جمود کي ٽوڙيندڙ تحريڪون پاڻ جمود جو شڪار
۾ جڪڙجي ويون. جيڪو طريقه ڪار، انهن تحريڪن جي منڍ ۾، ان وقت جي گهرجن کي سامهون رکي، ٺاهيو ويو هو، جيڪو هڪ محدود دائري ۾، اصلاحي تحريڪن جي گهرجن کي پورو ڪندو هو.انهن تحريڪن ۽ ان سان واسطو رکندڙ فردن انهن اصولن کي اپنايو، جيڪي اصول انهن تحريڪن جي اڳواڻن، ماضي ۾ نيڪ نيتي، فهم ۽ تدبر سان گڏ، وقت جي ضرورت کي سامهون رکي، حضرت محمد ﷺ جي حديث تي عمل ڪندي ٺاهيا هئا.
” يعلم هذا العلم من کل خلف عدوله ينفون عنه تحريف الغالين وانتحال المبللين وتاويل الجاهلين.“ ( مشڪوات- ڪتاب العلم فصل ثاني رقم الحديث نمبر 248)
يعنى هن علم جي هر نسل مان اهڙا عادل ۽ متقي وارث پيدا ٿيندا، جيڪي، هن دين مان غلو پسند ماڻهن جي تحريف، اهل باطل جون غلط تاويلون ۽ دعوائون ۽ جاهلن جي من گهڙت ڳالهين کي دور ڪندا“ پر انهن جماعتن ۽ تحريڪن انهن اصولن کي، اهڙو ته مضبوط پڪڙي ورتو، جيئن ڪو، ڪنهن خاص حڪم ۽ پڪي ڳالهه تي، ڄميو رهي . جنهن ۾ ڪنهن ڦير ڦار جي ڪابه گنجائش نه هجي ۽ نه وري ڪنهن ۾ لچڪ يا توسيع جو امڪان هجي. جنهن ڪري، انهن دعوتن ۽ تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي دماغن تي جمود ڇائنجي ويو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ انتها پسندي به اچي ويئي ۽ جيئن ته هو پنهنجي طريقه ڪار ۾ ڪابه لچڪ ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ ان تي اهڙا پختا بيٺل نظر ايندا آهن، ڄڻ ته اها به شريعت جو ئي هڪ حڪم آهي يا الله جي طرفان قرآن جي آيت، ان جو ڪارڻ هن کان سواءِ، ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته هي تحريڪ پنهنجي قوت ختم ڪري چڪي آهي، ان ۾ ايتري طاقت ۽ صلاحيت نه آهي، اها ماحول جو نئين سر جائزو وٺي، موجوده وقت جي نبض کي سڃاڻي، نون گهرجن کي سمجهي، زماني جي رمز کي سامهون رکي، ان جي مرض جو علاج ڪري ۽ سڌاري ۽ دعوت جي طريقه ڪار ۽ زندگي جي حقيقتن ۽ گهرجن جي وچ ۾ هم آهنگي پئدا ڪري.
پرهي حقيقت آهي ته اسلام زماني کان ڪڏهن به پوئتي نه رهيو آهي، ان سدائين انساني معاشري جي اڳواڻي ڪئي آهي ۽ پنهنجي تعليم ۽ زماني جي گهرجن جي وچ ۾ يڪسانيت پئدا ڪرڻ جو دليل پيش ڪيو آهي. اهڙا عالم ۽ اڳواڻ، هر دور ۾ حاضر رهياآهن. جن ۾ فڪري هڪجهڙائي هئي، بي مثال ذهانت هئي.اهي ديني اصولن ۽ شريعت جي بنيادي ۽ اولين حڪمن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي طاقت ۽ صلاحيت رکندڙ هئا. انهن حيريت انگيز، صلاحيت ۽ بي مثال عبقريت جو مظاهرو ڪندي، هر دور ۽ هر جاءِ تي چئلنجن جو مقابلو ڪيو. زماني جي مطالبن ۽ مسلم امت جي ضرورتن جو پورائو ڪيو. انهن زندگي جي حقيقتن کان ڪڏهن به اکيون نه ٻوٽيون، وقت جي گهرج ۽ وقت جو سڏ ۾ سڏ ڏنو. اهوئي ڪارڻ آهي جو اهو ذهن سدائين، زندگي سان ڀريل، مقبول ۽ محبوب رهيو. انساني معاشري جي رهبري ڪندو رهيو ۽ اسلام جي دائري ۾ رهي، صحيح واٽ ڏانهن رهنمائي ڪندو رهيو.
[b] غيرضروري مسئلن ۽ تڪليفن کان پري رهڻ جي ضرورت : ا[/b]سلامي دعوت جي افاديت ۽ نتيجه خيزي کي برپا رکڻ جو ٽيون شرط هي آهي ته دعوت ۽ تحريڪ فائديمند هجي. اها بيڪار ۽ بي فائدہ نه رهجي وڃي ۽ حڪومت، قوت ۽ وسيلن سنا مسلح افراد ۽ عناصر سان اڳ ۾ ئي پهرين ڏاڪي تي اٽڪي پوي ۽ اهڙي طرح پنهنجي لاءِ مسئلا ۽ تڪليفون پئدا ڪري وجهي ۽ پنهنجي ساري قوت ۽ صلاحيت، انهيءَ ويڙهه ۾ وڃائي ڇڏي ۽ پنهنجا ڪيترائي دشمن ۽ حريف پيدا ڪري وجهي، بي فائدہ ڪوششون ڪندي رهي ۽ سواءِ ڪنهن دشمن جي هر هڪ سان وڙهندي رهي.
ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي گهرجي ته بي فائدہ دعوت کان زيادہ مفيد ۽ ڪارآمد هجڻ کپي ۽ انهيءَ خيال سان ڪم ڪندي رهي ته، ايمان کي برسراقتدار ماڻهن تائين پهچائڻو آهي. سندن هٿن ۾ اسلام جو جهنڊو ڏيڻو آهي ۽ انهن کان ئي اسلام نظام نافذ ڪرائڻو آهي. هي صحيح نه آهي ته اهل ايمان يا ڪنهن خالص اسلامي اصلاحي تحريڪ کي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، يا نظام اسلام جي تنقيد ۽ معاشري ۾، انقلاب جو فن ڪنهن خاص جماعت جي فردن ۽ ڪن داعين لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.
نواڻ ۽ سڌاري جو بهترين مثال : مون کي اسلام ۾ سڌاري ۽ تجديد جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪو به اهڙو مثال، ڪا تحريڪ، جنهن کي حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ٿيل هجي، يا ڪو سڌارڪ، حالتن ۾ انقلاب آڻڻ، تاريخ جو رخ موڙڻ ۽ ان کي نئين راهه اختيار ڪرڻ تي، مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هجي. حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي رح 1034هه کان سواءِ ٻئي ۾ نه ٿي ملي.( تفصيل لاءِ ڏسو ” تاريخ دعوت ۽ عظميت “ جلد چوٿون ذڪر مجدد الف ثاني رح ) . حضرت مجدد الف ثاني رح جي ڪامياب جدوجهد جي تصوير پيش ڪرڻ لاءِ، ليکڪ جي ڪتاب ” ربانيته لا رهبانيته “ مان هڪ ٽڪرو پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
” هندستان ۾، شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي حڪومت، لادينيت ۾ کليل الحاد جو رستو اختيار ڪري چُڪي هئي. اڪبر جهڙي طاقتور ۽ وڏي شهنشاهه هي طئي ڪيو ته هو پنهنجا سڀ وسيلا ۽ ذريعا ۽ زور ۽ طاقت کان ڪم وٺي، ملڪ مان اسلام جي سڀني خاصيتن ۽ نشانين کي ختم ڪري، انهن جو نالو نشان به مٽائي ڇڏجي. وٽس غير معمولي صلاحيتن وارا، نهايت هوشيار ماڻهو هئا، جيڪي سندس غلط ارادن ۽ ڪرتوتن ۾ ان جا مددگار هئا. جتي ڪنهن ڪمزوري جو تر جيترو به شڪ نه هو. حڪومت پنهنجن زورن تي هئي. زوال يا ڪم طاقتي جو ڪٿي به نشان ڪونه هو. ڪنهن به جاءِ تي انقلاب، تبديلي يا بغاوت جو ڪو امڪان ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. علم منطق يا مظاهري ڏس ۾ هي مڃڻ ۾ نه پئي آيو ته ڪو حالتون رخ بدلائي سگهن ٿيون يا حڪومت ۽ قوم ۾ ڪا کليل تبديلي به اچي سگهي ٿي.
اهڙين حالتن ۾، الله تعالى پنهنجي هڪ ٻانهي کي اصلاح ۽ تجديد لاءِ تيار ڪيو. هن الله جي ٻانهي، اڪيلي سر، انقلاب جو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ پنهنجي ايمان ۽ يقين، عزم ۽ توڪل، روحانيت ۽ اخلاص جي اندروني سگهه جي زور تي حالتن ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ۾ جنبي ويو. جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو مغل سلطنت جو هر وارث اڳلي کان بهتر ثابت ٿيو. تان جو پڇاڙي ۾ شهنشاهه محي الدين اورنگزيب عالم جهڙو فاضل، صالح، فقيه، مجاهد ۽ غيرت مند مسلمان تخت تي ويٺو. اسلامي حڪومتن جي تاريخ ۾، اهڙا مثال گهٽ ملن ٿا. هن ڀلاري انقلاب جو اڳواڻ محمدي سلسلي جو امام شيخ احمد سرهندي مجدد الف ثاني رح هو. ( ربانيه لا رهبانيته ص 137 – 138 وڌيڪ ڏسو ليکڪ جو رسالو الدعوته الاسلاميه في الهند ونظوراتها) وقت ۽ ماحول جي هي سڌاري ۽ انقلاب ۾، حيرت انگيز ڪاميابي، ان ڪري ٿي، جو هن ڪار آمد کي بيڪار تي ترجيح ڏني حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ شهنشاهه ۽ ان جي وزيرن ۽ درٻارين جي اسلامي غيرت کي بيدار ڪيو ۽ ان جي دلين ۾ موجود ايمان کي لوڏيو. کين هي پڪ ڏياري ته هو اقتدار ۽ ڪرسي جو بکيو نه آهي ۽ نه وري سندس خواب ۽ خيال ۾ به، اها خواهش آهي ۽ نه وري، سندس شاگرد، مريد ۽ اولاد به ڪا اها تمنا رکن ٿا. پر هو صرف اهو چاهين ٿا ته، برهمڻ ازم، هندو فلسفو ۽ جاهلي تهذيب ۽ تمدن جي يلغار کان، هن ملڪ کي، جنهن کي سندن وڏن، ابن، ڏاڏن اسلام کي پکيڙڻ لاءِ فتح ڪيو هو ۽ پنهنجو رت وهايو هو، اسلام جي بچاءُ ۽ اسلامي قانون جي نفاذ جي سعادت، شهنشاهه، سندس وزيرن ۽ فوجي سردارن کي حاصل ٿئي اها ڳالهه انهن درٻار ۽ اميرن جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي ۽ سندن نمونو بدلجي ويو. اهي اسلام جي خلاف، جنگ ۽ اسلام جا نشان ۽ آثار مٽائڻ بدران، اسلام جو بچاءُ ڪرڻ لڳا، برهڻميت ۽ وشنيت جي نشانن کي هڪ هڪ ڪري مٽائڻ شروع ڪيو، جيڪي اڪبر جي ڏينهن ۾ وڌيڪ پکڙيا. اڪبر ڳئون ڪھڻ تي بندش وڌي هئي، ڇو ته هندو انکي پاڪ سمجهندا هئا، ۽ ان جي پوڄا ڪندا هئا ان ڪري ساري ملڪ ۾ ڳئون ڪهڻ ڏوهه هو، ان کي ڏوهاري قرار ڏنو ويندو هو. ٻئي پاسي سوئر جي گوشت تي پابندي ڪانه هئي. اڪبر جي ڀيٽ ۾ شهنشاهه نورالدين جهانگير جيڪو حضرت مجدد الف ثاني رح جي پرهيزگاري ۽ خلوص کان متاثر هو، ۽ ٿورا ڏينهن گڏ رهي، فيض به حاصل ڪيو هئائين. هن جڏهن ڪانڳڙهه جو قلعو کٽيو هو. جنهن کي ٻيا مسلمان فاتح کٽي نه سگهيا هئا ۽ هي ڪاميابي به هڪ هندو فوجي سپهه سالار جي هٿان ٿي، جهانگير جڏهن قلعي ۾ داخل ٿيو، تڏهن پهريون حڪم هي ڪيائين ته اتي مسجد ٺهرائي وڃي ۽ ڳئون ذبح ڪئي وڃي. هن واقعي مان پيءُ ۽ پٽ جي طرز عمل، سياست ۽ نفسيات ۾ کليل فرق جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.