(ڄ), (جھه)، (چ)
1036. ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
1037. ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو.
1038. ڄٽ جي عمر؛ اڍائي کٿا.
1039. ڄٽ جي ڄمار؛ ملوڪ جي رات.
1040. ڄٽ بکيو موري کائي بک گھڻيري لائي.
(جھه)
1041. جھونا ٿيا جھاز سٽون نه سھن سڙھ جون.
1042. جھونا ڪپڙا ٻوڍا ڍور تسڪا ناڻا ليگيا چور.
(چ)
1043. چاڪرن جي اڳيان چوڪر.
1044. چاڪري چور، نِوالي حاضر.
1045. چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.
1046. چِت ۾ چوتو، مدعي رد.
1047. چٽي ڏاڙھي نانءُ دلبر.
1048. چريا چرين گڏيا؛ ادا عيد مبارڪ.
1049. چرين جا پور، مٿن جا سور.
1050. چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا.
1051. چريي کان پڇيائون ڪي چڱو آھي جي ويران وڌ.
1052. چري کي چوڙو ڪڏھين ٽنگ ۾ ڪڏھين ٻانھن ۾.
1053. چغلي آھي جھيڙي جي ماءُ.
1054. چڱا سي، جن جا پويان چڱا. چوڻي322
1055. چڱائي ڪر ڄٽ سان ته ڄٽ ڦيري ھڻي پٽ سان.
1056. چڱو ڪر ته چڱو ٿيئي سودو ڪر ته نفعو ٿيئي.
1057. چڱو جن لکيو مدو سي نه پسن، توڙي رڻ رھن ته به کنڊون کائين کير سان.
1058. چلهه تي، سو دل تي.
1059. چنڊ کي پھرين ڏھي (تند يا ڪچو ڌاڳو)، پوءِ سڄي پاڳ.
1060. چنون به چوي ته مون کي کير سان کائو.
1061. چورن جا ڀائر؛ ڳنڍيڇوڙ.
1062. چورن مٿان مورَ پيا اڌ ورھائي کڻي ويا.
1063. چور جي ماءُ چلهه پٺيان روئي.
1064. چوري نه موري (سائي ٿي)، موري ته به گھوري.
1065. چوڻ ۽ ڪرڻ ۾، وڏو ڦير آھي.
1066. چوڻو (حياتي)، نه اوڻو.