حضرت سچل سرمست فاروقي رحه
حضرت سچل سرمست فاروقي رحه
تحقيق: حزب الله آءِ سومرو
حافظ عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي، دارازا خيرپور ۾ 1170هه مطابق 1756ع ۾ ڄائو جڏهن ته 1152هه مطابق 1739ع وارو ٻڌايل سندس ولادت جو سنه صحيح نه آهي اهو فقط 1165هه ۾ وفات ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ملاقات لاءِ ڪيو ويو جڏهن ته فاروقين جي خانداني شجري، جيڪو سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ محفوظ آهي ان ۾ سچل سرمست جي ولادت 1170هه لکيل آهي. سندن والد ميان صلاح الدين جي وفات 1158هه ۾ ٻڌائي ويندي آهي. جڏهن ته اهو سنه 1200هه آهي ڇو ته ڪجهه سال الڳ سندن قبر تي اهڙو ڪتبو لڳل هو. پر هن وقت ٽٽي چڪو آهي. حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان هئا جنهن تي فخر سان چيائين ته ”شڪر اولاد عمر دي ها“، ميان عبدالوهاب جا استاد حافظ عبدالله قريشي ۽ ميان عبدالحق فاروقي هئا، ميان عبدالحق فاروقي سندن استاد چاچو، مرشد ۽ سهرو هو. ميان عبدالوهاب شاعريءَ ۾ سچل، سچو، سچي ڏنو، آشڪار ۽ خدائي تخلص ڪم آندا آهن ۽ سچل سرمست جي نالي سان مشهور آهي. کين ستن زبانن سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، هندي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب ”شاعر هفت زبان“ چيو ويندو آهي. سندن فارسي نظم جي ڪتابن ۾ ديوان آشڪار، ديوان خدائي، ساقي نامه، مثنوي تارنامه، مثنوي رازنامه، مثنوي گداز نامه، مثنوي عشق نامه، مثنوي درد نامه، مثنوي رهبر نامه، مثنوي وصلت نامه، مسدس وحدت نامه، گهڙولي ۽ غزل بحر طويل آهن. سندن سنڌي ڪلام جو رسالو ۽ سرائيڪي ڪلام جو رسالو پڻ آهن جن ۾ آغا صوفي، عثمان علي انصاري، نماڻو فقير ۽ مولوي محمد صادق راڻيپوريءَ جا رسالا مشهور آهن. سچل سرمست بيت، ڪبت، وائي، ڪافي، سه حرفي، غزل، مستزاد فرد، قطعا، مثنوي، مرثيو، گهڙوليءَ ۽ جهولڻو جي صنفن ۾ شاعري ڪئي. سندن دور ۾ حاڪم مير سهراب خان ۽ مير رستم خان ٽالپر هئا. پاڻ مريد نه ڪندا هئا پر جن ماڻهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته کائن فيض ورتائون تن ۾ فقير نانڪ يوسف، فقير محمد صالح قادري، فقير محمد صلاح ڀيو، فقير گهرام جتوئي، فقير شير خان ڀنڀرو، جانو فقير شڪارپوري، سيد خير شاهه، سيد پير شاهه، سيد حسن شاهه، سيد حيدر شاهه، فقير محمد صديق، فقير عثمان چاڪي، فقير شير علي ۽ فقير محمد يعقوب شامل آهن. سندن حلئي ۽ لباس بابت معلوم ٿئي ٿو ته قد وچولو، رنگ صاف، پيشاني کليل، ڊگهي اوچي ڏاڙهي، وار ڊگها، مٿي تي سائي رنگ جو تاج پڳ پائيندا هئا ۽ بدن تي اڇو چولو پائيندا هئا. حضرت سچل سرمست جن قرآن پاڪ جا حافظ هئا ۽ چوندا هئا ته ”حڪم شريعت برسر ڪرڻا، ٻاهر قدم نه هڪو ڌرڻا، تابع تنين امردي هان“ ڌرتي تي هيٺ سمهندا هئا. سادو کائيندا هئا ۽ سادو پائيندا هئا ۽ نشي کان پري هئا. سندن شاعريءَ ۾ جوش ۽ ولولو آهي ڇو ته انگريز سامراج خلاف عوام کي اٿارڻو هو جن سندن وفات کان سورهن سال پوءِ سنڌ تي قبضو ڪيو. علماء ڪرام ۽ صحيح مرشدن جو وٽن احترام هو پر وجهي ملن ۽ پيرن خلاف تعليم ڏنائون. هندو مسلم جي سياسي اتحاد جا علمبردار ٿي اڀريا. جڏهن ته سندن وفات کان ايڪهٺ سال پوءِ 1888ع ۾ هندو مسلم جو سياسي اتحاد ڪانگريس جي پليٽ فارم تي ٺهيو. سچل گدائي ۽ غلاميءَ خلاف هو. پاڻ، پاڻ سڃاڻڻ ذريعي انسان کي شاهه، بادشاهه ۽ مالڪ ڏسڻ پئي چاهيائون، پاڻ اناالحق ۽ رب جبار چوڻ ذريعي ماڻهن ۾ خدائي صفتون پيدا ڪرڻ چاهيائون. سندن شاعريءَ ۾ الله، رسول، چئن يارن سڳورن، پنجتن تنن ۽ پيران پير جي مدح ٿيل آهي. قادري طريقي جا صوفي باصفا هئا. فرقي بازيءَ جي بلڪل خلاف هئا.
سندن وفات 14 رمضان 1242هه آهي عيسوي سنه جي حساب سان 11 اپريل 1827ع هيو. ان طرح عمر 1170هه کان 1242هه تائين 72 سال هئي جنهن ڪري نوي سالن جي عمر واري روايت صحيح نه آهي. سندن مقبرو مير رستم خان ٽالپر جوڙايو هو.