سماجي خرابي جو سڌارو ۽ اخلاقي قيادت
[/b] اهڙي طرح مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي اخلاقي قيادت جي ذميواري قبول ڪن ۽ ملڪ ۾ ڦهليل بدنظمي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌن. پاڪيزه، شريفانه زندگي ۽ انسانيت جي احترام جي دعوت ڏين. ملڪ جنهن اخلاقي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ معاشري خودڪشي جي واٽ تي، جنهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. ان کي روڪڻ ۽ سماج کي مڪمل تباهي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن هي ڪنهن به حالت ۾ جائز نه آهي ته اهڙو جهاز غرق ٿئي، جنهن ۾ مسلمانن جو وڏو تعداد سوار هجي ۽ ان ڪري تباهه ٿي وڃي جو اتي دولت ۽ شهوت نفساني جو دور دوره هجي. هتي لوڀ، لالچ ۽ مفاد پرستي چوٽ چڙهيل آهي. هتي رشوت، خيانت ۽ ملڪ سان غداري عام آهي. مسلمانن جو وڏو انگ ان جا عالم، بزرگ ۽ انهن جي هيڏن سارن مدرسن جي هوندي به، ڪنهن ملڪ ۽ سماج ۾ بيماريون پکڙجي وڃن. سوچڻ جو مقام آهي. ڇو ته مسلمانن وٽ، دين جو علم رسول اڪرم ﷺ جي سنت ۽ صحابه ڪرام جي سيرت جي حيثيت ۾ اخلاق جو مڪمل سامان موجود آهي، جيڪو اخلاقي بي راهه روي ۽ ذهني چريائپ کان بچائي سگهي ٿو ۽ ملڪ ۾ سماج کي مڪمل تباهي کان محفوظ
رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن شڪل ۾ مسلمان پنهنجي صحيح مقام ۽ عهدي جي نمائندگي ڪري سگهندا ۽ ان صورت ۾، اهل وطن مسلمانن جي عزت ۽ احترام ڪندا، سندن خيال ڪندا ۽ ادب ڪندا. کين اکين ۾ جاءِ ڏيندا ۽ پنهنجين دلين ۾ ويهارڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته الله تعالى کين ان ملڪ جي قيادت جو هڪ ٻيو موقعو به عنايت ڪري. اخلاقي قيادت جو ميدان، اهو واحد ميدان آهي جيڪو اڃان تائين خالي پيو آهي ۽ ملسمانن لاءِ اهو موقعو آهي ته ميدان پنهنجي صلاحيت، اهليت ۽ اهميت کي مڃرائين ۽ ان راهه ۾ پنهنجي قيادت جو درجو حاصل ڪن.
[b]جمھوري حقن جو استعمال ۽ قانون سازي جي معاملي تي گهري نظر : [/b]جهموري ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ هي به ضروري آهي ته پنهنجي شهري ۽ جهموري حقن کي همت، جرئت، اعتماد ۽ فخر سان ڪتب آڻين، ڇاڪاڻ ته اهي به ملڪ جا وفادار ۽ سچا فرزند آهن انهن کي به اهي حق حاصل آهن، جيڪي سڀني کي حاصل آهن. اهڙي طرح کين اهي موقعا به ملندا ته هو، پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حيثيت ۽ عهدي جي حفاظت به ڪري سگهندا ۽ پنهجي دين ۽ مذهب مطابق به زندگي گذاري سگهندا. شريعت ۽ ديني تعليم کي، غيرن جي مداخلت کان به محفوظ رکي سگهندا. ان لاءِ هي به ضروري آهي ته قانون سازي جي مجلس ۾ ٺهندڙ قانون جو عقل، سمجهه ۽ بيدار مغزي سان لاڳيتو اڀياس ڪندا رهن ۽ ان مجلس جي نمائندن جي چونڊ ۾، پنهنجو اثر ورسوخ هلائين. ائين نه ٿئي جو سستي جي ڪري، ڪنهن تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڦاسي نه پون ۽ پنهنجي مذهب ۽ عقيدي خلاف، قانون تي عمل ڪرڻ ۽ حالتن سان صلح ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. کين مصر جي رهاڪن لاءِ، مصر جي فاتح، سيدنا عمرو رضه بن عاص جي وصيت سدائين ياد رکڻ کپي.
اتم في رباط دائم، تشوف القلوب اليکم
يعنى ” اوهان مستقل محاذ تي آهيو، ڇو ته مخالفن جو دليون اوهان ڏانهن متوجهه آهن.“