2
" شيوا، تون شام جي ديوي سنڌيا وانگي حسين آھين.
" تنھنجون ڪجليون چيراليون اکيون، تنھنجي گلاب جھڙي مکڙي تي ڀونرن جي جوڙي جيان ٿيون لڳن.
" او شيوا، تنھنجا اُرھ ڀلي سوئا ٿاريلي گاءِ جي اوھ انگي ڀرڀور آھن.
" تنھنجون ٻانھون ڪوراڙ بلائن جو جوڙو آھن.
" جڏھن تون نيرو گج ۽ پڙو پائي، سينگار ڪري، ڊيل وانگي اوچو ڳاٽ ڪري ھلين ٿي، ته مکي ٻيلي جي مورن جي مھاراڻي لڳين ٿي.
" جي سوم ديوتا تنھنجي چپن جو امرت پئي ته الوٽ ٿي وڃي."
شيوا آنھريءَ ۾ ڏاڍي موھ سان نھاريو ۽ لڄوڙيءَ مرڪ سان چيائين،
" سرتيون، ڇا سچي به مان ايتري حسين آھيان؟ "
" ھا شيوا، تون سانوڻ جي سپت سنڌوءَ جيان حسين آھين. اوشا ۽ سنڌيا جي تو کي ڏسن ته پروشڻيءَ ۽ ستادرو وانگي تنھنجو پاڻي ڀرين. او شيوا، تون ڪنوار جا سينگار ڪري، ڄڃ جي وھڪري سان جنھن جاءِ به ويندينءَ، اھا جاءِ خوشين جي ڦلواڙي ٿي ويندي."
شيوا آنھريءَ ۾ پاڻ کي چڱيءَ طرح جانچن کان پوءِ اٿي کڙي ٿي، ۽ ساھيڙين سان گڏجي ماءُ ۽ پيءُ جي ڪمري ۾ آئي، جي ھڪ نويڪلي ڪوٺيءَ ۾ ويھي پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھئا. ماءُ کيس ڏسي سندس سر تان ٻانھون گھوريون ۽ ھڪ ٽامي جي چمڪندڙ تراکڙيءَ تي کيس کير جو ڀريل پيالو رکي ڏئي چيائين، " شيوا، وڃ ھيءُ کير مھاويد کي پياري اچ " شيوا ماءُ کان ترا کڙي وٺي، ماءُ ۽ پيءُ جي آگيا ۾ ڪنڌ جھڪايو ۽ ترا کڙي کڻي. ڌڙڪندڙ دل سان، مھاويد جي ڪوٺيءَ ڏانھن وڃڻ لڳي. سڀ سرتيون کيس مھاويد آتم تارا جي ڪوٺيءَ ڏانھن پٺيرو ويندو ڏسي ريسارين نظرن سان مرڪڻ لڳيون.
شيوا ھيکل رتول جي رنگين ورھانڊن جي لسڙي فرش تان پوچارا پير ڀريندي، پنھنجي من مندر جي ديوتا جي شيوا ۾ وڃي رھي ھئي، جتي سرير ۽ آتما نرواڻ ھئي، جنھن کان پوءِ ھي سارو جيون، ساري ھلچل، ھيءَ سارو ڏيک ويک، ھي ساز ۽ سنگت ھڪ مونجھارو ھو، ھڪ مانڌاڻ ھو، ھڪ منجھڌار ھو، جنھن۾ ھوءَ ان ناءُ جيان ٻڏتر م ھئي جنھن جو ناکئو نه ھو، نه ڪو مانجھي نه ھو. ھا، ھا..... پريم بنا ھي جيون بي معني آھي، سراپ آھي، جنھن جي ڪائي ڪنڌي ڪانھي، ڪو اٿاھ ڪونھي، ڪو انت ڪونھي. پريم ديھه جو سڀ کان وڏو ڌرم آھي. پر ھن جي من مندر جو ديوتا اڃا گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ ھو. ھن سوچيو، اڄ ھوءَ پنھنجي من جي ديوتا کي جاڳائڻ لاءِ پيار جو سنگ وڄائيندي، ھن کي جاڳائيندي، ۽ ھن جي چرنن ۾ پيار جا املھه ماڻڪ موٽائي ڇڏيا ته پوءِ ڇا ٿيندو، ڇا ٿيندو؟ انھيءَ ٻڏتر ۾ جڏھن شيوا کير جو ڀريل پيالو ترا کڙيءَ تي کڻي آتم تارا جي سجايل ڪوٺيءَ۾ پير رکيو، ته سيج تي ليٽيل آتم تارا کيس ڏسي ھڪدم اُٿي کڙو ٿيو ۽ ٻانھون ٻڌي کيس پرنام ڪيائين.
" پرنام، " شيوا چيو، ۽ پوڄارڻين جيان تپسيا سان ھلندي اچي، سندس آڏو گوڏن ڀر بيٺي. ھن جو ڪنڌ جھڪيل ھو. آتم تارا ڏاڍي موھ سان ڏانھنس نھاريندو رھيو.
" شيوا، مون چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ مور کي ناچ ڪندي ڏٺو آھي، ۽ سدا ائين ڀائيندو ھوس ته مور نرت جو انت آھي. پر تنھنجي سونھن ۽ ناچ ڏسي ڀانيان تو ڪلا جو ڪو انت ڪونھي. سچ، تون سپنن جي اپسرائن کان به سندر آھين. " شيوا ڊيل جيان ڪنڌ مٿي کڻي، گھائل مڌماتن نيڻن جي گھور سان نھاري چيو، " مھاويد، ناچ سرير جي ڪويتا آھي،اندر جي اُڀام، بن ۾ مور نچندو آھي، ڪنھن لاءِ نچندو آھي، ايءُ رڳو مور ڄاڻي ٿو، مان ھنيان اڳي ڪڏھن به ائين سڌ ٻڌ کوئي نه نچي ھيس، سنگيت جي وھڪري ۾ ڪڏھن ائين نه لڙھي ھيس." ھوءَ واجھه وجھندڙ گھور سان آتم تارا جي ڪڪوريل نيڻن ۾ نھارڻ لڳي. آتم تارا جي اکين ۾ بيچيني ھئي. ٻنھي جي سوچ بيھي وئي ھئي ۽ ٻئي ھڪٻئي جا ڳجھه ڳولڻ لاءِ ھڪٻئي جي اکڙين ۾ کوئجي ويا اکڙيون جي دل جي زبان آھن، اکڙيون جي اندر جي آنھري آھن. شيوا جي مکڙي تي ڄڻ پرھ جا پاڇاوان پئي پيا، ۽ نيٺ ھن آتم تارا جي سج جيان ٻھڪندڙ صورت جو تاءُ نه جھلي، ڳاڙھي کنبھي ٿي ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو. آتم تارا بنھه سندس ويجھو آيو ۽ جھيڻي آواز سان چيائين، " شيوا، مان سڀاڻ سون ساڻيھه رمندو ٿيندس، ھي جشن جي رات، تنھنجو ناچ، ھي تنھنجا وشال نيڻ ڪڏھن نه وسرندا. سچ، من ته ائين ٿو چاھي ته جيون جي ھر موڙ تي، چيٽ جي چانڊوڪين ۾ تو کي پسندو رھان. " شيوا ڄڻ اچانڪ سپنو ڏسندي ڏسندي ڇرڪ ڀري جاڳي پئي ھئي. ڏاڍي پيڙا سان چيائين،
" اوه راڄاڻ، اڃا ته اوھان جي صورت ڏٺي اسان جون اکيون به نه ٺريون، اوھين وڃڻ جون ٿا ڪيو. ايءُ ته سپنو ٿيندو."
" ھا شيوا، ھي جيون ڏک سک جو سپنو آھي. مون کي وڃڻو پوندو. مان وڏو مام پروڙي آيو آھيان،"
" اوھان وس وارا آھيو. ڀلا ديوتائن تي ڪنھن جو وس ھليو آھي؟ " شيوا گھائل ٿي، ڪنڌ جھڪائي، سندس آڏو کير جي پيالي واري ترا کڙي وڌائي. آتم تارا ٻه چار ڍڪ ڀري پيالو وري ترا کڙيءَ تي رکيو. ٻنھي جون نظرون وري ٽڪرايون. شيوا وري سندس آگيا ۾ ڪنڌ جھڪايو، ۽ پٺيرن پيرن سان سندس ڪوٺيءَ مان نڪري وئي.
ان رات شيوا ڪنھن سان به نه ڳالھايو. ماءُ، سرتيون، آتڻ – ھاريون، سڀ وائڙيون ٿيو ڏانھنس نھارينديون رھيون. ھوءَ چپ چاپ پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ھلي وئي.
ان رات ھوءَ ساري رات سيج پلنگ تي سوڙين ۾ ڪرون موڙيندي رھي. اھو سندر سپنو جو ھوءَ ڏسي رھي ھئي، سرجي سرجي ٽٽي ويو. سڀ آشائون اُمنگون ھٿ مان ڇڏايل ٽانڪئي آنھريءَ جيان ڪري چڪنا چور ٿي ويون. ھوءَ ساري رات سرھيءَ سيج تي تڙپندي رھي، سوچيندي رھي.
' ھي سپنا ڇو ٿا سرجن، ھي ديوتا فاني عورتن سان پيار ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي ڇو ٿا لھن. ھن جي سپنن جو سپرين ايڏو جلد ھليو ويندو، ھوءَ وري ان راول کي ڪڏھن پسندي ڪھڙين چيٽ جي چانڊوڪين ۾ ويل ڪانڌ وري ڪڏھن واھر ڪندو. اڃا ته ھن پنھنجي ديوتا جي چرنن ۾ ڪري انت به نه پاتي. اڃا ته ھن پنھنجي پريم کي چپڙن جو امرت به نه پياريو. اڃا ته ھن پنھنجي ارڏي سپرينءَ جي نيڻن جي پاڻ کان گھائل ٿي پاڻ کي ھن جي جھوليءَ ۾ نه وڌو. اڃا ته، ھوءَ ڳل ڳيراٽي پائي، پنھنجي من مندر جي ديوتا جي ڳچيءَ جو ھار به نه بڻي. اڃا ته ڪجھه به نه ٿيو. ھو ايڏو جھٽ ھليو ويندو. ھاڻي..... ھوءَ ساري رات سوچيندي رھي، تڙپندي رھي. ان ڏھاڙي مکيءَ ھڪ جوڀ جواڻ کي سوني جي مھاراجا ڏانھن ريٻارو ڪري موڪليو.
ھر شي ڄڻ ننڊ ۾ الوٽ ٿي وئي ھئي، تڏھن رڳو اُماڙين جي جھيڻيءَ جوت ۾ ڌرتي ماتا جي وڏي مورتي جاڳي رھي ھئي. ماتا جي پيار ۽ پيڙا سان ڀرڀور، ننڊاکڙي، اوجاڳيل، آدجڳاد جي سوچن ۾ ٻڏل، ڄڻ سوچي رھي ھئي ؛ ھاڻ ھن وٽ ڪھڙا سک جا سپنا آھن، جن جي ھوءَ پنھنجن پوڄارين تي ورکا ڪري. سڄي پوڄا گھر ۾ ھر طرف سانت ۽ سوچ پکڙي پئي ھئي.
ان ويل، رات جي نوائيءَ ۾، چار اُماڙيون، ڇپر کٽ وانگي، وسنديءَ جي سنسان گھٽين مان، ٽانڊاڻي جيان روشنيءَ جا ترورا ڦھلائينديون، پوڄا گھر ڏانھن وڌي رھيون ھيون. اھي چارئي اُماڙيون کير جھڙن اڇن وڳن ۾ ويڙھيل ديوداسين جي ھٿن ۾ ھيون، ۽ انھن جي وچ ۾، شيوا، نو ورنيءَ ڪنوار جيان سينگار ڪريو، تپسيا سان ٻانھون ٻڌيو ھلي رھي ھئي. سندس موتين جڙيل ڳاڙھو گج اُماڙين جي روشنيءَ ۾ چوڏھينءَ جي رات جيان چمڪي رھيو ھو.
پوڄا گھر ۾ اچي پيشوا ناچ جي گول نيري پنڊال تي بيٺي، چارئي ديوداسيون ھن جي چوڌاريءَ ھڪ وڏي وٿيءَ سان چونڪ ٺاھيو بيٺيون رھيون، شيوا ڪيتريءَ دير تائين ٻانھون ٻڌيو، بيچين نيڻن سان ڌرتي ماتا ڏي نھاريندي رھي. اماڙين جي سوجھري ۾ سندس لال گلابي چھرو ٽامي جي ڌوتل ٿانو جيان ٻھڪي رھيو ھو. ھوءَ پاڻ به نھائينءَ مان تازيءَ پڪل مورتي جيان پئي لڳي. ھن جي اندر جي سمور ي پيڙا ۽ آنڌ مانڌ، دم تي رکيل ديڳڙيءَ جيان اُڌما کائي، سندس چھري جي ريکائن سان پڌري ٿي رھي ھئي. اکين جا بند ڄڻ ٽٽي پيا ھئس، ۽ ڳوڙھن جو درياھ نيڻن مان ڇلي پيس. ... ۽ ھوءَ وڻ جي ڪپيل ڏار جيان ڍرڪندي، اونڌي ٻوٿ اچي ڪري، ۽ سڏڪا ڀري ڌرتي ماتا کي ٻاڏائڻ لڳي ؛
" او ڌرتي ماتا وڌاتا !
اڄ منھنجو من اساٽ آھي، اٻاڻڪو آھي. مان ھڪ ارڏي ديوتا جي پيار ۾ پچي رھي آھيان، او ديوي، مونتي ديا ڪر!
" اڄ منھنجي من جون ساريون امنگون ڇرڪ ڀري جاڳي پيون آھن، منھنجي من ۾ ھڪ مھا پرلئه برپا آھي، ۽ منھنجي جواڻي سانوڻ جي سنڌوءَ جيان اٿلڻ لاءِ آتي آھي !
او ديوي، مون تي ديا ڪر. .... ديا ڪر !
" منھنجو من ميڻ کان ڪنئرو آھي. مان ھن جي ڦوڙائي جو ڦٽ سھي نه سگھينديس. ھن جي وڇوڙي جو ويراڳ مون کي ماري وجھندو. او شڪتي ماتا، او سونھن ۽ سندرتا جي ديوي، توکي پنھنجي ھمالا ڇاتين جو سوڳنڌ، مونکي پنھنجو راول ريجھائي ڏي. اڄ جي رات منھنجي اکين ۾ ڪامڻ ڀري ڇڏ. جو مان پريم پوڄيندس. اڄ جي رات منھنجي سَنڌ سَنڌ ۾ جادو جاڳائي ڇڏ، جو مان من مندر جي ديوتا کي ھر کائيندس ؛ او ديوي، مون کي آگيا ڏي، مون کي شڪتي ڏي، نه ته منھنجو ھانءُ ڏري پوندو، ۽ منھنجي آتما تنھنجي مندر ۾ سدائين وڳر کان وڇڙيل ڪونج جيان ڪيھون ڪندي رھندي، مون کي آگيا ڏي ديوي، مون کي آگيا ڏي.... "
ھوءَ ڌرتي ماتا آڏو بيسڌ ٿي، سڏڪندي ۽ ٻاڏائيندي رھي، ھن جي آھ زاري تي مھاپوڄاري اندران ڏيوريءَ مان اٿي، ھلندو، سڌو مٿان اچي بيٺو. ھوءَ بيسڌ پيئي رھي، ايستائين جو ڪَتين ڪَر موڙيا، ۽ تارا، تِر، تروڪڙيون سُھائي سرڳدام تان ھڪ ھڪ ٿي ڇڄڻ لڳا. سڀ پوڄارا ۽ پوڄارڻيون جاڳي ڌرتي ماتا جي شيوا ڪرڻ لڳا. سانت جي سِير ۾ گھنڊن جو پڙالو وڄڻ لڳو. سڀ پوڄارا ۽ پوڄارڻيون، ٻانھون ڦھلائي، سريلا آلاپ ڪڍي، ڌرتي ماتا آڏو سجدا گھورڻ لڳا، پر شيوا، ڪنھن ماتا جي گرڀ ۾ ستل ٻار جيان سڀني کان بيسڌ ٿيو، سجدي ۾ پئي ھئي.
ان ويل مھاپوڄاري وڏيءَ مورتيءَ اڳيان سر کڻي، ھوريان ھوريان ھلندو، پنڊال تي شيوا جي مٿان اچي بيٺو، ۽ مٿانئس ڳاڙھي پٽ جي سچلين ڪوڏين ٻڍل ڳاني وراو ھٿ دعا سان ڊگھيري چيائين ؛ " اي پدمڻي نينگري ! ڌرتي ڇا ڇا دان ڪري ٿي، ايءُ رڳو ديوتا ڄاڻن ٿا. تو ساري رات ڌرتي ماتا جي پوڄا ڪئي ۽ ڌرتي ماتا کي خوش ڪيو. اڄ جي رات تنھنجي ھر منتا پوري ٿيندي. اچي، ھيءَ سھاڳ جو پڙھيل ڳانو وٺ، ۽ وڃي پنھنجي پريميءَ کي جنم جنم ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏ. "
اھو آواز شيوا کي ڄڻ پري ڪنھن پولار مان ٻڌڻ ۾ آيو. ھن ھوريان ھوريان سجدي مان منھن مٿي کڻي، مھاپوڄاريءَ ڏانھن نھاريو. ڏڪندڙ قدمن سان ھلندي، ڌرتي ماتا جي آڏو آئي، ۽ ڳاني وارا ھٿ ٻڌي، وڏا وڏا سجدا گھورڻ لڳي. سڄو پوڄا گھر گھنڊن، ٽلين، جانجھه ۽ پوڄارڻين جي ياترا جي سريلن آوازن سان گونجي ويو.
پوءِ شيوا وڏي سجدي مان اٿي، ڌرتي ماتا آڏو نوڙندي، سھاڳ جي ڳاني وارا ھٿ ٻڌندي، پٺيئن پيرين ھلندي، چئني ديوداسين جي وچ ۾ اچي بيٺي. ھن جي پنڊال تي ايندي ئي چئني ديوداسين پنھنجا منھن پوڄا گھر جي وڏي در ڏانھن ڦيرايا، ۽ شيوا سميت پوڄا گھر مان نڪري، ڌنڌ سان گھريل وسنديءَ جي ڀنڀرڪن ڀتين ڏانھن وڃڻ لڳيون.
رات جي ديوي، ڪنھن پرينءَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل مُنڌ جيان، ٿڪي چور ٿي، ستارن ھاڻي شال لڙڪائيندي، ڪنڌ ڍرڪايو، اُجھاڻل اُجھاڻل پيرن سان ھلندي، سڏڪندي، لڙڪ لاڙيندي ٿي وئي. پوڄا گھر جي گھنڊن جي پڙالي سان ساري وسندي سجاڳ ٿي وئي. گھر گھر جنڊ گونجارڻ ۽ ولوڙا وايون ڪرڻ لڳا. چلھين جي ڇتين مان دونھين جا ڪڪر، وٽ کائيندا، نچندا، اُڀ ڏانھن ڦلارجڻ لڳا. سايون سنگھارون پنھنجن ڍاين گاين کي ڍنگ وجھي ڏھڻ لڳيون. نوجوان نينگريون گھاگھر مٿان گھاگھر کنيو، چيلھين تي ٻانھن ڏيو، ڇاتيون ڇُلڪائينديون، پَڙن کي لٽڪائينديون، کوھن تان پاڻي ڀرڻ لڳيون. ۽ ھوريان ھوريان، پرھ جي پاڇاون سان، ساري وسندي ڌنڌ مان سپني جي سرڳ اجاگر ٿي آئي.
اڄ مھاويد آتم تارا اُسري رھيو ھو، تنھنڪري سڀ وسنديءَ وارا پنھنجا سنھا ٿلھا ڪم سويري اُڪلائي، زالين ٻارين رنگا رنگ ويس ڪري، ھن جي موڪلاڻيءَ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا. ھن جي سواريءَ لاءِ ٻن ڀلن ڍڳن واري چوڦيٿي گاڏيءَ کي رتول جي آڏو سينگاري بيھاريو ويو ھو. سندس گس ۾ پري پري تائين ڳاڙھي ۽ ھيڊي مٽي ڇنڊي وئي ھئي، ۽ گس جي ٻنھي پاسن کان وسنديءَ وارا قطارون ڪيو بيٺا ھئا.
رتول جو سڄو ورھانڊو پوڄارڻين ۽ وڏ گھراڻن سان ڀريو پيو ھو. مھاويد آتم تارا، سنڀري، ٺھي ٺڪي تيار ٿيو.اڄ ھو اٻاڻڪو ٿي لڳو. اڄ ھن جي من چاھيو ٿي ته ھو سدائين لاءِ ان سپنن جي وستيءَ ۾ رھي پوي. شيوا سدا ڪنھن سندر سپني جي اپسرا وانگي پنھنجيءَ مور جھڙيءَ ٽور سان سندس آڏو ٽلندي رھي، ڪوئل وانگي ڪوڪندي ۽ گل وانگي مرڪندي رھي. ھن جڏھن کان شيوا جو سلوڻو سروپ ڏٺو ھو، ھن جي اندر ۾ پيار جا ڪرڻا باک جيان ڦٽي پيا ھئا. ھوءَ سندس آتما تي ڇانئجي وئي ھئي، جنھن جي ساھن جي سرھاڻ ۾ ھو وڪڙجي الوٽ ٿي ويو ھو.
ڪلھه رات کان پوءِ شيوا کيس ڏسڻ ۾ ڪان آئي... ائين ئي ڀانيو، ڄڻ کانئس رسي وئي ھجي... ۽ ھو بيچين ھو. ھن ويندي ويندي شيوا سان الاھي ساريون ڳالھيون ٿي ڪرڻ چاھيون، پر شيوا ته الائي ڪٿي، ڪھڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي وئي ھئي، ۽ ھو ڪالھه کان اٻاڻڪين اکڙين سان ھن جون واٽون واجھائيندو رھيو، ان ٻار جيان، جنھن جو رانديڪو گم ٿي ويو ھجي.
" اوھان سڀن منھنجي شيوا ۽ آجيان ڪئي، ڌرتي ماتا انھيءَ جو اجورو اوھان کي ڏيندي. اوھان سڀني تي ديوتائن جي ديا ھجي ! شال اوھان جا کيت سدا ساوا ۽ آتڻ سوايا ھجن ! آءُ آتم تارا، اوھان سڀن کي پرنام ڪيان ٿو. " ائين چئي، آتم تارا سڀني کي ٻانھون ٻڌي پرنام ڪيو.
" اي مھاويڄ، تو کي پرنام.
اي سونمياڻيءَ جا وڏ گھراڻا، تو کي پرنام.
اي راڄ گھراڻا، تو کي پرنام.
اي دراوڙن جا دادلا، تو کي پرنام.
شال تنھنجو بخت سدا ڀليرو ھجي،
شال سدا سک ماڻين، ڪڏھن ڪوسو واءُ نه لڳئي ! "
سڀ دايون ۽ ٻايون، پوڄارا ۽ پوڄارڻيون، سندس سر تان ٻانھون گھوري کيس دعائون ڪرڻ لڳا.
آتم تارا اٻاڻڪن نيڻن سان ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريندو رھيو، شيوا جون سڀ سرتيون ھٿ ٻڌيو بيٺيون ھيون، پر شيوا ڪٿي ڪا نه ھئي، ماءُ کي پتڻ پيا ته مھاويد شيوا کي ڳولي رھيو آھي. سو، شيوا جي ھڪ سرتيءَ کي آھستڙي چيائين " روپا، وڃ شيوا کي سڏي آءُ " پر ان کان پھرين جو روپا وڃي، آتم تارا پاڻ شيوا جي نجھري ڏانھن وڌيو. ماءُ جو مکڙو خوشيءَ کان ٻھڪي ويو، سڀ سرتيون وائڙيون ٿي ھڪٻئي ڏانھن نھارڻ لڳيون.
شيوا پنھنجي سجايل ڪوٺيءَ ۾ جاري تي رکيل ڌرتي ماتا جي ننڍڙي مورتيءَ آڏو گوڏن ڀر پٺيري بيٺي ھئي، ھن جو ڪنڌ جھڪيل ھو.
" شيوا، " آتم تارا در تي بيھي چيو،
آتم تارا جي سڏ سان شيوا جي دل ڌڙڪي وئي، رڳ رڳ ۾ ڄڻ رباب وڄي ويو، ڄڻ ورھين کان ڪنھن ويران مندر ۾ ڪنھن پڄاريءَ اچي سنگ وڄايو ھجي. پر ھوءَ ڪنھن ديويءَ جي مورتيءَ جيان چُري به ڪانه. ھوءَ ائين ئي پٺيري بيٺي رھي.
چون ٿا جواني جادو آھي؛ سونھن جڏھن ماڻو ڪندي آھي، ڌرتي ۽ آسمان جا سمورا ديوتا اونڌي ٻوٿ جھڪي پوندا آھن. پرينءَ جي مُک کان وڌ ڪا شي سھڻي نه آھي. آتم تارا جي چپن تي ھلڪڙي مرڪ اچي وئي، ۽ ھو گھائل نيڻن سان ڪيتريءَ دير تائين پٺيري بيٺل شيوا جو سروپ ڏسندو رھيو. ھن جي ڳُنڊيل وارن جو ڪاريھر چوٽو سندس گول اُڀريل ڍاڪن تي لڙڪي رھيو ھو. ديل جيان ڍرڪيل ڳچي، ڀرڀور، نرم نازڪ ٻانھن ۾ سونيون ٻانھون، ڳاڙھيءَ ننڍڙيءَ گگريءَ ھيٺان سنھڙي، وٽ کاڌل چيلھه، کُھنبي، گھيردار پڙي جا ڀَڃ... سڀ ڪجھه طلسمي ٿي لڳا. ڄڻ سپني ۾ پاٻوھيل، پير ڀريندو، ھو اڳتي وڌيو.
" شيوا، تو رات ڏينھن ھڪ ڪري منھنجي سيوا ڪئي. ڇا، ھاڻي وڃڻ ويل موڪلاڻي به ڪا نه ڪندينءَ؟ "، ھن جو آواز ڳورو ھو.
شيوا جو من ڄڻ ميڻ وانگي وگھري ويو نيڻن مان ڄڻ ڪا نئن ڇُلي پيس، ھن ڏاڍيءَ پيڙا سان وٽ کائي پنھنجو منھن سڌو ڪيو، ھن جي ترين تي، روپيءَ ترا کُڙي تي، سھاڳ جو، سچلين ڪوڏين جڙيل ڳانو رکيل ھو. ھن جا گلابي چپڙا ڪنھن آنڌ مانڌ کان ڦڙڪي رھيا ھئا. نيڻ ٽمي رھيا ھئا. ڪي چوڻ آکڻ کان سواءِ، سندس آڏو ڪنڌ ڍرڪايو، گوڏن ڀر بيٺي رھي. آتم تارا ٽڪ ٻڌي ڏانھس نھاريندو رھيو. ھڪ اُداس مرڪ سندس چھري تي کڙي آئي. پوءِ ھن ڏاڍي موھ ۽ نماڻائيءَ سان پنھنجي ٻانھن سندس آڏو وڌائي.
شيوا کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اونھي ۾ ٻڏندي اچانڪ ڪنھن کيس ٻانھن جو سھارو ڏنو ھجي. ھن ڏڪندڙ ھٿن سان پنھنجي پرينءَ جي ڪارائيءَ ۾ سھاڳ جو ڳانو ٻڌو. ڪَچ جو ڪوڏيون، پٽ جو ڌاڳو، جنم جنم جو ٻنڌڻ. لڄ کان ھن جو منھن ڳاڙھو کُھنبو ٿي رھيو ھو. خوشيءَ کان لڙڪن جون مالھائون ڳٽن تان گھورجنديون ٿي ويس. ھوءَ ڍرڪنديءَ پنھنجي پرينءَ جي پيرن تي وڃي پئي، ۽ ڏاڍيءَ پيڙا سان سڏڪندي چيائين ؛
" ڪانڌ، ورو ھيڻيءَ تان ور ڪج، اَن جي ڦوڙائي جو ڦٽ مون کي ماري وجھندو، سھاڳ سڱ سڃاڻج. آءُ ويلا ڪري اوان جون واٽون نھارينديس."
آتم تارا ٻانھن کان جھلي کيس اٿاريو ؛
" شيوا، تون منهنجن سپنن جي ديوي آھين. تنھنجا اي ڪجلا نيڻ، تنھنجي ھن ڳنڌيل وارن جي سرھاڻ، منھنجي ساھن پساھن ۾ پئي وئي آھي. مان جيون جي ھر جاٽ ۾ تنھنجو ساٿ ڏيندس. مان موٽي ايندس، شيوا، تو کي پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ. "
آتم تارا جي ھٿن جي ڇُھاءُ سان شيوا جو سڄو ڌڙ آنھلجي ويو. ٻنھي جي نيڻن ۾ پيار جو مھاساگر لھرون ھڻڻ لڳو ۽ پوءِ. ... ڄڻ ڪا مھا پرلئه اچي وئي، ڄڻ ڪا نئن گجگاھ ڪندي، ڇلندي، اچي وھندڙ نديءَ ۾ ڌوڪي پئي... ٻئي ھڪٻئي کي ڀاڪرين پئجي ويا، چپ چپن سان ڀچي ويا. جوانيءَ جو پھريون پيار... جئن ڪا ٻلھڻ پاڻيءَ ۾ تڙپي، تئن شيوا پنھنجي پرين ءَ جي ڀاڪر ۾ وٽجي سٽجي پئي ٻڌي ۽ اُڀري. ھن جي جسم جو سڄو رت سندس چھري تي ڊوڙي آيو ھو، ۽ وڏيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ ھڪدم ھن جو بت ڍرڪي ويو، ۽ ھن پنھنجو ڪنڌ آتم تارا جي ويڪريءَ ڇاتيءَ تي ائين ڍاري ڇڏيو، جيئن ڪو رڻ رستو، ڀٽڪندو، سھڪندو، اچي ڪنھن وڻ جي ڇايا ھيٺ ڊھي پيو ھجي.
آتم تارا کيس سڌو ڪري، ڏاڍ ڏيندي چيو، " شيوا، مان موٽي ايندس." ائين چئي ھو ٻه ٽي پير پوئتي ھٽيو، ۽ گوڏن ڀر بيھي، ھٿ ٻڌي، کيس پرنام ڪيائين. شيوا ڍرڪي اچي سندس پيرن ۾ سر جھڪايو، ۽ آتم تارا پٺيرن پيرن ساڻ ھلندو ٻاھر آيو.
سندس ڪارائيءَ ۾ سھاڳ جو ڳانو ڏسي، سڄي سٿ جا منھن ٻھڪي ويا،. پوڄارڻيون مرڪڻ لڳيون. سرتين وٺي شيوا جي نجھري ڏانھن ڊوڙ وڌي ته گھڙيءَ پل ۾ ايءُ سڀ ڇا ٿي ويو.
پوءِ آتم تارا مھاپوڄاريءَ ۽ مُکي ڀنڊاريءَ اڳيان ھٿ ٻڌي نوڙت ڪئي، ۽ ترشيماديجيءَ آڏو بيھي، سندس سينڌ چمي چيائين ؛ " جيجل، مون ۽ شيوا جنم جنم جو سانگ رچايو آ. مان شيوا کي وٺي وڃڻ لاءِ موٽي ايندس
ترشيماديجي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي، آتم تارا تان ٻانھون گھوريندي چيائين ؛
" راول، ھي گھر تنھنجو آھي. شال سڀ سانگ سجايا ٿين. تون سوء ڀيرا اچيج، اسان جو اکيون ٿڌيون، شيوا تنھنجي آھي. اسان جو سڀ ڪجھه تنھنجو آھي." ائين چئي، ھن آتم تارا جي نرڙ تي ٻڌل مُگٽ کي چميو.
کيس ڀلن ڍڳن واريءَ گاڏيءَ ۾ ويھاريو ويو. سندس اڳواڻي ڪندڙ، چئن ڀَلن تي ويٺل جوڀ جوانن پنھنجن ڏاندن کي ھڪليو. ۽ انھن جي پٺيان ئي سندس گاڏيءَ جا ڀلا ڍڳا، سڱن ۾ ٻڌل ڇيرين ۽ ڇمڪن کي لوڏيندا ڇم ڇم ڪندا، گاڏيءَ کي گھلڻ لڳا. ھو ٻنھي پاسن کان بيٺل ٻاين، ٻارڙن ۽ مڙسن کي موڪلاڻيءَ لاءِ ھٿ لوڏيندو رھيو.
شيوا، پري کان پنھنجي رتول جي ڇت تان، سرتين سان گڏ، رنگين ڌوپ ڇٽ جي ھيٺان بيٺي، وياڪل نيڻن سان، کيس پري ويندو ڏسي رھي ھئي.
سونمياڻيءَ جي اُھا شام ڏاڍي سونھن ڀري ھئي.
پري، تمام پري، الھندي جي ھُن پار، جتي ڌرتيءَ ۽ آسمان جو سنگم ٿئي ٿو. سونو روپو سج ھيٺ پاتال ڏانھن لڙي رھيو ھو. جيستائين نھار ٿي وئي، سائيءَ وڻڪار ۾ گھيريل سونمياڻيءَ جا رنگ رتول، محل ۽ ماڙيون، ٽڪاڻا ۽ ٽيڪاھيون، اوڏ ۽ اوڏاڻا، پوڄا پاٺ ۽ گھاٽ، جايون ۽ جھروڪ، بندر، باغ ۽ بزارون، ڪنھن پوڄاريءَ جي سرڳ جي سپني جيان جڳمڳائي رھيا ھئا. سنڌو گھاٽ تي ھزارين ماڻھن جو ميڙ متل ھو. رنگين پَڙن ۽ ساڙھين ۾ ويڙھيل نينگريون ۽ ناريون، ھر طرف کان ڀنڀورين وانگر پئي ڀڻيون. سارو وايو منڊل گھنڊن جي گونجار، ڇيرين جي ڇمڪار، دھلن جي ڊماڊم ۽ پوڄارين جي ياترائن کان ٻيڙن ۽ ھوڙھن جا رنگين سڙھ، ڍنڍ تي لٿل اُپسرائن جيان نچي رھيا ھئا. ھر شي سپنيھاڻي ٿي لڳي.
اڄ سونمياڻيءَ ۾ مھاويد آتم تارا اچي رھيو ھو، تنھن ڪري سڄي سونمياڻي، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ سميت، سندس آجيان لاءِ سنڌو گھاٽ تي اچي ھيڪاندي ٿي ھئي. مھاويد کي سنڌوءَ اُڪارڻ لاءِ مھاراجا جي ھنجھه – نما رنگين ھوڙھي کي سينگاري، سنڌوءَ جي پرئين پار پتڻ تي بيھاريو ويو ھو. ۽ سڀ سون – واسي سندس واٽون واجھائي رھيا ھئا. جيئن ئي مھاويد آتم تارا جي ڀلن ڍڳن واري گاڏي. ڌوڙ اُڏائيندي، سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آئي، ته پوڄارين سنک وڄايا. سندس واٽ ۾ ٻنھي پاسن کان بيٺل، لڇمڻن، لڇمين ۽ وڏ گھراڻن ڪنڌ جھڪائي، ھٿ ڦھلائي، کيس ڀليڪارون ڏنيون. ديوداسين ۽ پوڄارڻين مٿس گلن جي ورکا ڪئي. سونمياڻيءَ جي مھاراجا جي ننڍي ڀاءُ، سورھيه پھلوان، جڌا اڳواڻ، لڇمڻ ڄام سرواڻ، ڪٽڪ جي وڏي جٿي سان پنھنجا کرڳ، کلول، ڪٽارا ۽ بڻڇ نوائي، ڪنڌ جھڪائي، سندس آجيان ڪئي. آتم تارا پنھنجي ننڍپڻ جي ساٿيءَ، ڄام سرواڻ، کي ڏسي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. لڇمڻ ڄام سرواڻ وري به سندس آگيا ۾ گوڏن ڀر بيھي، رڪ جھڙين سگھارين، وٽيل ٻانھن کي ڦھلائي ، ڪنڌ جھڪائي چيو، " اي سونمياڻيءَ جا مھاويد ! تون ڀلي آئين، جيءُ آئين ! اسين سڀ تنھنجيءَ آجيان ۾ سر نوايون ٿا، جو تنھنجو مان سڀني لڇمڻن ۽ لڇمين کان مٿانھون آھي ۽ سونمياڻيءَ جي ديوتائن تنھنجي سر تي مھاتمائن جو ڇٽ رکيو آھي." آتم تارا به ٻانھون ٻڌي کيس پرنام ڪيو، ۽ چيائين ته " اي سونمياڻيءَ جا ڌڱ پھلواڻ، جڌ اڳواڻ، تو کي ڏسي اسان کي خوشي ٿي آھي جو تون سونمياڻيءَ جي سرحدن جو رکوالو آھين. ھن ڌرتيءَ تي ڪنھن ماءُ اڃا اھڙو پٽ نه ڄڻيو آھي، جو تنھنجي آڏو ھام ھڻي ! اي ڌرتيءَ جا ڌڱ، سونمياڻيءَ جا راکي ۽ ساکي، آءُ، مون سان ڀاڪر پائي مل. تو کي ڀاڪر پائي مون کي شڪتي ملندي آھي ته سنڌو ڪيڏي نه سگھاري آھي." ٻئي ٻالاپڻ جا ساٿي، ھڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا. پوءِ آتم تارا پتڻ تي آيل سڀني ماڻھن ۽ مُنڌين کي ھٿ لوڏي آشيرواد ڏنو، ۽ پري، نديءَ جي ھن پار، سنڌو – گھاٽ ڏانھن نھارڻ لڳو، جتان ھزارين آوازن جو پڙالو اچي رھيو ھو. نديءَ جي ھن پار جيستائين نھار ٿي وئي، سنڌوءَ جي بچاءَ بند تان سنڌوءَ گھاٽ جي رنگين ديوارن اڳيان، جاين ۽ رنگ رتولن جي ڇتين مٿان، رنگا رنگ وڳن ۾ ويڙھيل ھزارھا سون واسي، زالين، مڙسين، ٻارين، سندس آجيان ۾ ٻانھڙيون لھرائي، شور مچائي رھيا ھئا.
ھر طرف رنگيني ھئي، ڄڻ آسمان مان ڪنھن ھزارھا رنگن جا دٻا ھيٺ ڌرتيءَ تي پلٽائي ڇڏيا ھئا. سنڌوءَ جي اورين ڀر تان سونمياڻيءَ جو رنگين چھچٽو پسندي، آتم تارا جو من ئي نٿي ڀريو. ھو سڪايل اکين سان سنڌوءَ جو چھچٽو ڏسندي سوچڻ لڳو، ' ھيءَ سنڌوءَ ھر واري نوان چھچٽا چٽيندي آھي، روز نوان سينگار ڪندي آھي. ھي سپنن جو ديس آھي. سونھن ۽ سندرتا جي وستي ۽ ديوتائن جي ڌرتي آھي. اھا ڌرتي، جا ٻين سڀني کان آڳاھين آھي، جتي سڀ کان پھرين ديوتائن جنم ورتو، جنھن کي سڀ کان پھرين ديوتائن سينگاريو، جتي سڀ کان پھرين رشين " ناد " ۽ " نگد " جواستيون جھونگاريون. ھي اھا ڀلاري پونءَ آھي،جنھن مان وديا، امن ۽ سندر سڀيتا جو رئون وھي نڪتيون. ھي اھا ڌرتيءَ آھي، جتي سڀ کان پھرين چرخو چُريو، ارٽ ۽ ھر ھليو، چڪر ڦريو، ھيءَ ڌرتيءَ جو سرڳ آھي. سنڌوءَ ديش مھان... سنڌو ديش مھان !،
آتم تارا ڪيتريءَ دير تائين سونمياڻيءَ جو سپني سمان چھچٽو ڏسندو رھيو. جيتوڻيڪ سندس ساري ڄمار سونمياڻيءَ ۾ گذري ھئي، ھو انھيءَ ئي ننگريءَ ۾ ڄائو ۽ نپنيو ھو، انھن ئي رنگ – رتولن ۾ لڇمڻن، لڇمڻين ۽ جيڏن سرتين سان رانديون ڪندي ساماڻو ھو. انھيءَ ئي سنڌو – گھاٽ جي ديوارن ۾ ھزارين ماڻھن جي وچ ۾ مھاراجا کيس گھرائي سندس سر تي مھاتمائن جو ڇٽ رکيو ھو، پر پوءِ به اڄ ائين ٿي ڀاسيو، ڄڻ ھو اڄ انھيءَ نديءَ ۽ انھيءَ ننگريءَ کي پھريون ڀيرو ڏسي رھيو ھجي. ھن جي رڳن ۾ رت جو دورو تيز ٿي ويو، ڄڻ ڪا ڪشش ھئي جا کيس سنڌوءَ ڏانھن ڇڪي رھي ھئي ۽ ھو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي اچي، ٻئي ٻانھون ڦھلائي، سنڌوءَ کي پوڄيندي چوڻ لڳو ؛
" او سنڌو، تون ڌرتي ماتا جي ھمالا ڇاتين مان مٺي امرت جي ٿڃ کڻي، سون – ساڻيھه ڏي، جا ديوتائن جي ڌرتي آھي، کير سان ڀريل سوئا گانءِ جيان رنڀندي ڊوڙين ٿي، ۽ سون – ساڻيھه جي ٿرن ۾، جي ڌرتيءَ جو سرڳ آھن، ڇُلڪندڙ گھاگھر جيان پلٽي پوين ٿي... تنھنجو پاڻي اکٽ آھي !
" او سنڌوءَ، تون ڌرتيءَ تي سڀني ندين جا مھاراڻي آھين، ستادرو، پروشني، وسنتا، گومل اسڪني، ڪڀا، اورا گيڪا، ڪرومو سويتي، گنگا، يمونا سڀ تنھنجي پٺيان آھن. تون سڀني جي اڳواڻي ڪرين ٿي، ڪا چرندڙ شي تنھنجي وھڪ کي نٿي رسي، تون سڀني کان آڳاھين آھين.
" او سنڌو، تنھنجو پاڻي سڀني ندين کان روشن ۽ اجرو آھي. تون پنھنجن چمڪندڙ تجلا ڏيندڙ لھرن ۾ سون جا ذرڙا ڀري، اسان جي کيتن لاءِ مٺن ميون ۽ سونن سنگن جو انعام آڻين ٿي. تون سڀني ندين کان مھان ۽ شاھوڪار آھين
" او سنڌو، او وديا جي ديوي، سڀ ديويون ۽ ديوتا تو کي پوڄين ٿا. مان تنھنجيءَ ڀلاريءَ ڀونءَ کي چمان ٿو ۽ تنھنجي پوڄ پاڻيءَ کي پرنام ڪريان ٿو. "
آتم تارا سڪ مان نوڙي، سنڌوءَ جي چمڪندڙ واريءَ کي چمي، وڏا وڏا سجدا گھورڻ لڳو سندس پٺيان بيٺل پوڄارا، وڏا وڏا سنک وڄائڻ لڳا، ۽ سڀ سندس پٺيان بيھي سنڌوءَ جي شيوا ڪرڻ لڳا. پوءِ ڪٽڪ جي جٿي سندس اڳواڻي ڪئي ۽ ھو لڇمڻ ڄام سرواڻ سان گڏ ھلندو، پتڻ تي بيھاريل مھاراجا جي وڏي ھوڙھي ۾ آيو. وانجھين ونجھه ھلايا. سنڌوءَ جي ترورا ڏيندڙ ڇَر مٿان سندن ڪيتريون ڊونڊيون ۽ ٻيڙيون ڍرڪنديون، ججھي زور تي جنبنديون، سنڌوءَ جي وڏي پيٽ ۾ تار ترنديون، ھن ڀر سنڌو – گھاٽ ڏانھن وڌڻ لڳيون. سنڌو – گھاٽ تي ھزارين آوازن جو ھل پيدا ٿي ويو. پتڻ تي ايندي ئي، ماڻھو مٿس مڙي ويا. ھر ڪنھن کيس ويجھو کان ويجھو ٿي پسڻ چاھيو. ھر اک سندس درشن لاءَ ماندي ھئي. پوڙھين سندس سر تان ٻانھون گھوريون، سھاڳڻين کِجي کجي سندس چَرنن ۾ گل گھوريا، ڪنوارين موھت ٿي مٿس چندن، ڪپور، سندر ۽ سرھاڻين جي ورکا ڪئي، جوانن ٻانھون ڦھلائي، ڪنڌ جھڪائي، کيس ڀليڪارون ڏنيون، گلن جھڙن ٻارڙن، ڊوڙون پائي، سندس ھٿن کي چميون ڏنيون، ۽ پوڙھا به سندس آگيا ۾ جھڪندا رھيا. آتم تارا، لڇمڻ ڄام سرواڻ سان گڏ، پنھنجي ٺاھوڪي، لوڏي سڀني کي آشيرواد ڏيندو، سنڌو – گھاٽ جي وڏن ويڪرن پڪ سرن ڏاڪن تان ھلندو، مٿي، وڏي ويڪري سنڌو – گھاٽ جي ديوارن ۾ آيو. ھن جي ايندئي ئي سڀ لڇمڻ ۽ لڇمڻيون، پوڄارا ۽ پوڄارڻيون، ديوان داڙا، مکي، ودوان، راڄاڻ، جڌ اڳواڻ، وڻجارا، وڏ گھراڻا، سندس آگيا ۾ پنھنجن آسڻن تان اٿي بيٺا. سارو سنڌو – گھاٽ، ڀليڪارن جي آواز سان گونجي ويو. رڳو مھاراجا ۽ مھاراڻي، وڏي سونھري پنڊال ۾ رکيل اوچي تخت تي، پنھنجي راڄاڻي ٺيٺ ۽ ڏيا سان ويٺا ھئا. ٻنھي جي سون ورنا، پٽ پٽھير وڳا، اڀرندڙ سج جيان ڇاٽون ھڻي رھيا ھئا. ٻنھي جا مکڙا گلاب جيان پئي ٻھڪيا. جيئن ديوتائن جي درٻار ۾ وڃبو آھي، آتم تارا نھايت ئي ادب سان ھٿ ٻڌي، پوڄارا پير ڀريندو، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ آڏو آيو، ۽ گوڏن ڀر بيھي چيو ؛
" اي سونمياڻيءَ جا سرواڻ، دراوڙن جا اڳواڻ، شال اوھان جو تخت سدا اوچو ھجي ؛ شال سون – ساڻيھه پرڻويءَ تي سدا سج جيان چمڪو، شال اوھان جا کت سدا ساوا، آتڻ اُجرا ۽ سڙھ سوايا ھجن، جو اوھين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا ڌڻي آھيو. مان پنھنجي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ آڏو سر نمايان ٿو."
ائين چئي، ھن مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ اڏو ٻانھون ڦھلائي، سر نوايو.
مھاراجا ڏاڍي پيار سان ڏانھس نھاريو، ۽ تخت تان لھي، مٿانئس ٻاجھارو ھٿ ڊگھيري، چيائين " اي مھاتما ! تون ڀلي آئين، جي آئين، اسان جون اکيون ٿڌيون، اسين تنھنجي مڻيادار مُگٽ کي چمون ٿا، جو اسان جي ابي، سونمياڻيءَ جي مھاراجا، جادم ديو ، تنھنجي سر تي رکيو، جو مھاتمائن جو نشان آھي. تون ڀلارا پير ڀري اسان جي آسڻ آيو آھين." مھاراجا نوڙي سندس نرڙ تي ٻڌل سونيءَ سر جي ماڻڪ کي چميو. آتم تارا جي ڪارائيءَ ۾ ٻڌل سچلين ڪوڏين جڙيل سھاڳ جو ڳانو ڏسي، خوشيءَ کان گد گد ٿي ويو، ۽ ڏاڍي پاٻوھ سان سندس ڳل چمندي چيائين، " اي ڳاڙھا گھوٽ، ھي تنھنجي ھٿ ۾ سھاڳ جو ڳانو ڪنھن ٻڌو آھي؟ اسان کي ان سونھن جي ديويءَ جو نانءُ ٻڌاءِ، جنھن تنھن جي من کي موھيو؟ " مھاراڻيءَ چيو، " اسين اھا لال ڪنوار پنھنجن ھٿن سان تو کي پرڻائي ڏينداسين." مھاراڻي جي ڳالھه تي سڄي سٿ ۾ سس پس پيدا ٿي وئي. سڀ سندس ڪارائيءَ ۾ ٻڌل ڳاني ڏانھن نھارڻ لڳا. مھاراجا به ڏاڍو خوش ٿيندي چيو، " مھاويد آتما، تون اسان کي پنھنجي ننڍيءَ ڀاءَ، لڇمڻ ڄام سرواڻ جيترو پيارو آھين. اسين پاڻ ھلي ملي تنھنجو سڱ گھرنداسين. سونمياڻيءَ جي وڏي پوڄا گھر ۾ پنھنجي ھٿن سان تنھنجون لائون ڏينداسين. اسان کي ديويءَ جو نانءُ ٻڌاءِ، اسان کي خوشي ٿيندي."
آتم تارا، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ آڏو جھڪيل ڪنڌ سان چيو، " مھاراجا، شيوا ديجي اپسرا آھي. ھوءَ واھوندي وسنديءَ جي مکي ڀنڊاري، سنمبارا جي وڏور ڌيءَ آھي."
آتم تارا جي ڳالھه تي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ ھڪٻئي ڏانھن نھاري مرڪيو. مھاراجا چيو، " آتما، اسين مکي ڀنڊاريءَ کي سڃاڻون. ھو سنمبارن جي وڏ گھراڻيءَ آڪھه مان آھي. اسان ان نرتڪي نينگريءَ کي به ڏٺو آھي، ھوءَ سچي به اپسرا آھي. اسين ڀنڊاري سنمبارا کان شيواديجي جو سڱ پاڻ ھلي گھرنداسين. ھوءَ سونمياڻيءَ جي راڄ رتولن ۾ راڄ ڪندي، مھاديوين جي ٺٺ سان رھندي، اسين راڄ ۽ ڀاڳ جو در مٿس کولي ڇڏينداسين."
" مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جون وڏيون وڏيون مھربانيون."
آتم تارا ڪنڌ جھڪائي ٿورائتو ٿيو. پوڄارنين جا منھن خوشيءَ کان ٻھڪي ويا، لڇمڻ ۽ لڇميون ھڪٻئي ڏانھن نھاري مرڪڻ لڳا. آتم تارا جي وھانءُ جي خبر سنڌو – گھاٽ جي اندر توڙي ٻاھر سرھاڻ وانگر پکڙجي وئي. ھر طرف خوشيءَ جو ھولريو مچي ويو. پوءِ مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ، آتم تارا کي، لڇمڻ ڄام سرواڻ سان گڏ، ھڪ ڀلي بگي ھاٿيءَ تي ويھاري، وڏي ٺٺ ۽ اڊمبر سان راڄ رتول وٺي وڃڻ لڳا... سنڌو – گھاٽ کان ڄڻ ڪا ڄڃ نڪتي آھي. اڳيان پوڄارا ۽ پوڄارڻيون ڍنڍ، سنک ۽ ساز وڄائيندا ھلي رھيا آھن. انھن جي پٺيان ڀلن بگن ڏاندن تي ھٿيارن پونھارن سان ويٺل سونمياڻيءَ جي ڪٽڪ جو ھڪ وڏو جٿو آھي، انھيءَ جي پٺيان مھاراجا،مھاراڻي، لڇمڻ ڄام سرواڻ، مھاويد آتم تارا ۽ مھاپوڄاري جا ھاٿي آھن، انھن جي پٺيان سوين ڀلن گھوڙن واريون رٿون ۽ ڏاند گاڏيون آھن، ۽ ھزارھا سون – واسين جون قطارون آھن. شام جي اوندھ ڦھلجندي ئي، سونمياڻيءَ جي وڏين ويڪرين، پڪ سرين، سھڻين سڙڪن جي ٻنھي پاسن کان گھر گھر آڏو، وک وک تي روشندانن ۾ ٻرندڙ اماڙيون کوڙيون ويون آھن. ھزارين ماڻھو مھاويد جي خوشيءَ جو جشن ڏسڻ لاءِ گھرن جي درن ۽ ڇتين تي ميڙا مچائي بيٺا آھن. مھاراجا جو ساٿ جتان جتان روشن گھٽين مان گذري رھيو آھي، ھزارين ٻانھون ھوا ۾ لھرائجن ٿيون، خوشيءَ جي آوازن جا پڙالا گونجن ٿا، ۽ گھرن جي ڇتين تان چندن، ڪپور، سندر، چانور ۽ ڦلن جا مينھن وسن ٿا. چونڪ چونڪ جي پنڊالن تان نٽ – راڻيون ۽ نرتڪيون، جھمر پايو، پڙا نچايو، پنھنجين نرتڪي ادائن سان پيون ھن مھمان جي آجيان ڪن. سنڌو – گھاٽ کان راڄ – رتول تائين روشنيءَ جون لاٽون آھن، دھل ۽ دمام آھن، خوشيءَ جا پڙالا آھن. ھاڻي مھاراجا جو ساٿ، سپنن جي ڄڃ جيان، وڏي اشنان گھر وٽان ڦرندو، چوڏھينءَ جي رات جيان روشنين سان سجايل راڄ – رتول ڏانھن مڙي رھيو آھي. وڏي اشنان – گھر جي چوڌاريءَ، خوبصورت رنگين دِڪين تي کير جھڙن اڇن وڳن ۾ ويڙھيل ديوداسيون، سپنن جي اپسرائن جيان ٻانھون ڦھلايو، کجيو کجيو، مرڪيو، پيون ڀليڪارون ڏين. ھر طرف سپني جو سمان آھي. ڄڻ ھي جيون ھڪ سندر سپنو آھي – ڪڏھن نه ڇڄڻ وارو سپنو، ڪڏھن نه ختم ٿيڻ وارو سپنو !
***
________
پروشڻي : راوي ندي
ستادرو : ستلج ندي
اھي ٻئي نديون سنڌوءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون آھن. رگويد جي رشين سپت سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي سنڌوءَ جون پاڻي ڀريندڙ ٻانھيون ڪوٺيو آھي.
ديھه : جسم
"ناد" ۽ "نگد" : رگويد کان به آڳاٽا ڪتاب، جن لاءِ رگويد ۾ ڄاڻايل آھي ته ھڪ وڏيءَ مھا پرلئه ۾ ناس ٿي ويا
اھي درياءِ، گنگا کان سواءِ، ھن وقت ستلج، راوي، جھلم، گومتي، چناب، ڪابل، بياس، ڪرم، سوات ۽ جمنا جي نالن سان سڏجن ٿا.
سنڌوءَ جي پوڄا استني رگويد مان ورتل آھي.
جادم : ڄام