لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(ڇ) 1067. ڇتي ڪتي جي دوا؛ ڀتر. 1068. ڇٽي لولي ڪتڻ کان. 1069. ڇڏ منڊو واريءَ ۾. 1070. ڇوڪر ڇتي ذات، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾.

(ح)
1071. حجتي، لعنتي.
1072. حلوي حلوي چوندي به ڪڏھين وات مٺو ٿيندو آھي.
1073. حمائتڻ گڏھ، عراقڻ (عربي گھوڙي) کي لتون ھڻي.
1074. حيلي رزق، بھاني موت.