(الف)
280. اب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري.
281. اڀ ۾ ٿڪ اڇلائي سو منھن ۾ جھلي.
282. اڀ ڦاٽي کي به ڪڏھين اڳڙي پيئي آھي.
283. اٽو جي گھوٻاٽو.
284. اٽو کاڌو ڪئي مار پيئي گابي تي.
285. اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.
286. اٺ پٺيان گھنڊڻي.
287. اُٺ جي وات ۾ ڄار جي باس.
288. اُٺ جي وات ۾ زيرو.
289. اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
290. اٺ ڪراڙو، ته به ٻه ڪنواٽ لھي.
291. اٺ نه پڄي، ٻورن ھڻي لتون.
292. اٺان ميھان دا ڪيھا ميلا، اوھ چرن پٽ ته اوھ چرن ٻيلا.
293. اُٺ جي وات ۾ لوڻ ته به رڙي، کنڊ ته به رڙي.
294. اٺ ڇڙو به رڙي، ڀريو به رڙي.
295. اُٺ، پنهنجي مُٽ ۾ تِرڪي.
296. اٺ جي چوري به ڪا پکي ۾ لڪي.
297. اٺ کي لاڻو گھوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو محبوب کي ماڻو.
298. اٺ چڙهئي به ڪو نانگ کائي!
299. اٺن جا بار به ڪي گڏھ کڻن.
300. اٺين پيڙهي، اُٺ ماڪوڙو ماسات.
301. آپ نه پالي، پالي ڏون، ڇوھر ڄائو ڏکان ڏون.
302. اپڻا مال ھئي روئسان به کائسان به.
303. اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيويئي.
304. اڄاڻ کي، جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي.
305. اڃا مينھون جھنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ (کير ڏھڻ جو ٿانءُ)
306. اڃا جنڊ ڪڍن سسئي.
307. اڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي.
308. اڇا ڪپڙا کيسا خالي.
309. اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون.
310. اڌ کي ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
311. اڌارو ڏجي تنھن کي جنهن کان گهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان، جو گهري نه.
312. آرڙھ جي تتي ڏينھن ساوڻ جي وسندي مينھن، سياري جي آڌي رات شال نه پوي ھنگڻ تات.
313. استاد جي مار ڇوڪر سنوار.
314. اڪن کان ٿو آمان گھري.
315. اک ٺھيئي ڪا نه کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.
316. اکرين ۾ مٿا وجھن، سي مھرين کان ڪئن ڊڄن.
317. اڳ ڪشا نه ڪشا پوءِ ڪوڪون ڪن.
318. اڳي به ان ھو پوءِ به ٿيو ان، ڪانون ۽ پن ويو اچونئي نڪري.
319. اڳياڙي سُرھي تان جڏھين پڇاڙي سُرھي ٿئي.
320. اڳين پاڻي، پوين چڪا (گپ).
321. اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ، اللھ کي.
322. اگهه کٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
323. اگهائي ته ڪچ نه ته ماڻڪن موٽ ٿئي.
324. اڱر ڄاڻن، لھر ڄاڻي.
325. اڱرن پيٺي، ھٿ ڪارا.
326. آمون، ڏهه گامون (وک).
327. اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس.
328. اَن پَلي، ذات ڀلي.
329. انبان ٻور، ڪلالان لاھا.
330. انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لھن.
331. اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
332. اندر ٻڏ(ان جي پاڙ جنھن کي ڪٽي غريب ان جي ماني پچائييندا آھن ) ٻھون(گھڻو)، ٻاھر آٽڻ ان جو.
333. انڌ ڌنڌ نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.
334. انڌ وٺ منڊ وٺ پر ننڍ وٺ.
335. انڌا رکن روزا، تڏھين ڏينھن به ٿين وڏا.
336. انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
337. انڌن آندو، ٻلن چٽيو.
338. انڌن وڃي ملتان لڌو آھي.
339. انڌن جي وھانءِ، منڊا نچن ٽنڊا پائن ڦيريون.
340. انڌو هنگي کُڏ تي، چي؛ مونکي ڏسي ئي ڪو نٿو.
341. انڌو ڇوڪر لائو ڏوڪڙ ٽڪاڻي جي ارداس.
342. انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.
343. انڌو اڻ سونهون، ٻئي هڪڙي آچار.
344. انڌو گھري اللھ کون ٻه اکيون.
345. انڌي اڳيان آھري ڪر تئو ٽنگيو آھ.
346. انڌي جي جوءِ جو واھي اللھ.
347. انڌي پيھين ڪتي چٽي.
348. انسان، خطا جو گھر.
349. اڻ گهريو، ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي.
350. اڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيھين رات ته ساڌ جي به آھي.
351. اڻ سرندي ھر ڪو ٽري، کرو ڪو سرندي ٽري.
352. اُڻائي به وئي، تڻائي به وئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
353. اڻ پڙھيا پڙھين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.
354. اُڻندو اها، جا ڪوريءَ جي من ۾.
355. اھاري(کائڻ)، وھنواري(ڏيتي ليتي)، ٽيون گھوٽ مھاري(گھوٽ ڪنوار جي سمھڻ جي جاءِ) لڄا ڪري ته ھاري.
356. آھر کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو.
357. آھر جي وڏائي ڪني پاٽ تي آئي.
358. اها زبان پٽ تي وهاري، اها زبان کٽ تي وهاري.
359. آھر جي آسري، جھنگ نه چنائون.
360. اھڙو ڪم ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.
361. اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
362. اهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
363. آئي کي آدر، وئي کي جيءُ.
364. آئي ٽانڊي کي، بورچياڻي ٿي ويٺي.
365. آئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي ويئي.
366. آئي ته روچي(روزي)، گئي ته بلا.
367. اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي.
368. ايڪ پنٿ، دو ڪاج.