ڪتاب دوستن لاءِ گهمڻ جهڙا علمي ادبي شهر
[b]سينٽ پيٽرسبرگ، رشيا
[/b]هي شهر روسي ٻولي جي ڪن عظيم ڪتابن جي بيانيه يا سٽاءُ ۾ شامل رهيو آهي. دوستو فسڪي Fyodor Dostoyevsky جو مشهور ناول جرم ۽ سزا Crime and Punishment توڙي اليگزانڊر پشڪن Alexander Pushkin جو نظماڻو ناول Eugene Onegin هن شهر جي رنگ ۾ رتل آهن. پر پنهنجي سر اهي نامور ليکڪ بہ انهي شهر جي گهمڻ جو اتساه ٿي سگهن ٿا، جتي هنن جا گهر هاڻي ميوزم بنيل آهن.
ياد رهي تہ سال 1914 ڌاري هن شهر جي نالي مان جرمن لفظ برگ ختم ڪري ان کي پيٽروگراڊ ڪيو ويو. وري ڪامريڊ لينن جي موت کان پوءِ جنوري 1924 ۾ هن شهر جو نالو لينن گراڊ ڪيو ويو. 1991 ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ بعد هڪ ريفرنڊم بعد هن جو پراڻو نالو سينٽ پيٽرسبرگ ڪيو ويو.
[b]ڊبلن، آئرلنڊ
[/b] هن شهر بہ وڏا ليکڪ پيدا ڪيا آهن. جيمس جئاس (ناول يوليسس جو تخليقڪار)، ڊبليو بي ييٽسW B Yeats (شاعر، ڊرامانگار ۽ ڪهاڻيڪار) ۽ سميول بڪيٽ (ويٽنگ فارگاڊ ۽ اينڊگيم نامي ناولن جو لکندڙ، جيڪو اڳتي هلي فرانس ۾ وڃي رهيو) جي هن شهر کي ادبي مڪو بہ سڏيو وڃي ٿو. سال 2010 ۾ هن شهر کي يونيسڪو پاران ادبي شهر جو اعزاز ڏنو ويو هو. ياد رهي تہ يونيسڪو پاران سال 2004 کان سال 2015 تائين ڪافي عالمي شهرن کي اهو اعزاز مختلف معيارن جي پورائي کان پوءِ ڏنو هو. هن شهر جو هڪ ٻيو اعزاز اهو بہ آهي تہ هن شهر ادب جي ميدان ۾ گهڻي مان گهڻا نوبل لاريٽ پئدا ڪيا آهن. ادب دوستن ۽ جائس جي پرستارن لاءِ هتي ڊبلن رائيٽرس ميوزم، نيشنل پرنٽ ميوزم ۽ ائب ٿئيٽر موجود آهن.
[b]پئرس، فرانس
[/b]روشنين جي هن شهر هڪ پاسي دلچسپ فقرا يا رمارڪ جوڙڻ ۾ حصو ورتو آهي تہ ٻئي پاسي پناهگير ليکڪن جهڙوڪ هينري ملر Henry Miller (آمريڪي ليکڪ جنهن جا ٻه ڪتاب ڪينسر آو ٽراپڪ ۽ ڪينسر آو ڪئپريڪان جنسي موضوع تي لکيل هئڻ سبب آمريڪا ۾ بندش هيٺ آيا) ۽ گرٽروڊ اسٽائين Gertrude Stein (آمريڪي ناول نويس، شاعره، ۽ ڊرامانگار) جهڙن کي بہ پنهنجي هنج ۾ پاليو آهي. محترمه اسٽائين جو گهر ليکڪن ۽ آرٽسٽن جو مرڪز بنجي ويو. مقامي طرح بہ هن شهر ادب جا وڏا نالا پيدا ڪيا. بالزاڪ، والٽيئر ۽ جولز ورن Jules Verne وغيره جهڙن ادبي شهبازن کي خراج تحسين جا آثار پئرس جي ڪئفيز، ويڪرين گهٽين ۽ چونڪن تي يادگارن جي صورت ۾ نظر ايندا.
[b]ٽوڪيو، جاپان
[/b]جاپان جي گادي واري هن شهر ۾ 1700 کان وڌيڪ ڪتاب گهر آهن، جيڪي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ گهڻا آهن. پر جاپاني ادب سواءِ نامور ليکڪ هاروڪي موراڪامي Haruki Murakami جي شهپارن جي، ٻي دنيا لاءِ اڄاتو آهي. ٽوڪيو جو عالمي ادبي ميلو ان صورتحال کي بدلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ٽوڪيو شهر جون اندورني گهٽيون اوهان کي ناولنگار ناٽسيوم سوسيڪي Natsume Soseki، شاعر، اداڪار، ۽ ڊراما نگار يوڪيو مشيماYukio Mishima ، ناول نويس ۽ ڊراما نويس ڪوبو ايبKobo Abe ، 1994 ۾ ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس ڪينزابورو او Kenzaburo Oe، ۽ ناول نگار بنانا يوشيموتو Banana Yoshimoto جهڙن وڏن ليکڪن ۽ ليکڪائن جي عظمت جو احساس ڏيارينديون.
[b]بوسٽن، آمريڪا
[/b]19 صدي جي وڏن ادبي شخصن جو مسڪن هي شهر رهيو آهي. هن شهر نہ صرف پرديسي ليکڪن کي پاڻ ڏي ڇڪيو آهي، پر عظيم ڏيهي ليکڪ بہ پيدا ڪيا آهن. ناول نگار نٿئنيل هاٿارن Nathaniel Hawthorne، شاعر، مضمون نگار، فلسفي هينري ڊيوڊ ٿوريوHenry David Thoreau ، مضمون نگار، ليڪچرار ۽ شاعر رالف واڊوايمرسن Ralph Waldo Emerson بہ هتي رهيا ۽ لکندا رهيا. ٻئي پاسي هن شهر ناول نگار چارلس ڊڪنس Charles Dickens ۽ هينري جيمس Henry James جي مهمانداري بہ ڪئي آهي. مشهور آمريڪي ناول نگار وليم فاڪنر جي ناول The sound and Fury توڙي ٻين ڪتابن جو پس منظر بہ هي شهر رهيو آهي.
[b]ايڊنبرگ، اسڪاٽلنڊ
[/b]يونيسڪو پاران ادبي شهر جو پهريون اعزاز هن شهر کي مليو. هن شهر شروع ۾ فلسفي جهڙوڪ ڊيوڊ هيومDavid Hume (نامور فلسفي ۽ تاريخدان) ۽ ائڊم سمٿ Adam Smith (نامور فلاسافر، ۽ معاشياتدان، جنهن کي معاشيات جو ابو بہ چيو وڃي ٿو) پيدا ڪيا تہ پوءِ شاعرن جهڙوڪ رابرٽ برنس Robert Burns کي پاليو. هن شهر ۾ پهريون ڀيرو انسائيڪلو پيڊيا آو بريٽينڪا شايع ڪئي ويئي. برنس کانپوءِ رابرٽ لوئس اسٽيويسنRobert Louis Stevenson، سر والٽر اسڪاٽ Sir Walter Scot عالمي سطح تي ناموري حاصل ڪئي. هتان جي ڏيهي سهيوڳي نامور ليکڪن ۾ ارون ويلش Irvine Welsh، هيري پوٽر سيريز جي ناولن جي تخليقڪار جي ڪي رولنگJ.K. Rowling ، ليکڪ ۽ ميڊيڪل لا جو پروفيسر اليگزانڊر مڪڪال سمٿAlexander McCall Smith، عام توڙي سائنسي فڪشن لکندڙ ايئان بئنڪس Iain Banks، ۽ جرم جي موضوع تي لکندڙ ۽ انسپيڪٽر ريبس جو ڪردار تخليق ڪندر ائان رينڪن Ian Rankin شامل آهن.
[b]لنڊن، انگلنڊ
[/b]لنڊن جي ادبي حيثيت کان ڪوبہ انڪاري ڪونهي. وليم شيڪسپيئر کان وٺي چارلس ڊڪنس، شرلاڪ هومز جو ڪردار تخليق ڪندڙ آرٿر ڪونن ڊويل Arthur Conan Doyle تائين هن شهر ڪيترن ئي نامور ليکڪن کي پئي پاليو آهي. برٽش لائبرري ۾ 150 ملين ڪتاب ۽ ٻيا نوادرات رکيل آهن. شيڪسپيير جي گلوبل ٿئيٽر جي نئين اڏاوت سان گڏ شرلاڪ هومز جو افسانوي گهر بہ ڏسي سگهجي ٿو.