6
سونمياڻيءَ ۾ غرغلو ھو، سنڌو گھاٽ کان وٺي راڄ رتول تائين ماڻھو منجھاڻل منجھاڻل ھئا.سنڌوءَ جا سڀ رشي پانڊٿ ڪيرٿ پوڀا ويڄ ۽ ويد وڏيون پوٿيون پٽڻ کانپوءِ وڏي سن ۾ اچي ويا ھئا.
مھاديوي اگنيءَ جا ھوڙھا ۽ ٻيڙا سنڌو گھاٽ سان لڳندي ئي سنڌوءَ جي مھاراجا جي حڪم سان، آرين جي مھاديويءَ اگنيءَ کي سونمياڻيءَ جي سڀ کان وڏي ويڄ وديا گھر ۾ پھچايو ويو ھو جتي وڏا وڏا ويڄ ۽ وڌوان بيمار ماڻھن کي پوڄ پھيڙا ستيون پيارڻ سان گڏ پنھنجي پاٺڪن ۽ پوئلڳن کي ويڄ وديا جو پٽيون پڙھائيندا ھئا.
صبح ٿيندي ئي راڄ رتول ۾ سنڌو جي مھاويڄ آتم تارا ۽ ٻين چئن وڏن ويڄن کي مھاديوي اگنيءَ جي دوا دارونءَ لاءِ گھرايو ويو ھو. راڄ رتول ۾ سنڌوءَ جو راڄ رکوال لڇمڻ ڄام سرواڻ سان گڏ ٻيا جڌ اڳواڻ، مھامنتري، مکي، رگ ويد جا رشي ٻيا پانڊٿ ڪيرٿ ھڪيا حاضر ھئا. سنڌوءَ جي مھاراجا ڏاڍي گمڀير مان مھاويد آتم تارا ڏانھن چوڻ لڳو ؛
" مھاويد، آرين جي مھاراڻيءَ اگني اڄ اسان جي نجھري علاج لاءِ مھمان ٿي آيل آھي. اھو بدسوڻ آھي يا سٺو سوڻ اسان ان جي پرواھ ڪين ڪنداسين. مھاديوي اگنيءَ کي نراس ڪري اسين سنڌوءَ جي ساک ۽ راجنيتيءَ سان ڪيت نه ڪنداسين دشمنيون جنگ جي ميدان ۾ پاڙيون وينديون آھن. اسانجي ملڪ جو شان مان ۽ مرتبو. اِنيءَ ۾ آھي ته مھاديوي اگني اسانجي ملڪ مان چاڪ چوبند ٿي پنھنجي وطن ڏانھن موٽي وڃي. ٻڌايو اوھين ڇا ٿا چئو ....؟ مھاراجا جي ڳالھه تي مھاويد آتم تارا پنھنجي ڳري آواز سان ڳالھائي ٿو ؛
" مھاراجا، اوھين دل جاءِ ڪريو. اسين پنھنجي ڏيھه جي ناموس لاءِ وڏا وس ڪنداسين. جئين آريا لوڪن ۽ ھن پرٿويءَ تي رھندڙ قومن مٿان اسانجي اُتم وديا جي وِڄا ڌِڄا جي ڌاڪ ۽ ساک سدائين جئين اونچي رھي. اسانکي خبر آھي ته اگني اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي ويري آھي. پوءِ به اسان کيس جيئدان ڏيڻ لاءِ سندس علاج ڪنداسين."
مھاويد آتم تارا جي ڳالھه تي مھاراجا ڏاڍي گمڀيرتا سان اونھون ساھ کڻي کين علاج لاءِ آگيا ڏيندي چيو ؛
" مھاويد، پوءِ وڃو ۽ پنھنجي پوڄ پھيڙا سُتين ۽ دوا دارونءَ سان آرين جي مھاديوي کي مئيءَ پاٿاريءَ تان اٿاري کڙو ڪريو. وڃو آئون اوھان سڀني ويڄن کي آگيا ٿو ڏيان جيئن اوھان پنھنجي ويڄ وديا سان ساريءَ ڀونءِ مٿان سوڀيارا ھجو."
آگيا ملندي ئي مھاويد آتم تارا، راڄ رتول جا چارئي وڏا ويڄ، پنھنجي پنھنجي پالڪين ۾ اچي ويٺا ھئا. ۽ راڄ رتول جا جوپ جواڻ قطارون ڪري پالڪين کي ڪلھا ڏئي، راڄ رتول کان سونمياڻي جي سڀ کان وڏي ويڄ وديا گھر ڏانھن، تکيرا تکيرا ھلڻ لڳا ھئا. مھاويد آتم تارا وڏين سوچن ۾ وھلور چوڏس سونمياڻيءَ جي وڏين ويڪرين گھٽين ۾ نھاريندو ٿي ويو. پنج ئي پالڪيون ڄڻ ھڪ ٻئي پٺيان اُڏاڻيون ٿي ويون. سامھون پالڪيءَ ۾ ويٺل پکو جھوليندڙ دائيءَ مھاويد جي مک ۾ نھاريندي وڏن وسوسن مان ڀڻڪو ڪندي چيو ؛
" مھاويد، اھا ڳال ته ڪوراڙ بلا جي وات ۾ کير وجھڻ برابر آھي."
" ھون.... ھا اھو سچ آھي." کن لاءِ مھاويد دائيءَ ۾ وڏي اون مان نھاريندي وري ڳالھائي ٿو.
" ڪڏھن ڪڌھن نانگ مارڻ بدران نانگ جو زھر ڪڍڻ ضروري ٿي پوندو آھي. اسين ويڄ آھيون. اسين اھو ئي ڪم ڪنداسين جيڪو اسانکي سيکاريو ويو آُھي." ٻئي چپ ٿي وڃن ٿا.
پنج ئي پالڪيون ھڪ ٻئي پٺيان گھٽين مان گذرنديون ٿيون وڃن. مھاويد آتم تارا سونمياڻيءَ جي سرڳ سمان رنگ رتولن، ماڙين محلن، ٽيڪاھين چونرن ۽ جھروڪين ڏانھن ڏاڍي اندوھ مان نھاريندو ٿو وڃي. مھاويد آتم تارا محسوس ڪري ٿو ماڻھو خوش ڪينھن. ماڻھن جا منھن لٿل ۽ اترا آھن. سڀ سنگھارون ۽ ڪنواريون ۽ دايون ۽ ٻايون وڏن وسوسن ۾ آھن. سڀ پوڙھا ۽ جواڻ کيس ڏاڍا منجھائل، رُساڻا ۽ رنجوڙ پئي ڏٺا. ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ماڻھن جي اندر کي اُوڏھي لڳي وئي ھئي. ڪوئي خوش ڪو نه ھيو. بس رڳو گھٽين ۾ کيڏندڙ ٻارڙا خوش ھئا. ٻالاپڻ جي ٻوڪ سان پئي اکٽ ٻکٽ، تين،لين، مون. راند کيڏبا ۽ ڊوڙيا. ڪن ٻارڙن پالڪين سان گڏ ڊوڙون پايو، ٻاتا مٺا مٺا آواز ٿي ڏنا. بي اُڊڪا ٻارڙا. ڀلا ٻارڙن کي ڪيھي خبر ته وڏن جي من ۾ ڇا آھي... .
رات، سنڌو ڪاري رگ ويدا رچيندڙ رشين راڙو ڪيو ھو ته ؛
مھاراڻي اگني، ها سنڌو جي وچ سير وٺي آئي آھي اُھا وڏو اڀاڳ آھي. اھو سنڌوءَ لاءِ سٺو سوڻ ڪينھين مھاراڻي اگني لوڀي، اھنڪاري آھي. مھاراڻي اگنيءَ جي اندر ۾ ڄيرن، ھنسا ۽ کام کانسواءِ ڪين به ڪينھين. رات، سنڌو جي وڏن پانڊٿن پوٿيون پٽي چتاءُ ڏنو ھو ته ؛
اسان دراوڙ لوڪ تارن، نکيترن ۽ گرھن کان وڌ ڌوتيءَ جي وديا جا ڄاڻو آھيون. اندر ۾ ڄيرا کنيو ھلندڙ اگني ديوي اسان جي ساڻيھه مٿان وڄ ڪرڻ برابر آھي. اگني نه رڳو سون ولات، چين ولات پر ساري پرٿويءَ کي پنھنجي اندر جي آڳ سان نشت ڪرڻ آئي آھي ۽ اگنيءَ جا پوڄاري، پنھنجي آسماني ديوتا ديوس پتر کي خوش ڪرڻ لاءِ پروان ملڪن مٿان ڪاھون ڪندا. پڪل پوکن کي باھيون ڏيندا. ھي پرٿوي نون ورشن ۾ ورھايل آھي. آريا لوڪ نون ئي ورشن مٿان ڪاھون ڪندا. آريا ننڍي ورش سنڌوءَ جون ننگريون ناس ڪندا. ان لاءِ ته ڌرتيءَ تي ڪوپ ڪرڻ. آريا لوڪن جو ڌرم آھي.... مھاويد آتم تارا سوچيندي ٿي ويو ۽ پالڪيون اڳ ڀريون ٿينديون ٿي ويون.
" اوان ڪي سوچيا پيو؟..... "
" ھا.... " پکو جھوليندڙ دائيءَ جي ڳالھه تي مھاويد پاڻ سنڀاليندي وراڻي ٿو.
" ڇا؟... "
" ڪجھه به ڪين. ماڻھوءَ جو ذھن پاڻ سوچھڻارڪل آھي. ماڻھو ھر ويل ڪجھه نه ڪجھه سوچيندو رھندو آھي. پنھنجي لاءِ ٻين لاءِ. ماڻھو اَوس آھي. ماڻھو سوچڻ کانسواءِ رھي نٿو سگھي."
مھاويد آتم تارا پکو جھوليندڙ دائيءَ سان ڳالھائيندي ماٺ ٿي کڏن جي ڇتين مٿان اُس تي ڌوتل ڪپڙا وجھندڙ ڌوٻياڻين ڏانھن ٿو نھاري. ڌوٻياڻيون ڌوتل، نپوڙيل ڪپڙا ڇنڊي ڇنڊي اُس تي وجھندي، پالڪيون پسنديئي ھڪ ٻئي پٺيان ڪورنش ڪرڻ لڳيون ھيون. مھاويد کي ڌوٻياڻين جا تلڪ بي رنگ، مُک ھيڊا، انرا، اُجھاڻل ۽ اوٻاٽيل ٿا ڏسڻ ۾ اچن. ڌوٻياڻيون ڪورنش ڪنديون ٿيون رھن.
وڏي وڏي ويڄ وديا گھر آڏو پالڪين جي ايندئي ئي گھنڊ گُڙڻ لڳا ھئا. ويڄ گھر جا وڏا وڏا ويڄ ۽ پالڪ سندس آجيان ۾ وڏا ڪورنش ڀريندا کين مھاديوي اگنيءَ جي وڏي جھروڪي ڏانھن وٺي وڃڻ لاءِ، اڳيان اڳيان سونھان ٿي ھلڻ لڳا ھئا.
مھاويد آتم تارا ۽ چارئي وڏا ويڄ ھلندا مھاديوي اگنيءَ واري وڏي جھروڪ ۾ پيھي آيا ھئا. مھاديوي اگني وڏي وڏي جھروڪ ۾ ھڪ وڏي ڪاٺ کٽول مٿان ڪپاھين ۾ ويڙھيل ھئي. ڪاٺ کٽول مٿان وڏي ڍونگي رکيل ھئي جنھن مٿان اونچي اڇي سنڌڻ ململ جا پڙدا چڙھيل ھئا. جي منگھه جي ٿڌيءَ ھير ۾ لڏيا پئي. مھاديوي اگني کي ڏسي کن لاءِ، مھاويد آتم تارا، راڄ رتول جا ويڄ ۽ سڀ دايون ڄڻ جادوءَ ۾ اچي ويا ھئا. ڍونگيءَ جي پڙدن مان مھاديويءَ جي سون سمان پنڊ پاھڻ ڪايا ڄڻ تجرا ٿي ھنيا. مھاويد آتم تارا آريا لوڪن جي جھور جھوني مھاويد، مھامنترين سردارن ۽ جڌ اڳواڻن جي جٿي مٿان اُڇاتڙي نھار ڦھلائڻ کانپوءِ، ھٿ اشاري سان پنھنجي ويڄن کي اگني ديوي مٿان پڙدا ھٽائڻ لاءِ حڪم ڪيو ھو. ويڄ گھر جا پاٺڪ مھاويد جو اشارو ملندي ئي ھڪ ھڪ ڪري ڍونگيءَ جا پڙدا ھٽائڻ لڳا ھئا ۽ جئين جيئن پڙدا ھٽندا ٿي ويا، تيئن تيئن اگني ديوي جو بدن ويو ٿي ٻھڪندو. اگني ديوي ڇا ھئي. ڄڻ ڪنھن سونا گھر پنھنجيءَ ڪلا سان پيش سون مان نئون بت گھڙيو ھجي
سونھن،
جيڪا جسمن کي پنڊ پاھڻ ڪريو ڇڏي
سونھن
جيڪا سواسن مٿان ڏانوڻ جڙيو ڇڏي.
مھاويد آتم تارا اگني ديويءَ جي اڌ ٻوٽيل اکين ۾ نھاريندي محسوس ڪري ٿو ڄڻ اگني ديويءَ جي اکين جي ساين ماڻڪين جي روشني تجرا ڪري سندس پلڪن تي ڇڻي رھي ھئي. مھاويد آتم تارا اڳتي وڌي اگني ديويءَ جي مٿان جھڪي ھٿن جي آنڱرين ۽ انڱوٺن جي ھلڪي ڇھاوَ سان اگني ديوي جون اکيون کولي ڏسڻ لڳو. الاھين دير اکيون تپاسڻ کانپوءِ مھاديو آتم تارا ۽ ساڻس گڏ آيل چارئي وڏا ويڄ الاھين دير تائين، واري واري سان اگني ديويءَ جو ڌڙ، اکيون تپاسيندا، ۽ دل جي ڌڙڪن ٻڌندا رھيا. اگني ديويءَ جو سڄو ڌڙ پنڊ پاھڻ جيان سخت ۽ بي جان ٿي لڳو. رڳو سندس لُڪيءَ منجھان ساھ جي ڌمڻ ھوريان ھوريان ھلي رھيو ھو. سڀ ويڄ ۽ پاڙھا اَسڌ ۽ اَسرت اگني ديوي جي چڪاس ڪندا رھيا.
وڏي چڪاس کانپوءِ مھاويد آتم تارا سڀ وڏا توڙي ننڍا ويڄ ھڪ وڏيءَ پاٺ شالا ۾ اچي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳا ھئا ۽ پاٺڪ ميٽاھِنيل ڦرھيون ۽ ڪلڪ کڻي مس ڪپڙين ۾ ٻوڙيندا سندن ڳالھيون لکڻ لڳا ھئا.
مھاويد آتم تارا سڀ ويڄ مھاديوي اگني جي بيماري تي ڳالھيون ڪندا رھيا. ھڪ وڏي ويڄ اگني ديويءَ جي روڳ بابت ڳالھائيندي چيو ؛
" مھاديوي اگنيءَ جو روڳ تمام پراڻو ۽ پر اسرار آھي. ھِنيان اڳي اسان اھڙو روڳ نه ٻڌو ھو نه ڏٺو. ان ڪري آئون ھڪدم ڪا راءِ نٿو ڏيان."
ھڪ نوجوان ويڄ اٿندي چيو ؛
" پر اسين ايترو ته چئي سگھون ٿا ته انھي روڳ جو ڪارڻ، ميڄالي جي جوھري تندن جو شڪتي نشٽ ٿي وڃڻ ڪري آھي."
" ھا رڳو جوھري تندون يا رڳون، جيڪي رڳو جسماني سرير جي چرپر جي شريسٽي کي پنھنجي شڪتي ھيٺ رکنديون آھن. انھن جي نشٽ يا نِسب ٿيڻ سان ئي ھيٺون ڌڙ ساھ ڇڏي ڏيندو آھي. ۽ پاٺڪ ڦڙھين تي ليک لکندا ٿا وڃن. سڀني کي چڱي ريت ٻڌڻ کانپوءِ مھاويد آتم تارا ڳالھائڻ شروع ٿو ڪري ؛
" اگني ديويءَ جي روڳ تي اسان مان گھڻن ويڄن جا ويچار ساڳيا آھن. ڏسڻو اھو آھي ته انھن جوھري تندن جي نشٽ ٿيڻ جا ڪارڻ ڪھڙا ٿي سگھن ٿا. ڇا سِريءَ ۾ ٺوڙو آھي. يا ڪو پراڻو گھاءُ آھي. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھوءَ جي پنھنجي ڪريا ڪرم اجاين اُٻھراين سوچن ۽ جولانن ڪري يا ڪي نشاور شيون واپرائڻ ڪري به سِريءَ جون اھي جوھري رڳون پنھنجو پاڻ وڏي ڌماڪي سان ڀسم ٿي وينديون آھن ۽ ماڻھو جو ڌڙ ڌٻي ويندو آھي. اڄ اسين مھاديوي اگنيءَ کي رڳو ھڪ پوڄ پھيڙا ستي پيارينداسين. آئون ته ائين ٿو وسھان ته اڄ جي اسانجي تپاس وڏي ڪارگر تپاس آھي."
پاٺڪ مھاويد آتم تارا جي ھٿ ۾ ميٽاھِنيل ڦرهي ڏين ٿا ۽ مس مان ڪلڪ ٻوڙي سندس ھٿ ۾ ڏين ٿا. مھاويد آتم تارا ڦرھيءَ تي وڏي سوچ ويچار سان دوا لکي ٿو. ڦرھي جو ليک سمورن ويڄن ۽ پاٺڪن ۽ داين کي واري واري سان ڏيکاريو وڃي ٿو. اوچتو ڪا ڳالھه سوچي مھاويد آتم تارا حڪم ڏئي ٿو ؛
" آريا لوڪن جي مھاويد سان اسان ڪِي ڳالھائينداسين."
ويڄ گھر جا راکا جھور جُھني آريا مھاويد کي مھاويد آتم تارا آڏو وڏي ادب سان وٺي ٿا اچن.
" مونکي اوانجي ٻولي سنساڪرت ڪا نه اچي. ڇا تون اسانجي ٻولي ڄاڻين ٿو؟...." مھاويد آتم تارا جي انھيءَ ڳالھه تي جھور جھنو آريا اڳواڻ جا چپ ڌڏڻ لڳا ھئا ؛
" ھا – اسانکي سون ولات، چين ولات ۽ ٻين وڏين وڏين راڄڌانين جون ٻوليون سيکاريون وينديون آھن."
" اھو ان لاءِ ته جئين اوان پنھنجي پاڙي وارن ملڪن جا سمورا ڳجھه ڳوھ سھيڙي، مٿاھن ڪاھون ڪري دڳي جا ڌڻي ٿي ويھو." مھاويد آتم تارا جي ان ڳالھه تي جھور جُھني آريا اڳواڻ جي اکين ۾ ھڪ پر اسرار چمڪ اچي وئي ھئي. وراڻيائين ؛
" ھائو.... اھو اگني ديوي جو حڪم آھي ديوس پتر ھيءَ ڌرتي رڳو آريا لوڪن لاءِ پئدا ڪئي آھي. آريا انھي جا سچا مالڪ ۽ اگني انھن جي اڳواڻ آھي."
" تون آريا ويڄ آھين؟... ."
" ھائو آئون آريا لوڪن جو وڏو ويڄ آھيان."
" ويڄ... شايد تو کي ان ڳالھه جي ڪل ڪانھين ته، دنيا جو سڀ کان وڏو روڳ پراوا ملڪ ھٿ ڪرڻ جو لوڀ آھي. ۽ اوھانجي مھاديوي اگني انھيءَ لوڀ ۽ کام جو شڪار آھي."
مھاويد جي انھيءَ ڳالھه تي آريا اڳواڻ ڪجھه ڪاوڙجي ٿو پوي، ڏاڍي جولان مان ٿو ڳالھائي.
" اسين ھتي مھاديوي اگنيءَ جي علاج لاءِ آيا آھيون."
آريا – م ٿُڙس. اسين بيمار دشمن جو دارون ڪندا آھيون – اسانکي اھو ٻڌاءَ ته اگني ديوي کي انھيءَ مئي پاٿاري تي پئي گھڻا ڏھاڙا ٿيا آھن.
ھڪ ورھيه پورو ٿيڻ وارو آھي. اھا ڳالھه چوندي آريا اڳواڻ جي اکين جي پراسرار چمق ويتر وڌي وئي ھئي.
مھاديوي اگني ميرو پربت جي مھاراڻي آھي. جتي ڇھه مھينا ڏينھن ھوندو آھي ۽ ڇھه مھينا رات ھوندي آھي. مھاديوي اگنيءَ اڳڪٿي ڪئي ھئي ته ھوءَ ڊگھي ننڊ سمھندي ۽ سون ولات جي مندرن ۾ جاڳندي.
آريا، سون ولات جي مندرن ۾ سرڳ جون ھوائون ھلنديون آھن. اوان آريا لوڪ پنھنجي پرٿويءَ تي اھڙو ڪو به سرڳ ٺاھي نه سگھيا آھيو جتي اوان سک سان سمھي ۽ جاڳي سگھو. ھن ڌرتي تي رھڻ لاءِ وڏي مھارت کپي. ۽ اھا مھارت ڪنھن به قوم کي جنگين سان پرابت نه ٿيندي آھي. ۽ جنگ... . جنگ سواءِ زخمن، بدبوءَ، ڄٽپائي، بکن، بيمارين، لاڏاڻن، روڄ راڙي ۽ موت کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه ڏئي سگھندي آھي. اسين اوھانجي مھاديوي اگني کي ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين. ان لاءِ اوانکي ! اسانجون ڪي ڳالھيون مڃڻيون پونديون.
ڪھڙيون ڳالھيون؟....
ھڪ ته آريا ويڄن کانسواءِ ڪو به آريو اسانجي ويڄ وديا گھر ۾ نه ايندو.
ڇو؟....
ان لاءِ ته اسانجا ويڄ گھر اسان لاءِ اسانجي مندرن کان به وڌ پوڄارا ھوندا آھن. انھن ۾ ڪو به اوپرو ماڻھو يا گوڙ ٻڌو نه ويندو آھي.
ٻي ڳالھه...
ٻي ڳالھه اھا ته اوانجا ويڄ اسانجي درمل ڪرڻ ۾ رنڊڪ نه وجھندا انڪري ته اسين ماڻھوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ انجي تارونءَ ۾ به سيون ۽ ڏنبڻيون ھڻندا آھيون. علاج لاءِ اسانجا پنھنجا ارٿ، طور ۽ طريقا آھن. ان لاءِ سختيءَ سان اوھانکي اسانجو پابند ٿيڻو پوندو.
اوانکي پڪ آھي ته مھاديوي اگني سجاڳ ٿي ويندي؟
ھا اسين پنھنجين دوائن سان کيس جاڳائي ڇڏينداسين.
ته پوءِ ٺيڪ آھي. اوھان جي سڀني ڳالھين تي اسين پابند رھنداسين.
ٺيڪ آھي، جڏھن مھاديوي اگني ڳالھائڻ جوڳي ٿيندي اوھانکي ڄاڻ ڏنو ويندو. اھو چئي مھاويد آتم تارا اُٿي کڙو ٿئي ٿو. ويڄ گھر جا گھنڊ گُڙن ٿا.
راڄ رتول جا جوپ جواڻ پالڪين کي ڪلھا ڏئي کڻن ٿا ۽ تکيرا تکيرا راڄ رتول ڏانھن وڃڻ لڳن ٿا.
***
_____
ديوس پتر : جيو پيٽر، زوئر سيٽر، آسماني ابو، زردشٽ.
ورش : براعظم، کنڊ
م ٿُڙس : نه ڊڄ