پيداور لاءِ ڪتب آڻڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو.
(50) سنڌ ۾ ٻيلا اڳيئي گهٽ هئا. ويتر هاڻوڪي دور ۾ انهن کي گهڻو نقصان پهتو آهي. انهن کي وڌائڻ ۽ وري درست ڪرائڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو.
(51) سنڌ ۾ ڪمند جي پوک کي زور وٺائي، سنڌ ۾ کنڊ جي ڪارخانن جو تعداد وڌائي، 20 عدد تائين آڻڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.
(52) ڳوٺن ۾ سٺي پيئڻ جي پاڻي، ڀاڄي ۽ ميوات ميسر ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام ڪرڻو پوندو.
(53) راجا ڏاهر جو مجسمو ڪراچيءَ جي ڀر ۾ نئين تعمير ٿيندڙ بندرگاهه تي نصب ڪرائڻ ۽ ان بندرگاهه کي ابن قاسم بدلي ڏاهر بندر سڏڻ جو انتظام ڪبو.
(54) سنڌ ۾ طعام، راڳ، راندين ۽ ڊرامي جي تعليم لاءِ انتظام ڪرائڻو پوندو.
(55) هر اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ سنڌي زبان جو ڄاڻڻ لازمي ٺهرايو ويندو.
(56) بجليءَ کي زياده مقدار ۾ پيدا ڪري، هرهڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾ مهيا ڪبي ۽ جملي ڪارخانا، ريلوي گاڏيون، بجليءَ تي انتظام ڪبو.
(57) ڪڇ ۽ راجستان سان ملڻ لاءِ پڪا رستا ٺهرا ويندا. جيئن جاتي لکپت، ڪڍڻ ڀڄ، ننگرپارڪر کان ڪاٺياواڙ، عمرڪوٽ کان مارواڙ، نواب شاهه ۽ بيڪانير کي ڳنڍي ڇڏجي.
(58) سنڌو درياءَ جو اونهاري ۾ زائد پاڻي، لاڳاپيل پاڙيسري ملڪن کي ڏيئي، انهيءَ بدلي سنڌ جي تعميري ترقيءَ لاءِ انهن کان مدد وٺي سگهبي.
(59) ڀارت، افغانستان، روس، ايران، بنگلاديش ۽ عرب ملڪن سان ڪلچرل ناتا قائم ڪري، انهن سان شهري ۽ تجارتي معاهدا ڪري، تعلقات مضبوط بنائڻا پوندا.
(60) حڪومت جي پاليسي سيڪيولرزم، سوشلزم، جمهوريت ۽ نيشنلزم تي رکي ويندي، ۽ پنهنجي پرڏيهي پاليسي غير جانبدارانه ڪرڻي پوندي.
(61) سنڌو ديش جي آزاديءَ بعد بنگلاديش، پختونستان، بلوچستان، پنجاب، ڀارت، ايران ۽ عرب ملڪن جي ڪامنويلٿ ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪبي.
(62) سنڌ ۾ مذهبن، ڪلچر ۽ تمدن ۾ اتحاد پيدا ڪري، مستقبل جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ جدا جدا ڪميشنون ويهاري، انساني اتحاد لاءِ پروگرام ٺاهي، انهن تي عمل ڪرائبو.
(63) سنڌ جي اقتصادي، علمي ۽ سائنسي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ منصوبا ٺاهي، ٿوري عرصي اندر سنڌ کي ترقي يافته بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪبي.
اهي سڀ ۽ ٻيون ڳالهيون تڏهن حاصل ٿي سگهنديون، جڏهن پاڪستان ختم ڪري، سنڌوديش قائم ڪرايو ويندو.
سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪندڙن کي هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ ويهارڻيون آهن:
1) سنڌ جي آزاديءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ نظريه پاڪستان آهي.
2) سنڌ جي آزاديءَ کان اڳ جمهوري طريقن جو استعمال اجايو آهي.
ڇاڪاڻ ته ماڻهو سياسي طور بيدار نه آهن. مٿانهين طبقي وارا ماڻهو جهڙوڪ پير، ملا، ڪامورا، زميندار وغيره ڌارين جا ايجنٽ ٿي، ملڪ جو استحصال ڪرڻ چاهين ٿا. چونڊن تي گهڻي وقت تائين انهن جو اثر رهڻو آهي. تنهنڪري پهريائين مخصوص ماڻهن ذريعي آزادي حاصل ڪري، انهيءَ ڪلاس کي ختم ڪري، پوءِ ملڪ جو سڌارو ڪري سگهبو، ان ڪم ۾ ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي هندن جو هڪ گروهه وڏي مدد ڏئي سگهندو. بشرطيڪ انهن کي ان ڪم لاءِ رضامند ڪيو وڃي.
ان الله لايغير ما بقوم حتيٰ بغيروا ما بانفسهم. (قرآن)
يعني خدا ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلائي، جيستائين اهي خود پنهنجي حالت بدلائڻ لاءِ ڪوشش نٿا ڪن.
آئون ننڍپڻ کان ڪي خواب ڏسي، ان جي تعبير لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. پر چوڻي آهي ته “بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.” ابتدا ۾ بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪوششون ڪيونسون،. اميد هئي ته ان جي جدا ٿيڻ بعد سنڌ جي ترقيءَ ۽ تعمير ڪري، ان کي باغ بهار بنائي ڇڏينداسون. پر “وئي سڱن لاءِ، ڪن به ڪپائي آئي” وانگر سڌاري جي عيوض پاڻ ۾ وڙهي، مورڳو ردعمل ۾ اچي، پاڪستان کي وجود ۾ آندوسون. پاڪستان جي ابتدا ۾ خيال هوسون ته ان ۾ حڪومت الاهيءَ جو قيام ڪري، ملڪ مان بک، ڏک ۽ بداخلاقي ڪڍي، سنڌ جي پنج هزار ساله ماضيءَ جي ياد تازي ڪنداسون. پر اسان جو حال ان مڇيءَ جهڙو ٿيو، جا فراننگ پئن (ڪڻڇي) مان آيل بل کائي، وڃي باهه ۾ پئي.
مٿي ذڪر ڪيل احوال مان معلوم ٿيندو ته هن وقت ڪيئن پاڪستان مان تنگ ٿي، ان کي ڊاهي، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سرگردان ۽ پريشان آهيون. پر اها ڳالهه سولي نه آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
عشق نه آهي راند، جو کيڏنس ڳڀرو،
جيءَ، جسي ۽ جان جي، ڀڃي ٿو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي!
بنگلاديش وارن آزادي سستي ڪانه ورتي آهي. سندن هڪ ڪروڙ ماڻهو ملڪ ڇڏي، دربدر ٿي، صدها تڪليفن جو شڪار بنيا. 3 لک عورتن جي عصمت دري ٿين، 30 لک ماڻهو مارايائون. پو به شابس آهي ڀارتي حڪومت کي، جنهن وچ ۾ پئي، هنن جي پاڪستاني درندن کان جان آزاد ڪرائي.
جيڪڏهن غور ڪري ڏسندا ته ڀارت سرڪار ۽ سولي سندن مدد لاءِ نه آئي هئي. جن سنگهي ليڊر، ستياگره ڪري جيلن ۾ ويندا رهيا، پر وزيراعظم کي ذرو به خيال نه آيو. اوڀر بينگال ۾ آزاديءَ جا پروانا تباهه ٿيندا رهيا، پر ڀارت سرڪار کي بين الاقوامي مصلحتن پيش اچي پئي رڪاوٽون وڌيون. هندوستان جي اخبارن دانهن گهوڙا ڪئي، پر ان تي ڀارت جو هاڻي ننڊ مان اٿي نه سگهيو. نيٺ هڪ ڪروڙ بينگالي پناهگيرن جو بوجو ۽ پاڪستان مان ڊاڪٽر ڪسينجر جي چين مان روانگيءَ تي جڏهن روس حڪومت جوش ۾ اچي، ڀارت جي همت افزائي ڪئي، تڏهن هنن جرئت ڌاري، بنگلاديش کي مدد ڏيئي کين آزاد ڪرايو. ليڪن اسان سنڌ ته بي يار ۽ مددگار آهيون. اسان جا همت وارا هيمون ڪالاڻيءَ جا مائٽ لڏي وڃي، پاڻ مٺو ڪري ڀارت ۾ سکيا ٿيا. هتي سندن هم مذهب ٿورا آهن، جن لاءِ فرقيوار ذهنيت کي ڌڪاريندي به ان اثر ۾ آيل ڀارت سرڪار يا اتي جي سنڌي هندن جو هڏ ڪرڪي. اسان جا مسلمان وڏيرا، پير، ڪامورا ۽ واپاري ڌارين جي غلاميءَ ۾ خوش پيا ٿا ڏسجن. اهڙيءَ حالت ۾ اسان جي واهر ڪير ڪندو؟ ڀارتي سرڪار جمهوريت، قوم پرستي، سيڪولرزم ۽ سوشلزم جي گهڻي هام هڻي ٿي، پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اها صرف دنيا کي ڏيکاءُ لاءِ آهي. مصر جي صدر انورالسادات کي دلاسا ڏئي، عربن کي يهودين جي ظلم کان ڇڏائڻ ۾ همدرديءَ ڪرڻ واسطي آواز ڪڍي سگهن ٿا، روڊيشيا ۾ ڪارن ۽ گورن جي ظلم تي سندن دل ڏکي ٿي، جو اقوام متحده ۾ هنن جي حمايت ڪن ٿا، ويٽنامين سان ٿيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ ۾ ۾ عيب ڪونه ٿا سمجهن، پر جيڪڏهن ڪا ڏکيائي ڏسڻ ۾ اچين ٿي، ته اها ڀر ۾ سنڌوديشن جي ماڻهن کي مهاجر پنجابي سامراج کان بچائڻ لاءِ آواز اٿارڻ يا همدردي ڪرڻ ۾!
اسان جمهوريت، قوم پرستي، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ غير جانبدار پاليسيءَ جا طرفدار آهيون. اسان پنج هزار ساله شاندار ماَضيِءَ کي هنن سامراجي درندن کان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان آريا ورت جي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهيون.اسان سندن اڳوڻا ساٿي آهيون. اسان کي گذشته تاريخ آهي، انگريزن کان اڳ اسان آزاد رياست هئاسون. اسان کي جدا زبان، روايات، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي مفاد آهن، جن جو مهاجر پنجابي مستقل مفاد استحصال ڪري رهيو آهي. پر عوام جو ڀارت سرڪار جي ضمير کي چهنڊڙي پوي! اسان اهو طعنو به ڏينداسون ته هتي اڀرندي بينگال وانگر هندن سان زيادتيون نه ٿي رهيون آهن، تنهن ڪري سندن رت ۾ جوش نٿو اچي. اسان اهو مهڻو ڪونه ڏينداسون ته اسان جي ڪي مظلوم سنڌي مسلمان ڀائر هتي جي ظلم کان ستائجي ڀارت ويا آهن، ته انهن کي جيل ۾ موڪليو ويو آهي، يا اهي ڀارتي پوليس کان لڪندا ٿا وتن. اسان اها معيار ڪونه ٿا ڏيون ته افغان سرڪار سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي پاڪستان ظلم کان پناهه ڏئي رهي آهي، پر ڀارتي سرڪار نٿي ڏئي، ڇاڪاڻ ته هو مسلمان آهن ۽ ڀارتين کي مسلمانن سان همدردي نه آهي! مظلوم مون نه ميارون ٿينديون آهن، نه ڏوراپا.
مون کي هڪ مثال ياد آهي، ته جڏهن اسان مسلم ليگ جي خلاف سنڌ ۾ بغاوت ڪئي هئي، ۽ سنڌ جو گورنر موڊي کليو کلايو جملي سرڪاري مدد مسلم ليگ کي ڏئي، اسان جي اميدوارن کي شڪست ڏيارڻ لاءِ هر حيلا هلائي رهيو هو، ته وائسراءِ کي تارون ڪيون سون. پر ان توجهه ڪونه ڏنو. نيٺ ڪانگريس دوستن کي، جي ان وقت مرڪزي حڪومت ۾ وزير هئا، تارون ڪيونسون، پر ڪجهه نه وريو. ان تي ڊاڪٽر چوئٿرام، سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جي پريزيڊنٽ کي ڪمل پئي، سو دهليءَ چڙهي ويو ۽ سردار پٽيل کي وڃي مليو. ان کي چيائين ته، “قوم پرست مسلمانن سان ههڙو ظلم ٿي رهيو آهي،. انهن جي شڪست کان پوءِ هندن جو سنڌ ۾ رهڻ مشڪل ٿي پوندو.” جنهن تي سردار پٽيل کيس جواب ڏنو ته، “حالتون اهڙيون آهن، جو ڀارت جي آزاد ڪرائڻ لاءِ اسان کي سنڌ جي هندن کي قربان ڪرڻو پوندو.” ان تي ڊاڪٽر صاحب روئي ڏنو ۽ پڇاڙيءَ تائين سردار پٽيل سان نه ٺهيو.
سياست عمل ۾ ائين ٿيندو آهي، ڪو ڪنهن تي رحم نه ٿو ڪري. هن وقت اسان جي حالت اها آهي، جنهن لاءِ شاهه صاحب فرمايو هو ته:
“پاڙي ناهه پروڙ، ته رات رنجائي گذري.”
سنڌ مان لڏي ويل هندن جي اڪثريت ڀارت ۾ خوش آهي. کين ڪهڙي پرواهه ته سندن سنڌي هم قوم ڀائرن سان هتي ڪهڙا ويل وهي رهيا آهن! البت ڪي سنڌي نوجوانن جا گروهه آهن، جن هن وقت تائين سنڌي لپي ۽ سنڌي زبان نه صرف بچائي آهي، پر ڀارت سرڪار کان تسليم ڪرائي آهي، ۽ وقت بوقت ديس جي محبت جا راڳ ڳائي، اسان ۾ اهو احساس پيدا ڪرائي رهيا آهن ته سڀ سنڌي هندو وطن وساري ڪونه ويٺا آهن ۽ انهن مان همدرديءَ جي اميد رکي سگهون ٿا. اسان کي سندن مشڪلاتن جو پتو آهي. هو مسڪين ۽ ٿورا آهن، پوڙها ۽ وڏا خوش ويٺا آهن. ڀارتي حڪومت غير همدرد ۽ ڪٺور دل آهي. هنن جو آواز ان وٽ طوطي جي نقارخاني ۾ آواز مثل آهي. پر اها پرواهه نه آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
“جي ڪم لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو.”
جيڪڏهن هنن اسان جي همدرديءَ ۽ آواز اٿاريو، اقوام متحده ۽ دنيا جي ملڪن تائين اسان جي ظلمن جي داستانن کي پهچايو ته اسان سمجهنداسون ته هنن پنهنجي پت پاري آهي. اولهه بينگالين به ڀارت سرڪار کي مجبور ڪري، اوڀر بينگالين جي مدد لاءِ آماده ڪيو هو. ممڪن آهي، جي هت همت ڪن ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. بهرحال اسان کي سندن سرڪار مان گهڻي اميد نه آهي. ڀارت سرڪار جي پاليسي سوداگرانه آهي. جي اها نه هجي ها ته ملڪ نه ورهائجي ها. هتي جي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌين جا مٿيان طبقا جهڙوڪ؛ زميندار، ڪامورو، پير، واپاري ڌارين جو ايجنٽ ۽ غلام ٿي رهڻ ۾ خوش آهي. هتي به سمورو بار ڪن جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ شاگردن تي آهي.
پر باوجود ان جي، اسان دل نه لاٿي اهي. اميد رکيو ويٺا آهيون، ته نيٺ اسان کي ڪاميابي نصيب ٿيندي:
هڙ ۾ ڪين هئون، هونهين هنن نه چاڙهيا،
سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون،
جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چوي!