تصوف

سچل سرمست جي گهڙولي

سچل سرمست جي مشھور گهڙولي بابت حزب اللہ آءِ سومرو لکي ٿو:
هتي سچل چيئر ۾ رکيل قلمي گهڙولي کي بنياد بڻائيندي ٻين نسخن کي نظر ۾ رکندي معياري گهڙولي ترتيب ڏني وئي آهي، ڇو ته ان جي سلسلي ۾ معنيٰ مطلب جي درست صورت ۽ وزن بحر جو خيال ذهن ۾ هو. الحمدلله 36 بند ئي نسخن مان کنيل آهن ڪوبه اهڙو بند نه آهي جيڪو ٻاهران هجي. پڙهڻيون به ان ۾ موجود آهن البته ڪن جاين تي واضح لکت جون غلطيون هيون سي درست ڪيون اٿم ته جملا درست ٿي پيا مثلاً: علمن (علم)، ڪمين (ڪمي)، فڪر (فقر)، گم (غم)، عرب يا عربو (اربع)، ڪول (قول)، علا (الا)، سر طريقت (سه طريقت)، هر بند پويان ان نسخي جو نشان ڏنو ويو آهي. اهي نسخا مون وٽ آهن.
Title Cover of book سچل سرمست جي گهڙولي

مطلب ۽ شرح

[b]ٿلهه[/b]: سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: مان پنهنجي محبوب جي گهڙولي ڀريان ٿو يعني ان جي تابعداري ڪريان ٿو. ۽ مان هڪڙي الله کان ئي ڊڄان ٿو. مون کي ڪنهن جي پرواهه نه آهي.

1. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: جڏهن مون تي شيطاني طاقتون حملا ڪن ٿيون ته مان پنهنجي مرشد ڪامل جي تعليمات تي هلندو آهيان ته سڀ شيطاني حربا ختم ٿي وڃن ٿا.

2. سچل سرمست رحه شريعت کي نوح جي ٻيڙي قرار ڏئي چيو آهي ته شريعت کان سواءِ نجات نه آهي، ان ٻيڙيءَ ۾ محبوبِ خداصه آهي يعني ان جي سنت آهي ان ڪري مان شريعت تي عمل ڪريان ٿو.

3. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان رضه، حضرت علي المرتضي مسلمانن جا امام آهن ۽ اسان اصل ۾ محمد عربي صه جا غلام آهيون.

4. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: حضرت عمر رضه جون ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون هيون جن کي خدائي وحي جي تائيد ملي ۽ معراج جي سفر ۾ حضرت عمر رضه جا تذڪرا ٿيا. مثلاً جنت ۾ حضرت عمر رضه جي محلات ڏسڻ گويا هو شب معراج نبي پاڪ سان گڏ هو ۽ سچل سرمست رحه اهڙي شخصيت جي نسبي اولاد هجڻ تي فخر ۽ شڪر ڪري ٿو. هونءَ به اسان اهل اسلام حضرت عمر رضه جي روحاني اولاد آهيون ان تي اسان کي خدا جو شڪر ڪرڻ کپي.

5. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته اگر نبوت ختم نه ٿي ها ته حضرت عمر رضه نبي ٿئي ها جو ان ۾ نبوت جون خوبيون موجود هيون، اها ڳالهه حديث ( لو کان نبيا لکان عمر) ۾ آيو آهي ان لاءِ حديث به قرآن وانگر آهي. اسان ٻنهي کي هڪ سمجهون ٿا ڇو ته ٻئي وحي آهن ۽ نبي پاڪ صه کان مليا آهن.

6. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته حضرت علي رضه موجب ابوبڪر صديق رضه ۽ عمر فاروق رضه کي ائين سمجهو جيئن مون کي سمجهو ٿا ڇو ته عمر رضه منهنجو جگر آهي. سچل سرمست رحه چوي ٿو اهو سچ مان ٻڌائيندو رهندس.

7. سچل سرمست رحه اصحابن سڳورن جي پاڻ ۾ پياري رشتيدارين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي ته حضرت علي رضه کي بيبي فاطمه رضه مان نياڻي بيبي اُمِ ڪلثوم رضه هئي، ان جي شادي حضرت عمر فاروق رضه سان ٿي، حضرت سچل سرمست رحه پنهنجي مطالعي جي بنياد تي چئي ٿو ته اها ڳالهه ايتري ته پڪي ۽ سچي آهي جو قسم کڻان ٿو.

8. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته آءٌ پنجن تنن وٽ تڏهن مقبول ٿي سگهان ٿو جڏهن چئن يارن جو حڪم مڃيندس ۽ انهن جي سفارش سان ئي پنجن تنن ڏانهن وڌي سگهندس.

9. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته پنج تن اسلام جي وڻ جا ميوا ۽ چار يار گل آهن. ظاهر آهي ته گل نه ٿيندا ته ميوا ڪٿان ٿيندا؟ يعني ڪو ماڻهو پنجن تنن کي نٿو مڃي سگهي جيستائين چئن يارن سڳورن کي نه مڃيندو. سچل سرمست رحه شڪر ڪري ٿو ته اسان ان اسلام سان تعلق رکون ٿا جنهن ۾ پنجن تنن کي به مڃيو ويندو آهي ته چئن يارن کي به مڃيو ويندو آهي.

10. سچل سرمست رحه چوي ٿو ته دين جو ڪم جيئن ته نبي پاڪ صه کان نقل ڪري صحابه ڪرام امت تائين پهچايو آهي ان ڪري نبي پاڪ صه کي به اهو ڪم قبول آهي جيڪو صحابه جي ذريعي نبي پاڪ صه تائين پهتل آهي. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته آءٌ ته نبي پاڪ صه جي وزيرن جي پيار کان سواءِ اڳتي وڌندس ئي ڪونه.

11. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته جيڪو نبي پاڪ جي سنگتين کي نه ٿو مڃي اهو تبرا ۽ گلا ڪرڻ سبب نيڪين کان مفلس يا سڃو ٿيندو، اهو مفعول يا بدڪردار رهندو. سچل سرمست چوي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو انهن بدڪارن جي سنگت کي مان ڇڏيان ٿو.

12. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته صحابه سان بغض رکندڙ، مستقل طور ڪڏهن به حافظ رهي نٿو سگهي ڇو ته وٽن حفظ قرآن جو مستقل سبب (تراويح) نه آهي، نه وري اهو خدا جو ولي يا دوست ٿي سگهي ٿو ڀلي اهو جيئرو هجي يا مئل ڇو ته ان کي نبي پاڪ جي جماعت سان ساڙ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مون وٽ اهڙن لاءِ زهريلا يا موتمار خيال آهن.

13. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو رافضي (حضرت ابوبڪر صديق رضه حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان غني رضه سان بغض رکندڙ) ۽ خارجي (حضرت علي رضه المرتضيٰ سان ساڙ رکندڙ) ٻئي حرامي يعني بدمعاش آهن. اهي ٻئي قسم ماڻهو بي ايمان آهن. انهن جا ڪيل نيڪ عمل رد ڪيا ويندا ۽ قيامت ۾ به انهن تي ملامت ٿيندي اهڙي خبر مان به ڏيان ٿو جيڪا مون تائين مطالعي يا مشاهدي جي آڌار تي پهتي آهي.

14. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو صحابه ڪرام تي تبرا يعني لعنتون ملامتون ڪن ٿا تن تي منهنجي لعنت آهي ڇو ته اهي صحابه ڪرام يعني نبي پاڪ جي ساٿين کان بيزار آهن، جڏهن ته مان چئن يارن سڳورن جي در جي خاڪ آهيان.

15. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته حضرت امام حسن رضه ۽ حضرت امام حسين رضه، حضرت علي رضه جي اولاد آهن يعني ان شخصيت جي اولاد آهن جنهن حق تي جان ڏني، حضرت حسن رضه، امت مسلمه جو اتحاد ڪرايو ۽ حضرت حسين رضه ملوڪيت خلاف آواز بلند ڪيو ته نظام مصطفيٰ جي حقيقي تصوير خلفاء راشدين واري بحال ڪريو ان امت مسلمه جي حوالي کان ٻن اهم ڪمن جو بار کنيائين ۽ مان ته آهيان ئي حضرت علي رضه جو غلام ان جي نقشِ قدم تي هلڻ وارو.

16. سچل سرمست رحه فرقي بازي کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته مان نه شيعو آهيان نه سُني. مان ته رب جو عاشق آهيان مان ته صوفي آهيان. مان ان عشق جي راهه جو راهي آهيان جيڪو فرقي بازي کان پري هوندو آهي. ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته سچل ڪو سنت نبوي يا شريعت کان باغي آهي ڇو ته ان جو اظهار ٻين شعرن مان ٿئي ٿو.

17. سچل سرمست رحه پنهنجي قادري سلسلي ۾ ميان صاحبڏني جي مرشد شاهه عبيدالله جيلاني جي باري ۾ ٻڌايو آهي ته شاهه عبيدالله جيلانيءَ کان ئي اسان کي هي فيض مليو آهي، جڏهن ته مان دراز ونڊير جي شهر ۾ پيدا ٿيو آهيان يعني اتي سندن وڏي کي مرشد شاهه عبيدالله جيلاني اچي فيض رسايو هو.

18. سچل سرمست رحه پنهنجي وڏي ڏاڏي ابو سعيد فاروقيءَ موسيجي واري جو ذڪر ڪيو آهي ته هو هڪ ڪامل مرشد هو اهو ئي اسان جي اکين جو ٺار هو يعني اسان جو وڏو ڏاڏو ڏاڍو نيڪ هو جو اسان جي خاندان تي ان جو اثر اڃا به نمايان آهي. اهو ئي اسان جي خاندان مان هو. جيڪو پهريون صاحبِ تصوف ٿيو.

19. سچل سرمست رحه ان بعد پنهنجي چاچي، سهري ۽ مرشد عبدالحق جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته مون کي حق سچ جي ٻولي ان ئي سيکاري آهي ۽ مان جيڪو عشق الاهيءَ جي سمنڊ ۾ تران ٿو سو سندس تربيت ڪري ئي آهي.

20. سچل سرمست رحه چوي ٿو ته هر حالت ۾ شريعت جي پابندي ڪرڻي آهي ۽ ڀلي سالڪ ڪهڙي مرتبي يا درجي ۾ هجي پر شريعت کان هڪ قدم ٻاهر نه رکڻو آهي، مان به خدا جي ان حڪم جو پابند آهيان ته شريعت جي تابعداري ڪرڻي آهي.

21. سچل سرمست رحه فقه اسلاميءَ جي چئن ئي طريقن کي شريعت جو ترجمان سڏي ٿو ته انهن مان جيڪو اختيار ڪبو ته اهو اسلام تي عمل سمجهيو ويندو ۽ اها ئي راهه حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسينرضه جي آهي. ياد رهي ته سعودي حڪومت کان اڳ ڪعبة الله جي چئني طرفن کان حنفي، حنبلي، شافعي ۽ مالڪي فقهن جا مصلا رکيا هوندا هئا. مختلف وقتن تي هر نماز چارئي امام پڙهائيندا هئا.

22. سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته خدا کان جدائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جي حضور کان ڪڏهن جدائي ڪرڻ نه گهرجي يعني جو دم غافل سو دم ڪافر. اهو ئي سبب آهي جو مان هر وقت خدا کان ڊڄندڙ آهيان.

23. سچل سرمست رحه چوي ٿو ته جنت جهڙي سکي زندگي ملي ته به رب کان غافل نه رهڻ گهرجي يا جهنم جهڙيون ڏکيون حالتون ملن تڏهن به پنهنجي رب جو در نه ڇڏڻ گهرجي ڇو ته اسان ته محمد مصطفيٰ صه جا غلام آهيون.

24. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته خدا تعاليٰ جي نور (هدايت) منهنجي دل ۽ دماغ کي روشن ڪري ڇڏيو آهي ۽ مان سراج منيرا يعني سج چنڊ (محمد مصطفيٰ صه) جو ئي آهيان.

25. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته ماڻهو ته ائين ٿا سمجهن ته اسان خدا کان جدا ڪو وجود رکون ٿا حالانڪه، اسان ته خدا ۾ گم آهيون ۽ اسان کي ڪنهن جي پرواهه ئي نه آهي ڇو ته اسان ان پرور جي پناهه ۾ آهيون.

26. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته الله تعاليٰ جو تصور اسان جي دل ۾ ويٺل آهي اسان ته رب ۾ گم ٿي ختم ٿيل آهيون.

27. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ظاهري علم ماڻهوءَ ۾ هستي ۽ وڏائي پيدا ڪري ٿو پر خدائي علم الف (خدا) جو عشق ماڻهوءَ جي دل کي ڪفر ۽ شرڪ کان ڌوئي ڇڏي ٿو ۽ هر وقت انهيءَ سوز جو سبق منهنجي وات آهي.

28. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو: دنيا جو هر علم نجات جو سبب نه ٿو بڻجي جيستائين اهو خدائي معرفت سان نٿو جڙي، مرشد اها ئي ڳالهه سمجهائي آهي.

29. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو عشق خدا سر جي بازي لڳرائي ٿو. جن کي جسم آهي عشق خدا ۾ انهن کي پنهنجي جسم جي ئي خبر نه پوندي آهي ته اهي ڪو آهن. ان ڪري اسان ته سر تري تي کڻي عشق خدا ۾ گهمي رهيا آهيون ته ڀلي ڪو وٺي ختم ڪري.

30. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو اسان نه بدعت (شريعت جي برخلاف ڪو ڪم) ٿا ڪريون نه وري ڪنهن جي عيب جوئي ڪريون ٿا. ڇو ته جڏهن الله پردو ڪندڙ ٻانهن جي خامين، غلطين تي صبر ڪري ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون جو بي صبري ڪندي ماڻهن جي عيب جوئي ڪريون. خدا جي بندن سان ان تعلق کي ڏسي اسان هر ماڻهوءَ جا نوڪر خادم آهيون.

31. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو طريقت جا ٽئي طريقا (سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي) برحق آهن پر قادري طريقو انهن کان مٿي آهي ۽ حضرت عبدالقادر جيلانيءَ رحه جي فيض وارو پير ٻين مٿان آهي يعني سندس طريقو افضل طريقه طريقت آهي ۽ آءٌ ان طريقي جو هڪ فقير آهيان.

32. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو دنيا ۽ آخرت کي عشق خدا ۾ وساري ويٺو آهيان يعني دنيا جي هوش کان پري آهيان پر خدا جي اطاعت به جنت جي لالچ سبب نه پيو ڪريان پر عشق خداونديءَ ۾ ڪريان پيو. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو خدا جي دوست حضرت علي رضه سان طريقت ۾ قرب (تعلق) حاصل اٿم. ان سلسلي ۾ الف (الله) جي عشق ۾ گم آهيان.

33. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو مون کي عشق ۾ پنهنجي محبوب (خدا) جو ديدار ٿيو آهي اهو ئي مون لاءِ ڪافي آهي ٻيو مون کي ڇا گهرجي؟ مان ته خدا جا حمد هر دم ڳايان پيو.

34. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو منهنجي مٿي تي شريعت جو سينهو (پابندي) آهي ۽ هٿ ۾ گهڙولي (حڪم جي تابعداري) آهي ۽ مان حوض ڪوثر جي جام جو طلبگار آهيان.

35. حضرت سچل سرمست رحه فرمائي ٿو اي سچل هر پاسي خدائي قدرت جا نظارا لڳا پيا آهن مون کي خدا جي معرفت (سڃاڻ) ۾ پنهنجي پيرِ طريقت جي حمايت (فيض) حاصل آهي ان ڪري هر وقت منهنجي زبان تي رب رب جو ورد جاري آهي.