تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون

ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جي هن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ۾ 11 مضمون/مقالا شامل آهن، جيڪي موضوعي سٽاءَ موجب ٽن ڀاڱن ۾ ونڊيل آهن. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪندڙ، اديبن، محققن، استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ پڻ هر طرح لاڀائتو ثابت ٿيندو، شرط فقط اهو آهي ته اهي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت کي من ۾ سمائي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون

• ٻولين جا باهمي رابطا (سنڌي ٻوليءَ جو جائزو)

ٻوليءَ جي ماهرن ۽ فلالاجي (Philology) جي عالمن ڪن لفظن جي هڪ جهڙائيءَ سبب دنيا جي زبانن جا ٽي قسم مقرر ڪيا آهن. اهي ئي ٽي قسم دنيا جون بنيادي زبانون آهن. ٻيون هزارين زبانون انهن مان ئي ڦٽيون آهن.
پهرين آريائي (Aryan) ٻي توراني (Toranian) ٽين سامي (semetic). پهرين قسم جي زبانن مان سنسڪرت، فارسي، انگريزي، فرينچ ۽ ليٽن. ٻئي قسم مان چيني تاتاري ۽ تُرڪي ۽ ٽين قسم مان عربي، عبراني، قلداني ۽ سرياني وغيره ڦٽي نڪتيون آهن.
دنيا ۾ جيئن سڀ انسان انسانيت جي دائري ۾ اچڻ سبب اچڻ سبب ڀائر سڏيا وڃن ٿا، فقط جدا جدا ملڪن ۾ رهڻ ڪري ئي جدا جدا نمونو ۽ ڌار ڌار رهت سهت رکن ٿا، تيئن سڀني انسانن جون ٻوليون به قريب قريب هڪ ئي ’ڪُل‘ مان آهن. جيتوڻيڪ جدا جدا ملڪن ۾ وڃي هنن جدا جدا روپ ورتو آهي. ٻولين جي هڪ ئي برادري هجڻ جو هڪڙو وڏو دليل هي آهي ته دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين هڪ ٻئي سان لفظن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڏي وٺ ۾ ڪو عار يا عيب نه سمجھيو اٿن. ٻوليون قدرت طرفان ئي ڪا صورت وٺن ٿيون ۽ وڌن ويجھن ٿيون. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته ٻوليون ٺاهيون ڪين وينديون آهن بلڪه ٺهي وينديون آهن.
ٻوليون هڪ ٻئي جي مٿان اثرانداز ڪيئن ٿيون ٿين، تنهن لاءِ ٻوليءَ جي ماهرن هيٺيان مکيه ذريعا ٻُڌايا آهن.

• هڪڙي ملڪ جي ماڻهن جو ٻئي مُلڪ ڏانهن سير سفر ڪرڻ.
• ٻن ملڪن جي وچ ۾ واپاراي ناتا قائم ڪرڻ / ٿيڻ.
• هڪ قوم جي مٿان ٻي قوم کي فتح حاصل ٿيڻ.
• هڪ ئي ملڪ ۾ جدا جدا مذهبن جي ماڻهن جو هڪ ٻئي سان گڏجي گذارڻ.

اهڙو اثر قدرتي طور ٿيندو آهي. ٻين ٻولين جي خزاني مان ڪجھ مال هٿ ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي جھولي ڀرڻ ۽ ٻين ٻولين جي ادبي گلشن مان رنگ برنگي ۽ سهڻا گُل چونڊي پنهنجي ادبي گلدستي ۾ سنوارڻ سڌريل ۽ ساهتيه ٻولين جي خاص خوبي آهي. سڌريل ٻوليءَ جو درياءُ بي انت بحر وانگر هوندو آهي، جيڪو پنهنجي سيلاب سان هميشه اوڙي پاڙي کي سيراب ڪندو رهندو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘ ۾ لکي ٿو ”زنده زبانون اهي آهن، جيڪي حالتن جي پيش نظر ٻين زبانن جون اثي قبول ڪن ٿيون. اهو قدرتي امر پڻ آهي.“
انهيءَ معيار کي پرکڻ خاطر اسان کي هن دور جي انهن سڌريل ۽ زنده ٻولين جو جائزو وٺڻو پوندو، جن جي ساهت ۽ ادب دنيا ۾ تسليم ٿيل آهي ۽ جن جو لٽريچر دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل آهي. ايران جي هاڻوڪي فارسي زبان تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته فارسي ٻوليءَ جي ماهرن جڏهن اهو محسوس ڪيو ته سندن زبان ۾ نون اصطلاحن ۽ جديد ايجادن لاءِ لفظن جو ذخيرو ناڪافي آهي ته هنن بنا هٻڪ جي عربي زبان کان دل کولي مدد حاصل ڪئي.
اهڙيءَ طرح دنيا جي ٻين برک ۽ عالمگير زبانن جهڙوڪه انگريزي، فرينچ ۽ جرمني جو جائزو وٺون ٿا ته ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته انهن ۾ وڏو حصو ڌارين ٻولين جو آهي. انهن ٽنهي زبانن جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته انهن ٻولين جو وڏو حصو ليٽن (Latin) ۽ يوناني (Greek) زبانن مان ئي آيل آهي ۽ باقي حصو فرينچ، انگريزي ۽ جرمن جو آهي. تنهن کان سواءِ منجھن عبراني، عربي، تُرڪي ۽ فارسي زبانن جو به گھڻو دخل ڏسجي ٿو.
هتي چند اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا جن مان ٻولين جا هڪ ٻئي تي اثرَ چٽا نظر ايندا. جيتوڻيڪ يورپ هن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي واري دور ۾ گھڻو اڳتي نڪري چُڪو آهي ۽ وٽس ٻوليءَ جو به بي بها خزانو موجود آهي پر تنهن جي باوجود هن طبي توڙي ڪن ٻين سائنسي اصطلاحن لاءِ ٻين ٻولين جي لفظن ۽ اصطلاحن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو آهي. هتي مُٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق فقط انگريزي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي لفظن جي استعمال جا چند مثال پيش ڪجن ٿا.
عربي جي ذيابيطس کي انگريزي ۾ ڊائبٽيز (Diabetes)، ماليخوليا کي ميلنڪوليا (Melancholia)، قوما کي بلڪل ساڳي اُچار ۽ آواز ۾ ڪوما (Coma)، طاطانس کي ٽيٽنس (Tetanus)، زنجبيل کي زنجبيريس (Zigeberis)، افيون (آفيم) کي اپيوم (Opium)، صندل کي سينٽل (Santal)، قنديل کي ڪئنڊل (Candle)، الف، بي، ت کي الفابيٽ (Alphabet) چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح فارسيءَ جي شڪر کي شگر (Sugar)، هندي جي سنت کي سينٽ (Saint) ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح مثال ۾ پيش ڪري سگھجن ٿا. هاڻي اسان ڏسندا سين ته سنڌي ٻوليءَ ٻين ٻولين جو اثر ڪهڙي دور ۾ ۽ ڪيئن وٺڻ شروع ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ۾ ڇهه سو سال ق.م سنڌ جي اوائلي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جي اثر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”آثارِ قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا سامي زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي گھڻي ۾ گھڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو.“
”آفتابِ ادب“ جو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو: ”تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ديس جي اوائلي رهاڪن جا عربن جي سنڌ ۾ آمد کان به اڳ پنهنجي پاڙيسري ملڪن ايران، افغانستان ۽ عربستان سان تجارتي تعلقات قائم هئا. اهڙيءَ ريت ايران ۽ عربستان جا واپاري به عراق، بندر عباس ۽ بصري کان سنڌ جي سامونڊي ۽ دريائي بندرن ۽ وسندڙ شهرن ۽ واپاري منڊين تائين ايندا ويندا رهندا هئا. انهن تجارتي تعلقات سبب ملڪن جي ٻولين توڙي تهذيب ۽ تمدن جا اثرات هڪ ٻي تي پوڻ فطري عمل هو.“
اٺين صدي عيسوي جي شروع ۾ جڏهن سنڌ تي مسلمان عربن جو راڄ ٿيو تڏهن مسلمانن جو لشڪر عراق ۽ ايران مان ٿيندو لس ٻيلي جي رستي سنڌ ۾ پهتو جنهن پاڻ سان ڪيترائي عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ پڻ آندا. ان کان علاوه ان وقت ڪيترائي عربي ۽ ايراني سوداگر سنڌ ۾ گھر ڪري اچي ويٺا. ساڳي صديءَ ۾ عباسي خليفن جي حڪومت وقت سنڌ جون ڪيتريون ئي قومون بغداد ۾ اينديون وينديون رهنديون هيون. ”تاريخِ بغداد“ ۾ لکيل آهي ته ”سنڌ جي هڪڙي وڏي قوم خليفي هارون رشيد وٽ جنگي کاتي ۾ ملازم هئي. جنهن کي ”زط“ سڏيندا هئا. اها ”زط“ قوم اها ساڳي آهي جنهن کي سنڌ ۾ ”جت“ سڏيو وڃي ٿو.“
ڊاڪٽر اياز حسين قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ سنڌ ۽ ايران جي قديم دور وارن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”ٻنهي ملڪن جي تاريخ جي ڄاڻن جو خيال آهي ته ايران ۽ سنڌ جا سياسي، تجارتي ۽ معاشرتي تعلقات ان دور کان گھڻو قديم آهن جڏهن آرين اچي هن ڌرتيءَ کي پنهنجو وطن بڻايو. اهڙن تعلقات جون ڪي شاهديون ٻنهي ملڪن جي قديم آثان جي کوٽاهيءَ مان مليون آهن.“
هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته هڪڙي مڪتبه فڪر جي خيال مطابق عربي زبان سنڌي قوم جي مٿان مڙهي وئي هئي ۽ ان کي زبردستي سنڌي ٻولي توڙي ثقافت تي اثر انداز ڪرايو ويو. جڏهن ته ائين هرگز نه آهي. دليل طور تاريخي حوالن سان هيٺيان چند مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان اهو ثابت ٿي وڃي ٿو ته سنڌي زبان توڙي ثقافت تي عربي زبان مڙهي هرگز نه وئي هئي بلڪه هتان جي غير مسلم رهواسين پڻ دل جان سان اها اختيار ڪئي هئي.
بغداد جو مشهور سيلاني اصطخري ڏهين صدي عيسوي ۾ سير ڪندو سنڌ جي معروف شهر بکر ۾ آيو هو. هو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو: ”بکر، ملتان ۽ ان جي آس پاس عربي ۽ سنڌي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.“
ساڳي صديءَ يعني 985 عيسوي ۾ بشاري مقدسي نالي هڪ سياح جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن ديبل ۾ به آيو. هو پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو: ”ديبل بندر سمنڊ جي ڪناري تي آهي اتي جا رهاڪو گھڻو ڪري هندو آهن، جيڪي سڀ سوداگر آهن ۽ انهن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي.“ جنهن مان ظاهر ٿيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ خود هندو به عام طرح عربي ٻولي، ٻوليءَ طور ڳالهائي سگھندا هئا ۽ انهن کي عربي يا ٻين ٻولين کان ڪا به نفرت يا ڇوت ڇات ڪانه هئي.
هاڻي هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين مختلف ٻولين جي مستعمل اهڙين لفظن جو مختصر وچور ڏجي ٿو جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ ريت رلي ملي ويا هڪ ٿي آهن جو ڳالهائيندڙ، ٻڌندڙ، پڙهندڙ توڙي لکندڙ کي اهو احسان بنهه ڪونه ٿو ٿي ته هو ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا الفاظ ڳالهائي، ٻڌي، پڙهي توڙي لکي رهيو آهي، بلڪه ائين ٿو ڀائنجي گويا اهي لفظ اصل کان سندن ٻوليءَ جي ملڪيت آهن.

عربي زبان مان آيل لفظ:

قلم، ڪاغذ، حساب، ڪتاب، صفحو، ورق، جلد، حرف، لفظ، مضمون، تحرير، تقرير، علم، عمل، تعليم، مدرسو، استاد، سبق، امتحان، سوال، جواب، صحيح، غلط، عالم، جاهل، عدل، انصاف، منصف، مصنف، امانت، فيصلو، فتوى، دولت، مال، امير، وزير، وزارت، وڪالت، اظهار، بيان، باب، فصل، عقل، اڪابر، حڪيم، حاڪم، طبيب، حبيب، عشق، عاشق، مجنون، مفتون، محفل، مجلس، طمع، مريض، دعا، شفا، علاج، صحت، مخالف، موافق، فنا، بقا، مرشد، مريد، غريب، غني، دين، دنيا، عاقبت، آخرت وغيره وغيره.

فارسي زبان مان آيل لفظ:

آواز، آزار، آزاد، گرفتار، آبرو، آئينو، آبادي، بربادي، آرام، بي آرامي، آهه، آگاهه، باري، شبنم، ريشم، پردو، خدا، خودي، مُردار، بندو، زنده باد، بندگي، زندگي، گندگي، دوست، دشمن، هر روز، هر سال، آمدني، روانگي، ويراني، پريشاني، صدي، هزار، گل، بلبل، باغ، بستان، چمن، گلستان، گلشن، بارش، بهار، ناز، انداز، راز، نياز، ڪاريگر، هنر، دل، جان، درد، مردانو، زنانو، آسمان، آستانو، درگاهه، سست، چست، بيشمار، داناءُ، نادان وغيره.

انگريزي زبان مان آيل لفظ:

ريل، لائين، اسٽيشن، ٽڪيٽ، ٽائيم، مارڪيٽ، اسڪول، ڪاليج، پروفيسر، ڊاڪٽر، ڪورٽ، ڪيس، سمن، وارنٽ، پوسٽ آفيس، ايڊيٽر، مئنيجر، جج، ڪليڪٽر، فيس، ڊگري، بينڪ، سوسائٽي، گلاس، جڳ، پليٽ، ڪوپ، ساسر، ٽاول، واچ، پيپر، بل، سوٽ، بوٽ، گئلري، لائبريري وغيره.

هندي زبان مان آيل لفظ:

سپنو، ساڀيان، سندر، ساهت، سنسار، سماچار، درشن، وشواس، ڀاڀي، آگم، اٻاڻڪو، اجھاڳ، ادس، شنان، اڪيچار، الک، الوٽ، امر، امرت، اوجاڳو، اوسيئڙو، گيان، وگيان، اوير، برهه، ٻائيتال، ٻَهڳڻ، ڀوتار، ڀٽارو، تلڪ، پاند، پاهت، پرڀات، پرت، پرديس، پريمي، پڄاري، پورب، چکيا، پتر، ڏهاڳ، ڏهيسر، ٻوهر، اياڻو، اهڃاڻ، آسروند، آڙاهه، آتڻ، اڻاسي، ٻيائي، سڳن، ڀينگ، پاٺ، جنجال، جوڳي وغيره.

ترڪي زبان مان آيل لفظ:

چقمق، چاقو، قينچي، چاق، چلمچي، چغل، چمچو، چغو، قلي، اوطاق، بورچي، سوغات، بيگ، بيگم وغيره.

هندي زبان مان آيل لفظ:

ان کان علاوه جن ٻين ٻولين جا لفظ سنڌي زبان ۾ ملن ٿا انهن ۾ آمليٽ (فرينچ)، ڪمرو (اٽالين)، نيلام (پورچوگال) پادري (ليٽن) کان علاوه ٻيا به ڪيترائي لفظ نظر ايندا. مطلب ته سنڌي ٻولي جو شمار انهن زنده ۽ سڌريل ٻولين ۾ ٿئي ٿو جن ٻولين ٻين ٻولين مان ڀرڀور استفادو حاصل ڪيو آهي ۽ انهن جا لفظ پاڻ ضم ڪري پنهنجي اندر وسعت آندي آهي.