ناول

موهن جو دڙو

ناول ”موهن جو دڙو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي تاريخي ناول نامياري ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو لکيل آهي. ياد رهي ته هي سندس ناول جو پهريون حصو آهي، ٻيو حصو هو لکي ڪونه سگهيو ۽ اسان کان موڪلائي ويو.
ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 8304
  • 2897
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي بابا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book موهن جو دڙو

5

او جڳاڻو، وياءَ جي واڌاري جو جڳاڻو ھو. اھو جڳاڻو ھو، جنتي ديويءَ جي پوڄا جو، لِنگ جي پوڄا جو، شِوَ ۽ پاربتيءَ جي پوڄا جو، وڏا سوڻ ساٺ ڪري، گھوٽن ۽ ڪنوارين جي پوڄا جو، وڏيون سُکائون باسي، نئين بري اُپائڻ جو... نه ته شايد اڄ ھن ڌرتيءَ تي ڪجھه به نه ھجي ھا نڪو پانڌي، نڪو پيچرو.
سپنا سپنا سنڌوءَ مٿان چوڏھينءَ جو چنڊ چڙھيو ھو. ٽم – ٽم ڪندا تارن جا ڪوڙين ڏيئا ٻريا ھئا. اڄ مھاويد آتم تارا جي وھانءَ جي رات ھئي. اڄ گھوٽن ۽ ڪنوارين جي پوڄا جي رات ھئي. اڄ ڪيتريون نينگريون پنھنجن سپنن جي سپرين کي سھاڳ جا ڳانا ٻڌي، گھوٽ پوڄينديون. اڄ وڏا لايا سجايا ٿيڻا ھئا. اڄ وڏي ڀلاري رات ھئي. اڄ ساري سونمياڻيءَ انيڪ اُماڙين جي روشنين سان ٻھه ٻھه ٻري رھي ھئي. گھر گھر سوين ديپ روشن ھئا. اڄ ڳليءَ ڳليءَ ۾، چونڪ چونڪ تي نينگريون نچي رھيون ھيون. اڄ گس گس تي، گھاٽ گھاٽ تي، ڪنوارين جا ھار سينگار ۽ ڏيج پئي ڏيکاريا ويا. راڄ رتول کان ماتا ديويءَ جي مندر تائين روشنين جي کيرڌار ڦھليل ھئي، سارو وايو منڊل گھنڊن ۽ سنکن جي آوازن سان گونجي رھيو ھو. اڄ ماتا ديويءَ جي مندر اڳيان ھزارين ماڻھن جا ميڙ ھئا. سوين رٿون، پالڪيون ۽ بيل گاڏيون ھيون. اڄ ماتا ديويءَ جي مندر ۾ اندر وڃڻ لاءِ ماڻھن جو ڪو گھٽ ئي ڪو نه ڇڏيو ھو. اڄ وڏو پوڄا ۽ پرارٿنا جو ڏينھن ھو – جنتي ديويءَ جي پوڄا جو، لِنگ جي پوڄا جو، شِوَ ۽ پاربتيءَ جي پوڄا جو، گھوٽ ۽ ڪنوار جي پوڄا جو.
ان رات، ماتاديويءَ جي سوين پوڄارين ۽ پوڄارڻين جي ياترائن سان گڏ، وڏا گھنڊ گونجاريا ھئا، سنک وڳا ھئا. سھسين سرھاڻين جي ورکا ٿي ھئي، رنگين ڌوپ ڦلاريا ھئا. مھاپوڄاريءَ، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ، گھوٽ ۽ ڪنوار پٺيان، ڌرتي ماتا آڏو ناد ۽ نگد جي جھونگارن سان، وڏا سجدا گھوريا وياھئا. وڏي پوڄا پاٽ کان پوءِ، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ کي ڌرتي ماتا جي سامھون اونچي سونھري تخت تي ويھاريو ويو ھو. سڀ راجا راڻيون پنھنجن تختن تي ويھجي ويا ھئا. سڀ لڇمڻ ۽ لڇميون، مُکي جُڌ اڳواڻ، رکوال، ديوان داڙا، پانڊت ۽ ڪيرٿ، ۽ ساري پرجا پنھنجين پنھنجين جڳھين تي ويھجي وئي ھئي. ماتا ديويءَ جي انگاس مورتيءَ آڏو، گول سونھري پنڊال تي، ڳاڙھيءَ ستارن جڙيل سيج مٿان، رڳو ڳاڙھن پٽ پٽھير وڳن ۾ ويڙھيل، گھوٽ ۽ ڪنوار رھجي ويا ھئا. ٻنھي جي مٿان سونن ڦلن سان جڙيل ڳاڙھي پٽ جا شالودا ھئا. ٻئي ماتا ديوي آڏو ٻرندڙ مچ جي سامھون، ھڪٻئي کان ٿورو وٿيرڪا، گوڏن ڀر، تپسيا سان ٻانھون ٻڌيو بيٺا ھئا. گھوٽ ۽ ڪنوار کان اڳڀرو، ڌرتي ماتا جي انگاس مورتيءَ آڏو، تپسيا ساڻ گوڏن ڀر بيٺل مھاپوڄاريءَ پنھنجيون ٻئي ٻانھون ڦھلائي ڇڏيون ھيون، ۽ ساري مندر ۾ سندس گنڀير آواز گونجڻ لڳو ھو ؛
" اوڌرتي، او ماتا وڌاتا !
خوش ٿي،
اڄ تنھنجي مندر وھانءَ جي رات سجي آھي ؛
ھن ڌرتيءَ تي، وھانءَ جي رات کان وڌ ڪا ڀلاري رات ڪانھي،
ھن ڌرتيءَ تي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي سنگم کان وڌ ڪا پوڄاري ڳال ڪانھي.
او ڌرتي، او شڪتي ماتا!
اڄ تنھنجي مندر ۾ وڏا لايا سجايا ٿيڻا آھن،
اڄ وڏي ڀاڳ ڀري رات آھي،
اڄ پانڊت جو پڙھي، سوا اگھائيج،
۽ ھن گھوٽ ۽ ڪنوار مٿان سدا ٻاجھه ٻيلاٽي ڪج، جو انھن جو پھريون ٻار، تنھنجي مندر جو مھاپوڄاري ٿيندو.
او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
سڀ پوڄا ۽ پڙلاوَ تولاءِ آھن،
سڀ ساز ۽ آواز تو لاءِ آھن."
ائين چئي، مھاپوڄاريءَ ڌرتي ماتا آڏو ٿي وڏا سجدا گھوريا، ۽ ھلندو، گھوٽ ۽ ڪنوار جي اڳيان ٻرندڙ باھ جي مچ جي سامھون اچي بيٺو. سوڻن ۽ ساٺن جي سامان جا ٿالھه ۽ گلن ڦلن ۽ سرھاڻين جا ڇڄ ڀري بيٺل پوڄارڻيون، مھاپوڄاريءَ جي ويجھو آيون. ڪا دير ته مھاپوڄاريءَ وھانءَ جي اسٿنيون پڙھندو، گھوٽ ۽ ڪنوار مٿان گلن ۽ ڦلن جي ورکا ڪندو رھيو، ۽ پوءِ گھوٽ جي اڳيان بيھي اوچي آواز چيائين :

" گھوٽ وچن ڪري ته ھو سڄي ڄمار پنھنجي ڪنوار سان سچو رھندو."
ڳاڙھي وڳي ۾، موڙن جڙيل گھوٽ، جھڪيل ڪنڌ سان چيو :
" آءُ آتم تارا، پٽ ڀونءَگر سمبارا، پنھنجي مھاراجا، مھاراڻيءَ، سڀني راجائن ۽ راڻين، لڇمڻن ۽ لڇمين ۽ ساري سٿ آڏو وچن ڪريان ٿو آءُ سڄي ڄمار پنھنجيءَ ڪنوار سان سچو رھندس، سدائين کيس پنھنجي ساھ سان سانڍيندس، ڪڏھن کيس مَٺو نه گھرندس."
" ڪنوار وچن ڪري" مھاپوڄاريءَ جو ڳورو آواز وري گونجيو.
کُھنبي جُھنڊ ۾ اڻاکي چرپر ٿي، ۽ ڪنوار ھٻڪندي چيو :
" آءُ شيوا ديجي، ڌيءَ مکي ڀنڊي سمبارا، ماتا ديويءَ جي مندر ۾ پنھنجي مھاراجا، مھاراڻيءَ، سڀني راجائن، راڻين ۽ ساري سٿ آڏو وچن ٿي ڪريان ٿي ته پنھنجي گھوٽ سان سدا سچي رھنديس. مان پنھنجيءَ ڪُک مان ھن لاءِ گلن جھڙا ٻار ڄڻيندس، ۽ راتين جون ننڊون ڦٽائي، ساري ڄمار پنھنجي ور ۽ ٻارن جي شيوا ڪندس، آءُ ساري ڄمار پنھنجي ور مٿان گھوري ويندس."
ڄڻ جلترنگ وڄي ويو. ڪنوار جي ڳالھه تي لڇمين ۽ ڪنوارين نينگرين ۾ ٽھڪڙو مچي ويو. سڀ راجا ۽ راڻيون ھڪٻئي ڏانھن نھاري مُرڪڻ لڳا. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جا مُکڙا ٻھڪي ويا. ساري مندر مان ھر طرف کان واڌاين جون وايون ورڻ لڳيون. آوازن جون ھولريو پيدا ٿي ويو. گھوٽ ۽ ڪنوار مٿان پوڄارڻيون ۽ ديوداسيون گول دائرو پائي، گلن جي ڇٽ ڇٽان ڪرڻ لڳيون. نارين جي لاڏن جي آوازن سان سارو مندر گونجي ويو....
۽ پوءِ مھاپوڄاري، تکي منھن واري ڇُري ھڪ پوڄارڻ جي ٿالھيءَ مان کڻي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي آڏو آيو. گھوٽ ۽ ڪنوار ڳاڙھن وڳن مان ھٿ ٻاھر ڪڍي ڏانھنس وڌيا. مھاپوڄاريءَ گھوٽ ۽ ڪنوار جي ھٿن جي آڱوٺن کي چھبڪ ڏيئي، ٻنھي جي رت سان ٻڏل آڱوٺن کي ھڪٻئي سان ملايو. پوءِ مھاپوڄاريءَ، سندن پٺيان بيھي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي اجرڪن جي پلون کي ڳنڊ ڏيئي، سدا لاءِ کين جيون جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏيو ھو ۽ ساري مندر ۾ سندس آواز گونجڻ لڳو ھو :
" او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
خوش ٿي،
اڄ تنھنجي مندر ۾ ھنن گھوٽ ۽ ڪنوار، پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريت رکي،
ھڪٻئي کي پنھنجايو آھي.
خوش ٿي جو اڄ ھي ٻئي ھڪ رت، ھڪ جان، ھڪ جُسو ٿي ويا آھن.
ھنن جا ٻار جي ٿيندا، سي تنھنجي شيوا ڪندا.
او ڌرتي، او شڪتي ماتا !
اڄ پانڊت جا ڳنڊ ٻڌي آھي، سا سوگھي ڪريج،
۽ ھن گھوٽ ۽ ڪنوار مٿان سدا سولو ڍارو ڍاريج.
او ماتا، ٻاجھه ٻيلائي ڪريج، ٻاجھه ٻيلائي ڪريج.
جو تون سڀ کان ٻاجھاري ديوي آھين،
جو اسين سڀ تو کي سجدا ڪريون ٿا.... "
" ماتا ديويءَ کي سجدو ڪريو !.... ماتا ديويءَ کي سجدو ڪريو !
ھر طرف کان پوڄارن ۽ پوڄارڻين جا آواز اچڻ لڳا ھئا.
مھاپوڄاريءَ گھوٽ ۽ ڪنوار پٺيان مھاراجا، مھاراڻيءَ، سڀ راجا ۽ راڻيون، لڇمڻ ۽ لڇميون، مٿانئن مُچرڪا ڪري اچي بيٺا. گھوٽ ۽ ڪنوار اڳيان ڪُٽيءَ جو وٽو رکيو ويو. پھرين گھوٽ ڪٽيءَ جو گرھ کڻي ڪنوار جي وات ۾ وڌو. ۽ پوءِ ڪنوار مينديءَ رتڙي ھٿ سان گھوٽ کي ڪٽي کارائي. ھر طرف کان ٽھڪڙن جا آواز گونجڻ لڳا.
پوءِ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ھڪٻئي جو اوبر کير پياريو ويو.
پوءِ لانئن جو وارو آيو. سارو سھائو مندر لانئن جي لاڏن جي آوازن سان گونجي ويو. سڀ کان پھرين مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ گھوٽ ۽ ڪنوار کي لانئون ڏنيون. انھيءَ کان پوءِ سڀني راجائن ۽ راڻين لانئون ڏنيون. ھاسيڪار گھوٽ ۽ ڪنوار جي مٿن کي زور سان ٿي ٽڪرايائون. ناز ڪڙيءَ ڪنوار جي بچاءَ لاءِ، پوڄارڻيون ساڻن جھڳڙنديون رھيون. ھر طرف کان سھرن ۽ واڌاين جا آواز گونجندا رھيا، وڏا سوڻ ساٺ، ناچ ۽ ڳاچ ڪرڻ کان پوءِ، پوڄارڻيون ڪنوار کي گھوٽ کان جدا ڪري، لنگ پوڄا ڪرائڻ وٺي ويون، ۽ ڪنوار کي سڀني ديوين ۽ ديوتائن آڏو ڦيرايو ويو.
ڪنوار شو ۽ پاربتيءَ جي پوڄا ڪئي. ھن گئو ماتا جي ٿڻن ۾ پاربتيءَ جيان وات وڌو، ۽ پوءِ ھن لنگ پوڄا ڪئي. پوڄارڻين ھن جي لسڙي پيٽ تان پوڄارو پھڻ گھمايو. شيوا جي ساري سرير ۾ ڄڻ اگني ڊوڙي وئي. سَنڌ سَنڌ ۾ سيڙھاٽ پئجي ويس.
پوءِ پوڄارڻيون کيس جنتي ديويءَ جي مورتيءَ آڏو وٺي آيون، جنھن جي سرير مان نئون وڻ ڦٽي رھيو ھو. ڪنوار گوڏن ڀر جنتي ديويءَ آڏو جھڪي پنھنجيون ٻانھون پوڄا لاءِ ڦھلائي ڇڏيون ۽ سندس ڌيمو، مٺڙو آواز مندر ۾ گونجي ويو، جنھن ۾ ھن وقت ھر طرف سانت ڦھلجي وئي ھئي ؛
" او جنتي،
او نئين بُري اُپائيندڙ ديوي !
اڄ جي رات آءُ پريم پوڄيندس،
اڄ جي رات منھنجي وھانءُ جي پھرين رات آھي....
او ديوي،
مون کي ستن پٽن ۽ ستن ڌيئن جي ماءُ ڪريج،
منھنجي ڪک کي، پنھنجيءَ ڪک جيان سدا سائو رکيج !
آءُ وچن ڪريان ٿي ته منھنجا ٻار تنھنجي کيتن جي،تنھنجن ماڻھن جي، تنھنجي ڌرتيءَ جي، تنھنجن مندرن جي شيوا ڪندا.
او ديوي، مون کي پئون سٽ پٽ ڏجان....
او ديوي، ٻاجھه ڪجان، ٻاجھه ٻيلاٽي ڪجان ! "
۽ لال ڪنوار جنتي جي ديويءَ آڏو کير پٽن لاءِ وڏا سجدا گھورڻ لڳي.
ان رات ماتا ديويءَ جي وڏي مندر ۾ وڏا سوڻ ۽ ساٺ ڪرڻ ۽ وڏي پوڄا پاٽ ڪرڻ کان پوءِ مھاراجا، مھاراڻيءَ، سڀ راجا ۽ راڻيون، لڇمڻ ۽ لڇميون، جنگي اڳواڻ ۽ ساري ڄڃ، گھوٽ ۽ ڪنوار کي سھسين سينگار ڪرائي، سجايل پالڪيءَ ۾ ويھاري، وڏن دھلن ۽ دمامن سان، راڄ رتول ڏانھن ھلڻ لڳا ھئا.
مندر کان ٻاھر ايندي ئي، ھزارين ماڻھن جو ھولريو مچي ويو ھو. ماتا ديويءَ جي مندر کان راڄ رتول تائين روشنين جون لاٽون ھيون. ٻنھي طرفن، ڳلين ۾ ماڻھن جا ھشام بيٺ ھئا. گھوٽ ۽ ڪنوار ساريءَ ڄڃ مٿان، ماڙين جي ھيٺان توڙي ڇتين مٿان گلن ڦلن، سرھاڻين ۽ رنگن جي ورکا شروع ٿي وئي ھئي. ھر طرف کان واڌاين ۽ دعائن، لاڏن ۽ ٽھڪن جا آواز ٻري رھيا ھئا. ھر طرف شرنايون گونجي رھيون ھيون، واڄٽ وڄي رھيا ھئا. ڄڻ سونمياڻيءَ جا باغ، بندر ۽ بازارون، رڳو آواز بنجي ويا ھئا
" ھن ڌرتيءَ تي، وھانءَ جي رات کان وڏ ڪائي ڀلاري رات ڪانھي !
ھن ڌرتيءَ تي گھوٽ ۽ ڪنوار جي سنگم کان وڌ ڪائي پوڄاري رات ڪانھي ! "
اُھا ديھه ڌرم جي رات ھئي.... گھوٽ ۽ ڪنوار جي سنگم جي رات چانڊوڻي، تارن، تِرن ۽ ڪَتين ڀريل، ھيرن ۽ ھلورن ھاڻي، سونھن ۽ وونھن ڀري رات پريم جي رات. جسم جي پوڄا ھن ڌرتيءَ جي سڀ کان اڳاھين پوڄا آھي. پريم ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان آڳاٽو ڌرم آھي. پريم بنا ھي جيون پاپ آھي، سراپ آھي، دولاپ آھي. پريم، ديھه جو سڀ کان وڏو ڌرم آھي. ھن ڌرتيءَ تي جو ڪجھه آھي، اھو سڀ پريم جو ڪرشمو آھي.
ان رات، سنڌو گھاٽ لڳ، سونمياڻيءَ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جو گھوٽ ۽ ڪنوار کي ڏيج ۾ ڏنل نئون رنگ رتول، اندران توڙي ٻاھران، سوين ڏيئن ۽ اُماڙين جي روشنين سان جڳمڳ جرڪي رھيو ھو. ساري رنگ رتول، اندران توڙي ٻاھران، سوين ڏيئن ۽ اُماڙين جي روشنين سان جڳمڳ جرڪي رھيو ھو. ساري رنگ رتول کي طرحين طرحين ساز سامان، سيج پلنگن، پٿوراڻين، پالڪين ۽ پاٿولين سان سجايو ويو ھو. در در تي رنگا رنگ جھاٻا، جھولڻا ۽ جھالورا پئي لڙڪيا. ان رات گھوٽ ۽ ڪنوار کي وڏن لاڏن ڪوڏن سان، دھلن دمامن، ناچن ۽ ڳاچن سان سندن نئين رنگ رتول ۾ آندو ويو ھو. ھزارين ڄاڃي ۽ ساڃي اچي مڙيا ھئا. رتول جي اندر توڙي ٻاھر ماڻھن جا ميڙا ھئا. ناچ ۽ ڳاڄ ھئا. مکڻ ۾ چل روٽلا، ڳڙداڻيون، ڪُٽيون،بُسريون کاڌيون ويون ھيون.
ان رات، آڌيءَ ويل، جڏھن سڀ پوڄارا ۽ پوڄارڻيون، مھمان راجا ۽ راڻيون، لڇمڻ ۽ لڇميون، دايون ۽ ٻايون، گھوٽ ۽ ڪنوار کي سُرھي سيج مٿان ويھاري، مٿانئن سوين سوڻ ساٺ ڪندا، چندن ۽ ڪپور جي سُرھاڻين، گلن ۽ ڦلن جي ورکا ڪندا، خوشيون ملھائيندا، ڳائيندا وڄائيندا ھليا ويا ھئا، ۽ جڳمڳ جڳمڳ جرڪندڙ رنگ رتول ۾ رھجي ويا ھئا – نيريءَ سيڄ تي، کھنبي جھنڊ ۾ لال ڪنورا، ۽ ڪنوارين ڪڪورئو گھوٽ. ٻنھي جي وچ ۾، بيچين سانت ۽ ڏکڻ ھير ۾، جُھلي رھيا ھئا – رتول جا ھيڊا، ساوا، ڀورا، ناسي، ڪرمچي، ڳاڙھا، ساوا، واڱڻائي، ڀڱ ڀڱ جھالورا، ۽ ٽم – ٽم ٻرندڙ ڏيئن جون لاٽون.
ڪنوار جُھنڊ ھنيو ويٺي ھئي. گھوٽ کن لاءِ ماڙيءَ جي پنڊال تي بيٺو، سونمياڻيءَ ۽ سنڌوءَ جو چھچٽو ڏسڻ لاءِ، گھائل نيڻن سان چانڊوڻي نُڀ ۾ ڪي واجھائيندو رھيو ھو.
دونھاٽيل نڀ، ڪامڻي رات.... چوڏھينءَ جو چنڊ... تارا، تر تروڪڙيون، ڪتيون.... ڌوپا ويڇا، ڦلارجندڙ، ڦھلياري ڪڪر.... ڌنڌلن ڌنڌلن سپنن جي ننگري... باغ، بندر، بازارون، وڻن جي ٽارن مٿان مورن جا الستي آلاپ – لوڪ لڪاءَ کان لڪي، سنڌوءَ جي اوڍر ۾، ھڪٻئي سان ملندڙ ٻن پريمين جا پاڇا.... ڳل ۽ ڳيراٽيون.... پور نماس ويرا.... نديءَ جي چاندوڻيءَ ڇَر مٿان اپسرائن جيان نچندڙ ھوڙھن ۽ ٻيڙن جا رنگين سڙھ.... بيچين سانت، ۽ سونھن
گھوٽ بيچين ٿي، نيريءَ ستارن جڙيل سيڄ متان جھنڊ پائي ويٺل لال ڪنوار ڏانھن نھاريو. کھنبي پَٽ جي جھنڊ ۾ ھوءَ تازي ٽڙيل ڪنول جيان ٿي لڳي. ھو موھ ڀريل نيڻن سان ڏانھنس واچيندو، ھوريان ھوريان پوڄارا پير ڌريندو، وٽس آيو ھو، ۽ گوڏن ڀر، سيڄ مٿان، سندس سامھون اچي ويٺو ھو.
ڪنوار جي من دھڪو لائي ڏنو ھو. سندس ڀاڳ سھاڳ سامھون آيو ھو. اڄ سندس پريم پوڄڻ جي رات ھئي. اھا رات، جنھن لاءِ ھن جنم ورتو ھو. اھا رات جنھن لاءِ نينگريون ورھين کان واجھائينديون آھن. اھا رات، جا ھر مُنڌ نو لک جيوڻين جي جنمن ڀوڳڻ کان پوءِ ماڻيندي آھي. اھا رات، جنھن ۾ ڪنوارين جي جسمن کي نرواڻ ملندي آھي. اڄ ھن ديھه جي آڳ جي ڇوٽڪاري جي رات ھئي. شڪتيءَ ۽ مڪتيءَ جي رات. اڄ سڄڻ سامھون ھو، اڄ ھوءَ سدا سھاڳڻ ھئي.
ھوءَ جھنڊ ئي جھنڊ ۾ ماتا ديويءَ جا ڪوڙين ڀال مڃيندي، پنھنجي من مندر جي ديوتا جي آگيا ۾ ھٿ ٻڌي، سندس شيوا ۾ جھڪي وئي ھئي. اُوس ٿي، ھوءَ پنھنجيءَ پريتم جي ھنج ۾ ڪنڌ ڍاري، وڏي سجدي ۾ پئجي وئي ھئي.
" شيوا.... ! " گھوٽ بيڪل ٿيندي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ھو، ۽ ڪلھن کان ڇھي، سندس گلاب جھڙي مکڙي تان جھنڊ لاٿو ھو. ڪنوار جا مڌماتا نيڻ، جواڻي جي کيپ ۾ ٻوٽيل ھئا. پيڙا کان، چپ ٻَري ۽ ٻَري رھيا ھئس.نٿ،والا، دھري، نرڙ تي تلڪ، ۽ ميندي جي خوشبو. گھوٽ کيس ڪلھن کان جھلي، سندس مکڙي جي سوڻ ساٺ ڪيل، ڪامڻگر وڄا کي ڏسندو رھيو. گھوٽ جي ھٿن جي ڇھاءَ سان ڪنوار جو جسو دنبور جيان وڄي ويو ھو، سَنڌ سَنڌ ۾ سيڙھاٽ پئجي ويا ھئس.
"آتما !...." ۽ گھوٽ جي ڀاڪر سان، ھوءَ گھوٽ کي سونين ٻانھين ڀريل ٻانھين سان وڏي ڳيراٽي پائي، ساڻس ڀچي وئي – ڄڻ ھندورن جي جھوٽن ۾ لڙھندي وئي... ڀنڀا وار ڇُڙي، وکري ويا ھئا، ۽ ڏکڻ ھير گھلندي رھي –
" ڪانڌ، آءُ ڏاڍي ماندي آھيان تو بن آءُ اڌوري ھيس. تون منھنجو مٿيون پُڙ آھين. مون مٿا ڍڪ ٿي، وري وڃ. منھنجي ديھه کي پنھنجي ديھه سان واڻي ڇڏ."
۽ گھوٽ ڍڪ بنجي، مٿانئس جُھلي پيو ھو. ھن ڪنوار جا چميا، پوءِ نٿ، ھٿ ڪرايون ۽ آڱريون ۽ پوءِ چنبيلن، چوٽن جي سڳنڌ ۾ کوئجي ويو.
روپائين رات – مينديءَ رتا ھٿڙا – ڳجھه ڳوھ – ڳل ڳيراٽيون – اوڌ اوڌ – آڳ ۽ پيڙا – آنھريون اکڙيون ۽ ڏکڻ – ھير ۾ ھندورا جھلندڙ، چڪندڙا ڦول – بدن.... آسائتو سھڪو، اونھا جھوٽا – اِھڙا پيڙا جي اونگھه – اوم – اوم... ۽ ڪنوار جي ڦول – بدن کي لڳي ھئي لاک – لاک، جا سچلين اڇوتين ڪنوارين جي لڱن مان ڳڙندي آھي.
روپھري رات ڳل ڳيراٽيون، مٺيون . ھڪٻئي سان ڳَلجي، ڳيراٽجي وڃڻ – وٿيرجي وڃڻ، ۽ وري ڳنڍجي وڃڻ – ڳر لڳي ڳالھيون ڪرڻ.....
ڪنوار سمورا ڳھڻا لاھي ڇڏيا ھئا. ڀنڀا ڀنڀا وار سيڄ مٿان وکرجندا ويا. گھڙيءَ گھڙيءَ اکين ۾ اوڙاھ ڀري، ھوءَ پنھنجي سھاڳ اڳيان سونھندي رھي.
چنبيليا چوٽا – چانڊوڻو بت – سونا ڏونگر – ٿڙھا، ٿل، گھڙوليون، گھڙا – جر مٿي کير ڌارا، لھرون لھرون ھير ڏکڻ جي، ھندورا ھندورا ھانءُ ۽ ٽٻڪ ٽٻڪڙا تارا....
ڪنوار، سمنڊ جي پاتار ۾ پيل پياسي سپ جيان، بوند جھٽڻ لاءِ نيڻ ٽمڪائيندي، پاتار ۾ تڙڳي ٿي، موتي ميڙڻ لاءِ... گھرو ساگر – اونھو اونھو، ڇوليون ڇوليون.... اواڪ اُڃ، ناتاري ۽ نانھن – ڏکڻ ھير، جھوٽا جھوٽا، ھلورا ھلورا... اوم... اوم....
تارا ھيٺ، تارا مٿي. ھوءَ اگھور پولارن ۾ اُڀرندي وئي، ۽ ھي انت پاتال ۾ پيھندو ويو، ۽ پوءِ، ڇير جي جھاٻن ۽ جھالورن جا رنگ ويتر ڳاڙھا، ساوا، نيرا ڪرمچي، ڀورا، ناسي ۽ واڱڻائي ٿيندا ويا – چھچ چھچ، تھان گھڻو چھچ. ٻئي، لھرون لھرون جھوٽا کائيندا، انڊلٺين جي دنيا ۾ کوئجي ويا.
ٽم – ٽم تارا – رات ڪامڻي – ھير ڏکڻ جي – جھوٽا جھوٽا ننڊ – شڪتي، مڪتي، نرواڻ... ديھه جو سڀ کان وڏو ڌرم، پريم – اوم... اوم... اوم... .
چون ٿا، اوجاڳي اوجاڳي ستل وينگس ڪنوار جي پوئين پھر جي سپنا سپنا ننڊ ۾ ڪي ازل جا اونھان کيپ ۽ خمار ڀريل ھوندا آھن. دنيا جي ڪا مڌ انھيءَ ننڊ جھڙي نشيلي ڪانھي. ڪا ڪڪوھ اھڙي کيپ ۽ خمار ڀريل ڪانھي. ان رات ڪنواريون سڌ ٻڌ کوئي سمھنديون آھن.
ڀنڀرڪي اوڀر ۾، وھائو، ٽمڪندو، سُوت سُوت مٿي چڙھندو ٿي ويو. مٿي – اڃا مٿي....ڪڪڙن سجاڳيءَ جا دس ڏنا. مورن جي الستي آلاپن سان ساريءَ سونمياڻيءَ جون ڀتيون ۽ ڇتيون واڪا واڪا ٿي ويون. وڻ وڻ سڏ پڙاڏو بڻجي ويو. پوڄا گھر جا گھنڊ ھڪ ھڪ ٿي گونجارجي ويا. اوڀر کي لاک لڳندي ئي، ساري وستي اوشا جي پوڄا لاءِ سجاڳ ٿي وئي ھئي. چُلھه چُلھه مان گانين جي ڇيڻن جو دودرو، ڦلھباري بادلن جيان وٽ کائيندو، نڀ ڏانھن ڦُلارجڻ لڳو ھو. گھٽين مان گھاگھر مٿان گھاگھر رکي ويندڙ پاڻيارين جي پيھه لڳي وئي ھئي. پرھ ويل پاڻي ڀرڻ، ٻوھاري ڏيڻ، وھنجڻ، مکڻ ولوڙڻ، ڍوڍا ڍڻڻ، مور چُڳائڻ، گائيون ۽ ٻڪريون پھرائڻ، ھر ۽ ڏاٽا کڻي کيتن ڏانھن وڃڻ، ڌرتيءَ جي سڀ کان وڏي پوڄا آھي.
پري، گھڻو پري، جتي برھما لوڪ آھي، جتي ڌرتيءَ ۽ آڪاس جو سنگم ٿئي ٿو، اُتي، ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي ڦاڪ مان، نئون سج، سري ڪڍي، سُوت سُوت، ھڪ ڪانو، ٻه ڪانا، ٽي ڪانا، مٿي چڙھندو ويو – مٿي، اڃا مٿي.... ساريءَ وستيءَ جو ڪار وھنوار چالو ٿي ويو، پر سونمياڻيءَ جي سڪيلڌي ڪنوار اڃا ستي پئي ھئي. مٿس کيپ مٿان کيپ چڙھيل ھئا. اونھيءَ ننڊ ۾ السوپ ۽ الوٽ ھئي. کيس جاڳائڻ ، سٺو سنوڻ ۽ ساٺ ڪرائڻ ۽ لڇميون، پوڄارڻيون، نٽ راڻيون ۽ جيڏيون سرتيون سنڌوءَ جي سڀ کان سھڻي ۽ سدوري ٻار، سونمياڻيءَ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي پھرئين پٽ، ننڍڙي لڇمڻ ڀونگر کي وٺي آيون ھيون ته جئن ئي ڪنوار اک کولي ته سندس پھرين نھار سنڌوءَ جي سڀ کان سھڻي ۽ سدوري ٻار تي پوي – ان لاءِ ته جئن ھوءَ به پھريون ٻار اھڙو ئي سھڻو ۽ سدورو ڄڻي.
پر ڪنوار اڃا ننڊ ۾ الوٽ ھئي
جَھن.... جَھن....
جَھن... جَھن....
جھن... جھن....
پوڄارڻين جھانجھه ۽ ٽلين جا مڌر آواز ڇيڙي ڇڏيا ھئا.
ننڍڙو لڇمڻ، لڇمين ۽ نٽ راڻين سان ھلندو، ڪنوار جي سيج جي سيرانديءَ آيو ھو، ۽ لڇمين جي چوڻ تي، لڄندي، ڦڪو ٿيندي، ننڊاکريءِ ڪنوار جي ڪنول پنبڻن مٿان پنھنجا نازڪ چپڙا اچي رکيا ھئائين – بنھه ائين، جئن ٽاريءَ تي ٽڙيل گلاب ھوا جي جھوٽي سان سورج مکيءَ تي ڍري پوي، موتيو چنبيليءَ مٿان لڙڪي پوي، نينگريون ٽھڪڙا ڏئي کلڻ لڳيون.
" ائي ھيءَ ته اڃا پئي برھما لوڪ جي ھندورن ۾ جُھلي "
" ويچاري ساري رات جي اوجاڳيل ھوندي."
ساري رتول ۾ ٽھه – ٽھه ٽھڪڙن جو سنگيت گونجي ويو.
چپڙن جي ڇھاءَ سان ڪنوار جي پنبڻن ۾ اڻلکي لرزش ٿي.
جھن.... جھن جھن....
جھن جھن جھن....
جھن....
آوازن جو پڙلاءَ چٽو ٿيندو ويو. ٽھڪڙا ۽ سنگيت. ھن جي ننڊ ڇڄن لڳي ھئي – ڄڻ برھما لوڪ مان ترلوڪ ۾ اچي رھي ھئي – ڄڻ نئون جنم وٺي رھي ھئي. ڪَر موڙيندي، وڏو آرس ڀڃي، جاڳي پئي. سندس پھرين نھار،مرڪندڙ، ننڍڙي لڇمڻ، ڀونگر تي پيئي. سندس سيج جي چوڌاري لڇميون، نٽ راڻيون، پوڄارڻيون ۽ سرتيون، لاڪس نون ويس وڳن، ھارن سينگارن جا سامان کنيو بيٺيون ھيون. لڄ کان ڪنوار جي مکڙي کي ڄڻ لاک لڳي وئي ھئي. ڳٽن تان ھڪڙا رنگ لٿس ٿي ته ٻيا چڙھيس ٿي. ڪنڌ جھڪائي، ننڍري لڇمڻ کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائي، پيار ڪرڻ لڳي. لڇمين ۽ سرتين کيس ٽوڪن سان ورائي ورتو. الائي ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون چئي ڪڍيائونس. ڪِن ڪَن ۾ ڳُجھيون پڇائون ڪري چيڙايس، ته ڪن وري ڪتڪائي ڪري زوري کلايس. سڄي رتول ۾ ٽھه – ٽھه ٽھڪڙا گونجي ويا. لڄوڙي ڪنوار، ڳاڙھي کُنبي ٿيندي رھي.
اھو ڏينھن ڪنوار کي سون تلاءَ جي پوڄ پاڻي ۾ وھنجارڻ جو ڏينھن ھو. سون تلاءَ جي آٺريل، اُجري ۽ آجري، سرھاڻين ۽ نِير گھُليل ۽ ڪنور تري رھيا ھئا. تلاءَ جي رنگا رنگ دِڪين ۽ پنڊالن مٿان ھيڊن ۽ اڇن وڳن ۾ ويڙھيل پوڄارڻين، رکي رکي، جھانجھه، چنگ، ڪماچ ۽ جلترنگ پئي ڇيڙيا. تلاءَ جي چوڌاريءَ، باغ ۾ مور پئي ٽانءَ سان ٽليا. وڻ وڻ ھيٺان پلنگ، پٿوراڻيون، پالڪيون پيل ھيون. اڻمين ميون ۽ مٺاين جا ٿالھه ڀريا رکيا ھئا. جيڏانھن نھار، سون ورنيون سوڍيون مُچرڪا ڪريو پيون مارڪا ڪن، ۽ نينگريون پوپٽن جيان پٽپٽيھر پڙا لمڪايو پيون اکٻوٽ رانديون ڪن ۽ مور چُڳائين. سون تلاءَ تي ھر پاسي ڄڻ سرڳ سجايل ھو.
ان ويل لڇميون، نٽ راڻيون ۽ سرتيون، ھارن ۽ سينگارن جا ٿالھه ھٿ ترين تي کنيو، وڏي شان ۽ مان سان ڪنوار کي تلاءَ تي وٺي آيون ھيون. ڪنوار جي ايندي ئي سون تلاءَ کي ڄڻ چوراسي چنڊ لڳي ويا ھئا. ھر نينگري، ھر ناري، کيس واڌايون ڏيڻ لاءِ ڊوڙندي آئي ھئي.
۽ پوءِ، پوڄارڻين سندس ڇَتا ڇوڙيا، سندس ڪامڻي ڌڙ کان وھانءَ جو کُنبو وڳو ڌار ڪيو. کاٻيءَ ٻانھن ۾ عاج جي موتين مڙھيل ٻانھين. ساڄيءَ ۾ سون ڪڙا ۽ ڪنگڻ، ڳچيءَ ۾ ھسلي، گھُگھي جيان گول سڊول بدن جو گھڙاءُ... ۽ سون تلاءَ جي اُجري اُجري، سرھاڻين ڀريل، گل،ڦل پاڻيءَ ۾ ڄڻ لٿي ھئي ڪا اندر لوڪ جي اپڇرا، اڱڙا ڌوئڻ لاءِ، ديوداسيون مٿانئس گلن ڦلن جي ورکا ڪنديون رھيون، ۽ پوچارڻين جلترنگ ۽ جھانجھه تي راڳ ڇيڙي ڇڏيو
جھٽ جھٽ وھنجي وٺ ڙي ڇوڙي، مٿان موڙ پيا ڏسن !
جھٽ جھٽ انگڙا ڌوئي وٺ، ٻارڙا سڀ سنڌو گھاٽ تي اِٽي ڏڪر کيڏڻ ويا آھن ؛
جھٽ جھٽ وھنجي وٺ ڙي ڇوري، ڇورا متان اچي وڃن !
جنھن پاڻيءَ ۾ تون وھنجي پئي، سو باغن ڏانھن ورھائبو،
تنھنجيءَ سُرھيءَ مَر مان ڦٽنديون، ڪيئي سُرھيون ڦلڙيون ؛
جھٽ جھٽ انگڙا ڌوئي وٺ، مٿان مور پيا ڏسن !
ان ويل، جڏھن سونمياڻيءَ جي لال ڪنوار وڏي چاڳ ۽ چوھ سان سون تلاءُ جي پوڄ پاڻيءَ منجھان پئي ٻڪ ڀريو وھنتي، ۽ سون تلاءَ کان پري، سنڌوگھاٽ تي، سنڌوءَ جا ننڍڙا بي اُلڪا ٻارڙا، اِٽيءَ ڏڪر سان اڪٽ ٻڪٽ، لين مون، راند پئي کيڏيا، ٺيڪ ان ويل، سونمياڻيءَ جا جُنگ جوان، راکي ۽ ساکي، ھزارن جي ليکي، سنگھرون ڪريو، سنڌو ديس جي سرحدن جي رکواليءَ لاءِ، سونمياڻيءَ کان سوين ڪوھ پري، اروڙ جي لَڪن ۾ پڙاءَ وجھيو، ڀالا، بڻڇ، کڙڳ، کلول ۽ڪٽارا کڻيو، چست ۽ چوڪس، پسار ڪري رھيا ھئا. ھر ويل ھشيار، ھر ويل خبردار، ھر ويل مرڻ ۽ مارڻ جي بازيءَ لاءِ تيار. ڪارونجھر، ھالار، پٻ، گنجي ٺوڙھي، ڀڳي ٺوڙھي، ڪانڀوءَ، کير ٿر ۽ سورجاڻيءَ جيان، ڌرتيءَ سان ڳنڌيل، اٽل ۽ اڻموٽ !
اڪٽ، ٻڪٽ، تين، لين، مون، نار....
ٺيڪ ان ويل، پري، اُتر کان، سڄن سارن ڏھن ھوڙھن منھن ڪڍيو ھو. اروڙ جي لَڪن جي اُتانھين چوٽين مٿان ھر ويل چوڪس بيٺل راکن سنکن تي وڏي ڦوڪ ڏني ھئي. لَڪ لَڪ، ٽَڪر ٽَڪر، ڀير جي آواز سان پڙاڏجي ويو ھو. سنڌوءَ جا جُنگ جواڻ، سنگھرون سنواري، ڪٽارن سان واڳن جي کلن واريون ڍالون وڄائڻ لڳا ھئا – ڄڻ سنڌوءَ جي ساريءَ ڌرتيءَ شينھن جيان گجگوڙ لائي ڏني ھئي.
۽ اُتر کان ايندڙ ڏھ ئي ھوڙھا ۽ ٻيڙا سانت سان ويجھا ايندا ٿي ويا. سنڌوءَ جي جُنج جواڻن انھن کي روڪڻ لاءِ پنھنجا ٻيڙا ۽ ھوڙھا سنڌوءَ ۾ ڇوڙي ڇڏيا ھئا. سنڌوءَ جي جُڌ اڳواڻ، لڪشمڻ ڌِڱ جو ھوڙھو سڀني جي مُھڙ ۾ ھو. ھو ھوڙھا وڌائڻ جو حڪم ڏئي چڪو ھو....
ٽامي نگر کان ايندڙ ڏھ ئي ھوڙھا، سنڌوءَ جي وچ سير ڏيو، جُھلندا ٿي آيا. سڀني کان اڳيان ٽامي جي راڄ رکوال جو ھوڙھو ھو. ان جي پٺيان ٽي ھوڙھا لوڪن جا ھئا. تن جي پٺيان ڇھه ھوڙھا ٽامي جي جنگ جواڻن جا ھئا. اروڙ جي ٽڪرين وٽ اچي، ڏھن ئي ٻيڙن جي ٻيڙياتن کي ڏھڪاءُ ويڙھي ويو ھو. سڀ ناکئا تڙ توائي ٿي ويا ھئا. جيستائين نھار ٿي ويئي، سنڌوءَ جي ڇر مٿان ھوڙھا ئي ھوڙھا ھئا، جھيڙاڪ جھونجھارن جا جٿا ھئا. ڪنڌيءَ کان ڪنڌيءَ تائين، ڏونگرن کان ڏونگرن تائين، قطارن پٺيان قطارون، سنگھرن پٺيان سنگھرون، اڙيل وڇيرا، گھوڙا، ٻيڙا ۽ گھوٽ. ھٿن ۾ پاونگ، ڪند، ڪٽارا ۽ ڪرٽ، مٿن ڪلنگيون ۽ سر ڪنگول. رُڪاھان لڱ، ڏمريل چھرا، گھاتو ۽ گھور. ۽ ڏور ڏونگرن مان ايندڙ جنگي ڀير ۽ سنکن جا آواز درياھ ۾ دھشت ھئي. ڄڻ ساري اروڙ جي ڌرتيءَ واڳونءَ جيان وات ڦاڙيو بيٺي ھئي. جو گھڙي، سو نِئي. ڪنھن کي موت کڻي جو سر سھسائي سامھون ٿئي. ناکئن جون متيون موڙھيون ھيون. ٽامي جي راڄ رکوال پري کان سونمياڻيءَ جي ھٿياربند ڪٽڪ جا ھوڙھا ۽ ٻيڙا ڏسي، وڏي واڪي پنھنجن ناکئن کي سڄاڻ ڪيو " ناکئا، امن ۽ اھنسا جا جھنڊا کڙا ڪريو ! جيئن ديوتائن جي درٻار ۾ وڃبو آھي، سونمياڻيءَ جي سردارن، جَڌ اڳواڻن ۽ جھونجھار جٿن اڳيان سر نوائجو. ساڃھه، نياوَ ۽ نوڙت سان ھلجو، جو سونمياڻيءَ جي سرواڻن جا ڏمر جھنگلي پاڏن ۽ گنڊرن جي ڊھ کان وڌيڪ ڀيانڪ آھن. نمي کمي نھارجو، جو اوھين ڌرتيءَ جي راڄ دلارن اڳيان پيا وڃو. " راڄ رکوال جي ھڪل سان ناکئن امن ۽ اھنسا جا اڇا ۽ ھيڊا جھنڊا کڙا ڪيا ھئا.سنڌوءَ ۾ سنسو ھو. ڏھ ئي ھوڙھا نيڊوءَ ۾ ڏتڙپندا ٿي آيا.
" ھوڙھا جھليو... لنگر اڇلايو.... ھوڙھا جھليو ! "
ھوڙھا ھوڙھن سامھون آيا ھئا. ناکئن لنگر اڇلايا. ڏھ ئي ھوڙھا سونمياڻيءَ جي ھوڙھن سامھون اچي پار سان ٻڌجي ويا ھئا. سڀ آريا سردار سونمياڻيءَ جي جنگي ڪٽڪ جي اِھا سَج ڌڄ، اھو ٺٺ ۽ ادمبر، جھونجھار جٿا، ڪنڊ، ڪٽارا، رڪاھان لڱ ۽ ڪامل سر ڪنگول جواڻ ڏسي، وائڙا ٿي، آڏين اکين سان ھڪٻئي ڏانھن نھارڻ لڳا ھئا. سندن منھن لٿل ھئا. سندن شينھن جيان شيرين، بيڊپين، ڀوائتين، پراسرار اکين ۾ڏھڪاءُ ھو. سڀ پنجوڙ ۾ ڦاٿل شينھن جيان ڇوڪڻا ٿيو بيٺا ھئا. ٽامي جي راڄ رکوال، ۽ جنگ جواڻن، سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال، لڇمڻ ڄام سرواڻ، سڀني سردارن، مکين، جڌ اڳواڻن ۽ جھونجھار جٿن آڏو ڀالا ۽ بڻڇ نوائي، وڏا ڪورنش ڀريا. ٽامي جي راڄ رکوال سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال اڳيان ڳاٽ نوائيندي، وڏا ڪورنش ڪندي چيو ؛
" سونمياڻيءَ جي گھوڙن، ٻيڙن ۽ گھوٽن جو خير ھجي. آءُ ٽامي جو راڄ رکوال پنھنجن جنگ جواڻن سميت سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال، جڌ – اڳواڻن، مکين ۽ جھونجھار جٿن آڏو پنھنجو سر نوايان ٿو، جو ھن ڌرتيءَ تي اوھين سڀ کان اُٿانھان آھيو، جو اوھان جو مان ۽ مرتبو سڀني کان مٿانھون آھي." ان کان اڳ جو ٽامي جو راڄ رکوال ھڪ ڀيرو وري ڪورنش ۾ سر نوائي، سندس سامھون ھوڙھي جي آڳي تي بيٺل سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال چيتي جيان چنگھار ڪئي ؛
" رکوال ! سر انھن جي اڳيان نوائبا آھن، جن جي آگيا ۾ ھلبو آھي، جن جو مان ۽ مرتبو سڃاڻبو آھي. اوھين سڀ ليڪا لنگھي ويا آھيو. اھي ڪورنش ڪوڙا آھن. ٻڌاءِ، ڇو آئيا آھيو؟ ھي ويري اسان سامھان ڇو آندا اٿئي؟ ٻڌاءِ،
ڪھڙا اوڀالا ڀري آئيا آھيو؟ "
سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال جي ھڪل سان ٽامي جي راڄ رکوال جو ساھ ڄڻ سڪي ويو ھو. ھڪ ڀيرو وري ڪورنش ڪندي چيائين، " امن ۽ اھنسا جا ڌڻي آھيو، ڀلارا ڀال ڪجو. اسين سونمياڻيءِ جي مھاراجا لاءِ ٽامي جي راجا جو سنديش کڻي آئيا آھيون."
" ڪھڙو سنديش کڻي آئيا آھيو؟ "
ٽامي جي راڄ رکوال سند آگيا ۾ ڪنڌ نوائي پنھنجي ڀر ۾ بيٺل ھڪ جنگي جواڻ کان ٽامي جي راجا، جي سنديش واري ميٽوڙيل پٽي وٺي، ھوڙھي جي آڳي تان ٻه ڀيرا اڳتي وڌي، ھٿ ڊگھيري، سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال کي ڏني. اُھا پٽي پڙھي، سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال جي منھن تي گھنڊ پئجي ويو. ٽامي جي راڄ رکوال ڏانھن نھاري چيائين ؛
" ته اوھين پاڻ سان گڏ آرين جي مھاويد اگنيءَ کي وٺي آئيا آھيو."
" ھا، راڄ رکوال، آرين جي مھاديوي اگني موت جي پاٿاريءَ تي پئي آھي. ٽامي جي پانڊٿن، ويڄن ۽ پاڙھن چيو ته مھاديوي اگنيءَ جو دارون سونمياڻيءَ جي مندر کان سواءِ ڪٿي به ڪين ٿيندو. اسين ٽامي جي راجا جي حڪم سين، کيس ڪپاھين ۾ ويڙھي کڻي آئيا آھيون."
سونمياڻيءَ جو راڄ رکوال ڇوھ مان ٽڪ ٻڌي ڏانھنس نھاريندو رھيو ۽ چيائين ؛ " ڀلا اوھان ائين ڪيئن وسھيو ته سونمياڻيءَ جي سرحدن ۾ اُن کي گھڙڻ جي آگيا ملندي؟ "
" ان لاءِ ته اسين ڄاڻون ٿا ته اوھين ويرين جي واھر ڪرڻ وارا آھيو. سونمياڻيءَ جي در تان سکڻو ڪو ڪو نه وڃي، جو سونمياڻيءَ امن ۽ اھنسا جي ڌرتي آھي."
" ھا، رکوال، اسين دشمن جي ڦٽن تي لپريون ٻڌڻ وارا آھيون. اسين بڇڙن سان ڀلايون ڪندڙ آھيون. اھو سونمياڻيءَ جي مندرن جو اتھاس آھي. پر اڄ اسين اُنيءَ ۾ ٿوري ڦير گھير ڪنداسين. آرين جي مھاديويءَ اگنيءَ جي ٽنھي ھوڙھن کي آگيا ملندي، ان لاءِ ته متان آريا ائين وسھن ته اسان ڪنھن ڏھڪاو کان ڏڪي آرين جي مھاديويءَ کي پنھنجي در تان موٽايو آھي. پر اوھان کي نه، ان لاءِ ته اوھين ڀائرن ۽ واھرن جي پٺيءَ ۾ بڻڇ وڄائڻ وارا آھيو. اسين اوھان سان سڀ ناتا ڇني چڪا آھيون. ھاڻ اسان جو اوان سان نه رت آھي نه ڀَت، نه سڱ نه سياڪو. سونمياڻيءَ جي ڌرتيءَ جا سمورا در اوھان تي بند آھن. اوين پنھنجا ست ئي ھوڙھا موٽائي وڃو."
" راڄ رکوال، اسين ٽامي جي راجا جي حڪم سان مھاديوي اگنيءَ جي شيوا ۾ آئيا آھيون، اسين کيس ڇڏي ڪيئن وينداسين."
" ٽامي جي راجا جو حڪم ڪو ساري پرٿويءَ لاءِ ڪونھي. ھيءَ سونمياڻيءَ جي ڌرتي آھي. آرين جي مھاديوي اگنيءَ ھاڻ اسان جي پاکر ۾ آھي. سونمياڻيءَ جا سڄاڻ پانڊت، ويڄ ۽ پاڙھا، مئل ماڙھوءَ ۾ ساھ ڦوڪي ڇڏيندا آھن.مھاديوي اگنيءَ کي سونمياڻيءَ پڄائڻ جو ذمو اسين پنھنجي سر تي ٿا کڻون، اسين پاڻ ھوڙھا ۽ ٻيڙا قطاري کيس سونمياڻيءَ وٺي وينداسين. اوهين ست ئي ھوڙھا ڪاھي ھتان ھليا وڃو."
ٽامي جي راڄ – رکوال ڏاڍي ايلاز مان چيو ؛ " پر اسين ٽامي جي راجا ڏانھن ڪھڙو منھن کڻي وينداسين."
" جھڙو منھن اسان ڏانھن کڻي آئيا آھيو. وڃو، انھيءَ سپت سنڌوءَ جي سرحدن جي سوداگر کي چئي ڇڏيو ته سونمياڻيءَ جي سرحدن جا سمورا در مٿن بند ٿي ويا آھن. باقي رھي آرين جي مھاديوي اگني، اُھا چڱي ڀلي ٿي ته وڏي ڌام ڌوم سان ٽامي پھچائي ويندي. سونمياڻيءَ جا ماڻھو پنھنجي اڱڻ آيل ماڻھن جي شيوا چڱيءَ طرح ڪري ڄاڻن. ھاڻ اھي لڄيندا منھن کڻي ھتان ھليا وڃو. وري ڪڏھن به سونمياڻيءَ جي ڀلاري ڀونءَ لتاڙڻ جي سڌ نه ڪجو."
ٽامي جي راڄ – رکوال گھائل ٿي سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال ڏانھن نھاريو. سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال جو حڪم ڄڻ ڪاٺ ۾ ڪھاڙي جو ڌڪ ھو. ٽامي جي راڄ رکوال ڏي نھار ته اکر نه اُڄھيس. ماٺ مٺيءَ سان سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال جي آگيا ۾ پنھنجو سر نوائي ڇڏيو.
اُھا ڏاڍي ڏکوئيندڙ گھڙي ھئي. ٽامي جي راڄ رکوال مھاديوي اگنيءَ جا ٽيئي ھوڙھا ڇڏي، سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال، مکين، جڌ اڳواڻن ۽ جھونجھار جٿن آڏو وڏا ڪورنش ڀريندو، ست ئي ھوڙھا ڪاھي، پڳھه ڇوڙي ھلڻ لڳو ھو. ٽامي جي ھوڙھن کي پنھنجي در تان موٽائي، سونمياڻيءَ جو راڄ رکوال ماٺو ٿي ويو ھو. سڀ سردار ۽ جنگ جواڻ چپ چپات ھئا. اکين ڇنبڻ ڇڏي ڏنو ھو. چوندا آھن ته رت رت آھي، رت، جو رڳن ۾ ڊوڙي ٿو... . رت، جو ڌرتيءَ جي داڻي پاڻيءَ مان جڙندو آھي، چالھين سنڱ تي به وري ويندوآڳي. اڄ رت رت کان جدا ٿي ويو ھو. اڄ ڀائر ڀائرن جي در تان موٽي ويا ھئا. پروشني ۽ ستادرو سنڌوءَ مان ڦٽن ٿيون، ۽ سنڌوءَ ۾ مِڙن ٿيون. اھي ڪڏھن جدا ڪين ٿين. پر اڄ پروشنيءَ، ستادروءَ ۽ سنڌوءَ جي ماڻھن ۾ ڪوھن جا ويڇا پئجي ويا ھئا. اھڙا ويڇا، جي ڪنھن گھاٽ تي نٿا گڏجن، ڪنھن سنگم تي نٿا مڙن، ڪنھن رڳ تي نٿا ملن. رڳن ۾ رت ڄڻ ڄمي ويو ھو. سنڌوءَ جي وھڪ ڄڻ بيھجي وئي ھئي. ٽامي جا ھوڙھا وڃي رھيا ھئا. جيستائين نھار ٿي ويئي، سونمياڻيءَ جو راڄ رکوال ۽ جنگ جواڻ، ھانو تي پَھڻ رکي، ٽامي جي ويندڙ ھوڙھن ڏانھن نھاريندا رھيا.
آريا سردار وائڙا ھئا. ڪڏھن سونمياڻيءَ جي ڪٽڪ ڏانھن ٿي نھاريائون ته ڪڏھن ٽامي جي ويندڙ ھوڙھن ڏانھن. سندن ڪيھر شينھن جھڙين اکين ۾ آڊڪو ھو. ان ويل، سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال ڪنڌ ڦيري ٽنھي ھوڙھن جي آڳي تي بيٺل آريا سردارن مٿان ڪڙي نھار وڌي. سڀني آريا سردارن جي جسمن تي جانورن جون کلون اوڍيل ھيون. مٿن ڍڳن جا سنڱ ۽ ڳچين ۾ جانورن جي ھڏن جون مالھائون ھين. وڏيون ڏاڙھيون، وڏا وار، بنھه جھنگلي جانارن جيان ٿي لڳا.
سندن بي ڊپين اکين ۾ ڊپ ۽ اُڊڪو ڏسي، سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال کين آٿٿ ڏني؛ "آريا سردارو، نه ڊڄو، وھم نه پچايو، سونمياڻيءَ جا ماڻھو پنھنجي تڏي آيل ماڻھن کي امرت پياريندا آھن، نه وھ جا وٽا. ھي جھونجھار جٿا رڳو روھ رڻن ۾ کڙڳ کلول ڪرڻ ڄاڻن، ميدانن ۾ ھاڪاري وڙھڻ ڄاڻن، ھي پنھنجي گھر ۾ گھرائي ڪنھن کي ڪين مارين. ھيڻن ۽ ھيکلن تي جلھه ڪرڻ اسان جو وڙ ناھي. اوھان جي مھاديوي، مھاراڻي اگنيءَ، ۽ اوھين، سونمياڻيءَ جي مھاراجا جا مھمان آھيو. اسين اوھان جي مھاراڻيءَ ۽ اوھان جي آجيان ائين ڪنداسين، جئين راجا ۽ راڻيون پنھنجين مھمان راجائن، راڻين ۽ سورھيه سردارن جي آجيان ڪندا آھن. اوھين بيڊپا ھلو. ڪنھن جي مجال ڪانھي جو اوان ڏانھن اک کڻي نھاري."
سڀني آريا سردارن سندس ڳالھه سمجھندي، سندس آجيان لاءِ سر نمايا. ان کان پوءِ سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال پنھنجي جنگي ڪٽڪ ڏانھن منھن ڦيري، پنھنجي سون ڪڙن ۽ ڪنگڻن واري رُڪانھين ٻانھن ھوا ۾ جھولي، پنھنجي ڪٽڪ جي جڌ اڳواڻن ۽ سورھيه سردارن کي ھڪل ڪري چيو :
" اي منھنجي ! ڪٽڪ جا سورھيه سردارو، جڌ اڳواڻو، سرويچ پھلواڻو، اڄ آريا ديش جي مھاديويءَ، مھاراڻي اگني، سونمياڻيءَ جي مھاراجا جي مھمان بڻجي آئي آھي. پنھنجن جھونجھار جٿن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته مھاديويءِ اگنيءَ جي آجيان لاءِ سنک ۽ توتارا وڄائين، ڀير تي ڏونڪا ھڻن، ڍالون کڙڪائين، ڪنڊ،ڪٽارا، ڀالا ۽ بڻڇ نوائي، آريا ديش جي مھاديويءَ جي ھوڙھن جي آجيان ڪن. سونمياڻيءَ جي مھاراجا ڏانھن رٻارا ڊوڙايو ته کين خبر پوي ته آريا ديش جي مالڪياڻي، ميرو پربت جي ڄائي، ھمالا جي ڌياڻي، آرين جي مھاديوي، مھاراڻي اگني، سونمياڻيءَ جي مھمان بڻجي اچي رھي آھي."
سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال جي حڪم سان سڄي ڪٽڪ ۾ وٺ پڪڙ پئجي وئي ھئي. سونمياڻيءَ ڏانھن ھڪدم رٻارن جا ھوڙھا ڊوڙايا ويا ھئا. مھاديوي اگنيءَ جي آجيان لاءِ سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان جھونجھار جٿا سنگھرون ھڻي بيھجي ويا ھئا. مھاديويءَ اگنيءَ جي ھوڙھن جي آجيان لاءِ، سنڌوءَ جي ڪنارن کان ڏونگرن جي چوٽين تائين، سنکن، توتارن ۽ ڀير جا آواز ٻُرڻ لڳا ھئا. جئين ئي سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال جي ھوڙھي پٺيان مھاديوي اگنيءَ جا ٽيئي ھوڙھا تار مان ترندا، ٽامي جي سرحد مان سونمياڻيءَ جي سرحد ۾ آيا ته سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان بيٺل ھزارين جنگ جواڻن، ڪٽارن سان ڍالون وڄائي، پنھنجا کڙڳ کلول، ڀالا ۽ بڻڇ نوائي، آريا ديش جي مھاديوي اگنيءَ جي ھوڙھن جي وڏيءَ ڌام ڌوم سان آجيان ڪئي.
ان کان پوءِ سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال آرين جي مھاديوي اگنيءَ جي ھوڙھي ۾ وڃي کيس ڏٺو. ھوڙھي جي ننڍڙي ڪاٺانھين جھروڪي ۾ ھوءَ موت جي پاٿاريءَ تي يسرت پئي ھئي. مٿانھنس اڇو اوڇڻ وريل ھو. سندس پاٿاريءَ جي چوڌاريءَ آريا پروھت ۽ پوڄارڻيون گوڏا اونڌا ڪريو، ڪنڌ جھڪايو، ياترا ۾ اٻاڻڪا ويٺا ھئا. ھن ھٿ وڌائي، اوڇڻ ھٽائي، مھاديوي اگنيءَ کي ڏسڻ ٿي گھريو، پر آريا سردارن سندس ھٿ جھلي ورتو. سونمياڻيءَ جو راڄ رکوال آرين جي مھاديويءَ مٿان ڪجھه دير بيٺو ڏانھنس نھاريندو رھيو، ۽ پوءِ منھن موڙي ٻاھر آيو.
انھيءِ شام جو سونمياڻيءَ جو راڄ رکوال، پنھنجي جنگي ڪٽڪ جون واڳون پنھنجي سورھيه سردارن، جڌ اڳواڻن ۽ مُکين جي حوالي ڪري، کين وڏيون سمجھاڻيون ڏيڻ کان پوءِ، آرين جي مھاديوي اگنيءَ کي سونمياڻيءَ پڄائڻ لاءِ ھوڙھا ۽ ٻيڙا قطاري، تار ۾ تراز تاريندو، سونمياڻيءَ روانو ٿيو. اروڙ جي نديءَ مان جتان جتان سندن ھوڙھان ٿي لنگھيا، سنڌوءَ جا جنگ جواڻ، ڀالا ۽ بڻڇ نوائي، سنک ۽ توتارا وڄائي، سندن آجيان ڪندا رھيا. ھوڙھن پٺيان ھوڙھا، سڙھ اُڀا ڪريو، ٽيٽھرن جيان ڄڻ اُڏاڻا ٿي ويا.
***