از قلم: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[/b]
[b]هڪ ڪامياب ڪوشش
[/b]
سچل سائين جي ڪلام کي عوامي سطح تي گهڻو ڳايو ويو آهي، ۽ پڻ بگاڙيو ويو آهي، ڪي سندس ڪافيون جيڪي صحيح صورت ۾ ڇپيل آهن، سي به زباني روايتي رنگ ۾ لفظن جي اڳ پوءِ جي ڦير گهير سان ڳائجن ٿيون. ڪن موضوعن تي ڇپيل سندس ڪلام ۾ گهڻي گهٽ وڌائي ٿي آهي جنهن جو مثال مشهور نغمو گهڙولي آهي.
سچل جون سرائيڪي ۾ چيل ڪي ڪافيون نهايت دلپذير آهن. انهن کان سواءِ سندس سجايل ٻن نغمن مون کي ڪافي متوجه ۽ متاثر ڪيو آهي، هڪ گهڙولي ۽ ٻيو عاشق کي قتل ۽ ڪالعدم ڪرڻ وارو معشوقن جو متفقه ٺهراءُ جنهن ۾ جدت سان گڏ مزاجي معنويت سمايل آهي. گهڙولي نغمي ۾ سڪ ۽ صداقت سان گڏ حقيقي معنويت وارو جلوه نمايان آهي.
گذريل وڏي عرصي کان جڏهن به مون اهي نغما مختلف محفلين ۾ جدا جدا فقيرن کان گهٽ وڌ ڳائيندي ٻڌا آهن، ته ائين محسوس پئي ڪيو آهي ته جيڪر تحقيق ڪجي ته گهڙولي سچل سائين اصل ۾ ڪيئن چئي ۽ جيئن چيائين تيئن ڳائجي.
سچل سائين جي ڪلام جي ڪن گوشن، صنفن تي وڌيڪ تحقيق ۽ ڪافي گنجائش موجود آهي، ان جي پورائي پڻ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو سچل جي ڪلام جا ڪي آڳاٽا هٿ آيل نسخا ڪن شائقن وٽ موجود آهن، جن کي ڀيٽي صحيح متن قائم ڪري سگهجي ٿو.
ان ڏس ۾ محترم حزب الله سومري وڏي خدمت ڪئي آهي؛ جو گهڙولي نغمي جون مختلف پڙهڻيون، جدا جدا ماخذن مان وڏي محنت سان ڳولي هٿ ڪيائين ۽ انهن کي توري تڪي ڀيٽي هن دلپذير نغمي جو وڌيڪ صحيح متن قائم ڪيو اٿائين، هي ڪوشش، سچل سائين جي ڪلام تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ راهه روشن ڪندي.
خادم العلم
[b]نبي بخش
[/b](سڄڻ کي ساريوم _ مرتب محمد راشد بلوچ 2017ع ص 117,116 )