ناول

موهن جو دڙو

ناول ”موهن جو دڙو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي تاريخي ناول نامياري ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو لکيل آهي. ياد رهي ته هي سندس ناول جو پهريون حصو آهي، ٻيو حصو هو لکي ڪونه سگهيو ۽ اسان کان موڪلائي ويو.
ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 8304
  • 2897
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي بابا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book موهن جو دڙو

مان ۽ منھنجو ناول : علي بابا

اسان تي الزام، آندا جڳ جيڻ جا ( اياز )

مون تي وڏا الزام آھن. انھن مان ھڪ ھي به آھي ته آئون پروفيشنل آھيان. آئون جيڪڏھن پروفيشنل ھجان ھا ته منھنجو ھيءَ ناول " موھن جو دڙو " اڄ کان پنجويھه سال اڳ مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ھا ۽ ٿي سگھي ٿو ته پبلشر به آئون پاڻ ھجان ھا. مونکي ياد آھي ته اھو ناول مون يارھن ٻارھن سالن جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو ھو. ان وقت قد بت ۾ به آئون پنھنجي پٽ عاشق لطيف جيڏو ئي ھئس. عاشق لطيف کي خبر آھي ته پريس ڇا ٿيندي آھي. سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪٿي آھن ۽ ھڪ اسڪرپٽ ڪيترن مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ ڪتابي شڪل ۾ ايندو آھي. پر ان وقت مونکي ڪا خبر ڪانه ھئي ته سنڌي ادبي بورڊ جو دفترڪٿي آھي. رسالا ڪٿان ۽ ڪئين نڪرندا آھن ۽ ايڊيٽر ڪھڙي بلا جو نالو آھي. آئون پنھنجي منھن پيو لکندو ھئس. ان وقت ڇپائيءَ جو تصور ئي مون وٽ ڪين ھو. بس ذھن جي ڪينواس تي ڪي شڪليون ڪي ڪردار، ڪي سٿان اڀرندا ھئا. آئون انھن کي ڪاڳرن تي پيو اتاريندو ھئس. اھو سڄو ڪم آئون پنھنجي اسڪول جي ڪم کان وڌيڪ اھم سمجھي ڪري خاص حيدرآباد وڃي، ٻارھين، پندرھين روپين واريون اوچن پنن واريون ٿلھيون خوبصورت ڪاپيون ۽ شيفرڊس ۽ پارڪر پينون وٺي پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو ھئس. اھي ڪاپيون جلدي ڀرجي وينديون ھيون ته آئون وري ٻيون ڪاپيون وٺي ايندو ھئس. لکندي منھنجي سيٽسفيڪشن نه ٿيندي ھئي ته آئون اھي لکيل ڪاپيون ڦاڙي يا ساڙي ڇڏيندو ھئس ۽ اھو سلسلو چار پنج سال ھلندو رھيو. انھن ڏينھن ۾ آئون ايس ايم ھاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ پڙھڻ لڳو ھئس. جيڪو پاڻ ھڪ وڏو شاندار اسڪول ھو ( اڄ به آھي ). انھن ڏينھن ۾ ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل لئبريري ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي. مونکي، موھن جي دڙي تي جيڪو به مواد ملندو ھو آئون انکي ڏاڍي غور ۽ فڪر سان پڙھندو ھئس. ان لئبريري جو انچارج منھنجو مامو عبدالله ڊي بلوچ ھو جيڪو ساڳئي وقت ايس ايم ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر به ھو. انڪري لئبريري جي ڪٻٽن جون چاٻيون به مونکي ملي وينديون ھيون ۽ مونکان ڪتاب کڻي وڃڻ جي ڪا به پڇا ڳاڇا نه ٿيندي ھئي تنھنڪري آئون پنھنجي مقصد جا ڪتاب گھر کڻي ويندو ھئس. پڙھڻ کانپوءِ وري ڪتاب موٽائي کڻي لئبريريءَ ۾ اچي رکندو ھوس. وري نوان ڪتاب کڻي ويندو ھئس. ان طرح لئبريريءَ ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ڪتابن جون الماريون اٿلائيندي ڪيترا سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب مونکي ڏسڻ ۾ آيا. جن ۾ " دي لاسٽ ڊيز آف پامپي "، "ڌرتي ماتا"، " سڌارٿا "، " اولڊ مين ائنڊ ڊي سي "، " وار اينڊ پيس "، " دي آئوٽ سائيڊر "، "ھيون نون مسٽر علي سن "، " گڊارٿ ". مطلب ته الاھين ڪتاب جن منھنجو ذھن پاڻ ڏانھن ڇڪيو. ان وقت ۾ اردو ڪتاب سنڌ جي لئبريرين ۾ ڪو نه ھوندا ھئا ۽ انھن ڏينھن ۾ رڳو سنڌي ۽ انگريزي ادب پڙھيو ويندو ھو. انڪري مونکي اردو ادب جي ڪا خبر ڪا نه ھئي ته اردو ۾ ڪو به ادب لکيو ويندو آھي. پڙھڻ وقت آئون اھو ڪونه ڏسندو ھئس ته ڪتاب جو ليکڪ ڪير آھي، ۽ نه ئي وري مھاڳ. بس ھٻڇ ڪري پھرئين باب کان شروع ڪندو ھئومانس. ان سڄي دور ۾ مونکي سنڌيءَ جي ڪنھن به اديب، پبلشر، ايڊيٽر يا ڇاپاخاني جي ڪا به خبر ڪانه ھئي. بس مون وٽ سنڌي اديبن جو تصور ڪجھه ڊاڪٽر گربخشاڻي، حيدر بخش جتوئي، علامه دائود پوٽو يا پراڻن ۾ مرزا قليچ بيگ جھڙو ھو. گھڻو ڪري آئون ائين سمجھندو ھئس ته جديد دور جو اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ حيدر بخش جتوئي جي قسم جا ماڻھو ھوندا ھئا. آئون سمجھندو ھئس ته اھي سڀ عينڪون پائيندڙ سوٽيڊ بوٽيڊ ڪراڙا ماڻھو ھوندا آھن. بس اھڙو ئي اميج ھيو ڪجھه مون وٽ سنڌي اديبن لاءِ. ان وقت منھنجي مقصد جا مون وٽ رڳو ٽي ساٿي ھئا. جن سان پيو اندر جو اورڻ اوريندو ھئس. ھڪ منھنجو اپاھج چاچو ڇُٽو خان جنھن مونکي پُٽ ڪري پاليو ھو. ٻارھن سالن تائين آئون پنھنجي چاچي کي سڳو پيءُ سمجھندو ھوس جيڪو سنڌي ۽ گورمگي پڙھيل ھو. تنھن منھنجي لکڻين کي ڏاڍو ساراھيو ھو. جنھن ھمٿايو ھو ته تون دنيا جو سڀ کان وڏو ڪم ڪري رھيو آھين. ٻيو عبدالڪريم ۽ ٽيون ساٿي ماءُ ھئي. ڏاڏي وٽ پلجڻ ڪري منھنجي سنڌي ٻولي صفا خراب ھئي. انڪري ماءُ مونکي شاھ تمام سھڻي نموني ڪجھه سٺي ۽ تلفظ سان پڙھايو. ۽ قرآن شريف جا بھترين چيپٽرز جي معني سنڌيءَ ۾ ٻڌائينديءَ رھي.
مون پنھنجي چاچي جي حياتيءَ ۾ ان ناول کي ٻه ڀيرا مڪمل ڪيو، پر منھنجي تسلي ٿي نه سگھي. مون اُھي ڦاڙي ڇڏيا. ان وچ ۾ مون ٽي چار ڪھاڻيون لکي ورتيون ھيون " پڃري جا پکي " "ڌٻڻ " ( جيڪا مونکي نه وڻندي آھي ) " نه ته ساڻ ھلن سير ۾ ". جن ۾ رکي رکي آئون ڦير ڦار ڪندو رھندو ھئس. اسڪول ۾ منھنجا ماستر مون تي ڪاوڙجي پوندا ھئا. انڪري ته مونکي " ڊريگن بڪ آف ڪورس " " ٽيلزفرام شئڪسپيئر" " شاھ " تاريخ، جيو گرافي کان سواءِ پنھنجي ٻين اسڪول جي ڪتابن جي خبر ڪانه پوندي ھئي. اھو سمورو وقت آئون پنھنجي ناول تي سوچيندو رھيس. تڏھن آئون اھو سمجھندو ھئس ته سنڌي ڪتاب ڪراچي يا بامبي مان نڪرندا آھن.
پوءِ منھنجو چاچو گذاري ويو. ان وقت منھنجو سڀ کان وڏو خرچ ڪاپين ۽ انڊپينن تي ھوندو ھئو. پوءِ آئون سادن ڪاغذن تي لکڻ لڳس. ھڪ ڀيرو عبدالڪريم بلوچ جو ھڪ دوست سيد " خادم حسين شاھ " ( جيڪو پوءِ منھنجو به دوست ٿي ويو ) تنھن منھنجي ھڪ ڪھاڻي " پڃري جا پکي " عبدالڪريم بلوچ کان وٺي شمشيرالحيدريءَ کي ڏني جيڪا مھراڻ ۾ ڇپجي وئي. مھراڻ ۾ ٻي ڪھاڻي ڇپائڻ لاءِ آئون پاڻ حيدرآباد ويس. انھن ڏينھن ۾ مھراڻ جي آفيس تلڪ چاڙھيءَ تي ھئي. اندر گھڙي مونکي چڪر اچي ويو. اندر مولانا غلام محمد گرامي، ڏيپلائي، عندالله خواب صاحب جن شيروانيون پائيو ويٺا ھئا. سندن وڏيون وڏيون عينڪون ۽ شيروانيون ڏسي آئون دل نه جھلي سگھيس ته ھيءَ ڪھڙي مخلوق ويٺي آھي. سو آئون ڏاڍو پريشان ٿي موٽي آيس.
ٽن چئن مھينن کانپوءِ شمشيرالحيدري سان ملڻ کانپوءِ سندس سھڻو اخلاق ۽ آڌر ڀاءُ ڏسي آئون ساڻس ھري مري ويس ۽ زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون حيدرآباد ۾ " سنڌي ادبي بورڊ " جي پريس جون مشينون ڏٺيون. شمشير منھنجي ناول جا ٻه ٽي باب پڙھي ڏاڍو ساراھيو ته تو جھڙيءَ ريت ناول شروع ڪيو آھي، ان ريت جي تون ان ناول کي نباھي وئين ته اھو ناول ھن صديءَ جي بھترين ڪلاسڪس ۾ شامل ڪيو ويندو. ان طرح مون سنڌي ادبي دنيا ۾ پير کوڙيا. انھن ڏينھن ۾ طارق اشرف " ھڪڙو قدم " " ٻيو قدم " کڻندي " سھڻي " تائين پھچي ويو ھو. مون کيس سھڻيءَ جي ٽئين پرچي لاءِ ھڪ ڪھاڻي " زندگي " ڏني. طارق ان ڪھاڻيءَ جو نالو مٽائي " مجسمو " ڪري ڇڏيو ۽ پروف جي فقط ھڪ چُڪ جي ڪري ڪھاڻي سڄو وجود ڊھي ڪري پيو. ان ريت " سھڻي " ۾ لکڻ کان منھنجي دل کڄي وئي. ان وقت حميد سنڌي " روح رھاڻ " ڪڍندو ھو. پوءِ آئون روح رھاڻ ۾ لڳاتار ڪھاڻيون لکڻ لڳس. جي " روح رھاڻ " ۾ ڏاڍي سھڻي نموني شايع ٿيڻ لڳيون. حميد شيخ اياز، امداد ۽ تنوير جيان مونکي به تمام گھڻو اسپيس ڏيڻ لڳو. ان ريت منھنجو اھو ناول " موھن جو دڙو " روح رھاڻ ۾ شايع ٿيڻ لڳو. اڃان ناول جا ست اٺ باب مس ڇپيا ھئا ته " روح رھاڻ " رسالي تي بندش وڌي وئي. ان دور ۾ شوڪت حسين شورو، عبدالحق عالماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر ارباب علي کھاوڙ، امداد حسيني، رسول بخش پليجو منھنجا دائمي ادبي دوست بڻجي ويا. انھن ئي ڏينھن ۾ شمشير کي " نئين زندگي" جو ايڊيٽر چونڊيو ويو. ۽ منھنجو اھو ناول " نئين زندگي" ۾ قسطوار ڇپجڻ لڳو. پوءِ شمشير ۽ منھنجي پٺيان پنھنجي ئي سنڌي عالمن ۽ مولوين باھي ٻاري ڇڏي، ته رسالو عليءَ ۽ شمشير جي جاگير آھي ڇا؟ ھي ماڻھو سرڪاري رسالي ۾ وڏو گند ڦھلائي رھيا آھن. منھنجي دل ڀڄي پئي انڪري مون " نئين زندگي " ۾ لکڻ بند ڪري ڇڏيو.
ان وچ ۾ آئون ريڊيو پاڪستان تي ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکڻ لڳو ھئس. وري پاڪستان ٽيليويزن جي جنم وٺڻ ڪري ٽيلويزن تي ٽيڪنيڪل ڊراما نويس نه ھئڻ ڪري مونکي زوريءَ ٽيلويزن جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو ويو. مون عبدالڪريم بلوچ ۽ شمشير کي الاھين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته منھنجو ناول اڌورو پيو آھي. پر ھنن منھنجون سڀ ڳالھيون رد ڪري ڇڏيون. ۽ وري مونکي اھڙو پبلشر به نه پئي نظر آيو جيڪو فضيلت سان منھنجو ناول ڇاپي. پوءِ ھڪ ڏھاڙي سفر ڪندي ڪو شاھينگ منھنجي پيتي کڻي ويو. ان طرح آئون ان ناول جو وڏو حصو وڃائي ويٺس. ۽ ڏاڍي اُٻھرائي سان سوچيم ته ٺيڪ آھي سنڌي ماڻھو اڃا ان قابل نه ٿيا آھن جو سندن ھٿ ۾ ڪو فضيلت وارو ڪتاب ڏنو وڃي.
۽ اڄ آئون ڇٽھين سالن کان پوءِ ان ناول ۾ ڪيتريءَ ڦيرڦار ڪرڻ کانپوءِ "نيو فيلڊس" پاران ان ناول جو پھريون حصو پيش ڪري رھيو آھيان. آئون ڪوشش ڪندس ته ٽن چئن مھينن اندر آئون ناول مڪمل ڪري پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان.
ٻي ڳالھه ته مون ان ناول کي جنھن رنگ ڍنگ سان لکڻ پئي چاھيو حالتون سازگار نه ھئڻ ڪري شايد آئون ان سان انصاف نه ڪري سگھيو آھيان. پر جئين ته آئون اھو ناول ڪچيءَ کان پنھنجي لاءِ لکي رھيو ھئس. فقط پنھنجي سيٽسفيڪشن لاءِ. ھاڻ اھو نقادن ۽ پڙھندڙن کي وڻندو يا نه انھيءَ ڳالھه لاءِ آئون ذرو به پريشان نه آھيان.


علي بابا