• سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو
هتي سنڌي سماج جي مختلف شادي غمي جي رسمن ۽ واقعن سان منسوب اصطلاحن مان ڪجهه مثال طور پيش ڪجن ٿا. جن مان سنڌي زبان جي مهذب ۽ معياري هجڻ جا چٽا چوکا ثبوت ملن ٿا.
پڪيءَ ٻير ۾ ڇاپڙ هڻڻ: (سڱ جي گُهر ڪرڻ، سڱ ڇڪائڻ.)
جن گهرن ۾ نياڻيءَ جو وياءُ جوان ٿيندو آهي ته اهڙي ٻاٻور پوڻ تي پنهنجي عزيزن، رشتيدارن توڙي ڪن صورتن ۾ ڌارين طرفان گهوٽيتي ڌُرِ جا انهن گهرن ڏانهن نياڻيءَ جو سڱ ڇڪائڻ لاءِ پيغام موڪليندا آهن. پوءِ جتي لکئي جو ليک ٿيڻو هوندو آهي اُتي ٿيندو آهي. سڱ جي گُهر جي پَڪي ٻير ۾ ڇاپڙ هڻڻ جي اصطلاح سان مطابقت ڪيتري نه موزون ۽ معياري لڳي ٿي.
وات وڪيل هئڻ: (پنهنجي راءِ جي اظهار جي قوت هجڻ.)
جڏهن ڪنواريتن ڏانهن مختلف طرفن کان شاديءَ جا پيغام اچڻ لڳندا آهن ته پوءِ والدين پنهنجي نياڻيءَ جي راءِ معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن. ڇالاءِ ته عاقل بالغ نياڻيءَ کي اهڙو حق مذهب توڙي سماج طرفان ڏنو ويو آهي ته هوءَ پنهنجي رشتي جي معاملي ۾ پاڻ فيصلو ڪري. پوءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڇوڪريءَ جي راءِ معلوم ڪري وٺبي آهي. اهڙي راءِ يا فيصلي واري عمل کي وُات وڪيل هجڻ سان تشبيه ڏني ويئي آهي.
نڪُ ٽوپڻ: (مڱڻي جي رسم ادا ڪرڻ.)
جڏهن گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ ڳالهيون پَڪيون ٿي وينديون آهن ته پوءِ مڱڻي جي تاريخ طئي ٿيندي آهي ۽ ان موقعي تي ڪنوار کي مُنڊي پارائڻ ۽ ٻين رسمن کان علاوه عام طور سندس نڪُ ٽوپيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ رشتو پڪو تصور ڪيو ويندو آهي.
جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ:
(گهوٽ جو ساهرن سان گڏ رهڻ جو شرط قبول ڪرڻ.)
شاديءَ جي شرطن ۾ ڪي ڪنواريتا اهو شرط وجهندا آهن ته گهوٽ کي گهر ڄياٽو ٿي رهڻو پوندو. يعني هو ساهرن سان گڏ رهندو. گهوٽيتا جڏهن اهو شرط قبول ڪندا آهن ته ان قبوليت يا اقرار کي ’جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ‘ چيو ويندو آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙي قبوليت لکي ڏيڻ لاءِ اهڙا مرد تيار ٿيندا جن جي واهر ڪرڻ وارا پوئتي ڪو نه هوندا آهن يا سندن پنهنجن مائٽن مٽن سان ڪا اڻبڻت هوندي آهي.
پيٽُ لِکي ڏيڻ: (نياڻيءَ جو سڱ اڳواٽ لکي ڏيڻ يا اهڙو اقرار ڪرڻ.)
ڪڏهن شاديءَ جي شرطن ۾ ڪنواريتا اهو شرط به وجهندا آهن ته شاديءَ کانپوءِ جيڪڏهن پهرين نياڻي ڄمي ٿي ته ان نياڻيءَ جو سڱ هو پنهنجي ڪنهن ڇوڪري لاءِ وٺندا. جنهن لاءِ گهوٽيتن کي هر حالت ۾ ٻَڌل رهڻو پوندو. گهوٽيتا جيڪڏهن اهو شرط منظور ڪن ٿا ته سندن اهڙي اقرار کي پيٽ لکي ڏيڻ چئبو آهي. ڪڏهن بي اعتمادي جي حالت ۾ اهڙو اقرار باضابطه لکي ڏنو ويندو آهي.
شينهن ڪُلهي چاڙهڻ: (نياڻي اٿارڻ. نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻ.)
جڏهن گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جي وچ ۾ رشتي جي سلسلي ۾ ڳالهيون پڪيون ٿي وينديون آهن ته پوءِ ڇوڪري پرڻائي ڏني ويندي آهي. والدين پنهنجو اهو اهم فرض ادا ڪرڻ بعد شڪرانا بجا آڻيندا آهن ۽ سک جو ساه کڻندا آهن. نياڻيءَ جي انهيءَ پرڻائڻ واري عمل کي شيهن مان مراد مرد آهي. جيئن ته عورت کي مرد کانسواءِ ڪمزور ۽ غيرمحفوظ تصور ڪيو ويندو آهي. جهڙيءَ ريت شينهن جي قبضي هيٺ آيل شيءِ کي محفوظ سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت مرد سان منسلڪ ٿيڻ بعد عورت محفوظ ٿي ويندي آهي.
پلو پلي ٻڌڻ: )ازدواجي رشتن ۾ ٻڌڻ لاءِ هڪ رسم ادا ڪرڻ.(
هيءَ هڪڙي رسم آهي، جنهن ۾ گهوٽ جي چادر جو پلوء ڪنوار جي چُني يا رئي سان ڳنڍ ڏئي ٻڌندا آهن. جنهن جو مطلب اهو هوندو آهي ته گهوٽ ڪنوار جو رشتو مضبوط رهي ۽ منجهن محبت وڌي.
پيرين ڀاري ٿيڻ: (عورت جي گود سائي ٿيڻ . عورت کي حمل ٿيڻ.)
شاديءَ کانپوءِ عورت ۽ مرد جي فطري ميلاپ جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ جي مرضيءَ مطابق عورت جڏهن حامله ٿيندي آهي ته اهڙي عمل لاءِ گود سائي ٿيڻ يا عورت جو پيرين ڀاري ٿيڻ جهڙا مبهم اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن.
هٿ پير لهڻ: (ويم ڪرڻ / ٻار پيدا ٿيڻ.)
حمل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن مٿي نون مهينن کانپوءِ جڏهن عورت جي پيٽان ٻار پيدا ٿيندو آهي، ته عورت جي اهڙي ڪيفيت مان گذرڻ کي پير لهڻ يا هٿ پير لهڻ جي اصطلاح سان سڏيو ويندو آهي.
ڌانيئن ڌوئين اٿڻ: (ويم جي تڪليف ڪاٽي اٿڻ، پاڪ صاف ٿيڻ.)
پيرين سيرين ٿيڻ: (ويم کانپوءِ ڪم ڪار ڪرڻ جي لائق ٿيڻ.)
جيئن ته عورت لاءِ ويم واري ڪيفيت انتهائي تڪليف ده بلڪه موت حيات جي ڪشمڪش واري هوندي آهي، جنهن مان خيرخوبي سان گذرڻ بعد اهڙي عورت لاءِ مٿيان اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن.
پينگهو لُڏڻ: (خاص طرح پٽ جو اولاد ٿيڻ.)
خاص طور تي جڏهن گهر ۾ پٽ ڄمندو آهي ته مائٽن ۾ شادمانا ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي جوڙي کي وڏو ڀاڳوند سمجهيو ويندو آهي جنهن کي پهريٽي پٽ ڄمندو آهي. خاص طرح اهڙي عورت جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان عام طور اسان جي سماج ۾ پٽ کي نياڻيءَ تي هميشه کان فوقيت حاصل رهي آهي. ڪنهن کي دعا ڏني ويندي آهي ته به ڏڌ پٽ ۾ اضافي لاءِ چيو ويندو آهي. جمن چارڻ واري دعا ساري سنڌ ۾ مشهور آهي. جنهن ۾ هن الله سائين کان گهريو هو ته ”سوني ٻانهينءَ سان نُنهن، پٽ جهوليءَ ۾، ماڙيءَ تي کير ولوڙيندي ڏسان.“
بي اولاد فقير جمن چارڻ جي دعا ڪيڏي نه جامع آهي. چيو وڃي ٿو ته فقير جنهن وقت اها دعا گهري هئي ته ان وقت سندس حياتيءَ جو سج ٽپهري به ٽپي چڪو هو ۽ هو پنهنجون اکيون به وڃائي ويٺو هو. ان عمر ۾ فقير خدا کان سوني ٻانهينءَ سان نُنهن گهري جنهن جو مطلب ٿيو ته کيس پٽ جو اولاد ٿئي جيڪو جوان ٿي شادي ڪري وني گهر وٺي اچي، جنهن کي سوني ٻانهين پيل هجي، معنيٰ رز زيور جي جهجهائي هجي. هاڻي فقير جي دعا جو ٻيو حصو ته سندس نُنهن کي پٽ جهوليءَ ۾ هجي، يعنيٰ فقير پٽن پوٽن وارو ٿي وڃي ۽ دعا جو ٽيون حصو ماڙيءَ تي پنهنجي ننهن کي کير ولوڙيندي ڏسي. ماڙي مان مراد خوشحالي ۽ کير ولوڙڻ جو مطلب ٿيو ته هو مالوندو پڻ بڻجي وڃي. اها سموري خوشحاليءَ ۽ بخت ڀاڳ توڙي نُنهن پوٽو هو اکين سان ڏسڻ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهي جنهن جو مطلب ٿيو ته فقير جي نور جي روشني به واپس وري اچي.
مور کان وياج مٺو لڳڻ:
(پٽ يا نياڻيءَ کان پوٽو/ پوٽي يا ڏهٽو / ڏهٽي مٺا لڳڻ.)
جڏهن جوان اولاد کي پرڻايو ويندو آهي ۽ وري انهن کي اولاد ٿيندو آهي ته ڏاڏو ڏاڏي يا نانو ناني پنهنجي اولاد کان اولاد جي اولاد يعنيٰ پوٽن پوٽين ۽ ڏهٽن ڏهٽين کي وڌيڪ ڀائيندا آهن ۽ انهن سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن. پيار جي انهي ورڇي وڃڻ لاءِ سياڻن ۽ سپورنجن مور کان وياج مٺو لڳڻ وارو اصطلاح جوڙيو آهي. جيڪو ڪيترو نه مناسب ۽ وقتائتو لڳي رهيو آهي.
سهاڳ لهڻ: (رن زال ٿيڻ / مڙس مري وڃڻ.)
موت هڪ اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان ڪو به جاندار هرگز بچي نٿو سگهي. انسان ڀل جوانيءَ کان پيريءَ رسي ۽ سندس عمر سو سالن کان به چڙهي ڇو نه وڃي پر آخر کيس اڳتي هلڻو پوي ٿو. عمر جي ڪنهن به حد ۾ اها جواني هجي توڙي پيرسني، جڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو آهي ته اها رن زال ليکي ويندي آهي. جنهن لاءِ سهاڳ (وَر يا مڙس) لهڻ جو اصطلاح جوڙيو ويو آهي. اسان جي سنڌي سماج ۾ اهڙي عورت پاڻ کي سخت اڀاڳي تصور ڪندي آهي. هن جي هميشه اها خواهش هوندي آهي ته شال پنهنجي مڙس جي هٿن ۾ سرهي ٿئي. يعني سندس لوڙه هٿن سان مڙس لٽي.
کيرين پُٽين جُڙيو رهڻ: (مال ۽ اولاد جي خير لاءِ دعا ڪرڻ.)
مٿين دعائيه اصطلاح ۾ کير مان مراد مال آهي يعني کير ڏيندڙ جانور منيهون، ڳئون وغيره. اصطلاح ۾ چوپائي مال جي جهجهائي سان گڏوگڏ اولاد جي جڙيي جيئري رهڻ جي پڻ دعا ڪيل آهي. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان هيءُ اصطلاح ڪيترو نه جامع لڳي ٿو.
ڇني ڦاڙي ويهڻ / نبيري نڇيڙي ويهڻ:
(مٽي مائٽي ٽوڙي ڇڏڻ، تعلقات ختم ڪري ڇڏڻ.)
انساني سماج ۾ سوين اهڙا مسئلا پيدا ٿيندا رهن ٿا جيڪي اختلاف جو باعث بڻجي پون ٿا ۽ ڪن صورتن ۾ ته رتُ جا رشتا به انهن اختلافن جو شڪار ٿي ٽُٽي ويندا آهن. قرب قرابت، ميٺ محبت ۽ مٽي مائٽي وغيره ويڇي، وير ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. مائٽ هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي کان به الڳ ٿي ويندا آهن. ايتري قدر تعلقات ڦٽي وڃڻ لاءِ ڇني ڦاڙي ويهڻ جو اصطلاح نهايت موزون ۽ مناسب جوڙيو ويو آهي.
ٿالهي ڀاڄي مان ڪڍي ڇڏڻ: (برادريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ.)
حقو پاڻي بند ڪرڻ: (قطع تعلق ڪري ڇڏڻ.)
جڏهن ڪنهن خاندان ۾ ڪو اهڙو فرد يا افراد پيدا ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي غلط ڪارين ۽ بد اعمالين سبب خاندان لاءِ ڪارنهن جو ٽِڪو ثابت ٿيندا آهن ته راڄ جا ماڻهو گڏجي مشترڪه فيصلي تحت اهڙن فردن يا فرد سان تعلقات ٽوڙي ڇڏيندا آهن، جنهن تحت شادي غمي ۾ ساڻن ڪو به ڪو نه اُٿندو ويهندو آهي ۽ نه کين پنهنجي تقريبن ۾ ڪانڍيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي راڄ ڀاڳ هوندي بلڪل اڪيلا ۽ نڌڻڪا رهجي ويندا آهن.
تڏي تي لڙي وڃڻ:
(اختلاف وساري دشمن جي در چڙهي وڃڻ، دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ.)
ٻن ڌرين ۾ پيدا ٿيل اختلافن ۽ دشمنيءَ جي باوجود ڪن صورتن ۾ هڪ ڌر کي ٻيءَ ڌر ڏانهن سمورا اختلاف وساري دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. انهيءَ فراخدليءَ جي نتيجي ۾ اڪثر دشمنيون دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وينديون آهن ۽ ڌُريون کيرکنڊ ٿي وينديون آهن. اهڙي مثبت عمل لاءِ تڏي تي لڙي وڃڻ وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڪيڏو نه جامع نظر اچي ٿو.
ننهن کان ماس جو جدا نه ٿيڻ: (رت جا رشتا هميشه لاءِ نه ٽٽڻ.)
خاندان جي افراد ۾ وقتي طور ويڇا پئجي وڃڻ نئين يا غير فطري ڳالهه نه آهي. ڇالاءِ ته عام چوڻي آهي ته هڪ گهر ۾ ٻه ٺڪر به ٺهڪندا آهن. پر وقت گذرڻ سان خاندان ۾ پيل اُهي وِريون ۽ ويڇا ختم به ٿي ويندا آهن. عام طور جڏهن ان خاندان جي ڪنهن اهڙي فرد يا افراد تي اولو وقت ايندو آهي جن/ جنهن سان اڳ اختلاف هوندا آهن ته ان وقت اهي رت جا رشتا وري ڳنڍجي ويندا آهن ۽ اهي اختلاف دور ٿي ويندا آهن. اهڙي فطري تعلق ۽ ڳانڍاپي لاءِ ننهن جو ماس کان جدا نه ٿيڻ وارو نهايت با معنى ۽ وقتائتو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جا چند غير معمولي اصطلاح
اصطلاح ٻوليءَ جو نه فقط سينگار آهن پر سڌريل ۽ مهذب ٻوليءَ جو اهڃاڻ پڻ. سنڌي زبان انهيءَ زيور سان پوريءَ ريت آراسته آهي. پر ان جي اضافي خوبي اها آهي ته اهو زيور فقط عام موتين سان مزين ٿيل نه آهي بلڪ ان تي انمول هيرن جي جڙاوت پڻ ٿيل آهي. اهي انمول هيرا اهڙن غير معمولي اصطلاحن جي صورت ۾ آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سونهن کي جرڪائين ٿا، ۽ ان ۾ نکار پيدا ڪن ٿا، اهڙن اصطلاحن کي ’غير معمولي‘ ان ڪري سڏيو ويو آهي جو اهي پنهنجي اندر وڏي معنى سمائين ٿا ۽ اهڙن اصطلاحن مان اسان جي سگهڙن ۽ سپورنجن جي ذهانت ۽ قابليت پڌري ٿئي ٿي. اهڙن اصطلاحن جو اسان جي روز مره جي ٻوليءَ ۾ وڌ ۾وڌ استعمال ٿيڻ گهرجي.
سنڌي زبان ۾ اهڙن غير معمولي اصطلاحن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هتي اهڙا چند اصطلاح الف ب وار ترتيب سان پيش ڪجن ٿا، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي مهذب ۽ شاهوڪار هجڻ جا روز روشن دليل ملن ٿا. مُٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق اهڙن اصطلاحن مان ڪن جي ٿوري وضاحت به ڪئي وئي آهي. مضمون جي طوالت کي نظر ۾ رکي باقي اصطلاحن جِي آخر ۾ فقط وچور ڏني ويئي آهي.
اُڀ ۾ ڪڪر ٿيڻ: اميد واري ٿيڻ، عورت جو پيرين ڀاري ٿيڻ
اُڀ ۾ ڪڪر خوشحالي ۽ شادابي جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. هن اصطلاح ۾ ڪهڙي نه خوبصورت نموني سان عورت جي حامله هجڻ واري عمل ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.
پيرل جي پڳڙي ميرل جي مٿي تي رکڻ: هڪ جو حق کسي ٻئي کي ڏيڻ.
هن اصطلاح ۾ اسان جي معاشري مان ٻه عام نالا کڻي انهن کي تجنيس حرفي جي هنر ذريعي اهڙيءَ ريت رکيو ويو آهي، جو پڙهندڙ نه رڳو حظ حاصل ڪري ٿو، پر انهن مان بامقصد معنيٰ پڻ نڪري ٿي. ڪنهن جي حق تلفي ڪرڻ برو عمل آهي.
اڳيان باهه ته پٺيان پاڻي هئڻ: ٻن مصيبتن ۾ هجڻ.
جڏهن ڪنهن انسان کي اڳيان باهه ۽ پٺيان پاڻي هجي ته سندس بچڻ جون سڀ واٽون بند ٿي وينديون. ڇا لاءِ ته هو هڪ وقت ٻن مصيبتن ۾ هوندو. هن اصطلاح ۾ باهه جي ساڙڻ ۽ پاڻيءَ جي ٻوڙڻ واري عمل کي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي.
اڳينِ گاههُ پوينِ پاڻي ڏيڻ: بي انصافي کان ڪم وٺڻ.
هتي اڻ برابريءَ وارو سلوڪ روا رکڻ ڏانهن اشارو آهي. جتي اڳين کي گاهه ۽ پوين کي رڳو پاڻي ملندو ته اهڙو نظام گهڻو وقت هلي ڪو نه سگهندو. اها هڪ اٽل حقيقت آهي.
باندر جي ڳچيءَ ۾ موتين جي مالها ٻڌڻ: نا اهل جي عزت وڌائڻ.
مٿيون اصطلاح ڪيترو نه دلچسپ ۽ عام فهم آهي. جهڙيءَ ريت موتين جي مالها جو قدر ۽ قيمت باندر وٽ ٿي نٿو سگهي. اهڙيءَ طرح نا اهل ۽ نالائق انسان جي عزت وڌائڻ سان کيس اهل ۽ لائق بڻائي نٿو سگهجي.
باهه لڳڻ مهل کوهه کوٽڻ:
مصيبت ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ان جو تدراڪ ڪرڻ / اڳ ڳڻتي نه ڪرڻ.
اڳ ڳڻتي نه ڪرڻ وارن ماڻهن جو مثال مٿين اصطلاح ۾ ڪهڙي نه عمدي نموني ڏنو ويو آهي. اها ڪيڏي نه ناعاقيب انديشي ليکي ويندي جڏهن ڪو باهه لڳڻ مهل کوهه جي کوٽائي ڪرڻ لڳي.
ٻارهين پٿر کان ٻاهر ڪڍڻ: جُوءِ ڇڏائڻ / پري پري ڪڍي ڇڏڻ.
ڪنهن ماڻهوءَ کان بيزاريءَ جو اظهار ان ريت ڪيو ويندو آهي جو ماڻهو چاهيندو آهي ته سندس مخالف هن جي اکين کان ٽريل هجي. جيڪڏهن هن جو وس هلي ته جيڪر هو کيس جُوءِ مان ئي نيڪالي ڏياري ڇڏي. اهڙي اظهار لاءِ ڪهڙو نه موزون ۽ مناسب اصطلاح گهڙيو ويو آهي.
ٻانهي ٿي ڪمائڻ ۽ بيبي ٿي کائڻ / ٻانهي ٿي ڪمائجي، بيبي ٿي کائجي: محنت سان پورهيو ڪري سٺو گذران ڪجي.
هن نصيحت آميز اصطلاح ۾ محنت جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته انسان کي گهرجي ته محنت ۽ محبت سان پورهيو ڪري رزقِ حلال حاصل ڪري ۽ پوءِ ان حلال جي ڪمائي مان چڱو کائي ۽ چوڙي. اهڙي انسان کي هميشه قلبي اطمينان حاصل رهندو.
ٻليءَ نصيبن ڇِڪو ٽٽڻ: نصيب کلڻ / ڀاڳ ڀيڙو ڏيڻ.
انسان جي زندگيءَ ۾ تدبير جي وڏي اهميت آهي، پر تقدير واري عمل کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي. ڪڏهن تدبير جي نتيجي ۾ تڪميل تائين پهتل ڪم به ڊهي ويندا آهن، ته ڪڏهن اهڙا اڻ ٿيڻا ڪم ٿي ويندا آهن. جن جو ٿي وڃڻ انسان جي وهم گمان ۾ به نه هوندو آهن.
اهڙي ڳالهه کي مٿئين اصطلاح ۾ اسان جي سماجي زندگيءَ مان نهايت سولي مثال سان سمجهايو ويو آهي. ٻليءَ کان بچائڻ لاءِ جيڪا شيءِ ڇڪي ۾ رکي وڃي ۽ پوءِ اهو ڇڪو ئي ٽٽي پوي ته ان کي ٻليءَ جي خوش نصيبي کان سواءِ ڀلا ڇا ٿو سڏي سگهجي!
ٻُوڙو ٻڌي ويچار ڪرڻ: ڪنهن نه ڪنهن سان ضرور صلاح ڪرڻ.
هن اصطلاح ۾ انسان جي عقلِ ڪُل نه هجڻ طرف اشارو ڪيو ويو آهي. اڪيلي ماڻهوءَ جي فيصلي ۾ غلطي جو احتمال ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري سياڻن اهڙو اصطلاح گهڙيو جنهن جو مطلب آهي ته انسان کي ڪنهن به مئسلي تي فيصلي ڪرڻ کان اڳ ڪنهن دوست همدرد يا ڄاڻوءَ سان ضرور صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو موجود نه به هجي ته اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن ٻوڙي سان ئي مشورو ڪجي، جيتوڻيڪ ٻوڙو ڪا صلاح ته نه ٿو ڏئي سگھي پر مٿين اصطلاح مان مراد اها ئي آهي ته ڪنهن به انسان جي لاءِ ڪنهن مسئلي ۾ منجھڻ بعد بار بار ويچارڻ ۽ صلاح ڪرڻ لازمي امر آهي.
ڀڳيءَ سان ڀيرڻ: ڏکين حالتن سان منهن ڏيڻ.
سکن ۾ گذارڻ سولو آهي پر ڏکن سان ڏورڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انسان ڪڏهن به هڪ ڪيفيت ۾ رهي ڪو نه ٿو سگهي. ڏک ۽ سک تارازيءَ جا ٻه پُڙ آهن. انساني زندگيءَ جون ٻئي لازم ۽ ملزوم ڪيفيتون آهن. ڏاهن، ڏکن سان مردانه وار منهن ڏيڻ لاءِ مٿيون اصطلاح جوڙيو آهي. لطيف سائين رحه پڻ سُر سهڻي ۾ اهڙي ئي هدايت ڪندي فرمائي ٿو:-
ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي (شاهه لطيف)
ڀوليءَ جي پڇ کي باهه ڏيڻ: چيڙاڪ کي ويتر چيڙائڻ.
چيڙاڪ طبيعت رکندڙ ماڻهو عوام جي شرارت جو نشانو بڻبو آهي ۽ ماڻهو ڄاڻي واڻي کيس چيڙائي مزو وٺندا آهن. عام طور اهڙي ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته ’اِهو اِهو ڪيوس ته چريو ٿئي.‘ مٿين اصطلاح ۾ اهڙي چيڙاڪ ماڻهوءَ جو مثال ڀوليءَ سان ڏنو ويو آهي. ڀولي هڪ اهڙو چيڙاڪ ۽ بي صبرو جانور آهي، جيڪو ٿوري چيڙائڻ سان مڇرجي پوندو آهي ۽ چرڙاٽ ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
تاڃيءَ پيٽي پَٽُ هئڻ: اعليٰ خاندان يا نسب جو هئڻ.
مٿين اصطلاح ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي اعليٰ نسب هئڻ ڏانهن اشارو آهي. يعني سندس پيءُ توڙي ماءُ ساڳي خاندان سان تعلق رکندا هجن، ۽ ان خاندان جو سٺو نامچار هجي. عام طور سيد خاندان لاءِ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن سيد تاڃي پيٽي پَٽُ آهي ته هن جو نڪو ثاني نڪو مَٽُ آهي.
مٿي تاڃي پيٽي سان مشابهت ان ڪري ڏني ويئي آهي جو ڪپڙي ۾ تندون تاڃي پيٽي هونديون آهن. عام طور ڪيترن ڪپڙن ۾ تندون هڪ خاص تناسب سان گڏيل هونديون آهن. مثال طور ڪي ڪپڙا پوليسٽر ۽ ڪاٽن ته اُن ۽ سُٽَ جي تندن سان تيار ڪيا ويندا آهن. جن ۾ هر هڪ جو تناسب مقرر ٿيل هوندو آهي. عام طور ان قسم جي ڪپڙي جو قدر ۽ قيمت ايترو ڪو نه هوندو آهي، جيترو ڪنهن تاڃي پيٽي خالص ڪپڙي جو هوندو آهي. مثلاِ: تاڃي پيٽي پَٽَ جو ڪپڙو، بوسڪي جو ڪپڙو، خالص اُنَ جون شالون، خالص ڪاٽن (سُٽَ) سان تيار ڪيل ڪپڙو وغيره وغيره.
تَرَ کان اڳ بَرُ کائڻ: نفعي کان اڳ موڙي کائڻ.
مٿيون اصطلاح ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم عقلي ۽ بي صبري جي نشاندهي ڪري ٿو. تَرَ ۽ بَرَ جو مثال نفعي ۽ موڙيءَ سان ڏنو ويو آهي. ڪو ماڻهو جڏهن نفعو ته نفعي جي ماڳ الٽو موڙي کائڻ کي لڳي وڃي ته ان کي احمق ۽ نادان سڏيو ويندو.
پرائي ٻوڙ تي ماني ٻڌڻ: ٻين جي عقل تي هلڻ.
انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوق بڻايو آهي ۽ عقل جهڙي انمول نعمت سان مالا مال فرمائي مٿس وڏا وَڙَ ڪيا آهن. تنهنڪري کيس گهرجي ته پاڻ منجهه معامله فهمي پيدا ڪري ۽ پنهنجي عقل کي ضرور استعمال ڪري. فقط ٻين تي ڀاڙڻ واري ماڻهوءَ لاءِ مٿيون اصطلاح ڪيترو نه موزون ۽ مناسب آهي. پرائي ٻوڙ جي آسري تي ماني ٻڌي نڪرڻ ڪا عقلمندي نه آهي.
پرائي ڀاڄي چکڻ: گهر ڇڏي ٻئي هنڌ کري پوڻ/ ٻئي جي عزت ۾ اک وجهڻ.
مٿين ڪُڌي عمل جي جيتري به مذمت ڪجي اها ٿوري آهي. ٻئي جي ننگ ۾ اک وجهڻ ڪم ظرف ۽ ڪميڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي. پر اسان کي معاشري ۾ اهڙا بيشمار بي غيرت انسان نظر ايندا، جيڪي دولت ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ پنهنجن ننگن کي ڇڏي يا انهن ڏانهن توجه هٽائي اوباش قسم جي عورتن سان وڃي ناتا جوڙيندا آهن. اهڙن انسانن کي پرائي ڀاڄيءَ ۾ وڌيڪ مزو ايندو آهي.
پَڳَ جو پيچ پنهنجو هئڻ: هر ڪنهن جي ريت رسم جدا هئڻ.
اها حقيقت آهي ته هر هڪ سماج جون پنهنجون پنهنجون رسمون رواج ۽ طور طريقا هوندا آهن. اهڙي حقيقت کي پڳ جي پيچ سان مشابهت ڪيڏي نه موزون ۽ مناسب محسوس ٿئي ٿي. هونئن به ڏٺو وڃي ته هر هڪ ڪڙم، قبيلي يا علائقي جي ماڻهن جي پٽڪي جو ڀير پنهنجو پنهنجو هوندو آهي.
پلئه پائي جهلڻ: رضا تي راضي رهڻ، قبول ڪرڻ، سهائي وڃڻ.
انسان کي گهرجي ته رب جي رضا تي هردم راضي رهي، ڇا لاءِ ته اهو مهربان مالڪ آهي ۽ پنهنجن بندن سان بي انتها پيار ڪري ٿو. جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن بندي کي وقتي طور ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا ڪري ٿو ته اها تڪليف بندي لاءِ ناقابلِ برداشت حد جي ڪا نه هوندي آهي. پر جئن ته انسان نهايت بي صبرو آهي، تنهنڪري هو ٿوري تڪليف کي به وڏي مصيبت تصور ڪري دانهون ڪندو رهي ٿو. جڏهن ته عبديت جي تقاضا اها آهي ته معبود جي هر حڪم تي بندو سرِ تسليم خم ڪري. الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن اهوئي رويو اختيار ڪيو. ڀٽائي صاحب رحه فرمايو:-
ڏنا جي ڏاتار، سي جهوليءَ پائي مون جهليا. (شاهه لطيف)
پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ: تمام ڏکيو ڪم سر انجام ڏيڻ.
ڪنهن ڏکئي ڪم کي سر انجام ڏيڻ جي تشبيه پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ واري محاوري ۾ ڪيتري نه موزون لڳي ٿي. پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ جو تصور ئي ڪيترو تڪليف ده آهي.
پنڊيءَ جو دشمن هئڻ: کائڻ جو کرو هئڻ /سُچر هئڻ.
ڪي ڪي ماڻهو وڏا پيٽوڙي هوندا آهن. جن کي مانيءَ جو دشمن تصور ڪيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو پيٽ کي پنهنجو ڪري ڪو نه ڀائيندا آهن. پر پوءِ گهڻي کائڻ جا نتيجا به خوب ڀوڳندا آهن. پيٽوڙي ماڻهن لاءِ مشهور محاورو آهي؛ ’ڦٻيا اهي جيڪي ڦاٽي مئا، اسان ته پاڻ کڻايون ٿا وڃون.‘ يعني پاڻ کڻائي وڃڻ وارو به پاڻ کي پيٽوڙي ڪو نه پيو ڀانئين.
پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ: پاڻ کي هٿ سان گِلارو ڪرڻ.
هڪڙا ماڻهو پاڻ کي State forward سڏائڻ/ چوائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ڍڪيل ڏوهه ثواب به پٽ پڌر ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. مثال طور ڪن ماڻهن کي ائين چوندي ٻڌو ويو آهي. ته: ”سائين اسان جوانيءَ ۾ واهه جو شوق ڪياسين.“ يا ”اسان پنهنجي دور جا وڏا ڪاٽڪور رهيا آهيون.“ وغيره وغيره.
جاڳندن جون وَڇون ستلن جا ڪونهان هئڻ:
سجاڳ ۽ محنتي ماڻهوءَ کي لاڀ ملڻ. ۽ سست ۽ روڳي ماڻهوءَ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيڻ.
سجاڳي ۽ محنت زندگيءَ جو دليل آهي. جڏهن ته ننڊ ۽ غفلت موت جي نشاني آهي. تنهنڪري جاڳندن کي سندن محنت جو لاڀ ضرور ملڻو آهي. لطيف سائين فرمايو.
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
تن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچڻو آسڻ ان جي.
ٻي طرف جيڪي غفلت جي ننڊ ۾ غلطان رهندا انهن کي مقصد جا موتي هرگز ملي ڪو نه سگهندا. مٿئين اصطلاح ۾ جاڳندن جون وڇيون ڏيکاريل آهن. وڇِ وڌي مينهن ٿيندي آهي، جيڪا پڻ مال ۾ برڪت جو باعث بڻبي آهي. جڏهن ته گهڻو ڪري ڪونهون ڪهڻ جي ڪم ايندو آهي. مال وندا ماڻهو وَڇِ ڄمڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن.
جُتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾ ويهڻ: گستاخي ڪرڻ.
جتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾ ويهڻ گستاخي ۽ بدتميزي جي نشاني آهي. مٿين محاوري کي ٻين لفظن ۾ هٺينءَ ريت به لکيو ويندو آهي.
”هڪ وڻي ڪو نه ٻيو وري جُتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾.“
هن قسم جا لفظ عام طرح ناپسنديده شخص جي هروڀرو ڳَلِ پوڻ واري موقعي تي چيا ويندا آهن. ساڳي مطلب لاءِ هڪ ٻيو محاورو مشهور آهي.
”هڪ وڻي ڪو نه ٻيو وچئون گرهه کڻي.“
جَلَ جي مڇي جَلَ ۾ ڀلي هئڻ : هر ڪنهن شيءِ جو پنهنجي جاءِ تي سٺو لڳڻ.
اها هڪ حقيقت آهي ته هر ڪا شيءِ پنهنجي جاءِ تي موزون ۽ مناسب لڳندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي مناسب جاءِ کان هٽائي يا مَٽائي رکبو ته اها هرگز ڪا نه سونهندي. سهڻي ذوق جي تقاضا به اها ئي آهي، ۽ قدرت جو نظام به ان ئي اصول تي قائم آهي. سج، چنڊ، تارا، جبل، آبشار، درياء، ڍنڍون، سمنڊ، باغ بستان، مطلب ته سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سهڻيون لڳن ٿيون. ساڳيون محاورو ڪجهه اضِافي لفظن سان هن ريت به استعمال ٿيندو آهي.
”اَنَ جي پَلي گهر ۾ ڀلي، جَلَ جي مڇي جَلَ ۾ ڀلي.“
جهڙو تارِ تهڙو تانگهو هئڻ: هر حالت ۾ بي ڊپو رهڻ.
هي محاورو حالتن سان مردانه وار مقابلو ڪرڻ ۽ ٿڌي ڪوسي سان منهن ڏيڻ واري بهادر انسان لاءِ ڪم ايندو آهي. شاعريءَ جي سِٽَ ۾ مٿيئن محاوري کي هن طرح رکيو ويو آهي.
جنهن کي سرجو ناهي سانگو،
تنهن لاءِ جهڙو تار تهڙو تانگهو.
جيڪو ديڳ ۾ سو چمچمي ۾ اچڻ: جيڪو دل ۾ سو زبان ۾ تي اچڻ.
زبان دل جي ترجمان هوندي آهي. دل جو زبان سان گهرو تعلق آهي. جيڪي دل ۾ هوندو آهي، سوئي زبان سان اظهار ڪيو ويندو آهي. مٿيئن مفهوم کي ڪهڙن نه سولن ۽ سهنجن لفظن جو روپ ڏئي اصطلاح بڻايو ويو آهي. ظاهر آهي ته چمچي ۾ اهو ئي چڙهي ايندو جيڪو ديڳ ۾ موجود هوندو. هتي ديڳ کي دل سان ۽ چمچي کي زبان سان تشبيه ڏني ويئي آهي.
چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه:
غريب ماڻهو سخت محنت کانپوءِ به ساڳيو ئي بدحال رهي ٿو.
هن اصطلاح ۾ غريب جي پورهئي کي چاڪيءَ جي ڏاند سان تشبيه ڏني ويئي آهي. جهڙيءَ ريت چاڪيءَ جو ڏاند ويچارو سڄو ڏينهن فقط هڪڙي ئي پٽي تي پيو ڦرندو آهي، ۽ ائين ڪوهن جا ڪوهه ڪُٽي ويندو آهي. ساڳي طرح مسڪين ماڻهو به روزانه سخت محنت ۽ مشقت بعد به ساڳي هنڌ بيٺو هوندو آهي ۽ ويچاري جو گذر، ’آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ وارو هوندو آهي. خوشحاليءَ جو ته هو خواب به ڏسي ڪو نه سگهندو آهي. چاڪيءَ جي ڏاند لاءِ ڪنهن شاعر خوب چيو آهي:
نڪا سڙڪ سڌي کپي، نڪو ساٿ سڀاءُ،
چاڪيءَ سندي ڏاند کي، گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه.
درياهه ڀر تي واڳونءَ سان وير وجهڻ:
ڏاڍن جي حد ۾ رهي سندن مخالفت ڪرڻ. ڏاڍي سان پلئه ڪي مهمير ئي اٽڪائيندا آهن. هي وڏو جان جوکي جو ڪم آهي. اصطلاح ۾ ڏاڍي يا ظالم جو مثال درياهه جي واڳونءَ سان ڏنو ويو آهي، واڳونءَ جو وير مشهور آهي. ڪي ظالم انسان وير وٺڻ ۾ واڳونءَ جو وير مشهور آهي. ڪي ظالم انسان وير وٺڻ ۾ واڳونءَ کان گهٽ ڪونه هوندا آهن.
رِڍَ جي لت ڀيڏيءَ تائين:
ڪمزور ۽ غريب جي هٿان نقصان جو انديشو تمام گهٽ هجڻ.
رڍ جانورن ۾ نهايت غريب ۽ ماٺيڻو جانور شمار ٿيندو آهي. جنهن مان نقصان جو امڪان تمام گهٽ رکبو آهي. اهڙي طرح غريب کي رڍ سان تشبيه ڏئي اصطلاح ۾ آندو ويو آهي. مسڪين ماڻهوءَ مان به نقصان جو خطرو يا امڪان گهٽ رکبو آهي.
زهر تريءَ تي رکي نه کائڻ: بڇڙي سنگت ۾ رهي به برائي اختيار نه ڪرڻ.
مٿين اصطلاح ۾ Will Power جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بڇڙي سنگت ۾ رهي به برائي اختيار نه ڪرڻ وڏي همٿ ۽ حوصلي جو ڪم آهي. ان لاءِ وڏي خود اعتماديءَ جي ضرورت آهي.
سانوڻ جي انڌي کي رڳي ساوڪ نظر اچڻ:
غريبيءَ رسي به اميريءَ جا خيال دل ۾ آڻڻ.
اها انسان جي فطرت آهي ته هو ڏک توڙي سک جي جن حالتن ۽ ڪيفيتن مان گذرندو آهي، انهن کي وساري ڪو نه سگهندو آهي. اهي سکيا توڙي ڏکيا ڏينهن وقت بوقت سندس ذهن جي پردي تي نقش ٿيندا رهندا آهن. وري جڏهن ڪو ماڻهو حالتن جي چپيٽ ۾ اچي عرش کان فرش تي پوندو آهي يعني هو سکن مان نڪري ڏکن جي حوالي ٿي وڃي ته سندس ذهن مان سکن ڀريو ماضي جلد وسري ڪو نه سگهندو. اهڙي ماڻهوءَ لاءِ مذڪوره اصطلاح ڪيترو نه موزون ۽ مناسب جوڙيو ويو آهي.
ڪڏهن ڏينهن وڏو ته ڪڏهن رات وڏي ٿيڻ:
زمانو هميشه هڪ جهڙو نه هئڻ.
حالتون هميشه هڪ جهڙيون ڪو نه رهنديون آهن. ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک، ڪڏهن رنج ته ڪڏهن راحت، ڪڏهن سک جو وقفو وڏو ٿيندو آهي، ته ڪڏهن ڏک پهاڙن جيڏا اڳرا ٿي ويندا آهن. ڏکن وارا ڏينهن به سال پيا ڀائنبا آهن. ڪڏهن وري سک جي هڪ گهڙي صدين تي ڳري هوندي آهي. اهڙين ڪيفيتن لاءِ مٿيون اصطلاح منڊيءَ تي ٽڪ جهڙو محسوس ٿئي ٿو.
ڪوئلن جي دلالي ڪرڻ ڪوئلن جو ڪاروبار ڪرڻ:
بڇڙا ڪم ڪرڻ.
جهڙيءَ ريت ڪوئلن جو ڪاروبار ڪندڙ جا هٿ پير، لڱ لٽا ڪارا ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ ريت بڇڙا ڪم ڪرڻ سان ماڻهوءَ جي شخصيت داغدار ٿي پوندي آهي ۽ مٿس جڳ جهان جون آڱريون کڄنديون آهن ۽ هر ڪو کائنس نفرت ڪندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جو مثال ڪوئلن جو ڪاروبار ڪرڻ واري سان ڏيڻ ڪيڏو نه مناسب ۽ موزون لڳي ٿو. بڇڙا ڪم ڪرڻ وارو انسان نه فقط معاشري جي نظرن ۾ ڪري پوي ٿو پر الله جي حضور ۾ به گهنگار بڻجي ٿو جنهن ڪري سندس بُرن عملن جي سزا قيامت ۾ کيس ضرور ملندي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪيترائي غير معمولي اصطلاح ملن ٿا، تنهن ڪري هتي اختصار کان ڪم وٺندي هيٺ اهڙن اصطلاحن جي تشريح کانسواءِ رڳو معنيٰ تي اڪتفى ڪندي مختصر وچور پيش ڪجي ٿي.
آنا انبن ۾ ته ٻچا ٻٻرن ۾ هئڻ: سڄو ڪارخانو ڊانوان ڊول ٿيڻ.
بهشت ۾ دوزخ جي ڍنگري هئڻ: آرام ۾ خلل وجهڻ.
بي حيائي جو برقعو ڍڪڻ: لاهي پائي بيهڻ.
ٻاهريون ٻنو رکڻ: مٿاڇرو تعلق رکڻ.
پنهنجي گابي جا ڏند ياد هئڻ: پنهنجي حال جي پوري خبر هجڻ.
چلهه ۾ باهه نه دلي ۾ پاڻي هئڻ: مفلسيءَ ۾ گذران ڪرڻ.
دمڙيءَ جي دال ٽي وقت چاڙهڻ: سخت ڪنجوسي ڪرڻ.
ساڳي آويءَ جا ٺڪر هئڻ: ساڳي خاندان سان تعلق هجڻ.
سڀ کي ساڳي لٺ سان ڪاهڻ: لچ توڙي اشراف سان ساڳي هلت هلڻ.
سڱ ڪپائي گابن سان گڏجڻ: نوجوان بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
سُوا گڏهه ڦَرَ تي اچڻ: ڪاهي پوڻ – ڌُوڪي پوڻ.
سَوَڙِ ۾ چهنڊڙيون لڳڻ: زال جي مڙس کي فرمائش ڪرڻ يا لاڏ ڪرڻ.
سُئيءَ جي پاکي مان اُٺ لنگهائڻ: ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ.
سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ.: ڳالهه منجها ئي چوڻ / ڪرڻ.
شهين جي ڪَنَ ۾ هئڻ: گهڻي مشڪل سان ملڻ.
فالودو کائيندي ڏند ڀڄڻ: سولي ڪم ڪندي نقصان رسڻ.
قبر تي قبر اڏڻ: قرض تي قرض کڻڻ.
قرض کڻي ڪنگڻ پائڻ: قرض کڻي ٺاٺ ڪرڻ.
ڪڻڪ جي مانيءَ لاءِ فولاد جو پيٽ هئڻ: وڏي رتبي يا عهدي لاءِ وڏي حوصلي جي ضرورت هئڻ.
ڪوٽ جي مٽي ڪوٽ تائين پوري هئڻ: جنهن شيءِ مان ڪمائڻ ان تي ئي خرچ ڪرڻ.
کدڙي کي پٽ ڄمڻ: ناممڪن ڳالهه ٿي پوڻ.
کري کي تيل ڏئي پري ٿي بيهڻ: جهيڙو مڇرائي پاڻ نڪري وڃڻ.
گپ جو ڪِلو هئڻ: بنياد ڪمزور هئڻ.
گونگن جو ڳائڻ ٻوڙن جو ٻڌڻ: سڀ ڪم لڪ چوريءَ ۾ ڪرڻ.
لعنت جي لسيءَ تي پلجڻ: بي عزتي جي روزي کائڻ.
ماءُ جو پيٽ ڪنڀر جي آوي هجڻ: ماءُ جي پٽيان خوبصورت توڙي ڪوجها ڄمڻ.
ملان جي ڪُٺي حلال هئڻ: وڏي ماڻهوءَ جو هر ڪو ڪم جائز هئڻ.
هڪ مڻ علم کي ڏهه مڻ عقل کپڻ: علم کي سمجهڻ لاءِ عقل جو ضروري هجڻ.
نه پاروٿو بچڻ نه ڪتو در تي اچڻ: نه مالدار هجڻ نه چور جو در تي اچڻ.
هاٿيءَ جو بار هاٿي سنڀالڻ: وڏا ۽ غيرمعمولي ڪم حوصلي وارن کان ٿيڻ.