ناول

موهن جو دڙو

ناول ”موهن جو دڙو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي تاريخي ناول نامياري ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو لکيل آهي. ياد رهي ته هي سندس ناول جو پهريون حصو آهي، ٻيو حصو هو لکي ڪونه سگهيو ۽ اسان کان موڪلائي ويو.
ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 8304
  • 2897
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي بابا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book موهن جو دڙو

4

سونمياڻيءَ مٿان چوڏس چٽائيءَ رات مور پکي جيان پنھنجا خوبصورت پک ڦھلاريا ھئا. اڄ سونمياڻيءَ جي وايو منڊل ۾ گھنڊن جي گونجار، سَنکن ڪي ڪوءڪار، ناد ۽ نگذ جي استٿين جي جھونگار ھئي. اڄ راڄ رتول کان پوڄا – گھر تائين وک ک تي اُماڙيون روشن ھيون، اڄ سونمياڻيءَ جي وڏي مندر ۾ ڌرتي ماتا جي انگاس بت آڏو ھزارين ماڻھن جا ھشام ماکيءَ جي ماناري جيان مڙي آيا ھئا. اڄ سارو سنجھا سھائو مندر، اندران توڙي ٻاھڙ سوين اُماڙين ۽ ديپن جي روشنين سان ٻھه ٻھه ٻري رھيو ھو. اڄ وڏيءَ پوڄا ۽ پراٿنا جو ڏينھن ھو. اڄ ديوتائن جي درٻار جو ڏينھن ھو. اڄ ڌرتيءَ جي ڌڻيءَ ۽ مالڪياڻيءَ، سونمياڻيءَ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جون سوين پالڪيون، رٿون ۽ گاڏيون، سنجھا سھائو مندر جي وڏي در آڏو اچي بيٺيون ھيون. سندن آجيان ۾ قطارون ڪري، ٽولن ۾ بيٺل پوڄارين، واري واري سان پنھنجن سَنکن تي وڏي ڦوڪ ڏيئي، پنھنجا سر سندن آجيان ۾ جُھڪايا ھئا، کين مندر ۾ وٺي وڃڻ لاءِ، ھيڊين ساڙھين ۾ ويڙھيل، ھٿن ۾ ٻرندڙ اُماڙيون جھليو بيٺل پوڄارڻين جي ھڪ وڏي ٽولي سندن اڳواڻي ڪئي. مندر جي وڏي در جي ڏاڪن تي، ڳاڙھين ساڙھين ۾ ويڙھيل، ھٿ ترين تي ڪنجھي جا ٿالھه کنيو بيٺل ديوداسين، مٿانئن گلن ۽ ڪپور جي ورکا ڪري، ادب سان سندن آگيا ۾ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا.
ڊانگ ! ڊانگ ! ڊانگ !.... پوڄا گھر جا سڀ گھنڊ ھڪ ئي وقت وڄڻ لڳا ھئا.

" اي ماڻھو، سانت سان سجدا ڪريو، جو اڄ ڌاڃ ڌرتيءَ جا ڌڻي، سونمياڻيءَ جو مھاراجا ۽ مھاراڻي، مانا ديويءَ جي مندر ۾ پيھي آيا آھن."
" اي ماڻھو، نمي کمي پنھنجا سر نوايو، جو اڄ وڏيءَ پوڄا ۽ پرارٿنا جو ڏينھن آھي."
" اي ماڻھو، اگھور سجدا گھوريو، جو اڄ ديوتائن جي درٻار سجي آھي."
سارو مندر گھنڊن، سنکن ۽ پوڄارڻين جي ياترائن جي سريلن آوازن سان گونجي ويو ھو. مندر ۾ ويٺل ھزارين ماڻھن جا ھشام پنھنجي مھاراجا، مھاراڻيءَ، مھاتمائن، مھاديوين، لڇمڻن ۽ لڇمين جي آجيان ۾ سونن ڪڙن، ٻانھوٽن ۽ ڪنگڻ واريون ٻانھون مٿي آسمان ڏانھن ڦھلائي، ڌرتي ماتا جي انگاس مورتيءَ آڏو وڏا وڏا سجدا گھورڻ لڳا ھئا. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي اڳواڻي ڪندڙ اُماڙين واريون پوڄارڻيون، پوڄارا پير ڀرينديون، مندر ۾ انڊلٺ جيان رنگين پڙڇن تان ھلنديون، ڌرتي ماتا آڏو وڏي گول سونھري پنڊال جي چوڌاري گول دائري سان اچي پنڊ پھڻ جيان بيھي رھيون ھيون. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ ھٿن ۾ سونا لڪڻ کنيو، پنھنجا پٽ پٽھير سون ورنا وڳا جھوليندا، مھاپوڄاريءَ پٺيان تپسيا سان ھلندا ماتا ديويءَ آڏو وڏي گول سونھري پنڊال تي اچي بيٺا ھئا. سڀ لڇمڻ، لڇميون، مھاديون، مھاتما، جڌ اڳواڻ، راڻا ۽ رکوال، مُکي ۽ ديوان داڙا پنھنجن آسڻن تي گوڏن ڀر تپسيا سان ٻانھون ڦھلائي بيھجي ويا ھئا. ساري پرجا وڏا وڏا سجدا گھورڻ کان پوءِ سون ڪڙن ۽ ڪنگڻن واريون ٻانھون ڦھلايو ماتا ديويءَ آڌو تپسيا سان بيٺي ھئي.
ھو ھو.... ھو.... ھو ھو....، پوڄارڻين سريلا آلاپ ڪڍي ماتا ديويءَ جي انگاس مورتيءَ کي رنگين لوبان جو واس ڏنو ھو ۽ پوڄا – گھر جي رنگين مورتون اُڪريل وڏين ويڪرين ٻھه ٻھه ديوارن ۾ چوڏس رنگين ڌوپ جو دونھون وٽ کائي ڦلاريو ھو. ساري پوڄا – گھر ۾ ھڪ عجيب سمو ٻڌجي ويو ھو – جھڙو ڪنھن نو ورني پوڄارڻ جي سرڳ جو سپنو. ھاھا، اھو ھڪ سپنو ئي ھو – ھن ڌرتيءَ جي سرڳ جو سپنو، ھن ڌرتيءَ جي ساڻيھه جو سپنو، ھن ڌرتيءَ جي اتھاس جو سپنو. ااڄ تائين، ھن پولار جي ھيٺان اھڙا ڀورا ناسي بادل نه ڏٺا ويا آھن. جھڙو انھيءَ رنگين ڌوپ جو دونھون.
اڄ تائين، ھن آڪاس جي ھيٺان اھڙي چانڊوڻي رات نه سجي آھي. جھڙو اھو ٻھه – ٻھه ٻرندڙ سنجھا – سھائو مندر.
اڄ تائين اوڀر کي اھڙي لاک نه لڳي آھي، جھڙا اُنھن ماڻھن جا رنگا رنگ ڳاڙھا ويس ۽ لال لبيس.
اڄ تائين، ھن ڌرتيءَ اھڙا ڦول نه ڦلاريا آھن، جھڙا انھن موتيءَ داڻن ماڻھن جا ٻھڪندڙ سانورا سلوڻا چھرا،
اڄ تائين، ڪنھن ڍنڍ اھڙو ڪلڇ نه جرڪايو آھي، جھڙو انھن ٻڙين ۽ ٻاين جي نٿن، بونن، ٻانھين، ھسلين، سون ڪڙن، ڪنگڻن ۽ ڪيوٽين جو چلڪڻ ۽ چمڪڻ.
اڄ تائين، ھن وايو منڊل ۾ اھڙو سُر سنگيت نه جاڳيو آھي. جھڙو انھن پوڄارڻين ۽ ديوداسين جي ياترائن جو آواز. ڊانگ! ڊانگ! ڊانگ!.... گھنڊن گونجار ڪئي ھئي.
ترڙوت.... ترڙوت.... ترڙوت..... سنکن تي ڦوڪ لڳي ھئي.
ان ويل. سونھري پنڊال تي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي اڳيان گوڏن ڀر تپسيا سان ويٺل پوڙھي مھاپوڄاريءَ ڌرتيءَ ماتا جي انگاس مورتيءَ آڏو پنھنجا ھٿ ڦھلايا ھئا –
" او ڌرتي
او ماتا وڌاتا،
اڄ تنھنجي مندر ۾، ڌاج ڌرتيءَ جو ڌڻي، سونمياڻيءَ جو سرواڻ، دراوڙن جو اڳواڻ، سپت سنڌوءَ جو مھاراجا پنھنجيءَ مھاراڻيءَ سميت، پوڄارا پير ڀري تنھنجي آسڻ آيو آھي. اڄ ان خوشيءَ ۾ سونمياڻيءَ جا ڏھ نٽ راج ۽ پنج نٽ راڻيون جنگ ۽ امن جو ناچ ڪندا.
" او ڌرتي،
او شڪتي ماتا، وڌاتا !
سونمياڻيءَ جي مھاراجا کي، جو ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جو رکوالو آھي، سونمياڻيءَ جي ڀونءَ مٿان سدا سج جيان روشن رکج. اڄ سونمياڻيءَ جو مھاراجا جيڪي چوي، سو سٻاجھي ڪن سڻج ۽ سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاج، جو اسان تنھنجن مندرن جا سينگاريندڙ آھيون، جو اسان ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
" او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او جنم ورني، جنم ڀومي، سڀ پوڄا ۽ پڙلاوءَ تو لاءِ آھن. اسين سڀ تو کي سجدو ڪريون ٿا !
" ماتا ديويءَ کي سجدو ڪريو.... ماتا ديويءَ کي سجدو ڪريو ! "
ڊانگ ! ڊانگ ! ڊانگ !... ترڙوت... ترڙوت... ترڙوت...
سارو مندر گھنڊن، سنکن ۽ پوڄارين جي آوازن سان گونجي ويو ھو. مھاپوڄاريءَ، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ پٺيان ساري پرجا آسمان ڏانھن ٻانھون ڦھلائي، ماتا ديويءَ آڏو سجدا گھورڻ لڳي ھئي. وڏي پوڄا پاٺ کان پوءِ مھاراجا ۽ مھاراڻي کي ناچ جي پنڊال جي سامھون ھڪ وڏي خوبصورت تخت تي ويھاريو ويو. آتم تارا، سڀ لڇمڻ ۽ لڇميون، مھاتما ۽ مھاديويون، جڌ اڳواڻ، راڻا، مکي ۽ ديوان داڙا پنھنجن آسڻن تي ويھي رھيا ھئا. ساري مندر ۾ ھڪ عجيب سانت ۽ نوائي ڦھلجي وئي ھئي. سڀني جون نظرون سامھون وڏي پنڊال جي پردن ڏانھن کڄيل ھيون. ۽ پوءِ سارو پنڊال مڌر سنگيت ۽ ڇيرين جي ڇمڪارن سان گونجي ويو ھو. وڏي ناچ ۽ ناٽڪ پنڊال جا رنگين جھالون وارا پردا ڇڪجي ويا ھئا، ۽ سامھون اُڀري آيو ھو ھڪ وڏي محل جي آڳنڌ جو چھچٽو.
ڇم... ڇم... ڇم.، پوڄا گھر جي مٿانھن ڏيورن جي ڏاڪن تان پنج نٽ راڻيون سورھن سينگار ڪيو، پولڪائون جرڪائينديون، پڙا لمڪائينديون، ڇيريون ڇمڪائينديون، اپسرائن جيان ھيٺ پنڊال جي آڳنڌ تي لٿيون ھيون. سندن مڌماتي نيڻ، ڦوھ جواڻيءَ جي نشي ۾ اڌ ٻوٽيل ھئا. پنج ئي ڄڻيون ھڪ ئي ادا سان ڄڻ سپني ۾ ھلنديون ٿي ويون. مکڙن تي موھ ۽ ورونھه وراڪا ٿي ڏنن. پنجن ئي پھرين ڌرتي ماتا ۽ پوءِ مھاراجا، مھاراڻيءَ ۽ ساريءَپرجا آڏو سر نوائي نوڙت ڪئي، ۽ پوءِ ڇم ڇم ڪنديون، نرتڪي ادائن سان پنڊال تي ڊوڙون پائي، جھمريون ھڻي گھر ۽ گھرشتيءَ جو چھچٽو چٽڻ لڳيون.
ڪڏھن پنجن ئي ھيج مان جھمريون ھنيو، وٽ کائيو، جنڊ پيھڻ جو چھچٽو ٿي چٽيو، ڪڏھن کجيو کجيو، ناز سان ناڏ ڪيو، ٿوٻيءَ تي ڍوڍا ٿي ٿڦيائون، ڪڏھن سکياڻين سنگھارين جيان ماٽيءَ ۾ مکڻ ولوڙڻ جو نماءُ ٿي پسايائون، ڪڏھن پاڻياريون بڻجي، گھاگھرون ۽ ڇاتيون ڇلڪائينديون ٿي ويون، ڪڏھن مکڙن تي مامتا وارو موھ ڀري، پاٻوھيو پينگھن ڏانھن ڊوڙون پايو، پنھنجن ستل ٻارڙن کي جھومي جھومي جھولا ٿي جھلايائون، ته ڪڏھن وري اوچتو وروھڻين جيان نڪن تي ھٿ نيئي، نيڻن ۾ واجھه وجھي، پنھنجن ڀتارن جي اوسيئڙي ۾ واٽ نھارڻ لاءِ کڙيون مٿي کڻي، واٽون ٿي واجھايائون. پنج ئي ڄڻ ھڪڙيءَ ڪل مان ٺھيل ھيون، ڄڻ ھڪ ئي مالھا جا موتي ھيون، ھڪ ئي واھڻ جون ڇوليون ھيون. پير پير سان، ٻانھن ٻانھن سان، ڳاٽ ڳاٽ سان، چيلھه چيلھه سان ٿي ورايائون ئ پنج ئي ڪٺ پتلين جيان خوشيءَ جو ناچ نچنديون رھيون. پير پٽ سان نٿي لڳن. سازن جو پڙالو جئين پوءِ تيئن تکو ٿي ويو.
ان ويل، پنڊال جي مٿانھن ڏيورن جي ڏاڪن تان خوبصورت وڳن ۾ ويڙھيل پنج نٽ راج ھر ۽ ڏاٽا کنيو، ڇم ڇم ڪندا ھيٺ پنڊال تي لھڻ لڳا ھئا. پنج ئي نٽ را ڻيون کين ڏسي، خوشيءَ مان جھمريون پائي مٿانھن ٻَلھارجڻ لڳيون ھيون. پنج ئي نٽ راج بھار جي مدمست مورن جيان مگن ٿي، جھمريون پائي مٿانھن ڀرڻ لڳا ھئا. ڪڏھن جوڙو جوڙو ٿي پاڻ ۾ پيار ۽ خوشيءَ جو اوريان گھوريان ناچ ٿي نچيائون، ته ڪڏھن ڏھن ئي گڏجي پنڊال تي ڪونجن جي وڳر جيان، طرحين طرحين گول دائرا ٿي ٺاھيا. پنج ئي راج ۽ پنج ئي نٽ – راڻيون، پاڻ ۾ کجيو کجيو، ھڪٻئي تان اور گھور ٿيو، خوشيءَ جو ناچ نچندا رھيا.
ان ويل، اوچتو ئي اوچتو، ھزارين ڀيانڪ آواز ن جو شور پيدا ٿي ويو ھو. ڌرتيءَ جو سينو ڏڪي ويو، ڄڻ ڌرتيءَ تي ھزارين نراتما لھي آيا ھجن. پنج ئي نٽ – راج ۽ نٽ – راڻيون، وائڙا ٿي پنڊال تي ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙون پائي واجھائڻ لڳا ھئا ته ھي ڇا جو ھُل ھلاچو آھي. ان ويل پنڊال جي مٿانھن ڏيورن مان پنج وحشي نٽ –راج، باھ جو اُماڙيون ۽ بڻڇ لھرائيندا، خوفناڪ جانورن جيان ڪيڪڙات ڪندا، اونھاڙيون ڏيندا، ھنبوڇيون ھڻندا، ھيٺ پنڊال تي لٿا ھئا. سندن مٿن تي جانورن جون سڱ ٻڌل ھئا. ڳچين ۾ ھڏن جون مالائون ۽ بت تي جانورن جون کلون اوڍيل ھين، ۽ خونخوار چھرا رت سان ٿڦيل ھئن. نٽ – راڻيون کين ڏسي، خوف کان ڏڪڻيون ٿي، پنھنجن ساٿي نٽ – راجن ڏانھن ڊوڙڻ لڳيون. پوءِ، ساٿي نٽ – راج کين پنھنجين ٻانھن جو سھارو ڏيئي، پنھنجي پٺيان لڪائين ٿا، ۽ وحشي نٽ راجن جي سامھون ٿين ٿا ۽ کين پنھنجي گھر مان ٻاھر نڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا. وحشي نٽ راج ڪروڌ ۾ اچي، پنڊال جي چوڌاري ھنبوڇيون ھڻي، باھيون ۽ بڻڇ لھرائيندا، گجگوڙون ڪندا، مٿن حملو ڪن ٿا ۽ کين ڌڪا ڏيئي، نٽ – راڻين کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿا. نٽ راڻيون
وحشي نٽ راجن جي ٻانھن ۾ اچي، پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پَر – وَس پکيئڙن جيان ڦٿڪن ٿيون. ساٿي نٽ – راج پنھنجين نٽ – راڻين کي ڇڏائڻ لاءِ، چيلھين سان ٻڌل ڏاٽا ڪڍي، پنڊال جي چوڌاري گھيرو ڪندا، ڦيرا پائيندا، وحشي نٽ راجن مٿان حملو ڪن ٿا. ڏسندي ڏسندي، ڏھن ئي نٽ راجن ۾ وڏي خوفناڪ مھاڀاري جنگ جاري ٿي وڃي ٿي ۽ پينگھا ڪِريو پون. مَٽ ۽ ماٺوڙا اوندا ٿيو وڃن ۽ ساري پنڊال کي باھ لڳي وڃي ٿي.پنج ئي نٽ راڻيون، جنگ جي ڏھڪاءَ کان ڇَتا کولي، آسمان ڏانھن ٻانھون ڦھلائي، لڪي ۽ گوڏا ڪٽينديون، پٽڪارو ڪنديون،پنڊال جي چوڌاري ڦرنديون، گھوماٽيون کائينديون ٿيو وڃن. وڏيءَ خوفناڪ جنگ کان پوءِ، ساٿي نٽ راج، پنجن ئي وحشي نٽ راجن کي پنھنجي گھر مان ھڪالي ڪڍن ٿا. پنج ئي نٽ راڻيون ڪجھه دير ته ائين ئي پنڊال جي چوڌاري گھوماٽيون کائينديون، چڪرائينديون ٿيون رھن. ساٿي نٽ راج تيزيءَ سان جھمريون پائيندا، کين سھارو ڏين ٿا. پنج ئي نٽ راڻيون ڄڻ سامت ۾ اچيو ٿيو وڃن. ڏھ ئي گڏجي پنڊال تي ٻرندڙ آڳ اُجھائين ٿا، مَٽ ماٺوڙا ۽ پينگھا سڌا ڪن ٿا. نٽ راڻين کي ڄڻ نئون جنم مليو آھي. مکڙن تي وري اھا ساڳي مرڪ، موھ ۽ ورونھه ڊوڙي آئي اٿن. پنج ئي، ڊيلن جيان پنھنجا ڳاٽ ناز مان لوڏي، پنھنجن ساٿين جي چوڌاري ڀرن ٿيون. ڏھ ئي پاڻ ۾ ھڪٻئي مٿان اور گھور ٿيو. ڪونجن جي وڳر جيان طرحين طرحين دائرا ٺاھيو. خوشيءَ جو ناچ نچن ٿا. سازن جو پڙالو جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندو وڃي. ۽ پوِ ڏھ ڪٺ پتلين جيان گول دائرو پائيندا، خوشيءَ جو ناچ نچندا، مھاپوڄاريءَ مھاراجا، مھاراڻيءَ ۽ ساري پرجا جي آگيا ۾ ادب سان ھٿ ٻڌندا، سر نوائيندا، ڇم ڇم ڪندا، تڪڙا تڪڙا پنڊال جي ڏاڪن تان گم ٿي وڃن ٿا.
ڊانگ !... ڊانگ !... ڊانگ !.... مندر جا سڀ گھنڊ يڪا گونجڻ لڳا ھئا. کن لاءِ ڄڻ سارو ڀيڻو مواس ٿي ويو ھو.، ماتا ديويءَ جي مورتيءَ جيان پنڊ پھڻ ٿي ويو ھو. مھاپوڄاري جي چھري تي جُڳن جا گھنج ويتر گھرا ٿي ويا ھئا. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ ڄڻ سُن ۾ اچي ويا ھئا. لڇمڻ ۽ لڇميون سڀ خاموش ھئا. چوڏس پوڄا – گھر ۾ ڄڻ گھري سانت ۽ سوچ ڊوڙي وئي ھئي. اڄ نٽ – راڻيون ۽ نٽ – راج پنھنجين نرتڪي ادائن سان وڏا ڳجھه ڳرھي ويا ھئا، وڏيون ڳجھاندر ڳالھيون ڪري ويا ھئا.
ان ويل، مھاراجا ھڪ وڏو اونھو ساھ ڀري پنھنجي آسڻ تان بيچين ٿي اُٿيو ھو. ڌيرج سان، ھوريان ھوريان پوڄارا پير ڀريندو، گول سونھري پنڊال تي آيو ھو. مھاراڻيءَ به سندس پٺيان ھلندي، سونھري پنڊال تي اچي ماتا ديويءَ آڏو وڏي سجدي ۾ پئجي وئي ھئي. سندس اڳيان گوڏن ڀر بيٺل مھاراجا، ماتا ديويءَ جي انگاس مورتيءَ آڏو ڪنڌ مٿي کڻي، پنھنجون ٻانھون سرڻ جيان ڦھلائي ڇڏيون ھيون، ۽ ساري پوڄا گھر ۾ سندس چنگ جھڙو گنڀير آواز گونجڻ لڳو ھو ؛
" او ڌرتي، او ماتا وڌاتا ! تون آدجڳاد کان آھين، ھن ڌرتيءَ تي جو ڪجھه آھي، سڀ تنھنجو ڪرشمو آھي.
" پراڻي ڪال ۾،
جڏھن اسين ڪين ھئاسين،
جڏھن ھن ڌرتيءَ تي خوفناڪ درندن جو راڄ ھو،
جڏھن دنيا ھڪ ويران جھنگ ھئي،
تڏھن،
پنھنجي شيوا لاءِ،
تو پنھنجيءَ ڪنواري ڪُک مان اسان کي ڄڻيو،
۽ اسين تنھنجي سيني تي باندرن جيان بانبڙا پائڻ لڳاسين ؛
اِھو اسان جي پيدائش جو اتھاس آھي.
"تڏھن اسين انگ اگھاڙا ھئاسين،
تڏھن اسين وڻواند رولو ھئاسين،
جانارن جيان ڪچو ماھ ۽ مڇيون کائيندا ھئاسين
اِھو سڀ ناد ۽ نگد جو لکيو آھي ____
ويد انادي آھن.
" تڏھن اسين جُڳن جا جُڳ،
خوفناڪ جھنگلي جانارن ۾ ڦاٿل ھئاسين،
اسين خوفناڪ سٽاڻي سمنڊ جي ويران ۾ ڦاٿل ھئاسين،
اسين خوفناڪ برفاني طوفانن ۾ ڦاٿل ھئاسين،
۽ اسان جي سرن مٿان ٻرندڙ جبلن جون وڄون ڪرنديون ھيون،
اسين جُڳن جا جڳ ساھ تڳائڻ لاءِ
سڻوپرين جاين جي تلاش ۾ نراتمائن جيان ڀٽڪندا رھياسين.
" او ڌرتي، او ماتا وڌاڻا !
تڏھن تو اسان کي سُپت سنڌوءَ جي واٽ سئنھائي،
جا گلن ۽ ڦلن جي ڦلواڙي ھئي،
جنھن جي ويڙھين ۽ ولھارن ۾ گايون ۽ ٻڪريون،
ھرڻ ۽ ڦاڙھا، مينھون ۽ سھڙ ا چري رھيا ھئا،
اسين گروھن ۾ ونڊجندا،
خوفناڪ جھنگ ۽ رڻ پٽ جھاڳيندا،
خوفناڪ جانورن سان جنگيون ڪندا،
آڏو لَڪ لتاڙيندا،
سنڌوءَ جي ڀلاري ڀونءَ تي آياسين،
جا ڌرتيءَ جو سرڳ ھئي،
۽ اسان سنڌوءَ جي پھاڙن ۽ لڪن کي پنھنجي اوٽ ۽ اجھو بڻايو ؛
جتي امن امان ھو، سک ۽ سانت ھئي.
" پراڻي ڪال ۾،
ھن ڌرتيءَ تي جنھن ودوان ڪڱانئون جھوپو ٺاھيو ھو،
۽ سنڌوءَ ڪناري ٻج چٽيا ھئا،
اُھو اسان جو وڏو پيءُ، شِوَ مھاراج ھو،
ھن بيک ديوتا کي پنھنجو دوست ٺاھيو،
۽ ان تي سواري ڪئي
اھو سڀ تنھنجو ڪرشمو ھو ؛
۽ اسان شِو ۽ بيل ديوتا جي پوڄا ۽ شيوا ڪئي.
" پراڻي ڪال ۾،
ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان پھرين جنھن منڌ ڦيش ڪُٽي واڻ وٽيو ھو،
ڪپھه جي گوگڙن مان سُٽ ڪتيو ھو،
پنھنجو سر ڍڪيو ھو،
جنھن سڀ کان پھرين گئو ماتا جي پيرن ۾ ڍِنگ ٻڌو،
۽ ڏڪندي ڏڪندي گوھن سان ٻُڪ ۾ ان جو کير پيتو،
اُھا اسان جي وڏي ماءُ پاربتي ھئي ؛
۽ اسان سان پاربتي ۽ گئو ماتا جي پوڄا ۽ شيوا ڪئي.
" او ڌرتي،
او شڪتي ماتا، وڌاتا !
اسين ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان اڳھانھان آھيون؛
اُھي اسين ھئاسين، جن ھن ڌرتيءَ تي ڌڻ ڌاريا ھئا،
اُھي اسين ھئاسين، جن ھن ڌرتيءَ تي واڻ وٽيا ۽ سُٽ
ڪتيا ھئا ۽ چرخا چوريا ھئا، اُھي اسين ھئاسين، جن ھن
ڌرتيءَ تي گپ ۽ گاري سان ننڍڙا گھروندا ٺاھيا ھئا،
اُھي اسين ھئاسين، جن ھن ڌرتيءَ تي ڀلن ڍڳن سان
ھر جوٽيا ھئا،
او ڌرتي، او ماتا وڌاتا،
ھيءَ وھندڙ جل ڌارا، سنڌوءَ،
انھن ڳالھين جي راکي ۽ ساکي آھي،
تو کان ڪجھه لڪل ڪونھي؛
اِھو ھن ڌرتيءَ جو اِتھاس آھي !
" او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
ھن ڌرتيءَ تي جو ڪجھه آھي،
اسان جي محنت جو ڦل آھي،
اسان ھزارين سالن جي محنت ۽ جاکڙن سان ھن ڌرتيءَ تي ھر جوٽيا،
سرن جا بٺا ٺاھيا،
وڏين وڏين راڄڌانين جو بنياد وڌو،
۽ سپت سنڌوءَ جي ويران جھنگن کي ديوتائن جي ڌرتي بنائي ڇڏيو !
" او ماتا وڌاتا !
اسين اڃان به ويرين وچ ۾ آھيون
آريا اسان جا سڀ کان وڏا ويري آھن.
آريا اڻسڌريل ۽ جھنگلي آھن،
بُتن تي جانورن جون کلون اوڍين ٿا،
ڳچيءَ ۾ ھڏن جون مالھائون پھرين ٿا،
ھنن وٽ وڙھڻ لاءِ لوھي ھٿيار ۽ سورايءَ لاءِ تکا سيگھڙو آھن.
ھو سدائين سُتي لوءِ اسان جي وسندين تي ڪاھون ڪن ٿا،
ڇتن ڪتن وانگي اونھاڙيون ڏيئي، اسانجين کيتين ۽ وسندين کي باھيون لڳائين ٿا.
" اسان ڪيئي ڀيرا آرين سان وڏيون جنگيون ڪيون،
ھنن جا وڏا سردار مارياسين ۽ قيد ڪياسين،
۽ آريا اسان جي پيش پيا.
اسان کين جيئدان ڏنو،
ان لاءِ ته اسان جو ڌرم کميا،
تپسيا، اھنسا، ديا ۽ دان آھي،
اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ امان چاھيون ٿا،
اسان آرين ڏانھن دوستي جو ھٿ وڌايو،
اسان آرين کي ڪڀا ۽ وروونا وارا پَٽ ورھائي ڏنا،
ان لاءِ ته آريا ديش ۾ برف پوي ٿي،
اُتي اناج نٿو لڳي ؛
اسان آرين سان وڏا وڙ ڪيا.
" او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
آرين وري، منھن ڪڍيو آھي،
آرين وري ڪَر کنيو آھي،
آريا وري وڏيءَ ويڙھاند جون سٽون سٽي رھيا آھن،
ان لاءِ ته آريا اگنيءَ جا پوڄاري آھن،
جا آڳ جي ديوي آھي،
جا ننگريون ناس ڪندڙ آھي،
جا ڦلواڙيون ويران ڪندڙ آھي،
اگني ۽ آريا لوڀي ۽ اھنڪاري آھن،
ھنن جي مٿي ۾ ڪروڌ ۽ جنگ ڀريل آھي،
ھنن جون اکيون اسان جي راڄ – رتولن ۽ رنگ – محلن ۾ کُتل آھن،
ھو اسان جو الھو تلھو ٻھارڻ چاھين ٿا !
" او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
اسان ھزارين سالن جي محنتن ۽ جاکڙن سان ھن ڌرتيءَ کي سينگاريو آھي،
ھنن رنگ – رتولن، راڄ – محلن ۽ راڄڌانين کي جنم ڏنو آھي
اسين جھنگلي آرين ھٿان پنھنجي سندر سڀيتا کي مٽجڻ ڪو نه ڏينداسين.
اسين آرين سان جنگ ڪنداسين !
اسين آرين سان وري وڏاندري ويڙھ ڏينداسين ؛
اسين وڙھنداسين، ستادرو، پروشني، وستنا، اسڪني
ڪرومر، سويتيءَ ۽ سنڌوءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، ھن سرڳ سمان دراوڙن جي ڌرتيءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پوڄارن ۽ پوڄارڻين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن اوڏن ۽ اوسارن لاءِ،
اسين وڙھنداسين، سون ورنين سوڍين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ،
اسين جنگ ڪنداسين، ھن ڌرتيءَ جي امن ۽ اھنسا لاءِ،
" او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
اسان کي جنگ جي آگيا ڏيج،
سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاريج،
۽ آرين مٿان اسان کي سوڀيارو ڪريج،
جو اسين تنھنجا پوڄارا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا رکولا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
" او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او شڪتيءَ ۽ مُڪتي جي ديوي !
او جنم ڀومي، جنم ورني !
سڀ پوڄارا ۽ پڙلاوَ تو لاءِ آھن.
آءُ سونمياڻيءَ جو مھاراجا،
پنھنجي مھاراڻيءَ، لڇمڻن، لڇمين ۽ ساريءَ پرجا سان، تنھنجن چرنن ۾ سجدو ڪريان ٿو."

ڊانگ ! ڊانگ ! ڊانگ !.... پوڄا – گھر جا سڀ گھنڊ گڏ گونجارڻ لڳا ھئا.
ترڙوت... ترڙوت... ترڙوت.... پوڄارين سنکن تي ڦوڪ ڏني ھئي. چوڏس پوڄا گھر جي ديوارن ۾ رنگين ڌوپ جي دونھين جا بادل ڦُلاريا ھئا. سارو مندر پوڄارڻين جي سريلن آوازن سان گونجي ويو ھو. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ پٺيان سڀ لڇمڻ ۽ لڇميون، مھاتما ۽ مھاديويون، جڌ اڳواڻ جنگي جواڻ ۽ رکوال، مکي ۽ راڻا، ديوان ۽ داڙا، پوڄارا ۽ پوڄارڻيون، آسمان ڏانھن ٻانھون ڦھلائي، ڌرتي ماتا آڏو وڏا وڏا سجدا گھورڻ لڳا. ان رات، سڄي رات ماتا ديويءَ جي مندر ۾ ماتا ديويءَ، شِوَ ۽ باربتي جي پوڄا ٿيندي رھي.ماڻھو پنھنجين ديوين ۽ ديوتائن مٿان ڀيٽون چاڙھيندا رھيا.
جُڳن کان ھن ڌرتيءَ تي جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو آھي، وڄندو رھندو !
جُڳن کان ھن ڌرتيءَ تي موت جي جنگ جاري آھي، ۽ جاري رھندي !

سونمياڻيءَ جي وايو منڊل ۾ وري جنگ جا ڀيڙ وڄڻ لڳا ھئا. وري وڏاندر ويڙھ جو غُرغلو متو ھو. ھن واري ان ڌرتيءَ کي اھا آڳ پنھنجي ھٿان ئي لڳي ھئي. ٽامي جو راجا ديوداسا، ڳُجھه ئي ڳُجھه ۾. ماٺ مٺيءَ سان، آرين سان ملت ٿي ويو ھو. ھو آرين جي مھاديوي اگنيءَ اڳيان جھڪي ويو ھو، ان لاءِ ته راجا ديوداسا جي ماءُ آرياڻي ھئي، ۽ اگنيءَ جي پوڄارڻ ھئي. ھن آرين کي ستادرو، پروشنيءَ وسستا، سويتيءَ ۽ ڪرمون جي ڌارائن تي پڙاءَ وجھڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي ھئي، ۽ آريا ٽامي جي پنجن ئي ڌارائن کي ماڪڙ جيان ورائي ويا ھئا. سڀ بر پٽ، جھر جھنگ، آرين جي بيشمار گروھن ۽ ٽولن سان ڏينڀن جي ماناري جيان جھنجھجي ويا ھئا. الائي ڪھڙي ڳالھه تي ھرکجي، الائي ڪھڙي ڏھڪاءَ کان ڏڪي، ٽامي جي راجا سونمياڻيءَ جي مھاراجا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي، ۽ ماٺ مٺيءَ ۾ ڌارين سان پنھنجي ڌرتيءَ جو سودو ڪيو ھو. ۽ اڄ ٽامي ۽ سونمياڻيءَ جون سرحدون ٻه اڌ ٿي، ھميشه ھميشه لاءِ ھڪٻئي کان جدا ٿي ويون ھيون. ستادرو، پروشني، وسستا، سويتي، ۽ ڪرمون ھميشه ھميشه لاءِ سنڌوءَ کان ڇڄي ويون ھيون. ھڪ ماڻھو ڪڏھن پنھنجي ساري ڪٽنب ۽ ساري ملڪ کي لوڙھي ڇڏيندو آھي، ۽ ھڪ ماڻھو ڪڏھن پنھنجي سڄي ڪٽنب ۽ ملڪ کي تاري ڇڏيندو آھي. ھا، ھا، جُڳن کان ھن ڌرتيءَ تي ائين ٿيندو رھيو آھي. ٽامي جي راجا نه رڳو سونمياڻيءَ جي مھاراجا جي دل آزاري ھئي، لڇمڻن، لڇمين ۽ پوڄارين کي رنجايو ھو، پر ھن پاڻ سان گڏ سڄي سنڌوءَ کي موت جي دروازي تي آڻي بيھاريو ھو. سنڌوءَ جي اڏول سڀيتا جي پُڄاڻي جا سنک وڄڻ لڳا ھئا. ھو جي راتاھا ھڻندڙ ست ڌاريا آيا ھئا، ڪنھن به ڳالھه تان اڙي سگھيا ٿي، پنھنجن وچنن تان ڦري سگھيا ٿي. ڏينڀن جي ماناري مان مٺي ماکي ڪڏھن به نه جڙي آھي. بگھڙ جي ٻچي ۾ ڪڏھن به ڇيلڙي وارو گُڻ نه پيدا ٿيو آھي. باھ ۽ پاڻيءَ جو سنگم ڪڏھن به نه ٿيڻو آھي. تنھن ڪري، سونمياڻيءَ جي مھاراجا ٽامي کان سونمياڻيءَ جون سرحدون ھڪدم جدا ڪري ڇڏيون ھيون، سنڌوءَ جي سرحدن جي سنڀال ۽ رکواليءَ لاءِ سونمياڻيءَ جي راڄ رکوال، لڇمڻ ڄام سرواڻ، وڏو ڪٽڪ وٺي سنڌوءَ جي سرحدن تي ڪلا کوڙي ڇڏيا ھئا، حد بندي ڪري ڇڏي ھئي. سونمياڻيءَ جي ڪٽڪ جا ھزارين جنگي سورما، راڻا ۽ رکوال، کڙڳ کلول، ڪات، ڪرٽ ۽ ڀالا کڻي، سنڌوءَ جي سرحدن تي رات ڏينھن گشت ڪرڻ لڳا ھئا. سونمياڻيءَ جي مھاراجا دور دور سنڌوءَ جي راڄڌانين ڏانھن پنھنجو گھوڙا ۽ ٻيڙا ڊوڙايا ھئا. ساري سنڌوءَ ۾ ھنڌين ماڳين جنگ جي ھڪل ھئي، ڊوڙون ۽ ووڙون ھيون. ھر طرف جنگ جو ڀير وڄي رھيو ھو. پنھنجي ديس جي رکشنا ۽ شيوا لاءِ سنڌوءَ جي دور دور وسندين مان ڳاڙھا ڳڀرو، سونمياڻيءَ جي سنڌو گھاٽ تي اچي، کِڙڳ کلول، ڀالا ۽ بڻڇ، ڪات ۽ ڪھاڙا گھڙي، ڌرتي ماتا جي وڏيءَ مورتيءَ آڏو سنڌوءَ جي مٽيءَ جو تلڪ نرڙ تي لڳائي، پنھنجن سرن جي ھاڻ ھڻڻ لڳا ھئا، ۽ آرين سان برميچڻ لاءِ سنڌو گھاٽ جي وڏي آکاڙي واري ميدان ۾، سکت لاءِ، ملاکڙا ۽ ٻِلھاڙا ڪرڻ لڳا ھئا، ھزارن جا ٽولا ٺاھي، ڀالن ۽ بڻڇين جي راند ڪرڻ لڳا ھئا.
سارو سنڌو گھاٽ جنگ جو آکاڙو بڻجي ويو ھو، سنڌو گھاٽ جي وڏي پتڻ تان روز سوين جنگي جوپ جواڻن جا ھوڙھا ۽ ٻيڙا، پنھنجا رنگين سڙھ جھوليندا، جھجھي زور جئندا، ھِلورا کائيندا، سنڌوءَ جي سرحدن جي رکوالي لاءِ وڌڻ لڳا ھئا. پنھنجي وطن جي سورھيه سورمن، راڻن ۽ راجپُٽن، سوڍن ۽ سُپر ڄامن کي پتڻ اُڪارڻ لاءِ سنڌو گھاٽ تي ھزارين ٻارڙا، ٻايون ۽ دايون، ڪنواريون توڙي سھاڳڻيون، لڇميون توڙي ديوداسيون، پوڄارڻيون توڙي آتڻ ھاريون، مھاديويون توڙي لاھياريون، روز نوان نوان سينگار ڪري اچڻ لڳيون ھيون. مائرون پنھنجن پٽن لاءِ، ڀينرون پنھنجن ڀائرن لاءِ، ڪنواريون پنھنجي گھوٽن لاءِ، سھاڳڻيون پنھنجن مڙسن لاءِ، ۽ سُرتيون پنھنجن سَرتن لاءِ، دادلي درياھ ۾ پُکا وجھي، سکائون باسڻ لڳيون ھيون. روز دادلي درياھ جي لھرن مٿان سُکائن جا سھسين ديپ روشن ٿيندا ھئا. جنگي سورمن لاءِ ھو اوچا کاڄ آڻينديون ھيون. ھر ڀينر پنھنجي ڀاءُ سان، ڪامڻي پنھنجي ڪانڌ سان، ماءُ پنھنجي پٽ سان، ۽ سُريت پنھنجي سرتي سان ڀاڪر پائي ملندي ھئي. نيڻن ئي نيڻن ۾ جُڳن جون ڳالھيون ٿينديون ھيون. وڇوڙي ۽ ويراڳ جي لوري لڳندي ھئي. ۽ پوءِ، جڏھن ناکئا کوھا کولي، سڙھ سبڀاري، پڳھه ڇوڙي، وڏي واڪي سان ھوڙھي ھلائڻ جو حڪم ڏيندا ھئا، ته کين آشيرواد ڏيڻ لاءِ ھزارين ڏڪندڙ، بيچين، ٻانھين ڀريل، ٻانھون ھوا ۾ لھرائڻ لڳنديون ھيون. نيڻن جي ڳچين مان لڙڪن جا ھار ڇڄي، داڻو داڻو ٿي ويندا ھئا. ڪيتريون مائرون، ڪيتريون ڀينرون، ڪيتريون سھاڳڻيون ۽ سُريتون، بيچين ٿي، ھوڙھن پٺيان ڊوڙي پونديون ھيون. ھزارين آوازن جو پڙلاءُ پيدا ٿي ويندو ھو.
وڃو وڃو، بُرن تي بڇ ڪريو !
وڃو وڃو، دشمنن سان سينا ساھيو !
وڃو وڃو، ويرين کي ڀالا ھڻي، ڀاڪرين پئو !
وڃو وڃو، ڌرتيءَ جو کاڌو پيتو ملھايو !
وڃو وڃو، ماتا ديويءَ تان سر گھوريو !

سونمياڻيءَ ۾ جڏھن ھڪ پاسي وڏيءَ ويڙھاند جون تياريون ٿي رھيون ھيون، ته ٻئي پاسي وڏي ڌام ڌوم سان سونمياڻيءَ جي لڇمڻ، مھاويد آتم تارا جي شاديءَ جا سانباھ ٿي رھيا ھئا. سونمياڻيءَ جي سڀني راڄڌانين جي راجائن کي پنھنجن ٻيڙن ۽ گھوڙن سميت دعوت ڏني وئي ھئي. اڃا سنجھي جا ستارا مس چمڪندا ھئا ته سارو راڄ رتول شھناين دھلن ۽ دمامن جي آوازن سان گونجي ويندو ھو. سڄو راڄ رتول رنگا رنگ، ساڙھين، پَڙن ۽ پولڪائن سان ويڙھيل لڇمين، نازڪ نارين، پوڄارڻين، ڳائڻين، نٽ راڻين ۽ آتڻ ھارين سان جھنجھجي ويندو ھو. ھڪ پاسي نھار ته نٽ راڻيون ناچ پيون ڪن ۽ نينگريون دھلڙيون وڄايو سھرا ۽ لاڏا پيون ڳائين، ته ٻئي پاسي سونمياڻيءَ جون برک آتڻ ھاريون سُٽ پيون ڪتين، گھوٽ ۽ ڪنوار جي وھانءَ جي جوڙن تي اوچا ڀرت پيون ڀرين، اوٽيون پيون ڏين، ڪارچن تي اڳٺ، سَڳيون، جھاٻا ۽ جھولڻا پيون ٺاھين ۽ ٽئين پاسي وري سون ورنيون سوڍيون، پلنگن، پٿراڻين ۽ پالڪين تي ويٺيون،اوچا کاڌا کايو، پاڻ ۾ کيڪارون ڪريو، منڊل ۽ مارڪا پيون ڪن.
سج چڙھيو ٿي، سج، ڍريو ٿي. سونمياڻيءَ ۾ جنگ جي ڀير سان گڏ خوشيءَ جون شرنايون وڄنديون رھيون....
انھيءَ رات، دونھاٽيل نُڀ ۾ سَتاڙي جو چنڊ ٻڏير ۾ ھو. اڄ سونمياڻيءَ جي گھوٽ آتم تارا کي ستاڙي جي ميندي لڳڻي ھئي. راڄ رتول ۾ وڏيون وڏيون خوشيون پئي ملھايون ويون. سڄي راڄ رتول ۾ گھوٽ جون پڇائون ھيون. ان ويل، آتم تارا، دھلن ۽ شرناين جي آواز کان پري، سنڌوءَ گھاٽ جي ھڪ مٿانھينءَ ماڙيءَ جي ڇت مٿان، ڪجھه اُداس ۽ اوماس، الائي ڪھڙين سوچن ۾ وھلور، موڳاڻو بيٺو ھو. جنگ جو ڀير وڄي رھيو ھو. ستاڙي جو چنڊ ٻڏ تر ۾ ھو. سنڌو گھاٽ تي ھوڙھن جا رنگين سڙھ ڀلن گھوڙن جيان دنگي رھيا ھئا. جنگي اکاڙي ۾ جُنگ جواڻ ڀالن ۽ ڏڦن سان ھڪٻئي تي وار ڪري رھيا ھئا. رنگين وڳن ۾ ويڙھيل ناريون چوڌاري سنڌو گھاٽ پئي آيون ۽ ويون. ڪن پنھنجن جُنگ جواڻن کي اوچا کاڌا پئي کارايا، ته ڪن دادلي درياھ ۾ پُکا وجھيو پوڄا پئي ڪئي. ھو بيچين نيڻن سان سنڌو – گھاٽ جي اُتانھينءَ ڇت تان اھو سڀڪجھه ڏسندو رھيو. ھيٺ درياھ شاھ جي بچاءُ بند تان، سونمياڻيءَ جي ھڪ ھارن سان جھنجھيل سھڻي گائڪا، دنبورو ۽ کڙتال ھٿن ۾ کنيو، وڏي واڪي، پنھنجي اوچي آواز سان سوين ماڻھن جي ميڙ اڳيان ڳائي رھي ھئي ؛
جُڳن کان ھن ڌرتيءَ تي جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو آھي، ۽ وڄندو رھندو،
جڳن کان ھن ڌرتيءَ تي موت جي جنگ جاري آھي،
۽ جاري رھندي،
ھو ڏسو،
منھنجي ديس جي ڪوپن ڪانڌن پنھنجا بڻڇ ھوا ۾ لھرايا آھن ؛
ھو ھن ڌرتيءَ جا پُٽ آھن،
۽ آءُ انھن جي لڄ آھيان !
ھو منھنجو ننگ سڃاڻيندا،
ھو مون تان سر گھوريندا،
جُڳن کان ھن ڌرتيءَ تي جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو آ،
۽ وڄندو رھندو !
ھو ست ڌاريا جڏھن به ايندا،
سٽون ڏيئي منھنجا ڳھڻا لاھيندا ؛
ٻانھون ڪاراين کان نڪري پونديون،
نڪ مان ناڪيلي وھندي، ۽ ڪن ڇڄي پوندا ؛
آءُ ھن ڌرتيءَ جي ڌيءُ، دانھيان ٿي،
منھنجو ننگ سڃاڻو !
او گھاتوا ! وڃو، وڃو،
ويرين سان سينا ساھيو،
ڌڙ ڌڙن مٿان اُڇلايو،
گھا گھائي گھا گھائي سر گھوريو ؛
وڃو، وڃو ؛
جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو آھي ؛
ھيءَ مرڻ مارڻ جي ويرا آھي،
ڀاڄوڪڙ بڻجي، ٽري ٽارو نه ڪجو،
ڳڻي ڳڻي سيني ۾ مھميزون سھجو،
پُٺي نه ڏجو !
آءُ اوھان جي لڄ چوان ٿي ؛
او گھاتوا ! وڃو، وڃو،
بُرن تي بڇ ڪريو ؛
جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو آھي !
آءُ پنھنجا ڳوڙھا پي ويندس،
اوھان جي وڇوڙي جو سور سھي ويندس،
اوھان مان ڦٽبو،
آءُ ڦٽن تي لپڙيون ٻڌنديس،
اوھان مان جيڪو ڪُسبو، آءُ انھيءَ جا گيت ڳائيندس
منھنجا گيت انادي آھن،
آءُ سِرن جي سَين ھڻان ٿي ؛
او گھاتوا ! وڃو، وڃو،
جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو آھي !
جُڳن کان ھن ڌرتيءَ تي موت جي جنگ جاري آھي،
۽ جاري رھندي !

جنگ جو ڏونڪو وڄي رھيو ھو. ڳھڻن سان جھنجھيل ڳائڻي، ھڪ ھٿ سان دنبور ۽ ٻئي ھٿ سان کڙتال وڄائيندي، وڻجارن ڳائيندي ھلندي ٿي وئي. ھن جا ڪاتيءَ کان تکا اوچا سُر، اڃا تائين ھوائن جي ڇاتيءَ ۾ ڇير وجھندا ٿي ويا. پري پري تائين بچاءَ بند تان اُٻاڻڪيون، ڪجھه ھيسيل ۽ ھراسيل ناريون، پوڙھا ۽ ٻار، اچي وڃي رھيا ھئا. دادلي درياھ ۾ لُڇ پُڇ ھئي. ستاڙي جو چنڊ دونھاٽيل نپ جي ساگر ۾ ٻڌ تر ھو، ۽ آتم تارا به ڪنھن گھريءَ سوچ جي ٽٻيءَ ۾ پئي ٻڏيو ۽ تريو.... ۽ پوءِ، ڇت مٿان چار ديوداسيون آيون ھيون، چئني ادب سان سندس آگيا ۾ سر نوايا ھئا ؛
" مھاديو، اوھان کي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ گھرايو آھي." آتم تارا ڪنڌ کڻي ڏانھن ڏٺو، ۽ چپ چاپ سندن پٺيان ھلڻ لڳو.
سنڌو گھاٽ جي ھڪ وڏي اُتانھين جھروڪي ۾ جنگي ودوانن ۽ اڳواڻن جو ميڙو متل ھو. ھڪڙا آيا پئي ته ٻيا ويا پئي. ڪي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئا، ڪي ڀتين تي ٽنگيل وڏن وڏن رنگين پڙڇن تي اُڪريل سنڌوءَ جي نقشن مٿان اُڀا بيٺا، مٿاڪُٽ ڪري رھيا ھئا. سونمياڻيءَ جو مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ سونھري تختن تي براجمان ھئا. آتم تارا، ديوداسين سان گڏ، اُتانھينءَ ماڙ جي ڏاڪن تان لھي، وڏن وڏن پنڊالن ۽ ايوانن تان ڦرندو، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي جھروڪي ۾ آيو، ۽ نھايت ئي ادب سان گوڏن ڀر مھاراجا آڏو ھٿ ٻڌي بيٺو. مھاراجا کيس ڏسي، ڀريل ۽ ڳري آواز سان چيو ؛
" لڇمڻ آتم تارا، ھن چنڊ جي چوڏھينءَ رات تنھنجي شادي آھي. چنڊ جي ڏھين تاريخ تي ڪنواريتن جي ڄڃ اچڻي آھي. اڄ ستاڙي جي رات آھي. اڄ اوھان جي ھٿن تي وھانءَ جي پھرين ميندي لاٿي ويندي. راڄ رتول ۾ لڇمين اوھان کي گھرايو آھي."
مھاراجا جي ڳالھه تي لڇمڻ آتم تارا پنھنجو ڪنڌ مٿي ڪيو. گنڀير ۽ نماڻي آواز سان چيائين ؛ " مھاراج، اڄ جڏھن سونمياڻيءَ جا سڀ سورما ڀالن ۽ بڻڇن سان رانديون پيا ڪن، ته آءُ پنھنجن ھٿن کي ميندي ڪيئن ھڻندس؟ اھا شادي پوءِ به ٿي سگھي ٿي."
آتم تارا جي ڳالھه تي مھاراجا غور سان سندس چھري ۾ نھاريندي چيو ؛ " لڇمڻ، اوھين ڇا پيا چئو، دنيا جي ڪا به طاقت اسان جي در تي آيل خوشين جي دھلن کي موٽائي نه سگھندي. آرين سان جنگ اسان لاءِ ڪا نئين ڳالھه ڪانھي، اھا جنگ جڳن کان جاري آھي. جي آرين سان اسان کي جنگ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين. جنگ، جنگ جي ميدان ۾ ٿيندي. تنھنجي شادي به ٿيندي، تنھنجي ھٿن تي ميندي به لڳندي ۽ تنھنجن ھٿن ۾ بڻڇ به ڏنو ويندو. اسان اوھان جي شاديءَ ۾ ڪوٽ ديجي، ششي ٿان ، شيواديجي ، راجستان، ڪڇ ڀڄ ۽ پاتال بندر جي راجائن کي گھرايو آھي. اسين ماٺ مٺيءَ ۾ ساڻن ڪي ڳالھيون ڪنداسين. اوھين ھنن ديوداسين سان گڏجي ھڪيا راڄ رتول پڄو. راڄ رتول ۾ لڇميون اوھان جي واٽ نھارينديون ھونديون."
جو حڪم، مھاراج !" آتم تارا ادب سان مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ آڏو پنھنجو ڪنڌ جھڪايو، ۽ ديوداسين سان گڏجي راڄ رتول ڏانھن وڃڻ لڳو.
امر آھي اھا ڌرتي، جنھن کي پنھنجا سورھيه سرويچ پھلواڻ آھن. مَھان آھي اُھا قوم، جا پنھنجي ڌرتيءَ تان پنھنجو رت ست گھوري ڄاڻي ٿي. مَر تنھن ڌرتيءَ جون مائرون مَرڪيو مرڪن، جنھن ڌرتيءَ جي سرحدن تان سينا ساھي ڄاڻن. ڀل ته تنھن ڌرتيءَ جون سھاڳڻيون سٿ سونھن، جن جا سھاڳ روھ رڻن ۾ دشمنن سان کڙڳ کلول ڪن ٿا. ڀل ته تنھن ڌرتيءَ جون سنگھاريون سوء سوء سينگار ڪن، جن جا سورھيه سوڍا ويرين سان راتاھي جون رانديون ڪن ٿا. ڀل ته تنھن ڌرتيءَ جون پنوھارڻيون ناچ ۽ ڳاچ ڪن، جن جا پيل پنوھار اٽل ۽ اڻموٽ آھن، ڀل ته تنھن ڌرتيءَ جون لال ڪنواريون ھٿن ۽ پيرن کي مھنديون مڙھين، جن جا ڳاڙھا گھوٽ سر جوٽ آھن. دنيا جي ڪا به طاقت انھيءَ ڌرتيءَ تي پنھنجو ڌاڪو ڄمائي نه سگھندي. دنيا جي ڪابه طاقت انھن سھاڳڻين جا ڳھڻا لاھي نه سگھندي. دنيا جي ڪا به طاقت انھن لال ڪنوارين جي ھٿڙن تان اھا مھنديءَ جي سونڌي ريٽي، رنگت ڊاھي نه سگھندي. دنيا جي ڪا به طاقت انھيءَ ناچ ۽ ڳاچ جي آوازن کي دٻائي نه سگھندي، اُھا قوم پھاڙن جيان پنھنجيءَ جڳھه تي اٽل ھوندي آھي. جيئن کير ٿر کي ڌوڌي نٿو سگھجي، جيئن ڪارونجھر ۽ ڪانڀوءَ کي، ھالار ۽ پٻ کي، ڀڳي ٽوڙھي ۽ گنجي کي، چوھڙ ۽ سورجاڻيءَ کي پنھنجين جڳھين تان ھٽائي نٿو سگھجي، تيئن اُنھي قوم کي به لوڏي ۽ ڌوڌي نٿو سگھجي. ڀل ته انھيءَ ڌرتيءَ جا ماڻھو جنگ ويل به جشن ملھائين، خوشيون ڪن. اُھا قوم امر آھي، ۽ امر رھندي، اُھا ڌرتي مھان آھي، ۽ مھان رھندي.
سونمياڻيءَ ۾ مھاويد آتم تارا جي وھانءَ جا وڏي ڌام ڌوم سان جشن پئي ملھايا ويا. سونمياڻيءَ جي پري پري جي راڄڌانين جا ٽي راجا پنھنجي راڻين، لڇمڻن، لڇمين، جڌ اڳواڻن، گھوڙن ۽ ٻيڙن سان سونمياڻيءَ ۾ اچي ھيڪاندا ٿيا ھئا.اڄ سونمياڻيءَ ۾ ڪوٽ ڏيجي جو راجا ۽ راڻي ڪنواريتن جي ڄڃ وٺي اچڻا ھئا. اڄ سونمياڻيءَ جي لال ڪنوار اچڻي ھئي. تنھنڪري، اڄ ساري سونمياڻيءَ نوان ويس ۽ وڳا ڪيا ھئا. ھزارين دايون ۽ ٻايون، طرحين طرحين ھار ۽ سينگار ڪري، ڪنوار جي آجيان لاءِ سنڌو گھاٽ تي اچي مڙيون ھيون، ھر طرف ھزارين ماڻھن جا ھشام ھئا. چوڏس ميڙا ۽ منڊليون متل ھيون. چونڪ چونڪ تي دھلارين دھل پئي وڄايا. نينگرين دھلارين جي چوطرف گول ڦيرا پايو، پڙا لمڪايو، ناچ پئي ڪيا. بازيگر بازيون پئي ڏيکاريون. سون ورنيون سوڍيون ۽ سنگھاريون، سنگھرون ڪريو، ڪنوار جي آجيان لاءِ سھرا ڳائي رھيون ھيون. سوين پوڄارڻيون ۽ ديوداسيون ڪنوار جي سواڳت لاءِ گلن ڦلن ۽ سُرھاڻين جا ٿالھه کنيو، اُڪنڊيون بيٺيون ھيون. اڄ جنگي جواڻن خوشيءَ جا ڀير پئي وڄايا. چوڏس خوشيءَ جو پڙالو وڄي رھيو ھو. اڄ ھر مڙس ڄڻ گھوٽيتو ٿي لڳو. اڄ ھر مُنڌ ڄڻ ته ڪنواريتي ھئي، اڄ ھر نينگري ڳھڻن سان جھنجھيل لال ڪنوار ٿي لڳي. مھاويد آتم تارا جي وھانءَ جي خوشيءَ ۾، سونمياڻيءَ ۾ الائي ڪيتريون سڱابنديون ٿيون ھيون. ڪيترين لڄوڙين نينگرين، سَچلين ڪوڏين جا ڳانا ٻڌي، پنھنجن سپنن جا گھوٽ پوڄيا ھئا. اڄ ڪيترين نينگرين کي سندن ماءُ – پيئن پنھنجن گھوٽن سان سنڌوءَ جا سير ڪرڻ لاءِ ڇيڪ ڇڏي ڏنو ھو، ته جيئن پاڻ ۾ ھرن مرن. ڪيڏا ناتا جڙيا ھئا، ڪيترا نوان نينھن نپنا ھئا، نيڻن ۽ نيڻن ۾ ڪيڏا سپنا سرجيا ھئا ساري ڄمار ڳَر لڳي جيون گھارڻ جا سپنا، ھڪٻئي تان گھور جا سپنا، ھن ڌرتيءَ جي نئين نسل جي اندر ۾ پيھي ڳجھه ڳولڻ جا سپنا، ھن ڌرتيءَ جي نئين نسل جا سپنا. ڪيڏيون آسون پرجيون ھيون،ڪيڏيون مرادون پنيون ھيون. اڄ اُھا ڀاڳ ۽ سڀاڳ جي ديوي اچي رھي ھئي، اڄ اُھا روپوتي، رنگرتي، لال ڪنوار اچي رھي ھئي. اڄ اُھا سونمياڻيءَ جي سور جونسي سونھن جا ڌياڻي اچي رھي ھئي، تنھنڪري ان ديويءَ جي درشن لاءِ دل اُڪنڊي ھئي، ھر من ماندو ھو...
" ھو ڏسو، اُتر کان سڙھ کڄيا آھن."
" ھو ڏسو، ڄڃ اچي پئي."
" ھو ڏسو، ھوڙھن مُنھن ڪڍيا آھن."
ساري سنڌو گھاٽ تي ھزارين آوازن جو پڙالو پيدا ٿي ويو ھو. پري، اُتر پار ڏانھن، جتي سنڌو گول دائري سان ور کايو نيڻ نھار کان اُوجھل ٿيو ٿي وئي، سڻاون سڙھن منھن ڪڍيا ھئا. ڄڃ جي آجيان لاءِ پوڄارين سنک تي وڏي ڦوڪ ڏني. جنگي جواڻن ڀير تي ڏونڪا ھنيا، ساري سنڌو گھاٽ تي ڊوڙ ڊوڙان لڳي وئي ھئي. ھر ماڻھوءَ، ھر مُنڌ، ھر ٻار، ڪنوار کي ويجھي کان ويجھو ڏسڻ ٿي گھريو. اُھي مائرون جن ٻارن کي ٿڃ پئي پياري، سي به ٻارن کي ٿڃ ڇڏائي پتڻ ڏانھن ڊوڙڻ ھيون. ھر طرف کان ماڻھن جو ھڪ سمنڊ ھو، جو پتڻ تي پلٽي پيو ھو. اُتر جي سڻائي واءَ ۾، بيل ديوتا ۽ طرحين طرحين مورتيون اُڪريل ھوڙھن ۽ ٻيڙن جا سڙھ، دھلن ۽ دمامن سان، ٺٺ ۽ ادمبر سان، سنڌوءَ جي لھرن مٿان ٽٽھيرن جي پکن جيان تکا تکا سرڙاٽ ڪندا ٿي آيا. سڀن کان اڳ، پوڄارين ۽ پوڄارڻين جو ھوڙھو ھو. تنھن پٺيان سونمياڻيءَ ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جي جنگي جواڻن جا اَٺ ھوڙھا ھئا. انھن جي پٺيان ڪوٽ ڏيجيءَ جي راجا ۽ راڻيءَ جو خوبصورت، رنگين ھوڙھو ھو، جنھن جي کليل پالڪيءَ ۾ ڳاڙھيءَ سيج ۽ پٿوراڻين تي لال ڪنوار، گوڏن ۾ منھن لڪايو، جُھنڊ ھڻيو ويٺي ھئي. انھيءَ جي پٺيان ڪنوار جي ماءُ – پيءُ، لڇمڻ ۽ لڇمين جا ھوڙھا ھئا. انھن پٺيان سوين ڄاڃين جا ھوڙھا ۽ ٻيڙا ھئا. اُتر جي سڻائيءَ واءَ ۾ سڄاڻ ناکئا ھڙني ھوڙھن کي سھڻي نموني ھڪٻئي پٺيان، ھڪ سنگھر سان، ھنجھن جي وڳر جيان ھلائيندا ٿي آيا.

اي لال ڪنوار تون ڀلي آئينءَ !
اي ڀاڳ ۽ سڀاڳ جي ديوي، تون جيءُ آئين !
شال تنھنجو مان سدا مٿانھون ھجي !
شال سدا اوچو چوڙين ۽ ماڻين !
شال سدا سونمياڻيءَ جي راڄ رتولن ۾ پنھنجي ور سان سکياڻي ھجين !
ڪنوار جي آجيان لاءِ ھزارين ٻانھين ڀريل ٻانھون لھرايون ھيون. سون ڪڙن ۽ ڪنگڻن وارا ھٿ کڄيا ھئا. سونمياڻيءَ جو مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ ڪوٽ ڏيجيءَ جي راجا ۽ راڻي، ڪنوار ۽ ڄاڃين جي آجيان لاءِ، پنھنجي ديس جي راجا ۽ ٽنھي مھمان راجا ۽ راڻين، مھاپوڄاري.لڇمين ۽ لڇمڻن، ۽ گھوٽ ساڻ، سنڌو گھاٽ جي مٿانھين ماڙين تان لھي، ھيٺ پتڻ تي آيا ھئا. سڀ کان پھرين ڪوٽ ديجيءَ جي راجا ۽ راڻيءَ جو ھوڙھو پتڻ سان لڳايو ويو ھو. ڪوٽ ڏيجيءَ جي راجا ۽ راڻيءَ، پتڻ جي وڏن ڏاڪن تي پير رکندي ئي، سونمياڻيءَ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي آگيا ۾ پنھنجا ڳاٽ ھيٺ ادب سان جھڪايا ھئا. سونمياڻيءَ جي مھاراجا ڏاڍي سڪ ۽ اُتساھ مان ڪوٽ ديجيءَ جي راجا کي آشيرواد ڏيندي چيو ؛
" اي ڪوٽ ڏيجيءَ جا سرواڻ ۽ اڳواڻ، تون ڀلي آئين، جي آئين، اسان جون اکيون ٿڌيون. اسين پنھنجي ديس جي ٽنھي مھمان راجائن ۽ راڻين، مھاپوڄاريءَ، لڇمڻن ۽ لڇمين ۽ ساريءَ پرجا طرفان اوان جي راڻيءَ ڪنوار، ڪنوار جي ماءُ پيءَ ۽ ساريءَ ڄڃ کي آشيرواد ڏيون ٿا جو اوين وڏا وڙ ڪري اسان جي آسڻ آڻيا آھيو."
" اي ڌيج ڌرتيءَ جا ڌڻيءَ، سونمياڻيءَ جا سرواڻ، دراوڙن جا اڳواڻ، شال اوھان جا کيت سدا ساوا، اَتڻ اُجرا ۽ سڙھ سوايا ھجن. ايڏي شان ۽ مان لاءِ وڏا ڀال اوان جا، جو ٻانھي جو ايڏو قدر ڪيو اٿو. شال سدا سونمياڻيءَ جي ڀونءَ مٿان سورج جيان چمڪو، جو اسان جو مان ۽ مرتبو اوان جي دم سان آھي."
ڪوٽ ڏيجيءَ جي راجا ۽ راڻيءَ ھڪ ڀيرو وري پنھنجي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ آڏو سر نوائي نوڙت ڪئي. مھاراجا راجا سان، ۽ مھاراڻيءَ راڻيءَ سان ڀاڪر پائي مليا. پوءِ لڇميون لال ڪنوار کي مھاراجا ۽ مھاراڻي آڏو وٺي آئيون. کُھنبي جُھنڊ ۾ لال ڪنوار ڏسي، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ پيار مان کيس سيني سان لڳايو. مھاراجا ڏاڍي پيار مان جُھنڊ ۾ بيٺل ڪنوار جو مٿو چُمندي چيو ؛ " اي لال ڪنوار، تون ڀلي آئينءَ، جيءَ آئين ! شال سدا سنگھارين سٿ ۾ سونھين، سون روپي سان رانديون ڪرين. اسان تنھنجي گھوٽ سان جي وچن ڪيا آھن، سي سڀ پارينداسين. تون سونمياڻيءَ جي راڄ رتولن ۾ مھاديوين جي ٺٺ سان رھندينءَ. اسان جي راڄ ۽ ڀاڳ جا در سدا تو لاءِ کليل ھوندا، جو تون ھڪ مھاتما جي مڱ آھين."
جُھنڊ ۾ بيٺل ڪنوار مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي آگيا ۾ سر نوائي نوڙت ڪئي. پوءِ مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ وڏي قرب ۽ پيار سان ڪنوار جي ماءُ – پيءَ سان مليا، ۽ سونن لڪڻن، سون ڪڙن ۽ ڪنگڻن وارا ھٿ ڦھلائي ساريءَ ڄڃ کي آشيرواد ڏنو.
پوءِ ڇا ھو، ھر طرف کان خوشيءَ جي آوازن جو ھولريو مچي ويو ھو. سنگھارين ۽ سوڍين جي لاڏن ۽ سھرن جي آوازن سان گڏ، ڪنوار ۽ ڄڃ مٿان ھزارين گلن ڦلن ۽ ڦوٽن جي مينھن وٺا ھئا. ڪپور، کٿوريءَ ۽ طرحين طرحين سرھاڻين جي ورکا ٿي ھئي. ھزارين ھوليءَ جارنگ رليا ھئا.ڇٽ ڇٽان ٿي ھئي....
۽ پوءِ، جڏھن مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ چئني راجائن ۽ راڻين سان ڪنوار ۽ ڄڃ کي وٺي، مٿي سنڌوءَ جي وڏي ويڪري بچاءَ بند تي آيا، ته سنگھرون ڪري بيٺل پوڄارين ڪنوار جي آجيان ۾ سنک وڄايا. سونمياڻيءَ جي ھٿياربند ڪٽڪ جي، سوين سنگھرون ڪري بيٺل، جنگ جواڻن پنھنجا کڙڳ کلول، ڀالا ۽ بڻڇ ھوا ۾ لھرائي، واڳونءَ جي کلن واريون ڍالون ڪاتن، ڪرٽن ۽ ڪھاڙن سان وڄائي وڏي دٻدٻي، ٺٺ ٺانگر سان ڪنوار جي سلامي ڀري.... ۽ پوءِ، مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ ڪنوار کي جھاٻن ۽ جھولڻن جڙيل، موتين ۽ ڪوڏين مڙھيل، وڏيءَ رنگين پالڪيءَ ۾ ويھاري راڄ رتولن ڏانھن ھلڻ لڳا ھئا.
انھيءَ شام سنڌو گھاٽ تان دھلارين، ناچڻين، پوڄارين ۽ پوڄارڻين ۽ جنگي ڪٽڪ جي وڏي جٿي سان، وڏي ساز ۽ آواز، ڌام ڌوم سان، سپنن جي ڄڃ ھلي ھئي. پالڪين پٺيان پالڪيون ھيون. ھاٿين پٺيان ھاٿي ھئا. رٿن پٺيان رٿون ھيون. بيل گاڏين پٺيان بيل گاڏيون ھيون. ماڻھن پٺيان ماڻھو ھئا. وڏي ساز ۽ آواز، ھُل ۽ ھاگامي سان، سپنن جي شھر ڏانھن ڄڃ ھلي ھئي.
اھو سنڌو گھاٽ جو ٿجب چھچٽو ھو، جڏھن ڪنوار کي راڄ رتولن پڄائڻ لاءِ سڀ ماڻھو ڄڃ پٺيان خوشيون ملھائيندا، ھڪ ھڪ ٿي ھليا ويا ھئا، ۽ ساري سنڌو گھاٽ تي نوائي ڦھلجي وئي ھئي.... رڳو بيل ديوتا، واڳونءَ ۽ گنڊرن جون شڪليون اُڪريل ھوڙھن ۽ ٻيڙن جا رنگين سڙھ ڏاڍيءَ گنڀيرتا سان جُھلي رھيا ھئا. سنڌيا جي رنگن ۾ وھنتل سھائي سنڌوءَ جي سائيري پاڻيءَ ۾ رڳو پوڄا جا گل، ڦرڦوٽا ۽ ڦل تري رھيا ھئا. ڌرتيءَ تي رھجي ويا ھئا ڳاڙھا، ھيڊا، ڪرمچي، نيرا، گلابي ۽ لياري رنگ، ۽ واءَ ۾ رھجي وئي ھئي کٿوريءَ جي خوشبو !

***

____
سيگھڙو : گھورا
اگني : آرين جي سڀ کان وڏي ديوي يا ديوتا، جنھن ھندستان تي حملو ڪري، وسيه قوم جي ماڻھن جون وڏيون ننگريون، باھيون ڏئي، مسمار ڪري ڇڏيون ھيون.

ششي ٿان : سيسٿان، سيھوان، سيوھن
شيوا : سوي
پاتال بندر : ڪراچي، قديم دنيا جي تاريخن ۽ ڪتابن ۾ انھن ٽنھي شھرن جو نالو اچي ٿو. سبيءَ ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ يا ديويءَ جو ڪوٽ جي قديم تھذيب موئن جي دڙي جي ھمسر آھي.