مذهب

اسلامي سجاڳي

هي ڪتاب مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار دادا سنڌي آھي.
تاريخي شعور جي اها تقاضا آهي ته، اسان جتي ان بيداري تي اطيمنان ۽ خوشي جو اظهار ڪريون اتي، هر وقت ان جو تنقيدي جائزو به وٺندا رهون. هن موضوع تي، جديد دور جي هڪ نالي واري فڪر ۽ اسلامي بيداري جي هڪ محترم اڳواڻ مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جي هڪ لکڻي پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ مولانا محترم، موجوده اسلامي بيداري تي هڪ طائرانه نظر وڌي آهي، ۽ بي ريا تبصرو ڪري، تنقيدي جائزو به پيش ڪيو آهي ۽ احياءَ اسلام جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙن کي، ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1253
  • 381
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسلامي سجاڳي

موجودہ اسلامي بيداري

[b]هڪ ڊگهي نظر – بي ريا جائزو – ڪارائتيون صلاحون
[/b] منهنجي لاءِ، هي نهايت خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي جو مون کي ” اسلامي بيداري “ جي موضوع تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هي ٽاپڪ اهم آهي، ۽ اڄ ڪلهه، عالمن دانشورن، ڏاهن جي ڪچهرين ۾، اڪثر ڪري، بحث مباحثي جو ڪارڻ ۽ بزرگن جي، دلچسپي جو مرڪز رهيو آهي. هن وقت اسلامي دنيا جي ڪيترن مجلسن ۾ هن موضوع تي، ٿورو ڪي گهڻو بحث ٿيندو رهيو آهي. انسان، گڏ هي موضوع نازڪ ۽ حساس به آهي. ڪن ماڻهن وٽ اسلامي سجاڳي، جي تائيد ۽ حمايت، ايڏي اهميت رکي ٿي، جوجڏهن هي ماڻهو، اسلامي سجاڳي جي ڪنهن ملڪ ۾، اڀرندڙ لهر ي ڳالهه ٻڌن ٿا، ته ڪپڙن ۾ نه ٿا ماپن ۽ خوشي مان، سندن دل ٽپا کائڻ لڳي ٿي ۽ سندن اميدن جا ڏيئا روشن ٿي وڃن ٿا، ۽ ان سجاڳي سان، وڏيون وڏيون اميدون وابسته ڪن ٿا.
پر مان، هت ڪجهه همت ۽ جرئت کان ڪم وٺي، سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ ۽ اسلامي سجاڳي جي لهر جو، اسلامي دنيا ۾، پئدا ٿيڻ جو، تعميري لحاظ کان جائزو وٺڻ ضروري سمجهان ٿو، ڇو ته ان جي هن وقت سخت ضرورت آهي.
نازڪ امانت: اسلامي سجاڳي حقيقت ۾ وڏي ذميواري ۽ نازڪ امانت آهي. ان جو مثال، هڪ تير وانگر آهي جيڪو صحيح نشان تي نه، پر غلط جاءِ تي لڳي، ته پوءِ ان کي شڪ يا گمان نه چئبو ۽ نه وري اتفاق به سمجهيو، پر ان کي تير انداز جو قصور قرار ڏيئي، نشاني جي غلطي، هٿن، ٻانهن جي ڪمزوري ئي تير انداز جي ناڪامي آهي، اهو ئي حال، اسلامي سجاڳي جو آهي ۽ هن سجاڳي يا چر پر، جيڪڏهن برابر ۽ سڌي راهه نه ورتي ۽ ٿوري به غلطي ٿي ويئي ته اسلامي جي ابدي ۽ جاوداني قوت ۽ صلاحيت تي، يقين ۽ اعتماد کي ڇيهو رسندو ۽ هي پڪ نه ٿي سگهندي ته اسلام ئي صالح ۽ مضبوط بيداري جي صلاحيت رکي ٿو. اسلام ئي بگڙيل ماحول جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. صالح ۽ مثالي معاشرو وجود ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ باخبر ۽ باشعور قيادت فراهم ڪري سگهي ٿو. پر ان کان به وڌيڪ خطرو هي آهي نه صحيح تنظيم ۽ تربيت ۽ سوچيل سمجهيل منصوبي جي اڻاٺ، جي شڪل ۾ هي بيداري اسلام ۽ مسلمانن تي، ابتو اثر به وجهي سگهي ٿي ۽ مستقبل ۾، اسلامي بيداري جي نئين ڪوشش ۽ ان جي ڪاميابي ۽ نتيجي جي باري ۾، شڪ شبها به ٿي سگهن ٿا.
ڪي ماڻهو، هن بيداري جو هڪ خاص مفهوم ۽ ان جي هڪ خاص تعبير ۽ تشريح، پنهنجي ذهن ۾ رکن ٿا ۽ ان جي سڌي رستي کان هٽيل، خراب ماحول خلاف ردعمل ۽ غير اسلامي قيادت ۽ حڪومت جي خلاف ردعمل ۽ غير اسلامي قيادت ۽ ظالم طاقت خلاف ڪوشش ايتري تائين جو ان خلاف، صرف نعرن دعون، مظاهرن ۽ اعلانن جي نهايت خوشي سان آجيان ڪن ٿا، ۽ پوءِ وڌيڪ تحقيق ۽ تشريح ۽ ان جي عملي نتيجن جي جاچڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪن.

[b] بيداري اسلام جي فطرت آهي[/b]: حقيقت ۾، بيداري اسلامي فطرت آهي. ضروري آهي ته مسلمانن ۾، ان جو سلسلو قائم رهي ۽ ان جون ڪڙيون مضبوط ۽ ڳنڍيل هجن ۽ هي سلسلو نه ڪٿي ٽٽي ۽ نه وري رڪي. ڇو ته، هي اسلامي امت هڪ چونڊيل ۽ پسنديده امت آهي. هي انسانن جو ڪو ڌڻ يا عام جماعتن وانگر ڪن رليل ماڻهن جو ٽولو نه آهي، پر الله جي آخري نبي ﷺ جي پيروي ڪندڙ امت، ساري انسان ذات جي سڌاري لاءِ، مبعوث ڪيل آهي ۽ نبي ڪريم ﷺ به هن امت جي صفت به، اهائي ٻڌائي آهي. کانئن هڪ روايت نقل ڪيل آهي ته پاڻ هڪ دفعي وڏن اصحابه ڪرام رضه کي چيو ته
انما بعثتم ميسرين ولم تبعثو ا معسرين ( ترمزي بروايت حضرت ابوهريره )
يعني ” اوهان سهولت پئدا ڪرڻ وارا، ڪري موڪليا ويا آهيو، سختين پيدا ڪرڻ وارا ڪرڻ وارا ڪري نه موڪليا ويا آهيو.“
هڪ اصحابي، حضرت ربعي بن عامر رضه کان ايراني فوج جي سپهه سالار رستم پڇيو ته ” اوهان کي هت ڪهڙي شيءِ وٺي آئي آهي. عرب جي رڻ مان نڪري، هت ايران جي ڌرتي تي، ڪهڙي خيال سان آيا آهيو ته ان جواب ڏنو ته :
” الله ابتعثا نخرج من شاءَ من عبادت الناس الي عبادت الله وحده، ومن ضيق الدنيا الى سعتها ومن جوراه ديان الى عدل السلام ( البدايه والنهايه ابن ڪثير)
” اسان کي الله تعالى، ان ڪم لاءِ موڪليو آهي ته الله جي مرضي مطابق انسانن کي، انسانن جي عبادت مان ڪڍي، هڪ الله جي عبادت تائين دنيا جي سوڙهه مان ڪڍي، ان جي ڪشادگيءَ تائين ۽ مختلف مذهبن ۽ دينن جي ظلم ۽ زبردستي کان نجات ڏياري، اسلام جي عدل ۽ انصاف تائين پهچائجي.“
۽ الله تعالى جي ڀلاري ڪلام کان، وڌيڪ واضح ۽ کليل ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي . الله تعالى فرمائي ٿو ته :
کنتم خير امته اخرجت اللناس تامرون بالمعروف وتنهون عن المنکر وتومنون بالله ( سورته آل عمران 110)
” يعني اوهان اها بهترين جماعت آهيو، جيڪا ماڻهن لاءِ، جيڪا ماڻهن لاءِ، پيدا ڪئي ويئي آهي، اوهان ڀلائي جو حڪم ڏيو ٿا، برائي کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان رکو ٿا.“
مطلب ته، آخري نبي ڪريم ﷺ جي تشريف آوري سان گڏ هڪ امت جي آمد ٿي ۽ انسانن جي هڪ اهڙي جماعت، وجود ۾ آئي جيڪا باخبر ۽ باشعور هجي ۽ سڌي واٽ ڏيکاريندي رهي. هر دور ۾ ۽ هر جڳهه تي، انسانن جي سارسنڀال، ان جي بلي هجي ۽ هونئن به هر زماني ۾، انساني نسل جي اخلاق ۽ عقيدن جي جاچ پڙتال، ان جو مذهبي فرض قرار ڏنو ويو آهي،

[b]هي حقيقت جس کي دين کي احتساب کائنات
[/b] هي اسلامي سجاڳي، انسان ذات جي دائمي ۽ ابدي ضرورت آهي، انسان جي بنيادي ضرورتن کاڌ خوارڪ، پاڻي ۽ هوا کان به، هن بيداري جي ضرورت، معنوي خيال سان، ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. هي ساري انسانيت لاءِ گهربل ۽ ڪارآمد آهي ۽ ان جي اُڻاٺ، فقط اسلام ۽ مسلمان جي وجود لاءِ نه، پر انساني معاشري جي سلامتي ۽ ان جي بقا لاءِ به خطرو آهي. اسلامي دعوت ۽ سجاڳي کانسواءِ قوم ۽ ملت ان ڌڻ وانگر آهي، جنهن جو ڌنار نه هجي يا مسافرن سان ٽٻ، ان جهاز مثل آهي، جنهن جو ملاح ( ڪپتان ) گم هجي.
اڄوڪن ڏينهن ۾، اسلامي دعوت ۽ بيداري جي ضرورت، ٻين زمانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ڇو ته اڄ جو دور نفساني شهوتن ۽ شڪ شبھن جو ذهني دور آهي، اسلام کان اڻ ڄاڻ ۽ بنهه ڪورن فلسفين جي انڪار ۽ نظرين جو دور آهي. انسان جي اڄ جي زماني ۾ بيداري جي ضرورت تمام وڌي ويئي آهي ان جي ذميوارين ۾ واڌارو ٿيو آهي. دنيا جي، ڪنهن به ملڪ ۾، هن سجاڳي جي لهر جي اٿي ته اسان کي همدردي هئڻ گهرجي . اسان ان جي کليل دل سان، آجيان ڪريون ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ، دعا گهرون . پر هي همدردي اسان کي هن ڳالهه کان روڪي نه سگهي ته اسان تعميري لحاظ کان، ان جو تنقيدي جائزو وٺون، نيڪي ۽ ڀلائي جي معيار تي، ان کي پرکيون ۽ اسلامي عقائد جي ڪسوٽي تي، ان کي رکي، پوءِ ان جي باري ۾، صحيح راءِ قائم ڪريون ۽ ٺيڪ فيصلو ڪريو ن.
ان بابت منهنجو ڀائرو ! منهنجا ڪي رايا ۽ نظريا آهن، جن کي مان، ان اميد سان پيش ڪريان ٿو ته جيئن اسلامي سجاڳي ۾، حصو وٺندڙ، ان ڏانهن دعوت ڏيندڙ ۽ ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪندڙن کي، ڪو فائدو پهچي سگهي.

[b] اسلامي عقيدن سان مڪمل سچائي:[/b] اسلامي سجاڳي ۽ اسلامي دعوت جي صحت ۽ سلامتي لاءِ، ان کي اعتماد ۽ احترام جي لائق بنائڻ لاءِ ۽ ان جي حفاظت ۽ بچاءُ لاءِ، پهريون شرط هي آهي ته، هي دعوت ۽ سجاڳي، قرآن ۽ حديث جي عقيدن سان، پوري طرح هڪجهڙائي رکندڙ هجي، رسول ڪريم ﷺ جي پاڪ سنت ۽ کانئن پوءِ، چئني خليفن جي اسوه عمل، دين جي ماهرن ۽ شريعت جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ جهمور امت جي عقيدن سان مڪمل طرح لاڳاپيل هجي، ائين نه ٿئي جو، سياسي لاڙن ۽ وقتي رجحانات جي وهڪري ۾ وهي وڃي يا محدود، مقامي حالتن جي رد عمل، سياسي غلبي ۽ اثر جي ور چڙهي اسلامي حڪومت جي قيام جي اجائي لٻاڙ ۽ خالي دعوى تائين، محدود رهجي وڃي. نوجوان اکيون ٻوٽي، ان جي پٺيان لڳي پون ۽ ان جي حمايت ۽ بچاءُ جي جوش ۾ اچي، هن دعوت ۽ اڳواڻن جي عقيدي جي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪن. مڃيل مڃايل اسلامي عقيدن کان، انڪار ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن چٽن عقيدن جي تضاد کي به وساري ٿا ڇڏين. ڇاڪاڻ ته عقيدو اهو ميو مهراڻ آهي، جيڪو سدائين پنهنجي مستي ۾ موجزن هوندو آهي، ان کي نه ڪڏهن روڪي سگهجي ٿو نه وري سندن موجن ۽ ڇولين کي موڙي سگهجي ٿو. پر اهي ڇوليون، جيڪي پنهنجي زور سان اٿن ٿيون، اهڙي ئي طاقت سان، ختم به ٿي وڃن ٿيون، اهي گهارا، جيڪي وهن هلن ٿا، اهي پوءِ سڪي وڃن ٿا اهڙي طرح انهن تي ڪوبه اعتبار نه آهي، اهي سوير جو آهن ته سانجهي جو ناهن.
جن ماڻهن، اسلامي تاريخ جو گهرو ۽ بي ريا مطالعو ڪيو هوندو، تن کي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي ته، اسلامي تاريخ جي جدا جدا وقتن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي تحريڪون اٿيون آهن ۽ اهڙا دور آيا آهن، جن ۾ وڏي ڪشش هئي. جادو هو هڪ زماني ۾، کين وڏو عروج حاصل هو. سندن سڪو ڄميل هو. اهي تحريڪون ۽ افڪار ۽ خيالات، روشن خيالي، عقليت ۽ راءِ جي آزادي جا خودمختيار هئا. پنهنجي دور جا جيئرا جاڳندا، فيشن هئا ۽ ان وقت جا نوجوان، ان کي اپنائڻ ۽ ان جي حمايت ۽ بچاءُ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. پر ڪجهه وقت کان پوءِ، اهي موجون پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويون. تاريخ جي صفحن ۾، فقط سندن ڳالهيون وڃي رهيون ۽ جن ماڻهن عقيدن، علم الڪلام ۽ فڪري تحريڪن جو مطالعو نه ڪيو آهي، تن انهن جو نالو به نه ٻڌو هوندو.

[b] دينيات جي وسيع مطالعي جي ضرورت: [/b]اسلامي بيداري جي ڪاميابي ۽ فائدي لاءِ، ٻيو شرط هي آهي ته هي سجاڳي ڪنهن حد تائين، قرآن ۽ حديث جي تعليم جي فهم ۽ ادارڪ کان بلڪل عاري ۽ ان جي ضرورت کان منڪر نه هجي، ديني مطالعي ۾، ڪنهن حد تائين وسعت به هجي ۽ گهرائي به، هي لازمي آهي ته پڙهيل ڳڙهيل نوجوان، جن جو ڳاڻيٺو سجاڳي جي، انهن تحريڪن ۾، ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو رهي، تن جي ذهني ۽ فڪري تربيت تي، خاص ڌيان ڏنو وڃي، انهن لاءِ نيڪ ۽ سگهه واري خوراڪ موجود ڪئي وڃي، جيڪا سندن عقل ۽ فڪر جي وارنلين کي قوت بخشي ۽ ان ايمان ۽ يقين کي، ٻيهر مستحڪم ڪري ته، اسلام ئي اڳواڻي ۽ زندگي جي تڪليفن کي حل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. انهن پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي، هي ڳالهه ياد ڪرائڻي آهي ته، قرآن شريف سان پڪو ۽ پختو ايماني جذباتي ۽ علمي لاڳاپو رکڻو آهي ۽ سيرت نبوي، شروعاتي اسلامي تاريخ، اصلاح ۽ تجديد جي تحريڪن ۽ انهن بزرگن جي زندگي ۽ سوانح عمري جو مطالعو، انهن لاءِ ضروري آهي. اهو اڀياس سندن صلاحيتن کي، اڀاريندو ٻاٽ اونداهه ۾ لاٽ پيدا ڪندو جنهن سان، هو پنهجن صلاحيتن کي سٺي نموني ڪتب آڻي سگهندا. سندن محنت جي نتيجي ۾ ڪاميابي کي سولو بڻائيندو . پر شرط هي آهي ته، اها جدوجهد، خلوص ۽ الله تعالى جي راضپي جي حصول جي جذبي تي مبني هجي.
اهڙي طرح، هن ڳالهه جي به ضرورت آهي ته، ان جي شخصي، اجتماعي ۽ خانداني زندگي ۽ ان جي انفرادي ۽ اجتماعي اخلاق ۽ عادتن جي اصلاح تي مڪمل ڌيان ڏنو وڃي ۽ سندن اهڙي نموني اصلاح ڪئي وڃي، جو ان ۾ ڪابه ڪمزوري ۽ ڍل نه هجي، پر اهو ٻين لاءِ به حسن اخلاق ڪردار جي پختگي ۽ استقامت لاءِ نمونو هجي. الله جي دين ڏانهن سڏيندڙن پنگتي ۽ اصلاحي تحريڪون هلائيندڙ جو هي سدائين دستور رهيو آهي. پر هن وقت، اسلامي معاشرو اخلاقي ڏيوالي، معنوي زوال، هڪ ٻئي کان نفرت، غير مسلم ماحول جي اثرن ۽ غير اسلامي رسم ۽ رواج، اجائي ڏيکاءُ ۽ٺٺ ٺانگر جو شڪار ٿيل آهي. ديني معاشري تي به، ان جا ابتا اثر پوڻ شروع ٿيا آهن ۽ ڪڏهن مخالف هن ڪمزوري مان فائدو وٺي، اسلام تي به تنقيد ۽ نڪته چيني ڪن ٿا. جن کان اسلامي ڪردار جي پختگي ۽ بلندي جي صورت ۾ سولائي سان بچي سگهي.
زماني ۽ ان جي مسئلن ۽ تڪليفن جو فهم ۽ ادارڪ: ديني مطالعي سان گڏ، پنهنجي دور ۽ ان جي تڪليفن ۽ مسئلن کان، پوري ڄاڻ جي واقفيت رکڻ کي به وساري نه ٿو ڪهڙا ڪهڙا رجحان ملن ٿا. عام زندگي ۾، انهن جي ڇا حيثيت ۽ اهميت آهي ۽ اسلام بابت، انهن جو نقطه نظر ڪهڙو آهي ۽ اهي مذهب اسلام جي مستقبل ۽ ايندڙ اسلامي نسل لاءِ، ڪيتريقدر خطرناڪ ٿي سگهن ٿا ۽ ملڪ ۽ وطن جي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ، اڳواڻي ڪندڙ قوتون، ڪيتريقدر طاقتور ۽ ڪم واريون آهن، جيڪي قوم جي اقتدار جي واڳن کي، پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ ۽ معاشري کي، پنهنجي مخصوص نظرين، عقيدن ۽ خيالن مطابق موڙي، زندگي کي هڪ نئين قالب ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. جيئن ته انهن طاقتن، تحريڪن ۽ قيادتن کان اکيون ٻوٽڻ، اسلامي جماعتن جو پنهنجن ئي مسئلن ۾ منجهڻ ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي، دين جي دعوت تي، پڪي طرح قائم رهڻ، فرضن ۽ واجب جي ادائگي ۽ ذاتي زندگي کي، پاڪائي ۽ پاڪدامني تائين محدود ڪرڻ، اهڙو ڪم ۽ اهڙي ڪم ۽ اهڙي سوچ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت کان پوءِ شايد دين تي عمل ۽ شرعي حڪمن جي ادائگي جي آزادي به کسجي نه وڃي . دين تي عمل ڪرڻ وارن، دين جي دعوت ڏيندڙن جي زندگي ڪٺن نه بڻجي وڃي ۽ سندن اها حالت ٿي وڃي، جنهن جي تصوير، قرآن شريف هنن لفظن ۾ پيش ڪئي آهي.
حتى اذا ضاقت عليهم الارض بما رحبت وضاقت عليهم انفسهم ( سورته التوبه 188)
يعنى : ڌرتي پنهنجي ڪشادگي جي هوندي به انهن لاءِ سوڙهي ٿي ويئي ۽ سندن ساهه منجهڻ لڳو.
مسلمان دين جي باغين ۽ دشمنن جي رحم ۽ ڪرم تي، غير اسلامي قانون سازي، اسلامي قانون ۾ دخل اندازي ۽ ان جي خاص عائلي قانون جي مخالف رخ ۾، ۽ ان مغربي مسيحي نظرئي هيٺ، زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ته ” دين انسان جو ذاتي مسئلو آهي “ ان جو واسطو ٻانهي ۽ خدا سان آهي . زندگي، قانون سازي ۽ سياست ۽ حڪومت جي انتظام سان ان جو ڪوبه واسطو نه آهي.

[b]زندگي جي حقيقتن کان منهن موڙڻ جو نتيجو :[/b] هت مان، انهن دوستن کان معافي گهرندي، عرض ڪندس ته جن جي خيال ۾ وقت ۾ وقت جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جي ڪا ضرورت به آهي. زندگي جي حقيقت، ان وقت جي ذهن ۽ فڪر کي متاثر ڪندڙ مسئلن، معاشري کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري تعليم ۽ تربيت جو نظام، فڪر ۽ خيال جي وهڪرن ۽ اسلامي دعوت ۽ تبليغ جي ڪوششن جي وچ ۾ تعلق ۽ هم آهنگي پئدا ڪرڻ لاءِ، ذهني ۽ علمي صلاحيتون صرف ڪيون وڃن ۽ وقت ڪڍيو وڃي. ڪن اسلامي ملڪن ۾ اهڙا پرجوش، اسلام جا داعي موجود آهن، جن هن پهلو کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته سماج ۾ موجود ذهن ۽ فڪر تي ڇانيل مسئلن ۽ رجحانن ۾، نه منجهڻ جي ضرورت آهي، نه وري ان جي افاديت، ۽ نه وري، اسان اها تڪليف برداشت ڪري سگهوٿا. ڏسون ته معاشرو فساد، بدامني، آزادي ۽ بدعملي ڏانهن وڃي رهيو آهي يا ڀلائي ۽ چڱائي طرف، بس اسان لاءِ اهو ڪافي آهي ته، اسان نماز روزي جا پابند آهيون، الله تعالى جا لک ٿورا آهن جو ان اسان کي اسلام جي دولت سان نوازيو آهي، سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ جي توفيق بخشي آهي ۽ اسان لاءِ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي.
انهن بزرگن جي نيت ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. سندن ڪوشش، مشقت ۽ قرباني قدر جي لائق آهي، پر مان ان هوندي به، هن چوڻ جي موڪل وٺندس ته، چئوگرد ٿيندڙ واقعن کان، منهن موڙڻ، زماني جي ضرورتن ۽ گهرجن کي پٺي ڏيئي، فقط پنهنجي ذات تائين محدود رهڻ به اسلام جي صحيح مفهوم کان پري آهي، پر اسلام جي دعوت ۽ تبليغ لاءِ شعور جي سجاڳي، ان جي تربيت، حقيقتن ۽ مسئلن جي سمجهاڻي، دوست دشمن جي سڃاڻ، سکڻن ۽ خالي نعرن جي فريب کان، پري رهڻ جي ضروري آهي، ته جيئن مسلمان قومپرستي نسلي، لساني يا علائقائي عصبيت ۽ چالاڪ سياستدان ۽غير ملڪي سازشي جي، گهڙي گهڙي شڪار ٿيڻ کان بچي وڃن ۽ ائين نه ٿئي جو سندن پنهنجي سادگي، صحيح ديني شعور جي ڪمزوري ۽ ايماني طاقت جي گهٽتائي، ديني ماحول بنائڻ جو ن، ساريون ڪوششون اسلامي شريعت جو نفاذ ۽ اسلامي نظام برپا ڪرڻ جي، سموري جدوجهد، مٽي ۾ ملي وڃي ۽ مسلمان معاشرو ۽ مسلمان ملڪ، لاديني نظام حڪومت آزاد خيالي ۽ مغربي ترقي پسندي جي خطرن سان منهن ڏيڻ ۾ پورو ٿي وڃي، جيڪو اڄ ڪلهه ڏاڍو مقبول آهي ۽ اهڙي عوام لاءِ گهربل آهي، جيڪا اسلامي تربيت کان محروم رهي آهي. جنهن جي پالنا مغربي تعليمي نظام ۽ تربيت ۽ اخلاقي نقصان پهچائيندڙ، نشر و اشاعت جي وسيلن سان ٿي آهي.

[b] اوائلي اسلامي معاشري جو درجو [/b]: صحابه اڪرام رضوان الله عليهم اجمعين، ايمان جي دولت سان مالامال هئا، اهي نه ڪنهن کان دوکو ڏيندا هئا ۽ نه ڪنهن کان دوکو کائيندا هئا. اهي ڪنهن سان ٺڳي نه ڪندا هئا، اها کليل حقيقت آهي ته اهي انهن سنهين ٿلهين ڳالهين کان تمام مٿي هئا، پر اسان مان گهڻا ماڻهو سندن انهيءَ خوبي ڏانهن ڌيان نه ٿا ڏين ته صحابه ڪرام ڪنهن جي ٺڳي ۽ فريب جو شڪار نه ٿيا، اهي زيرڪ، هوشيار ۽ هر وقت سجاڳ ذهن رکندڙ هئا. سندن عقل، سندن طبيعت، دين جي روح ۽ دين جي تعليم خلاف ڪنهن به شيءَ کي گوارا ڪرڻ پسند نه ڪندي هئي. اهي من موهيندڙ نعرن، مٺڙين مٺڙين ڳالهين ۽ اکين کي دوکو ڏيندڙ نظارن کان متاثر نه ٿيا، ان جو سڀ کان وڌيڪ چٽو ۽ صاف مثال هي آهي ته، اهي حضور اڪرم ﷺ تي ايمان رکندڙ هئا ۽ کين معصوم سمجهندا هئا، جيئن قرآن شريف ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته
وما ينطق عن الهوى ان هو الا وحي يوحى ( سورت النجم 43)
” هو پنهنجي طرفان ڪابه ڳالهه نٿو ٻڌائي. ان جي سموري گفتگو وحي آهي، جيڪا ان تي موڪلي وڃي ٿي .“
۽ انهن اصحابن سڳورن جي نظر ۾، پاڻ سڳورن صه جي ذات گرامي، سندن اولاد، ابن ڏاڏن ۽ خود پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ پياري هئي، تاريخ ۾ ڪنهن به انساني ٽولي، ڪنهن به نبي ۽دعوت ڏيندڙ کي انهي مقام ۽ درجي کان بچندي، جيڪو صرف الله لاءِ مخصوص آهي، ايڏو احترام نه ڪيو آهي، جيڏو حضور سائين جو، پر ان هوندي به، حضور اڪرم ﷺ هڪ دفعو فرمايو ته

انصراخاک ظالما او مظلوما
يعني: پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪريو کڻي ظالم هجي يا مظلوم
تڏهن اصحابن سڳورن، ان فرمان رسول تي ماٺ نه ڪئي پر انهن ان جي تشريخ پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪئي حديث جي شرح ڪندڙن، ٻڌايو آهي ته، جهالت جي زماني جو مثال به هو ۽ ان زماني جي عادت به اهائي هئي ان ڪري ئي ديوان حماسيه جي هڪ عرب شاعر هڪ قبيلي بني مازن جي ساراهه چوي ٿو ته :

لايسالون اخاهم حين ينبهم
في البئبات علي ما قال برهانا

يعني جڏهن انهن جي ڀائرن تي ڪا مصيبت اچي ٿي ۽ اهي کين مدد لاءِ سڏن ٿا ته هي ماڻهو ان ڳالهه جي ڪا وضاحت نه ٿاپڇن پر مدد لاءِ ڀڄي اچن ٿا.
ان هوندي به اصحابن سڳورن، رسول الله ﷺ جو اهو فرمان ٻڌو ته ماٺ ڪري نه ويٺا، هڪ اصحابي چئي ڏنو ته ” الله جا رسول ﷺ ! اسان مظلوم جي ته مدد ڪريون، پاڻ سڳورن ﷺ نه ناراض ٿيا نه وري سندن منهن مبارڪ تي، ڪاوڙ يا ناگواري جا ڪي آثار نظر آيا، پر نهايت سڪون سان جواب ڏنائون ته ظالم کي ظلم کان روڪيو، اهائي ان جي مدد آهي (بخاري مسلم ) رسول ﷺ مومن جي ( ۽ اسلامي معاشرو مومن ئي ٺاهيندا آهن) وصف بيان ڪئي آهي. جنهن مان، ان جي ذهانت ۽ عقل جي خبر پوي ٿي، پاڻ فرمايائون ته ” مومن هڪ ئي سوراخ مان ٻيهر نه ٿو ڏنگجي سگهي“ ( مسند احمد ) هر دور ۾ ۽ هر ملڪ ۾، اسلامي سماج اهڙو هجڻ کپي، جيڪو نه دوکو ڏي نه دوکي جو شڪار ٿئي ۽ نه وري هڪ ئي سوراخ مان وري وري ڏنگجي.

الله جي راهه ۾ جهاد : اهڙي طرح، هن طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته، خالص قرآني ۽ اسلامي مفهوم ۾، الله جي راهه ۾ جهاد جي اهميت ۽ ان جو قدر ۽ درجو، دل ۽ دماغ ۾ موجود هجي، ان جي عظمت ۽ بلندي جو مفهوم ياد رهي جيڪي خوشنصيب انسان ” مجاهد في سبيل الله“ جي لقب سان، سرفراز ٿيا ۽ جن ان راهه ۾، سر ڏيئي نالو ڪڍيو، تن سان ريس ڪرڻ گهرجي ۽ سندن نقش قدم تي هلڻ لاءِ، هر وقت تيار رهڻ گهرجي ۽ شهادت جو شوق هر دم دل کي تڙپائيندو رهي. اهائي سڀ کان وڏي ايماني دولت آهي، اهو ئي جهاد جو جذبو، شهادت جو شوق، سڀني پراڻين ۽ نون قومن ۽ قبيلن جي ڀيٽ ۾، هن قوم جو امتياز ۽ سندس عظيم الشان ڪارنامن، بي مثالن قربانين ۽ جان جي نذرانن جو مقصد ۽ مطلب رهيو آهي، تاريخ جي مختلف دورن ۽ دنيا جي جدا جدا جڳهين تي، الله جي مدد ۽ ڪامراني، انهيءَ پاڪيزه جذبي ۽ شوق جي ڪري ئي ٿي آهي. مسلمان امت جي انهيءَ طاقت جو سرچشمو ۽ ان جي دولت جي خزاني کان محرومي، اهڙو نقصان آهي، جنهن کي مڪمل ڪري نه ٿو سگهجي ۽ اهڙو خال آهي، جنهن کي علم ۽ عقل جي بلندي، تهذيب ۽ تمدن جي ترقي به ڀري نه ٿي سگهي. هن شوق ۽ جذبي کي برقرار رکڻ لاءِ، اهڙن ڪتابن کان مدد وٺي سگهجي ٿي . جيڪي پڙهندڙ، ٻڌندڙ ۽ دين جي تبليغ ڪندڙن جي ديني غيرت ۽ جذبي کي سجاڳ ڪن. سندن سيني ۾، عزم ۽ عمل جي هڪ دنيا آباد ڪن ۽ الله جي ڪلمي جي عظمت ۽ بلندي جي واٽ ۾، زندگي جي عيش و آرام، اڊنبر ۽ وڏائي کي تڇ بڻائي ڇڏي. (مثال نبي اڪرم ﷺ جي جنگين جي تاريخ، حديث جي ڪتابن مان جهاد جا باب، سلطان صلاح الدين ايوبي جي حالات زندگي يا ماضي قريب ۾ جهاد جي تاريخ جهڙوڪ حضرت سيد احمد شهيد رح ۽ سندس ساٿين جي سرفروشي وارن ڪارنامن تي لکيل مصنف جو ڪتاب سيرت سيد احمد شهيد ( پهريون ۽ ٻيو ڀاڱو، يا مختصر ڪتاب ” جب ايمان کي بهار آئي.“ )