گهڙولي ۽ ان جو تعارف
[/b]گهڙولي بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ”هن ۾ عورت جي زباني محبوب جي خدمت جو جذبو ظاهر ڪيل هوندو آهي. آزي نيزاري ڏيکاريل هوندي آهي. هن صنف ۾ خدمت جي اظهار لاءِ وراڻي طور ”گهڙولي ڀرڻ“ ضروري ايندو آهي. (سرمست 1997 _ ص 48)
ان جو مطلب ته گهڙوليءَ تي نالو ”گهڙا (دِلا) ڀرڻ“ واري اصطلاح تان پيو آهي جنهن جو مطلب آهي خدمت ڪرڻ.
[b]گهڙولي اول اول ڪنهن لکي؟
[/b]ان بابت ناميارو ليکڪ مختيار ملڪ لکي ٿو ته ”گهڙولي سچل سائينءَ سڀ کان اڳ گهڙي ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن ان کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو (سرمست 1985/5 ص 88)
[b]گهڙوليءَ ۾ ڪيترا بندا آهن؟
[/b]مولوي عبداللطيف سڪندري لکيو آهي ته ”تازو منهنجي نظر مان ڪجهه قلمي مواد نڪتو آهي جنهن ۾ درگاهه درازا شريف بابت اهم مواد به هو جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. محترم ممتاز احمد سومرو روهڙي واري معرفت هڪ ڪتاب نالي ”خدائي بندي عرف محبت نامه“ ڏٺم....... ان ڪتاب ۾ خاص ڳالهه هي هئي جو حضرت سچل سرمست جون 78 ڪافيون ۽ گهڙوليءَ جا 36 مصرعن سان ۽ حضرت سچل سرمست جا 83 ڏوهيڙا لکيل هئس. (سرمست 1997/7ع ص 129)
[b]گهڙوليءَ جو انداز ڇا آهي؟
[/b]محمد پنهل ڏهر لکي ٿو ته: ”عورت پنهنجي محبوب کي عاجزي ۽ انڪساري سان چوي ٿي ته اي محبوب مان تنهنجي ٻانهي آهيان ۽ تنهنجي ئي در جو يعني تنهنجي گهر لاءِ پاڻي ڀريندي آهيان.
(سرمست 2010/31ع ص 45)
[b]گهڙوليءَ جا موضوع ڇا آهن؟
[/b]گهڙوليءَ جو مطالعو ڪبو ته ان ۾ سچل سرمست رحه پنهنجا مذهبي نظريات پيش ڪيا آهن. هن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته هو سلسله قادريه سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو اڳواڻ سيد عبدالقادر جيلاني رحه آهي. هو خلفاء راشدين کي ساراهي ٿو کين مسلمانن جا امام قرار ڏئي ٿو. هن ۾ هو بيبي امِ ڪلثوم بنت علي رضه جو حضرت عمر فاروق رضه سان شاديءَ جو ذڪر ڪري سندن قرب ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته پنجن تنن وٽ ماڻهو قابل قبول تڏهن ٿيندو جڏهن چئن يارن کي مڃيندو ڇو ته پنج تن ميوو آهن ته چار يار انهن جو گل آهن. هو چئن يارن سان ساڙ رکندڙ رافضين ۽ خارجين کان بيزار آهي. چوي ٿو اهي بي ايمان آهن کين دائمي حفظ قرآن نصيب نه ٿيندو، نه ولي ٿي سگهندا. گلا ڪرڻ سبب نيڪين کان مفلس ۽ ڪردار جي حوالي کان بدڪردار هوندا. جيڪي صحابه ڪرام تي تبرو ڪن ٿا تن تي خدا جي لعنت آهي ۽ شريعت ۾ چار فقه مسلم آهن.
[b]معياري گهڙولي؟
[/b]هتي سچل چيئر ۾ رکيل قلمي گهڙولي کي بنياد بڻائيندي ٻين نسخن کي نظر ۾ رکندي معياري گهڙولي ترتيب ڏني وئي آهي، ڇو ته ان جي سلسلي ۾ معنيٰ مطلب جي درست صورت ۽ وزن بحر جو خيال ذهن ۾ هو. الحمدلله 36 بند ئي نسخن مان کنيل آهن ڪوبه اهڙو بند نه آهي جيڪو ٻاهران هجي. پڙهڻيون به ان ۾ موجود آهن البته ڪن جاين تي واضح لکت جون غلطيون هيون سي درست ڪيون اٿم ته جملا درست ٿي پيا مثلاً: علمن (علم)، ڪمين (ڪمي)، فڪر (فقر)، گم (غم)، عرب يا عربو (اربع)، ڪول (قول)، علا (الا)، سر طريقت (سه طريقت)، هر بند پويان ان نسخي جو نشان ڏنو ويو آهي. اهي نسخا مون وٽ آهن.
« = فقير عبدالغفور جي ڳايل گهڙولي
« = سچل چيئر ۾ محفوظ بياض واري گهڙولي
< = قاضي علي اڪبر درازيءَ جي حوالي کان حافظ نثار احمد ڪٻر جي ڳايل گهڙولي ڪيسٽ.
«« = ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سچل جو پيغام 1998ع ص 101 تان کنيل گهڙولي.
= غلام حسين فقير پير جو ڳوٺ جي بياض تان ورتل گهڙولي.
=« مولوي عبداللطيف سڪندري وٽان گهڙولي مليل بحواله خدائي بندي.