لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(ڍ)، (ر)

1126. ڍائو کنھي پيٽ تيسي بکئي وڃي ساھ.

(ر)
1127. رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
1128. راتيان کائي کچڻي، ڏينھان کائي پلاءُ، ڄاڻي ھيڪ اللھ، صابو ڪوري سيد ٿيو.
1129. راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ.
1130. راکي رام ته ماري ڪون.
1131. راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
1132. راؤري (راجا جي) گھران گھ جھلجي پاند ۾.
1133. رت ڏسي، رُمي هڻجي.
1134. رڌي ڪني به يا نصيب.
1135. رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهه ٿيا.
1136. رڍ مٿي ۾ سور سان، ڏنائون صدقو.
1137. رڙا ڪين رجهن توڙي ٻارڻ ھئن ٻه پڙا.
1138. رڪ جا چڻا آنڊا ڦاڙين.
1139. رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏئي جواري ڀت کي داڳ/ داغ.
1140. رن پٽ ريڍار، ڪان ھڻي بنڊ ۾.
1141. رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
1142. رنان مڪر زنان تتر تار ڪن رڌيون پڪيون ڪونجڙيون اُڏائي ڏين.
1143. رڻي (قرض) ۽ رائر (ڍل) جو سڏ جنھين کي ھوءِ منجي اُتي جوءِ وڃي تنھين کي وسري.
1144. روپ (شڪل) روئي ڪرم (نصيب) کائي.
1145. روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
1146. رھي راھوجين (راھوجا ڳوٺ جو نالو) بھي باھوجين (باھوجا ڳوٺ جو نالو) ، ڪتي ڪنئريجن (قوم جو نالو) جي.