هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ, مصنف : محمد مسعود کدرپوش

هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ
مصنف : محمد مسعود کدرپوش
سنڌيڪار : ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو
ڪيٽيگري : تاريخ، فلسفو ۽ سياست
ڇپيندڙ : پروگريسوِ ٿنڪرس فورم سنڌ
شايع ٿيڻ جو سال : 2020
شامل ڪيو ويو : 2023-03-23
ڏِٺو ويو : 291 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 112 ڀيرا

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ  1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ ۾ ڪليڪٽر ھو  طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن  ڏينھن ۾ حڪومت  پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون  تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تاريخ، فلسفو ۽ سياست مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ