لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(ٿ), (ٽ).(ٺ)

884. ٿڌو گهڻو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
885. ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
886. ٿوري کٽئي، گھڻي برڪت.
887. ٿوري گرهين، گهڻو کاڄي.

(ٽ)
888. ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.

(ٺ)
889. ٺڙ ڪجي ٺڪاءُ ڪجي اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
890. ٺلھو چڙو(گھنڊڻي) وڄي گھڻون
891. ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.