ڊسٽوپيائي ادب جي هاڪ
ادبي ميدان ۾هڪ پاسي سوين ناول يا ڪهاڻيون يوٽوپيائي ادب ۾ شمار ٿين ٿيون تہ وري ٻئي پاسي ان جيترا ناول ۽ ٻيون لکڻيون ڊسٽوپيائي ادب قرار ڏنيون وڃن ٿيون.
جيتري قدر ڊسٽوپيائي ادب جو تعلق آهي تہ اڄ ڪلهه مارگريٽ ائٽوڊ جي ناول “The Handmaid’s Tale, ۽ ان تي ٺهيل ٽي وي سيريز جو وڏو نالو آهي. ياد رهي تہ مارگريٽ ائٽوڊ، جنهن کي ڪي نقاد ڊسٽوپيائي ادب جو پيغمبر سڏين ٿا، تنهن اهو ناول سال 1985 ۾ لکيو هو. انهيءَ ناول ۾ هن ويجهي مستقبل ۾ آمريڪا جو نقشو چٽيو هو. انهي منظرنامي موجب ان زماني ۾ آمريڪا جي حڪومت تي بنياد پرست عيسائين جو قبضو ٿيو آهي، جن انهن عورتن، جيڪي ٻار ڄڻي سگهن ٿيون، کي جنسي غلام ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ باقي ٻين عورتن جي حيثيت گهرو نوڪر جهڙي ٿي ويئي آهي.
تازو آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ صدر ٿيو آهي، جنهنجي عورت دشمني ڪنهن کان لڪل ڪونهي، تنهنڪري هن اهڙا قدم کنيا آهن، جن سان عورت جي آزادگي کي ڇيهو رسيو آهي. ٽرمپ جي انهن قدمن کان پوءِ ۽ ان ناول تي ٺهيل ٽي وي سيريل جي ڪري ان ناول جي شهرت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ڪتاب وري وڌ وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ اچي ويو آهي.
انهيءَ ناول جو مکيه ڪردار آفريڊ هڪ جنسي غلام بنيل عورت آهي، جيڪا هڪ ڪمانڊر جي قبضي ۾ آهي. ان جي گهرواري ٻار پيدا نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري هو هر مهيني هن سان جنسي ميلاپ ڪري ٻار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ ان عمل دوران هن جي گهرواري هن جي مدد ڪري ٿي.
اسان ماڻهن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه نہ آهي، ڇو تہ اسان ورهين کان بنياد پرستي جي گهيري ۾ آهيون ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪ جي ملان حڪومت ۾ عورتن جي حيثيت اسان جي سامهون آهي.
ڊسٽوپيائي ادب ڪو تازو مظهر نہ آهي، پر ارڙهين صدي کان ئي ڊسٽوپيائي ناول لکيا ويا آهن. وڪي پيڊيا جي فهرست موجب پهريون ڊسٽوپيائي ناول جوناٿن سئفٽ جو گليور س ٽريولز Gulliver's Travels آهي. ان کان پوءِ هيستيائين سوين ناول لکيا ويا آهن، جن کي ان زمري ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
ماضي ۾ جارج آرويل جو مشهور ناول 1984 بہ ڊسٽوپيائي ادب جو مکيه نشانبر رهيو آهي. هي ناول 1949 ۾ ڇپيو هو. هن ناول ۾ اوشيانہ نامي سپر رياست، جيڪا سدائين جنگ ۾ جنبيل رهندي آهي، جي صوبي ايئراسٽرپ ون (جيڪو سابقه برطانيه آهي) جو قصو آهي. ان ناول جو مکيه ڪردار ونسٽن سمٿ آهي، جيڪو حڪومت تي قابض پارٽي جو ادنيٰ ورڪر آهي. ان ملڪ ۾ انهي هڪ پارٽي جو راڄ آهي. ان پاران انفراديت جي هر اظهار تي بندش پيل آهي، ايتري تائين ماڻهن کي جنسي سرگرمين کان منع ٿيل آهي. هر گهٽي ۽ گهر ۾ ٽي ويون يا ڪئمرائون لڳل آهن ۽ هر ماڻهو جي نگراني ڪئي ٿي وڃي.
هن ناول جو مکيه ڪردار منسٽري آف ٽرٿ ۾ ڪم ڪري ٿو، جنهن جو مقصد آهي تہ پارٽي جي ضرورتن پٽاندڙ تاريخي حقيقتن کي مسخ ڪجي. پارٽي جي سربراه کي بگ برادر چيو وڃي ٿو. اها جماعت هڪ نئين زبان نيواسپيڪ Newspeak متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن ۾ انقلاب، بغاوت جهڙا لفظ شامل نہ ڪيا ويا آهن. ايتري تائين جو رڳو بغاوتي خيال يا ذهن ۾ آڻڻ بہ ڏوهه آهي. انهيءَ ناول جا ڪي جملا ۽ اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال ٿي ويا. آرويل جو هڪ ٻيو ناوليٽ ائنيمل فارم بہ ڊسٽوپيائي ادب ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ان ناوليٽ جو مون ترجمو آهي، جيڪو ماهوار پرک ۾ قسطوار شايع ٿيو ۽ هاڻي سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اي بوڪ طور پيل آهي.
انهي کان علاوه ٻيا بہ ڪافي ناول يا فلمون ڊسٽوپيائي ادب ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. جهڙوڪ آڊلس هڪسلي Aldous Huxley جو مشهور ناول Brave New World، جنهن تي ٻه ڀيرا ٽي وي سيريل بہ ٺاهي ويئي آهي. ۽ ان کان علاوه ري براڊبري Ray Bradburyجو مشهور ناول Fahrenheit 451 بہ ڊسٽوپيائي ادب جو مکيه مثال سمجهيو وڃي ٿو..
اسان وٽ سنڌي زبان ۾ جيتوڻيڪ يوٽوپيائي ادب جا ڪجهه مثال جهڙوڪ قاضي فيض جو ناول ۽ جمال ابڙو جي ڪهاڻي پشو پاشا وغيره آهن، پر ڇا ڊسٽوپيائي ادب ۾ ماڻڪ جي ڪجهه لکڻين کي شمار ڪري سگهجي ٿو؟