• ادبي ٻوليءَ جا ٻه معيار : هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ
ٻوليءَ جي پارکن سڌريل ٻوليءَ بابت ڪجهه معيار مقرر ڪيا آهن جن جي آڌار تي ڪنهن به ٻوليءَ کي پرکي ۽ پروڙي نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو ته آيا اها ٻولي ادبي ٻولين جي زمري ۾ شمار ٿئي ٿي يا نه؟ اهڙن معيارن مان هتي فقط ٻن معيارن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي جيڪڏهن ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نظر اچن ته پڪ ڄاڻجي ته اها ٻولي ادبي آهي ۽ باقي ادبي خوبين سان پڻ ضرور مالا مال هوندي. اهڙي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي سڌريل ٻولين ۾ ٿيندو. اهي ٻه معيار هيٺيان آهن.
1. ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ هوندا آهن جن جون هڪ ئي وقت گھڻيون معنائون نڪرنديون آهن.
2. اهڙي ٻوليءَ ۾ هڪ معنى يا مفهوم لاءِ گھڻا الفاظ موجود هوندا آهن.
هڪ لفظ جي گھڻين معنائن مان مراد اها آهي ته ڪنهن لفظ هي اعرابن مٽائڻ کانسواءِ لفظ جي صحت به ساڳي رهي، سندس تلفظ يا اُچار ۾ به معنائن مٽجڻ باوجود ذري جيترو به فرق نه اچي ۽ هڪ ئي وقت ان جون ڪيتريون ئي معنائون نڪري اچن، جن مان هر هڪ معنى پنهنجي اندر پورو پورو مفهوم، مقصد ۽ وزن رکندي هجي.
اهڙيءَ ريت هڪ معنى لاءِ گھڻن لفظن مان مطلب اهو آهي ته ڪنهن به شيءِ، جانور يا جنس جي لاءِ هڪ ئي وقت ايترا لفظ ٻوليءَ ۾ موجود هجن، جن مان جڏهن ڪوبه هڪ لفظ ورتو وڃي ته ٻولي سمجھندڙ يا هم زبان ان شيءِ جي اصليت يا توڙ تائين پهچي وڃي ۽ سولائيءَ سان سمجھي سگھي ته ڇا جي متعلق ذڪر ڪيو پيو وڃي.
جڏهن اسان مذڪوره ٻنهي معيارن تي سنڌي زبان کي پرکيون ٿا ته ان ۾ اسان کي اهي ٻئي خوبيون اتم درجي تي نظر اچن ٿيون ۽ ان جا ڪيترائي عمده مثال ملن ٿا. هتي سنڌي ٻوليءَ مان ٻنهي معيارن جا فقط چند مثال پيش ڪجن ٿا جن مان سنڌي زبان جي ادبي ۽ سڌريل هجڻ جا پڪا پختا ۽ واضح ثبوت ملن ٿا.
هڪ لفظ جي گھڻين معنائن جا مثال:
آب: پاڻي ـــ جل.
لُڙ، لهرون، لس، ليٽَ، جتي انت نه آب جو.
جوهر يــــــا تيزائي.
تلوار آبدار يا جوهردار.
(اهڙي تلوار جنهن کي وڄ جو پاڻي ڏنل هجي.)
چلڪو، چمڪو، تجلو.
ديدَ، شرم، حياءُ.
مثال: هن جي اکين مان آب ئي نڪري ويو آهي.
نيرُ يا اکين جو پاڻي، اکين ۾ ڳوڙها اچڻ.
آڻيو آب اکين ۾، ڏيههَ کي ڏيکارين.
آفـــــــت: مصيبت، بـــلا.
حادثو، ظلم.
ڏُڪر، قحط.
چالاڪ، ذهين يا شرير.
استعمال: مڙس ته ڪو آفت لڳو پيو آ.
آبـــــادي: وسنديءَ واري جاءِ يا بستي.
پوک.
آدمشماري.
آبادي ڪرڻ، سوڀ کٽڻ، ڪاميابي حاصل ڪرڻ.
آبادي نه ڪرڻ، ڪجهه به نه ڪري سگھڻ.
استعمال: تون وري ڪهڙي آبادي ڪندين!
استاد: رهبر، معلم، سيکاريندڙ.
سياڻو، چالاڪ.
هر فن مولا، هوشيار.
استعمال: سائين! هو ته وڏو استاد ماڻهو آ.
پــــــلــــي: مٽرن جي وَل، چڻن جي وَل.
اَنَ رکڻ لاءِ ٽوئن مان ٺهيل گُندي.
کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم.
کجيءَ جي ڦرهي جي پُڇڙي.
روڪي يا جھلي.
ذات جو نالو ۽ سنڌ جي تعلقي ساماري ۾
ديهه جو نالو
پلي نپجي جوان ٿي يا پالي ويئي.
چُـــــــڪَـ: غلطي، خطا، ڀُلَ.
چيلهه جي سور جي بيماري.
چيلهه جي رڳَ جو چڙهي پوڻ.
ڪَـــــلَ: خبر، سُڌِ، ڏسُ پتو، پروڙ.
راز، ڳجهه.
ٻاڦ تي هلندڙ اوزار، پرزو.
هنر يا ڏانءُ.
ڪاپار، مٿو، کوپڙي.
برسات جي پاڻي جمع ٿيڻ لاءِ قدرتي کڏَ.
ڪَلَ ٿڙڻ يعني مغز خراب ٿيڻ.
استعمال: هن مسڪين جي ڪا ڪَل ٿڙي وئي آهي.
ڪــــــاڻِ: گھٽتائي، ڪَمي.
خطا، عيب.
محتاجي، پرواهه.
تارازيءَ واري ڪاڻ.
واسطي لاءِ، جي ڪري.
استعمال: ڪاڻ ڪني جي ڪــــاڻ، ٿــا ڪاڻون ڪڍون ڪن جـــون،
نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪــاڻ،
اسين پاڻ اُتامرا، ڪــڍون نـه ڪنهنجي ڪـاڻ،
هڪ سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪـــــــن جون.
(حمل فقير)
رتُ: خون، لهو.
نسل، اولاد.
سگھ، طاقت، زرو، ٿولهه.
سونهن، مُنهَن جي رونق، لالائي.
غصي ۾ ورتل، بيزار.
استعمال: هينئر ته ويچاري جي منهن ۾
رت ئي ڪانه رهي آهي.
سِــــٽَ: رٿَ يا تجويز.
اٽڪل.
ڪتاب جي سِٽَ.
لنـــگھـــي: ذات جو نالو، لنگهو (مڱڻهار) جو مؤنث.
گذري
بي نَڪي، بي ديدي، بي لڄي.
پاڻيءَ جي هڪ پکيءَ جو قسم.
مَـــــکِ: اڏامندڙ جيت جو قسم (عام مَکِ).
ماکيءَ جي مک.
بندوق جي ناليءَ تي لڳل ڪِلي.
ڪا سڻڀي شيءِ مکڻ لاءِ چوڻ (اَمُر).
استعمال: بدن تي ٿورو تيل مَک
مکن جو ميڙُ.
استعمال: اڄ ته ڏاڍي مک ٿي آهي.
مـــوڙو: شاديءَ کانپوءِ ڪنوار کي ملندڙ مُنهن ڏيکائي.
بڊَ، ڳٺڙي، ڀرِي.
ڪانن مان ٺهيل موڙو.
ڍڳيءَ جو ننڍڙو اوهه.
نـــار: باهه، مچُ، آڙاهه.
عورت، مائي، زال.
پاڻيءَ جي نارِ.
زمين اندر پاڻيءَ جو وهڪرو، کاري.
کوهه اندر پاڻيءَ جو سيمو.
نبض يا رڳَ.
ڪورين جو ڪپڙي اُڻڻ لاءِ ڪاٺ جو اوزار.
تعلقي ساماري ۾ هڪ ديهه جو نالو.
نـــــرو: بدن جي عضوي جو هڪ حصو.
ٻڪريءَ جون اڳيون ٽنگون کڻي بيهڻ واري حالت.
ڳاٽ.
نهـــائين: ڪنڀر جي ٿانورن جون کورو، بٺي يا آوي.
بدن جو هڪ عضوو.
آويءَ واري معنى ۾ لطيف سائين جو هڪ بيت:
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن، ٻـــاهر ٻـاڦ نه نڪري.
وَٽِ: ڏيئي جي وَٽِ.
ڪپڙي تي لڳل وٽ ــ رئي جي وٽ، پٽي يا ڪناري.
ڪنڌي، ڪنارو.
ڀرسان، لڳ، گڏ.
ڪنهن شيءِ جي وٽڻ جو امرُ.
استعمال: ڏيئي وٽ، وٽ، ويهي وٽ.
ڪنهن جو وڪيل ٿيڻ يا حمايت ڪرڻ.
استعمال: نبي بخش، سڀاڳي خان جي وٽ وٺيو بيٺو آهي.
وَرُ: مڙس، ڪانڌ، گھر وارو.
وراڪو، ڏنگ، ڦڏُ، موٽُ (امر).
استعمال: وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.
پيچ، مروڙ، جَھڪُ.
ولو، چڪر.
وارن جو ڪاڪُل.
دلبو، ڊوهه، ٺڳي.
شلوار جو ورُ، گھنج.
ٺٽي ضلعي جي هڪ ڳوٺ جو نالو.
چڱو، سٺو، بهتر.
استعمال: ورُ سا سڃي ويڙَ، جتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙوئي. (شاهه ڪريم)
وائــــــي: سنڌن جو سور، باديءَ جو وڌڻ.
هيرَ، خصلت، روَش.
ڳالهه، پهاڪو، چوڻي، سخن.
شاعريءَ جي هڪ صنف.
تقرير، چوپچو، چؤٻول.
آواز، ٻولي، پچار.
استعمال: ادا! وائي ته سڻائي ڪر.
آرســــي: آئينو.
سست، ٽوٽي.
ڪم چور.
چـــــال: هلت چلت، رسم و رواج.
اٽڪل، چالبازي، حرفت.
رفتار، ڍار.
هڪ معنى لاءِ گھڻن لفظن جا مثال
هيٺ هڪ معنى ۽ مطلب لاءِ گھڻن لفظن جا فقط چند مثال پيش ڪجن ٿا.
اُ ٺُ: اُٺُ هڪ اهڙو جانور آهي، جنهن لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي لفظ موجود آهن جيڪي سندس جنس، عمر، نسل يا ڪمَ جي حوالي سان ڌار ڌار آهن.
لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ اُٺَ لاءِ ڪيترائي لفظ استعمال ڪيا آهن جن ۾ ڪرهو، ليڙو، ميو، چانگو، توڏو، شتر، بوتو وغيره اچي وڃن ٿا. جن مان ڪن جا مثال پيش ڪجن ٿا.
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرها مَ ڪاهيو.
الله ڪارڻ اوٺيا، ليڙا نيو مَ لُرَ.
هڪ ميو ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام.
آءُ مسافر مينڌرا، چانگي تي چڙهي.
اڳي اُٺَ رڙن، مون ڀيري مـاٺِ ٿـــــي.
جنس جي لحاظ کان به مذڪر ۽ مونث لاءِ اُٺَ جا الڳ الڳ نالا اُٺُ ۽ ڏاچي آهن. جڏهن ته سندس عمر ۽ جنس جي نسبت سان ننڍي ٻچي کي توڏو / توڏي يا گورو / گوري چئبو آهي. اهڙي طرح اُٺ جي استعمال جي خيال کان به سندس جُدا جُدا نالا رکيل آهن. جيڪو اُٺُ بار کڻڻ جي ڪم ايندو آهي تنهن کي ’لاڏو‘ ۽ سواريءَ لاءِ ڪم ايندڙ اُٺ کي ’مهري‘ سڏيو ويندو آهي.
نانگ: نانگ هڪ اهڙو زهريلو ۽ موت مار جيت آهي، جيڪو انسان جو ازلي دشمن آهي. چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ نانگن جا ٽيهه هزارن کان وڌيڪ قسم آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندن، قد، بت، رنگ، نسل ۽ اثر جي لحاظ کان الڳ الڳ نالا ملن ٿا، جن مان ڪي هن ريت آهن:
ڪاريهر، کپُرُ، گڊو، لُنڊي، وسينگ، ٻه مُنهين، اريڙ، ازده، گھوڙيل، ڊمڻ، پدم، سُرنگھ، ڪُنڀارو، پاڻيءَ واتڙو وغيره. ان کان علاوه اسان جي ٻهراڙين ۾ نانگ جي لاءِ پيئڻ بلا، سُرڻو، ڪکُ ۽ سَپَ جا لفظ به استعمال ڪيا ويندا آهن. نانگ جي مذڪوره نالن مان ڪوبه نالو کڻبو ته ٻُڌندڙ جو ڌيان هڪ دم نانگ طرف ئي ڇِڪجي ويندو. لوڪ ادب جي سخنورن وري نانگ لاءِ اليهر، تليهر، بشيهر، سسيهر، وسيهر، راجل، ڦُن، اجگر، ڀونگُ، اُرگُ، پين ۽ ڪنٺيرو جا لفظ به استعمال ڪيا آهن.
شينهن: جهنگلي جانورن ۾ شينهن جو شمار نهايت هيبت ناڪ ۽ طاقتور جانورن ۾ ٿيندو آهي، جنهن ڪري کيس ’جھنگل جو بادشاهه‘ به ڪري سڏيو ويندو آهي. عام چوڻي آهي ته ’ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ ڪونه رهي سگھندا آهن.‘ خبر ناهي ته اها چوڻي وجود ۾ ڪيئن آئي. جڏهن ته شينهن هميشه گڏجي هڪ ئي ٻيلي ۾ رهندا آهن. بهرحال ان جو ڪو پسمنظر ٿي سگھي ٿو.
سنڌي زبان ۾ شينهن جي جنس، رنگ ۽ نسل مطابق مختلف نالا ملن ٿا جن ۾ ببر شير، چيتو، ڪيهر، ڪنير، ڪارڌو، ڪيسر، سُنگھ، مزار، ڪينٽل وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته عربي زبان ۾ شينهن کي ليس، اسد ۽ ضرار جي نالن سان سڏيو ويندو آهي ۽ اُهي نالا پڻ سنڌي زبان ۾ عام طور استعمال ڪيا ويندا آهن.
ٻڪري: ترتيب جي لحاظ کان شينهن کان پوءِ ٻڪريءَ جو ذڪر ان ڪري به آندو ويو آهي جو شينهن ۽ ٻڪريءَ جو پاڻ ۾ تاريخي تعلق رهيو آهي. هڪ طرف ٻڪري، شينهن جي من پسند غذا ليکي ويندي آهي ته ٻئي طرف وري امن امان واري دور جي تمثيل انهن ٻنهي جانورن جي هڪ هنڌ گڏُ رهڻ سان ڏني ويندي آهي. چيو ويندو آهي: ’اهو اهڙو ته دور هو جو شينهن ٻڪري گڏ پئي چريا.‘ جيتوڻيڪ شينهن چَرندو نه آهي پر محاوري طور ائين چيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته شينهن ۽ ٻڪري گڏُ بيٺا رهن. مٿين محاوري کان علاوه هڪ ٻي چوڻي به مشهور آهي ته ’شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيا پيئن.‘ هي محاورو وڌيڪ وزنائتو آهي.
ٻَڪري هڪ ٽاهو ۽ ڊڄڻو جانور آهي، ان ڪري ئي ڪنهن ڪمزور دل ماڻهوءَ جو مثال ٻڪريءَ جي دل سان ڏنو ويندو آهي. چئبو آهي: ’هو ته وڏو ڪو بزدل آهي.‘ فارسيءَ ۾ ٻڪريءَ کي ’بُز‘ سڏيو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻڪريءَ لاءِ جيڪي نالا استعمال ٿيندا آهن انهن ۾ ڪاموري، ڪُري، ڪمري، چانهين، ڪَٽي، ٻوري، ريڍي، ماڙي ۽ ٻُٽي وغيره اچي وڃن ٿا.
مڇي: مڇي انساني جيئاپي لاءِ غذا جي ضرورت آهي. غذا جي اسمن ۾ مڇيءَ کي خاص اهمت حاصل آهي. جنهن ۾ قدرت انساني جسم جي طاقت ۽ قوت لاءِ بهترين ڪئلريز رکنيون آهن. مڇي درياهن، واهن، سمنڊن، هٿرادو تلائن کان علاوه عام کڏن، کُٻن مان به حاصل ٿئي ٿي. هر هڪ مڇيءَ جو پنهنجو پنهنجو ذائقو هوندو آهي. درياهه جي مڇي لذت ۾ سڀني کان وڌيڪ ليکي ويندي آهي جنهن ۾ پَلي ۽ ڪرڙي يا ڏنڀري جو جواب ناهي. سمنڊ جي مڇيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ لذت واري مڇي پاپليٽ، گانگٽ يا جھينگو هوندي آهي، جنهن جو اگھ ٻين مڇين جي مقابلي ۾ گھڻو وڌيڪ هوندو آهي.
مڇين جا هونءَ ته بيشمار قسم ۽ نالا آهن پر خصوصاً سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي نالا ملن ٿا تن مان ڪجھ هن ريت آهن: پلو، ڪرڙو يا ڏنڀرو، پاپليٽ، گانگٽ، سينگاري، شاڪر، موراکي، ٿيلهي، ڄرڪي يا پوئڪي، مُڪُرُ، گوج، موڳي، گندڻ، موري، مَڪَ، سهڻي، ڏاهي، ٽپري، رڙو، وونچي، درو يا درڙو، پوپري، سرهل، کڳو وغيره.
مينهن: مينهن جو اسان جي سماجي زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي. اسان جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي معيشت ۾ مينهن جو وڏو عمل دخل آهي. ماهيو مالُ رکندڙ ماڻهوءَ کي وڏو ڀاڳوند تصور ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن ڀاڳ ڀري جانور لاءِ ڪيئي نالا ملن ٿا، جيڪي سندس رنگ، قد بت ۽ خاصيتن مطابق رکيا ويا آهن، جن مان ڪجھ نالا هن ريت آهن:
ڪُنڍي، ڪونج، ڀوري، ڪانگھاري، حور، چال.
فقير: جانورن ۽ ٻين ساهوارن جي چند مثالن کان پوءِ انسانن توڙي انهن تي گذرندڙ خاص ڪيفيتن متعلق ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.
سنڌي زبان ۾ فقير جي مثال لاءِ ڪيترائي مثال موجود آهن، جيڪي فقير جي خاصيتن، ڪرت، لباس توڙي ماڳ مڪان جي حوالي سان استعمال ۾ اچن ٿا. جهڙي طرح جوڳي، سامي، ڪاپڙي، گيڙو رتا گودڙيا، ڪابولي، آديسي، آڌوتي، ملنگ، پوربي، لاهوتي، جبروتي، نانگا، سنت ۽ ساڌو وغيره وغيره. انهن نالن ۽ وصفن وارن فقيرن مان اڪثر جو ذڪر لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي، جنهن جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:
پارا پُڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي. (سُر کاهوڙي)
ڇڏي سڀ لباس، لوچي لاهوتي ٿيا. ( سُر کاهوڙي)
قدم ڪـاپڙين جا، لڳا ۾ لاهوت. (سُر رامڪلي)
واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏو مالُ. (سُر رامڪلي)
نانگا نـاني هليا، ســامي سڀيئي. (سُر رامڪلي)
گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي. (سُر رامڪلي)
مــونـا طـورسينا، سندا سنياسين. (سُر رامڪلي)
الف آديسين، چونڊي رکيـو چت ۾. (سُر رامڪلي)
بخار: بخار انسان جي اگھائيءَ جي ڪيفيت جي علامت آهي. بخار لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف لفظ ملن ٿا، جيڪي بخار جي شدت، ڪيفيت ۽ وقت جي لحاظ کان استعمال ڪيا وڃن ٿا. جهڙوڪه تَپُ، ٻرو، ڪڻس، ڪوسا، وارو، ٻيهڙ، ٽيهڙ وغيره وغيره.
اهڙي طرح سج لاءِ شمس، آفتاب، سورج، خورشيد، ۽ چنڊ لاءِ بدر، ماهتاب، قمر، ماهه، حلال، چندر ۽ پونم وغيره جا لفظ ملن ٿا.
بهرحال جيڪڏهن هن ڏس ۾ باقاعده ويهي کوجنا ڪجي ته سنڌي زبان ۾ اهڙا هڪ معنى لاءِ گھڻا لفظ جھجھي تعداد ۾ نڪري نروار ٿيندا.