توڪل
يونيورسٽين ۾ امن امان جون حالتون جڏهن گهڻيون خراب ٿي ويون، ته مارشل لا حڪومت اتي پوليس چوڪيون ٺاهيون. هاسٽلن تي وڌيڪ سختي ڪئي وئي. پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ به هاسٽل ۾ رهڻ واريون روايتون ختم ٿي ويون. يعقوب کي جڏهن يونيورسٽيءَ وارن زوريءَ ڊگري ڏني ته هن کي به لاچار هاسٽل مان ٽپڙ کڻڻا پيا. ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڇڙن دوستن وٽ ٺڪاڻو ڪيائين، پر نيٺ ڪنهن بلڊنگ ۾ خالي ڪمرو مسواڙ تي ملي ويس. هاڻي هو پڪو حيدرآبادي هو. پڻس کيس گهڻو زور ڀريو ته ڳوٺ اچي رهي ۽ زمينون سنڀالي پر يعقوب ڳوٺ کان ونءُ ٿي ويو. ڪير ٻنين ٻارن ۾ رلي ۽ هارين سان مٿو هڻي. ان کان ته حيدرآباد جي رستن تي رلڻ ۾ وڌيڪ مزو هو. آڌي آڌي رات تائين هوٽلن ۾ ويهي دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ رستن تي پسار ڪرڻ کان پوءِ وڃي سمهندو هو ۽ منجهند مهل اٿندو هو. پيءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ان ڪري پڻس کيس خرچ پکو ڏيندو رهيو.
يعقوب جو پيءُ جڏهن سڀ هيلا هلائي چڪو ته هن آخري طريقو آزمايو. هن يعقوب جي شادي ڪرائي ڇڏي. ڇوڪري ٿوري گهڻي پڙهيل هئي ۽ ڏاج ۾ ڪجهه زمين به کڻي آئي هئي. يعقوب پهرين ته نٽايو هو، پر جنهن پيءَ سڄي ڄمار سندس مرضي رکي هئي، تنهن جو چوڻ کيس مڃڻو پيو. باقي پڻس جي اها آس پوري ڪا نه ٿي ته هو شادي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ڇڏي ڳوٺ اچي رهندو. يعقوب جا پرڪار اهي رهيا. ڳوٺ ويندو هو، ڪجهه ڏينهن رهندو هو، پوءِ حيدرآباد جي ڇڪ ٿيندي هئس ته جهلي جهل نه ڏيندو هو. پڻس ته هڻي هڻي بيٺو. پوءِ زال جو وارو آيو. پر اها به يعقوب کي حيدرآباد کان روڪي نه سگهي.
”سچي ٻڌاءِ، حيدرآباد ۾ ڪنهن سان ڦٽل ته ڪونه آهين؟“ زال هن کان پڇيو.
”نه، اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، قسم سان.“ هن زال کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
”پوءِ تو کي حيدرآباد جي ايتري ڇڪ ڇو آهي؟“ زال بي اعتباريءَ مان چيو.
”تو کي سچي ٻڌايان؟“ يعقوب جي اکين ۾ شرارت هئي. سندس زال جا ڀرون تاڻجي ويا.”ٻڌاءِ؟“
”آءٌ حيدرآباد سان ڦٽل آهيان.....“ هن ٽهڪ ڏئي زال کي ڇڪي ڀاڪر ۾ آندو.
ٻار ٻچا به ٿيا. هڪ پٽ، هڪڙي ڌيءَ. يعقوب زال ۽ ٻارن کي ڀائيندو به هو، پر ڳوٺ ۾ رهڻ هن لاءِ ڏکيو هو. هن جو وس هلي ها ته زمينون وڪڻي هميشه لاءِ حيدرآباد ۾ وڃي رهي ها. پر پيءُ جي اڳيان ان ڳالهه ڪرڻ جي هن کي همٿ نه ٿيندي هئي.
پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هو اڪيلو زمينن جو مالڪ بڻجي ويو. پڻس جو چاليهو نبري ويو ته هن پنهنجي من جي ڳالهه زال جي اڳيان کولي ظاهر ڪئي.
”ٻيلي، زمينن سنڀالڻ جو ڪم پاڻ کان ڪونه ٿيندو. آءٌ سڄي عمر ان کٽراڳ کان پري رهيس. مون کي ته ڪا خبر به ڪانهي. هاري مون کي ڦري کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.“
”زمينون نه سنڀاليندين ته پوءِ کائينداسين ڪٿان؟“ جوڻس حيرت مان چيو.
”سڄي دنيا جو گذر سفر رڳو زمينن تي آهي ڇا؟ ٻيا به کوڙ ڌنڌا آهن. جنهن ڪم سان دل نه لڳي، ان ۾ هٿ ئي نه وجهجي. ٻنيون مون کان ٿينديون ڪونه. نڪو آءٌ هتي رهي سگهندس.“
”پوءِ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟“ زال کانئس پڇيو.
”منهنجي مرضي آهي ته زمينون وڪڻي حيدرآباد ۾ گهر وٺي هلي ٿا رهون. ٻارن کي به اتي پڙهايون. ڳوٺ ۾ ڪهڙي پڙهائي آهي. ٽن چئن سالن کان پوءِ ته هونءَ به ٻارن کي شهر ۾ پڙهائڻو پوندو.“
”ٻنيون وڪڻي هلي شهر ۾ رهون! پوءِ گذران ڪيئن ٿيندو؟“
”اهو تون مون تي ڇڏ. شهر ۾ گهڻا ئي وسيلا آهن. ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳي ويندس.“
جوڻس ڏٺو ته سندس مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو فرق ته پوندو ڪونه. ٻارن جي پڙهائي جو به مسئلو هو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ تي هن جي به دل هرکي پئي.
يعقوب ٻنيون وڪڻي لطيف آباد ۾ بنگلو ورتو. ٻارن کي انگريزي- اڙدو ميڊيم جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هو دوستن سان اڳي ئي ڪنهن مناسب ڌنڌي ڪرڻ جي سلسلي ۾ صلاح مشورا ڪندو رهيو هو. دوستن کيس چيو ته اڄڪلهه سنڌي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ڏانهن رخ رکيو آهي. هڪڙو ته ڌاڙيلن سنڌي ماڻهن کي تپائي ڇڏيو آهي. ڍورن ڍڳن ۽ مال جون چوريون ويون ختم ٿي. هاڻي ماڻهن جي چوري زور تي آهي ڇو ته سڀ کان سولو ڪم اهو آهي. ڪنهن سڻڀي گهر جو ڪو ماڻهو اغوا ڪجي ۽ پوءِ ٻه ٽي لک وٺي موٽائجي. ماڻهو ڍور ڍڳا وڪڻي ڌاڙيلن کي پئسا ڏين، تنهن کان چڱو آهي ته اهي پئسا کڻي حيدرآباد يا ڪراچيءَ وڃي رهجي. اهڙن ماڻهن کان سواءِ ٻيا يعقوب جهڙا به هئا، جن کي شهري زندگي وڌيڪ پسند هئي. ڳوٺن کان شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو لاڙو ڪجهه وڌي ويو هو. سنڌي ماڻهن کي حيدرآباد ۾ گهرن جي ضرورت هئي. دوستن يعقوب کي ٻڌايو ته انهيءَ ڌنڌي ۾ جيڪي اسٽيٽ ايجنٽ آهن، تن ۾ سنڌي گهٽ آهن. هنن يعقوب کي صلاح ڏني ته هو اهو ڌنڌو ڪري. هڪ سٺي سينگاريل ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ٺاهي آرام سان ويٺو هجي. جنهن کي گهر وڪڻڻو يا مسواڙ تي ڏيڻو هوندو سو پاڻهي وٽس ايندو ۽ خريد ڪرڻ يا مسواڙ تي وٺڻ وارا ماڻهو هونءَ ئي ڳولها ۾ هوندا آهن.
يعقوب لطيف آباد ۾ هڪڙو دوڪان مسواڙ تي ورتو. ان ۾ شيشي جا پارٽيشن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ لڳرائي سٺو فرنيچر وجهي ويهي رهيو. ايترو وقت حيدرآباد ۾ رهڻ ڪري جيڪا ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئس سا به ڪم آئي. هن جو ڌنڌو چڱو هلي پيو.
ڏسندي ڏسندي ملڪ جي سياست جيڪا مارشل لا جي دؤر ۾ دٻيل هئي، تنهن عجيب پلٽو کاڌو. مهاجرن جي هڪ فاشي تنظيم جنم ورتو، جنهن ’مهاجر پاور، سپر پاور‘ جو نعرو هنيو. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي پرامن ماحول ۾ ڪا زهريلي گيس ڀرجي وئي. ڪراچيءَ ۾ مهاجرن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. وڏي خونا خوني ٿي. اهو جهيڙو وڌي اچي حيدرآباد پهتو. پٺاڻن جي جڳهين ۽ دوڪانن کي ڦري لٽي باهيون ڏنيون ويون. رستي ويندي جنهن کي، جنهن جو ماڻهو هٿ آيو ٿي، سو مئو رکيو هو. سنڌي خاموش تماشائي هئا.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳي ويو. يعقوب آرام سان گهر ۾ ويهي رهيو. هن جي ڏهاڙي ته هئي ڪانه جو ڳڻتي ڪري. پر کيس هڪڙي ڳالهه جو کٽڪو ٿي پيو. هن زال سان اها ڳالهه ڪڍي.
”الائي ڇو مون کي لڳي ٿو ته مهاجرن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جيڪو جهيڙو ٿيو آهي، سا هڪڙي قسم جي ريهرسل آهي. مهاجر رڳو پٺاڻن ۽ پنجابين کي پنهنجو دشمن ڪونه ٿا سمجهن. پنجابين ۽ پٺاڻن کي ته پنهنجا صوبا آهن، پر مهاجرن جو اصلي جهيڙو ڌرتي ڌڻين سان ئي ٿيندو.“
جوڻس اٿندي ئي سندس ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو.
”توکي لائي ڪٿان اهو خيال آيو آهي. اسان جي پاڙي ۾ سڀ مهاجر آهن. سنڌين جو رڳو پنهنجو گهر آهي. منهنجو انهن جي ماين سان گڏ اٿڻ ويهڻ آهي. آءٌ انهن جي گهر وڃان، اهي منهنجي گهر اچن. مون کي ته ڪڏهن ڪونه لڳو آهي ته مهاجر سنڌين جي خلاف آهن.“
”پاڙي جي ڳالهه ٻي آهي. منهنجو هر قسم جي ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. مون کي خبر آهي ته مهاجرن جو مٿو ڦريل آهي.“
”مٿو ڦريل اٿن ته پنهنجو ڇا؟ وڃي پنجابين پٺاڻن سان وڙهن. پاڻ وچ ۾ اچون ئي ڇو؟“جوڻس ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ئي ڪانه ڏني.
ڪرفيو لٿو ته زندگيءَ جو ڪاروبار وري شروع ٿي ويو. يعقوب جو کٽڪو لٿو ڪونه. هن پنهنجن دوستن سان اهو ذڪر ڪيو.پر دوستن هن جي ڳالهه کي جوڻس وانگر ڪا اهميت ڪانه ڏني.
”اهي سياسي پيچيدگيون تو کي سمجهه ۾ ڪونه اينديون. پنجابي سامراج کي سنڌي اڪيلا منهن ڏئي ڪونه سگهندا. سنڌي پنجابي سامراج سان به وڙهن ۽ مهاجرن کي به پاڻ کان الڳ ٿلڳ رکن ته پوءِ isolation جو شڪار ٿي ويندا. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ هڪ نئون طاقتور فيڪٽر آهي. سنڌي قوم پرستن کي انهن جو سهڪار حاصل ڪرڻ کپي. مهاجرن کي سنڌ ۾ ئي رهڻو ۽ مرڻو آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي طاقتون پاڻ ۾ ملي وينديون ته پنجابي سامراج کي ڏکيون پونديون،“سياسي شعور رکندڙ هڪ دوست يعقوب کي سمجهائيندي چيو.
يعقوب کي هن جي ڳالهه دل سان لڳي. سندس من ۾ پيدا ٿيل کٽڪي کي آٿت ملي ويو. هن کي لڳو ته مهاجر کيس وڌيڪ ويجها هئا. پاڙي جي لحاظ کان به ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان به. جيڪي پڙهيل لکيل مهاجر سندس آفيس ۾ ايندا هئا، تن جي اڳيان هو ايم ڪيو ايم کي ساراهيندو هو. سنڌين ۽ مهاجرن جي ٻڌيءَ جي پٺڀرائي ۾ پنهنجن سياسي دوستن کان ٻڌل دليل ورجائيندو هو.
جيڪڏهن ڪو مهاجر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهاجر شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪندو هو، ته يعقوب يڪدم ان ڳالهه جي تائيد ڪندو هو.
”آءٌ به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهيان. وقتي اتي مهاجر شاگردن تي زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. پر اها پنجابين جي چالبازي هئي. اهي ٻنهي ڌرين کي استعمال ڪندا رهيا آهن. هنن جي ڪوشش هئي ته مهاجر ۽سنڌي پاڻ ۾ وڙهيل هجن. سنڌي شاگرد تمام سادا آهن. ٻهراڙين مان هلي شهر ۾ يونيورسٽيءَ جهڙي وڏي تعليمي اداري ۾ اچن ٿا، ته ان وقت هنن ۾ ايتري سمجهه ڪانه هوندي آهي. رڍن وانگر هنن کي جنهن پاسي هلائبو آهي هلي پوندا آهن. ان ڪري اهي غلط حرڪتون به ڪندا رهندا آهن. پر هاڻي هنن ۾ اهو شعور پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جا اصل دشمن ڪير آهن. اڄڪلهه سنڌي شاگرد مهاجر شاگردن کي وڌيڪ ويجهو محسوس ڪن ٿا.“
ايتري ڳالهائڻ کان پوءِ يعقوب کي خوشي ٿيندي هئي ته هن ۾ به سياسي شعور اچي ويو هو ۽ سياسي معاملن تي چڱو خاصو ڳالهائي ٿي ويو.
پر يعقوب کي اها خبر ڪانه هئي ته فاشي تنظيمون ڪيئن جنم وٺنديون آهن ۽اهي مظلوم هجڻ جون رڙيون ڪري ڪيئن دهشت گردي ڪنديون آهن. حيدرآباد جي ميئر جي هڪ اخباري بيان خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جا سنڌي شاگرد بسن ۾ چڙهي ميونسپل آفيس پهتا. اوچتو بسن تي گولين جو وسڪارو ٿي ويو. اهي ساهه بچائڻ لاءِ حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ ٿي ڀڳا اتي هنن کي ڦيهو ويو. ستت ئي سڄي شهر ۾ مهاجر- سنڌي فساد شروع ٿي ويا.
يعقوب ان وقت پنهنجي آفيس ۾ موجود ڪونه هو. هو ڪنهن گراهڪ کي جاءِ ڏيکارڻ ويو هو. موٽي آيو ته سندس آفيس ۾ ڪا شيءِ سلامت نه هئي. شيشي واري پارٽيشن ڀور ڀور هئي. ايئرڪنڊيشن ۽ صوفا گم هئا. ايڏيون ڳريون شيون منٽن ۾ گم ٿي ويون! آسپاس وارا دڪان بند هئا. شهر ۾ ڪرفيو لڳي ويو. يعقوب گهر ۾ بند ٿي ويهي رهيو. هن جي من ۾ پيدا ٿيل کٽڪو هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو. ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قوم پرست اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون هليون. غلط فهمين کي دور ڪري هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ اتحاد تي زور ڏنو ويو. پر يعقوب جي کٽڪي کي هاڻي آٿت نه مليو. هڪ چڻگ به وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگهي ٿي. پوءِ به هن نئين سر آفيس کي ٺاهيو. آفيس کي ٺهرائڻ ۽ فرنيچر وٺڻ تي چڱو خرچ اچي ويو.
ٿورو گهڻو ڌنڌو اڃا هليو مس ته ٻيو ڀنڀٽ ڀڙڪيو. سڄي شهر ۾ باهه وانگر ڳالهه پکڙجي وئي ته ميئر تي سنڌين قاتلانه حملو ڪيو آهي. مينهن وسڻ کان پوءِ جيئن کنڀيون پيدا ٿينديون آهن، تيئن الائي ڪٿان نقاب پوش نڪري نروار ٿيا. هنن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف هيون ۽ جتي به ڪو سنڌي نظر آيو ٿي ته هن کي پرڻ ڪري ٿي ڇڏيائون. ڦڙڦوٽ پئجي وئي. دڪان بند ٿي ويا. يعقوب آفيس پوُري گهر ڏانهن ڀڳو. جيستائين ڪرفيو لڳو سنڌين جو گهڻو جاني نقصان ٿي چڪو هو. يعقوب جي آفيس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ’جيڪڏهن ان وقت آءٌ موجود هجان ها ته مون کي به آفيس ۾ جيئرو ساڙي ڇڏين ها.....‘ هن کي خيال آيو.
ايتري وحشانيت ۽ نفرت ڪٿان پيدا ٿي هئي! يعقوب جو نئون پيدا ٿيل سياسي شعور ان ڳالهه جو جواب نه ڏئي سگهيو. اوڙي پاڙي جي وهنوار ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو. پر دلين ۾ شڪ شبها پيدا ٿي چڪا هئا. ڪا کوٽ پئجي وئي هئي. چاليهن سالن کان گڏ رهندڙ مهاجر ۽ سنڌي هڪ ٻئي کي شڪي نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. ڪن پاڙن ۾ جتي سنڌي ٿورائي ۾ هئا، سندن گهرن تي حملا ٿيا هئا. ڪجهه ماڻهو ڳوٺ هليا ويا هئا ته انهن جي گهرن جا تالا ٽوڙي سامان جي ڦرلٽ ڪئي وئي هئي. لطيف آباد ۾ جنهن پاڙي ۾ سنڌين جا هڪ ٻه گهر مس هئا تن ڊپ وچان ڀڳڙن مٺ تي گهر وڪڻي ڇڏيا. ڄڻ چاليهن سالن کان پوءِ وري ورهاڱي جو ورجاءُ ٿيو هو. اڳي سنڌي هندن پنهنجا گهر ڇڏيا هئا ۽هاڻي سنڌي مسلمانن جو وارو هو.
گهرن وڪڻڻ واري ڌنڌي سان لاڳاپو هئڻ سبب، يعقوب کي خبر هئي جنهن گهر جي قيمت پنج لک هئي ته ان جا هاڻي ٻه لک مس ٿي مليا. خود يعقوب پاڻ گهر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اول ته ڪو گراهڪ ڪونه ٿي مليو، پر جي ڪو مليو ٿي ته ان اڌ قيمت کان به گهٽ پئسا ٿي آڇيا.
يعقوب جو ڌنڌو لطيف آباد ۾ بنهه ختم ٿي ويو هو. سنڌي ماڻهن حيدرآباد جي پرئين پاسي قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني ۽ڀٽائي ننگر وڃي وسايا هئا. ان پاسي يعقوب کي ڌنڌي جو چانس هو، پر هتي لطيف آباد ۾ ساهه سوريءَ تي ٽنگيو پيو هو. گهر ڇڏي وڃي ته ان تي قبضي ٿيڻ جو ڊپ هو. هن کي ڪا واهه نه پئي سجهي.
هڪڙي دوست يعقوب کان پڇيو، ” گهر ۾ ڪو هٿيار به اٿئي يا نه؟“
”هٿيار! نه يار، هٿيار ته ڪو به ڪونهي،“ يعقوب وراڻيو.
”پاڙي ۾ تنهنجو اڪيلو سنڌي گهر آهي ۽ سڀاڻي خدانخواسته تنهنجي گهر تي حملو ٿئي ته تو وٽ ڪو هٿيار به ڪونهي، جو پنهنجن ٻچن جو بچاءُ ڪري سگهين.“
”بس يار، توڪل تي ويٺا آهيون. مون ڪڏهن عمر ۾ ڪو هٿيار هٿ ۾ نه کنيو. پاڻ کي ته هلائڻ ئي ڪونه ايندو آهي.“
يعقوب پنهنجي زال کي دوست واري ڳالهه ٻڌائي. هن جي زال جو به اهو خيال هو ته شريف ۽ پرامن ماڻهن جو هٿيار سان ڪهڙو ڪم. ٻي ڳالهه ته سندس پاڙو به سٺو هو.
”هٿيار ته گهر ۾ پيو هوندو ۽سڀاڻي واٽ ويندي ڪو ماري ڇڏي ته گهر ۾ رکيل هٿيار ڇا ڪندو،“ يعقوب چيو.
”الله خير ڪري. باقي پاڙي ۾ ته ڪو ڊپ ڪونهي. پنهنجي ته ڪنهن سان دشمني ڪانهي. پوءِ هروڀرو پنهنجو نالو ڇو وٺندا...“ سندس زال چيو.
هڪ ڏينهن صبح جو يعقوب گهر جو ٻاهريون دروازو کوليو ته ان تي چاڪ سان منڌيئڙو لڳو پيو هو. اها ڳالهه اشارو هئي ته سندس گهر حملي جي زد ۾ هو.يعقوب پاڙي وارن کي گهران سڏي اچي اهو نشان ڏيکاريو.
”ڊڄو نه. اها ٻارن جي شرارت ٿي لڳي،“پاڙي وارن هن کي آٿت ڏني.
ڪجهه مهينن کان پوءِ 30 سيپٽمبر 1988ع ۾ حيدرآباد جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قتلام ٿيو. موٽرڪارن ۾ ويٺل ماڻهو حيدر آباد جي مهاجر علائقن ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندا شهر مان نڪري هليا ويا. ان قتلام جو حساب حيدرآباد ۾ خالي هٿين رهندڙ سنڌي ماڻهن کي ڀرڻو پيو. ان رات ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نقاب پوشن سنڌي گهرن ۾ گهڙي ڪئين خاندانن کي موت جو بک بڻائي ڇڏيو. جيڪي خاندان پنهنجن گهرن ۾ ماريا ويا هئا تن جا نالا اخبارن ۾ آيا. انهن ۾ هڪڙو خاندان يعقوب جو هو. خبر موجب ٻئي زال مڙس ۽سندن وڏو پٽ ماريا ويا ۽ ٽي ٻار زخمي ٿيا، جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.