تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون

ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جي هن ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ ۾ 11 مضمون/مقالا شامل آهن، جيڪي موضوعي سٽاءَ موجب ٽن ڀاڱن ۾ ونڊيل آهن. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪندڙ، اديبن، محققن، استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ پڻ هر طرح لاڀائتو ثابت ٿيندو، شرط فقط اهو آهي ته اهي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت کي من ۾ سمائي هي ڪتاب پڙهن.
Title Cover of book سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون

• سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيلهي لفظن جي اهميت

ٻولين جي تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن کان انسان عالمِ وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان ٻوليون پڻ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون. هونءَ ته ٻولي اظهار جو ذريعو ئي آهي، جنهن سان هڪڙو انسان پنهنجي مخاطب کي پنهنجي مطلب ۽ مقصد جي ڳالهه ٻڌائي ٿو. ٻولين جي ارتقا، عروج توڙي زوال جا مختلف تاريخي سبب رهيا آهن. ڪي ٻوليون قديم دورن کان قائم آهن ڇوته انهن ٻولين ۾ پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي سگھ ۽ اهي خوبيون اُتم موجود هيون، جنهن ڪري اُهي وقت جي وهڪري ۾ وهي ڪونه سگھيون پر ڪي قديم ٻوليون وقت گذرڻ سان پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون، ڇالاءِ ته منجھن اهي گڻ موجود ڪونه هئا جيڪي کين وڏي وقت تائين زنده رکي سگھن. اهڙي ريت مختلف سببن جي نتيجي ۾ هڪ ملڪ يا ڪنهن علائقي ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن جي گڏ ٿيڻ سبب نيون ٻوليون جنم وٺنديون آهن.
سنڌي زبان جا اهڃاڻ اسان کي موهن جي دڙي واري تهذيب مان ملن ٿا، جنهن ڪري سندس عمر ڪٿڻ وقت اسين پوري اعتماد سان چئي سگھون ٿا ته اها پنج هزار سالن کان به ڪافي اڳُ جي آهي. سنڌي زبان ۾ هڪ مهذب ٻوليءَ جون اُهي سموريون خوبيون موجود آهن، جيڪي ڪنهن زبان جي وجود کي صدين تائين قائم رکڻ لاءِ ضروري ليکيون وينديون آهن.
هر ڪنهن ٻوليءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج هوندو آهي، جيڪو ان خطي جي ماڻهن جي، تهذيب، تمدن، مذهب، رسم و رواج ۽ اٿڻي ويهڻيءَ منجھان جڙندو آهي. ٻوليءَ جي مٺاس ۽ ڪرختگيءَ جو دارو مدار به ان قوم جي مزاج ۽ عادات و اطوار تي هوندو آهي. ان کان علاوه هر مهذب ٻوليءَ ۾ اتان جي ماحول مطابق محاورا، اصطلاح، ڪنايا، مثال، پهاڪا، تشبيهون ۽ استعارا جُڙندا آهن جن مان ڪن جو نعم البدل اڻ لڀ هوندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي اڻ ڳڻين خوبين منجھان هڪ اهم خوبي اها به آهي جيڪا ٻين ٻولين ۾ ورلي نظر ايندي. اها خوبي هن ريت آهي ته ٻوليءَ جي ڪنهن لفظ جي پويان هڪ ٻيو اهڙو بامعنى لفظ ايندو آهي، جيڪو اصل لفظ جو ڀرجھلو ٿي ان جي معنى ۽ مفهوم ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ اهي ٻه لفظ ملي وڏي مفهوم وارا بڻجي ويندا آهن. اهڙن لفظن جو استعمال نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي آسودگيءَ جو دليل آهي، بلڪه اهڙن لفظن جي استعمال مان سنڌي سماج جي مزاج، ماحول ۽ قدرن جي پڻ عڪاسي ٿئي ٿي. هيٺ اهڙن لفظن جا فقط چند مثال پيش ڪجن ٿا، جيڪي ڀرجھلن لفظن سان گڏجي معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان منفرد حيثيت جا حامل بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪن صورتن ۾ اهڙن لفظن جي ٻِٽي معنى (ذو معنى) نڪري ٿي، جيڪا پڻ ٻوليءَ جي وسعت جو دليل بڻجي پوي ٿي.

 نياڻي سياڻي: سنڌي زبان ۾ ’نياڻي‘ جي لفظ پٺيان ٻيلهي لفظ طور عام طور سياڻي ڪم ايندو آهي. يعني چيو ويندو آهي: ’نياڻي سياڻي‘. نياڻي ڪنواري هجي توڙي پرڻيل حتاڪه ٻارن جي ماءُ لاءِ به نياڻيءَ جو لفظ استعمال ٿيندو آهي ۽ هر نياڻيءَ کي سمجھو ۽ سياڻي سمجھيو ويندو آهي، جنهن مان سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي عزت ۽ احترام جو پتو پوي ٿو.

 ڏُڌُ پُٽُ: سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڏڌ‘ ۽ ’پُٽ‘ جا لفظ به گڏ گڏ استعمال ٿيندا آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌي سماج ۾ اهي ٻئي لفظ بخت جا اهڃاڻ طور استعمال ٿيندا آهن. ’ڏُڌَ‘ مان مراد حلال مال يا ڍور ڍڳا آهن. مالوندو ماڻهو سکين ستابن ۾ شمار ٿيندو آهن. اسان جي سنڌي معاشري ۾ مال کي به اولاد جهڙي اهميت حاصل هوندي آهي ۽ مالوندا ماڻهو مال جي سنڀال به اولاد وانگر ئي ڪندا آهن ۽ ساڻن ’پُٽ‘ ۽ ’امان‘ جي لفظن سان مخاطب ٿيندا آهن. جيئن مينهن کي ’امان‘ ۽ ڏاند کي ’پُٽُ‘ ڪري سڏيو ويندو آهي. وري جڏهن اهڙي ماڻهوءَ کي پُٽ جو اولاد به هجي ته ان کي وڏو بختاور سمجھيو ويندو آهي. عام طور اسانجي ٻهراڙين ۾ حال احوال ڏيڻ وٺڻ وقت ڏُڌَ ۽ پُٽَ جي خير بابت پڻ پڇيو ويندو آهي. ڪنهن لاءِ دعا طور به اُهي ٻئي لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. جيئن چيو ويندو آهي ”شال! ڏڌين پُٽين جُڙيو رهين.“ يا ”ڏُڌن پُٽَن جو خير“ وغيره. اهڙيءَ ريت ٻنهي لفظن جي گڏ گڏ استعمال مان ڪيتري قدر نه ڏاهپ ٿي بَکي.

 کيرُ کنڊُ: کير سان ٻيلهي لفظ طور کَنڊُ استعمال ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن ٻنهي لفظن کي ملائي انهن مان نهايت بامعنى ۽ سهڻي مفهوم طور ڪتب آندو ويندو آهي. جڏهن ٻه ٽڪرايل ڌريون ڳالهين ٻولهين بعد پاڻ ۾ صلح ڪنديون آهن ته سندن انهيءَ صلح جي تمثيل ’کير ۽ کنڊُ‘ سان ڏني ويندي آهي. چيو ويندو آهي ته ”ٻيلي ڏاڍو چڱو ٿيو جو فلاڻا پاڻ ۾ کير کنڊُ ٿي ويا.“ يعني پنهنجون دشمنيون ۽ اختلاف وساري هِڪُ ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. کير ۾ کنڊُ ملڻ سان نه فقط کنڊُ پنهنجو وجود وڃائي کير سان ملي هڪ ٿي ويندي آهي، بلڪه کير جي لذت ۽ قوت ۾ به اضافو اچي ويندو آهي. مٿين تمثيل مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ با محاوره هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.

 هَڙئون وَڙئون: اها ٻوليءَ جي وڏي خوبي شمار ٿئي ٿي جو ڪنهن به لفظ جو اهڙو ٻيلهي لفظ چونڊيو وڃي جيڪو معنى توڙي مفهوم جي لحاط کان پنهنجي اندر وڏي اهميت جو حامل هجي ۽ ڀرپور تاثر ڇڏيندو هجي. هتي هڙئون سان وڙئون جو لفظ ملي ڀرپور معنى ۽ مفهوم وارو بڻجي پوي ٿو. عام طور هَڙئون جي ٻيلهي لفظ طور وَڙئون ڪم ايندو آهي. هڙئون مان مراد مالي طور ڪم اچڻ آهي، جڏهن ته وَڙئون جو مطلب آهي: خلوص، اخلاق يا ڪردار جو مظاهرو ڪرڻ يا دلي همدردري ڪرڻ. وَڙَ جي معنى اخلاق آهي. عام طور چيو ويندو آهي ”انسان هڙئون وڃي ته به وڙئون نه وڃي.“ يعني جيڪڏهن ڪو پنهنجي عزيز يا دوست کي مصيبت يا منجھيل وقت ۾ مالي طور ڪا مدد نه ٿو ڪري سگھي ته ڪم از ڪم دلي طور ساڻس همدردري ڪرڻ ته مٿس واجب ٿو ٿئي. هو پنهنجي خلوص ۽ اخلاق جو اظهار ڪري ان دوست يا عزيز جو درد وَنڊي سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو اهڙي اوکي وقت ۾ هڙئون توڙي وڙئون ڪم اچي ٿو ته ڄڻ هو دوستيءَ يا مائٽيءَ جو حق ٿو ادا ڪري.

 داڻو پاڻي: عام طور تي داڻي پاڻيءَ مان مراد نصيب ورتو ويندو آهي. چيو ويندو آهي: ”سڀ داڻي پاڻيءَ جي اختيار آهي“ يا ”هوندو داڻو پاڻي ته ضرور ايندا سين.“ يا وري ”داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ ٿي سو اچي نڪتا سين.“ وغيره، پر ٻين لفظن ۾ داڻي پاڻيءَ مان مراد کاڌو پيتو آهي. يعنى جتي کاڌو پيتو قسمت ۾ لکيل هوندو اتي ضرور ملندو. کائڻ سان گڏ پيئڻ لازم ملزوم آهي. کائڻ دوران يا پوءِ پيئڻ جي ضرورت فطري عمل آهي، تنهن ڪري داڻي سان ٻيلهي لفظ پاڻي آندو ويو. جنهن مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ جامعيت جي خبر پوي ٿي.

 مڇي ماني: ’مڇيءَ‘ سان گڏ ڀرجھلو ’ماني‘ جو لفظ ايندو آهي. ٻنهي لفظن جو گڏ استعمال خوشحالي جي معنى ڏيندو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيٺل هوندو آهي ۽ معاشي طور تي سندس گذرسفر سکيو ٿيندو آهي ان لاءِ چيو ويندو آهي ”ٻيلي فلاڻو مڇي مانيءَ لائق آهي“. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته مانيءَ کان اڳ هروڀرو مڇيءَ جو لفظ هروڀرو ڇو ڪم آندو ويو!؟ گوشت يا ڪنهن ڀاڄيءَ جو لفظ استعمال ڇونه ڪيو ويو. منهنجي خيال ۾ ان جو پس منظر ڪجهه هن ريت آهي. انساني آباديءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻي دور جي انسان کي جڏهن سماجي ۽ معاشرتي شعور آيو ته هن پنهنجون وستيون ۽ واهڻ پاڻيءَ جي سيهي تي سمنڊن، درياهن ۽ ڍنڍن ڍورن جي ڪنارن تي اڏيا ۽ خوراڪ طور اپايل اناج سان گڏ مڇيءَ جو شڪار ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو هو. جيئن ته مڇيءَ جو شڪار انهن لاءِ ٻين شڪارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو ۽ ويجھو هو تنهن ڪري هُن ٻين شڪارن تي مڇيءَ جي شڪار کي ئي ترجيح ڏني. ٻي طرف ڏٺو وڃي ته پاڻيءَ جي ڪنارن تي رهڻ وارن ماڻهن جي مَن پسند غذا مڇي ئي رهي آهي. ان حوالي سان دريائن جي ديس بنگلاديش جو مثال وٺي سگھجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي مٿين اصطلاح ۾ پنهنجي سهنجي سولي ۽ سستي غذا طور ان حوالي سان مڇيءَ جو مثال موزون نظر اچي ٿو جنهن مان سنڌي ماڻهن جي ڪنايت پسندي جو ثبوت پڻ ملي ٿو.

 خون کٿوري: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محاورو آهي ”خون کٿوري لڪڻ جا نه آهن.“ خون مان مراد قتل ۽ کٿوري جو مطلب خستوري، مشڪ يا خوشبو آهي. ڏاهن جي هن قول جو مفهوم آهي ته ڪنهن جي خون کي گھڻي وقت تائين لڪائي نه ٿو سگھجي يا خون ڪڏهن به رائگان نه ٿو وڃي. اهڙيءَ ريت خوشبو کي لڪائي يا قيد ڪري نه ٿو سگھجي بلڪه اها هر طرف ڦهلجي وڃي ٿي.
هتي خون سان ٻيلهي لفظ طور کٿوري ڪم آڻي وڏي دانائي جي نقطي کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن مان پڙهندڙ خواه ٻڌندڙ وڏو سبق حاصل ڪري سگھي ٿو، يعنى قاتل کي اهڙي وڏي ڏوهه جي مرتڪب ٿيڻ کان اڳ نه رڳو سوچڻ گھرجي بلڪه اها پڪ ڏيارڻ گھرجي ته هو ڪيترو به رازداريءَ سان اهڙو ڪُڌو عمل ڪندو ته به هڪ نه هڪ ڏينهن سندس اهو گناهه ضرور پڌرو ٿي پوندو ڇو ته اهو قدرتي قانون آهي. خون به کٿوريءَ وانگر پنهنجي پڌرائي ضرور ڪندو.

 کاٽو پُٽ: هتي لفظ کاٽو سان پٽ آندو ويو آهي، جنهن جي مثبت معنى ٿيندي ته پٽ کي هميشه هڏ ڀڳو، محنتي ۽ جفاڪش هجڻ گهرجي. هو پنهنجو رزقِ حلال لوچڻ سان لهي. پاڻ به پالي ۽ مائٽن لاءِ به سُکَ جو سبب بڻجي. جيئن ڪنهن سڌريل ۽ برسرِ روزگار پٽ لاءِ چيو ويندو آهي ”ٻيلي فلاڻي جو واهه جو کاٽو پٽ ساماڻو آهي.“
ساڳي وقت کاٽو پٽ جي منفي انداز ۾ به معنى ورتي ويندي آهي جيئن مائٽ پنهنجن نڪمن ۽ هڏ حرام قسم جي نوجوان کي طعنى طور چوندا آهن ”آيو آ وڏو کاٽو پٽ، ڪمائڻ کان ٻرو باقي رڳو مانيءَ تي مارو وارو ڙي وارو.“

 اَٽو، لَٽو ۽ اَجھو: لفظ اٽو سان ٻيلهي لفظ ’لٽو ۽ اَجھو‘ ايندا آهن. ٽنهي لفظن جي اهيمت تي غور ڪبو ته ائين نظر ايندو ته اهي ٽئي شيون انسان جي جياپي جون بنيادي ضرورتون آهن. اٽي مان مراد خوراڪ، لٽي مان پوشاڪ ۽ اجھي مان مطلب ’مٿي ڇانون‘ يا گھر آهي. ڏٺو وڃي ته انسان دنيا ۾ سکيو گذارڻ لاءِ انهن ٽنهي شين جي پٺيان سرگردان آهي. هرهڪ جي دل ۾ اها تمنا هوندي آهي ته هو خوش خورڪ ۽ خوش پوشاڪ هجي. وٽس زندگي جي سهوليتن سان مزّين گهر هجي.
انساني زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جو فقط ٽن لفظن ۾ اظهار ٻوليءَ جي آسودگيءَ جو دليل آهي. ٻي طرف فني نقطهءِ نگاهه کان وري انهن ٽنهي لفظن جو وزن ۽ قافيو به هڪ جھڙو رکيو ويو آهي، جنهن مان پڻ ٻوليءَ جي فني پختگيءَ جو پتو پوي ٿو.

 مرڻو پرڻو: مرڻو ۽ پرڻو جا لفظ ڏک ۽ سک جي معنى ڏين ٿا. سنڌي زبان ۾ لطيف سائين جي هيءَ سٽ عام چوڻي طور مشهور آهي ته ”ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري.“ ڏک ۽ سک انسان جو پاڇي وانگر پيڇو ڪن ٿا. ٻئي ڪيفيتون انسان سان ائين لاڳاپيل آهن جيئن جسم سان روح. لاکيڻي لطيف پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ مرڻي ۽ پرڻي جي ڪيفيت جو اظهار ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪيو آهي:
ڪڏهن ڳاڙهو گھوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترو.
مرڻو سان ٻيلهي لفظ پرڻو نه فقط معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڀرپور خوشيءَ جي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿو بلڪه فني لحاظ کان به مرڻو سان هم وزن ۽ هم قافيه آهي. ٻنهي لفظن جي سٽاءَ مان ٻوليءَ جي حرفت ظاهر ٿئي ٿي.

 هڻ کڻ: ’هڻ‘ ۽ ’کڻ‘ سنڌي زبان جا ٻه عام فهم لفظ آهن. هڻ مان مراد ڪنهن کي ڌڪ هڻي ڪڍڻ آهي ۽ کڻ جي معنى کڻڻ يا مارڻ آهي. ٻنهي لفظن جو گڏيل مفهوم آهي اهڙي ضرب هڻڻ جنهن سان موت واقع ٿي پوي يا جيڪا انت جو ڪارڻ بڻجي. دراصل انهن ٻنهي لفظن جو استعمال انهيءَ خون خوار بلا يا نانگ جي قسم لاءِ چيو ويندو آهي جنهن جي متعلق مشهور آهي ته انهيءَ بلا جي ڏنگيل کي پاڻي به نصيب نه ٿيندو آهي. يعنى ان بلا ’هڻ کڻ‘ جو ڏنگيل انسان انهيءَ جاءِ تي ئي ڦتڪي دم ڏيندو آهي. ٻين زبانن ۾ اهڙي بلا لاءِ ڪي نه ڪي نالا ضرور رکيل آهن پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو نالو معنى خواه مفهوم جي لحاظ کان ڪيترو نه تُز نظر اچي ٿو. جيڪو ان بَلا جي زهر جي زود اثر هجڻ واري عمل ۽ نتيجي جي پيشِ نظر رکيو ويو آهي. يعنى هڻ ۽ کڻ. ٻي طرف هڻ سان کڻ لفظ جو ساٿ ٻوليءَ جي برجستگي ۽ بامفهوم هجڻ جي دلالت ڪري ٿو.