اسلام جي مثالي سيرت ۽ ڪردار جي نمائندگي ؛
[/b] انهن غير اسلامي ملڪن ۾ سڀني مسلمانن لاءِ، عام طور تي ۽ اسلامي دعوت جو ڪم ڪندڙن لاءِ خاص ڪري هي ضروري آهي ته اسلام جي مثالي سيرت ۽ ڪردار جو ممڪن حد تائين واضح ۽ مڪمل نمونو پيش ڪن. اهو دين لاءِ احترام جو جذبو پيدا ڪرڻ جو سڀ کان مضبوط ۽ موثر ذريعو آهي. اهائي ڳالهه وطن جي ڀائرن کي اسلام جي بنيادي ارڪان ۽جي اسلامي تعليم جي مطالعي جي دعوت ڏيئي سگهي ٿي. جنهن تعليم مسلمانن کي بهترين سيرت ۽ اخلاق جو نئون رنگ بخشيو ۽ پرڪشش سانچي ۾ پيش ڪيو. اها ڳالهه کين قرآن مجيد، سيرت محمدي ۽ اسلامي شريعت سان روشناس ڪرڻ ۽ ان جي اڀياس ڪرڻ لاءِ آمادهه ڪري سگهي ٿي. ارمان جي ڳالهه آهي ته اهي گهڻي وقت کان اسلامي سيرت ۽ ڪردار کان پري ٿي
ويا. اهي غير مسلمانن جي گهڻائي ڪري، سندن عادتن، ريتن ۽ رسمن، اٿڻي ويهڻي ۽ مقامي پرائي تهذيب ۽ تمدن کان متاثر ٿيا آهن يا جديد مادي تهذيب جي زير اثر اچي ويا وري هي ڳالهه به کليل آهي ته غير مسلمانن لاءِ هي ممڪن ۽ سولو نه آهي ته مسلمانن جي اٿڻي ويهڻي ۽ اخلاق جو اڀياس مسجدن ۽ مدرسن ۾ وڃي ڪن. اهي ته مسلمانن کي بازارن، آفيسن کاتن ۽ ٻين عام جلسن ۽ تقريبن ۾ ڏسندا آهن ۽ اتان ئي اهي سٺو يا خراب غلط يا برابر جو تاثر وٺندا آهن.
[b]پرامن ۽ بقائي مهم جي فضا بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ :[/b] غير مسلم گهڻائِي وارن ملڪن ۾، مسلمانن لاءِ ڪرڻ واري ضروري ڪم هي آهي ته ممڪن حد تائين، پنهنجي وس آهر هر ڳالهه جي ڪوشش ڪن ته، ملڪ ۾ امن ۽ سڪون جي فضا قائم رهي ۽ پرامن بقائي باهم جو اصول قائم رهي ته جيئن، گڏيل احترام ۽ اعتماد جي فضا ۾ ڪارآمد ۽ تعميري ڪمن جو موقعو ملي سگهي. ڇو ته ان کان سواءِ ديني ادارا اسلامي سرگرمين جا مرڪز، ايتري تائين جو مسجدون ۽ مدرسا سڀ خطري جي منهن ۾ اچي، ڪنهن به مهل فرقه واريت جنون جي سيلاب ۾، اهي سڀئي ادارا جايون، تباهه ٿي سگهن ٿيون.
اهڙي طرح، امن ۽ سڪون ۽ باهمي احترام جي فضا ۾، مسلمانن لاءِ، هي سولو ٿي سگهندو ته هو پنهنجي اسلامي سڃاڻ ۽ نشان کي بچائي سگهن. اسلامي شريعت ۽ احڪام مطابق، زندگي گذارين. پنهنجي عائلي قانون ۽ خانداني نظام کي، برقرار رکي، پنهنجي نسل کي، اسلامي عقيدن ۽ تعليم تي ثابت قدم رکي سگهن. پنهنجي اولاد کي اسلامي تعليم ڏيارين ۽ هن ڳالهه جي پڪ ڪن جهڙي پڪ حضرت يعقوب ع کي ٿي هئي، جڏهن هن پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ ڏهٽن کان سوال ڪيو هو ته مون کان پوءِ اها ڪنهن جي عبادت ڪندا.
وما تعبدون من بعدي نعبد الهک واله آبائک ابراهيم و اسماعيل و اسحق اللها واحد و نحن له مسلمون
”ته انهن ماڻهن هڪ آواز ٿي چيو ته اسان عبادت ڪنداسون اوهان ۽ اوهان جي پيءُ ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود جي. ان هڪ معبود جي ۽ اسان ته ان جي حڪم جا بندا آهيون.“