لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(س)

1150. ساريءَ ھٿڻ ڀتر.
1151. ساسرا (ساھرا) سک واسرا دو دن ڪا آسرا.
1152. سائي کي سھي ڪو نه، بکئي کي ڏئي ڪو نه.
1153. سٻر (طاقت وارو) سان سيئن (حد يا دنگ) ڪبي ڪيئن چوندو جيئن ٿيندو تيئن.
1154. سڀڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي.
1155. سڀڪو، پنھنجي ھٽيءَ جو ھوڪو ڏيندو.
1156. ست ڪُؤا کائي ٻلي، حج چڙهي.
1157. سُتنِ جون پاڏا ڄڻين.
1158. سَتِيا جا ٻيڙا سائين سُتڙ.
1159. ستي ٻلي، ڪوئا ڪين ماري.
1160. ستي شينهن کي، آڱر نه ڏجي.
1161. ستي لڪڙن کان موٽي ته ڪتن ھاب ٿئي.
1162. ستي سڏائي لنڊي ٿي کائي.
1163. ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال آھ.
1164. سٽ نه موڙھو ڪپاھ موڙھي.
1165. سپ نه ماري سپ جو سراپ (اصل بددعا کي چئجي پر ھت معنيٰ آھي ڀرم/ سنسو) ماري.
1166. سپتيو ماڻھو پرائي مال ۾ ڀائيوار.
1167. سپھو نه وسھو، وسھو ته مسھو.
1168. سج، ٻه پاڇا.
1169. سج لٿي کان پوءِ، دير ڪانهين، ڦُرئي کان پوءِ، ڀؤ ڪونهين.
1170. سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
1171. سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
1172. سُڃا عاشق، ڀيٽو دي آچار.
1173. سچ سير، ڪاري ٻڪري اڇو کير.
1174. سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا جو گُرُ.
1175. سچ ته بيٺو نچ.
1176. سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، پر ڪڏھين نه ٻڏي.
1177. سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب.
1178. سر وئي کان پوءِ سج اڀري ته ڇا نه اڀري ته ڇا.
1179. سر (راز يا ڳجھ) ڏجي پر سر نه ڏجي.
1180. سِر سِر ڪلا.
1181. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
1182. سڙئي گھوڙي ۽ پٽيل ماڻھو مان ڪين ٿئي.
1183. سڪن گڏ، آلا به ٻريو وڃن.
1184. سڪ تور (سوڪ) کان ٻڏ تور (ٻوڏ، پاڻي جو غلبو) چڱو.
1185. سڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڃي.
1186. سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي.
1187. سڳا سيئي سيڻ جني پکا اوڏڙا.
1188. سلو سو جو انگورين ڀلو.
1189. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
1190. سو چور ئي نه چئجي جو پنھنجو جوڻيت نه سڃاڻي.
1191. سوٽي هئي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري
1192. سوڍن مڙن سو، ته به مٽ نه ڀانئجي مئندري.
1193. سور پوي ساٽيءَ کي ڏنڀجي گڏھ.
1194. سورائتڻ سور اڻ-سورائت سان اوريو، ھنجو ڀنجھر نه ڀريو ھوءَ وڃي ٿي وھلور، پرايائين پور اڳي کان بي اڳرو.
1195. سوڙھيءَ سياندري وھنوار نه ڪجي.
1196. سومر گھڻو ئي سڦرو پر پٺيان اڱارو بڇڙو.
1197. سون پرکجي ڪسوٽيءَ رپو پرکجي باھ ماڻھو تڏھين پرکجي جڏھين ڪي ڳالھاءِ.
1198. سوناري جو سؤ ڌڪن، لھار جو ھڪڙو.
1199. سھسين ڪري سينگار، ته به کودڙي پٽ کودڙو.
1200. سھڻان ته ٽوھ به پٽن ۾ پيا آھن.
1201. سھي ٽنگون ٽي چوٿين ٺھيئي نه.
1202. سي اڍائي سي ساڍا ٻه.
1203. سياري سيءُ پوي آرڙھ ۾ آرائيون، سند ڪنھين ۾ ڪو نه ڪو ڪنھنکي ساراھيون.
1204. سياري جي سوڙ، سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
1205. سياري ۾ سيئي چڱا جن گھڻي باھ، اونھاري ۾ سيئي چڱا جن گھڻي ڇاھ.
1206. سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان.
1207. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
1208. سيءَ ۾ گڏھ جا آٿر به پيارا.