1
اھو دنيا جو عجيب دور ھو، انھي ءَ دور ۾ روشني ئي روشني ھئي، انھيءَ دور ۾ اوندھ ئي اوندھ ھئي، انھيِءَ دور ۾ ٽھڪ ئي ٽھڪ ھئا، انھيءَ دور ۾ روڄ ئي روڄ ھو، انھيءَ دور ۾ اڻڳڻت خدا ھئا، انھيءَ دور ۾ ڪو خدا نه ھو.... ھيءَ انھيءَ دور جي ڪھاڻي آھي.
ھيءَ ڪھاڻي ھڪ پيچري کان شروع ٿئي ٿي. ھي پيچرو پنجن ندين واري ڏيھه جي ھڪ زمين دوز شھر 'ھري پايا ' مان جاري ٿئي ٿو ۽ اڄ کان اٽڪل پنج ھزار ورھيه اڳ جي زمين دوز شھر، موھن جي دڙي جي کنڊرن ۾ ختم ٿئي ٿو. ھي پيچرا به اسان جي زندگيءَ ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. دنيا ھڪ وڏي ڪتاب جيان آھي، ۽ ھي پيچرا ان تي اکرن جيان جڙيل آھن، جن ۾ ابتدا کان اڄ تائين بيشمار قومن جون ڪھاڻيون دٻالٽ ٿيل آھن. عجيب عجيب، پراسرار، ھيبتناڪ ڪھاڻيون، جن کي ٻڌڻ سان بُت جا وار ڪانڊارجي وڃن. ھي پيچرو به اسان کي ھڪ اھڙي ئي ڀيانڪ ۽ پراسرار ڪھاڻي ٻڌائي ٿو.
تکي ھوا لڳي لڳي، پيچري جي ذھن تان ڪن ورھن جي ڌنڌ ۽ ڌوڙ اڏائي، ھن جي ذھن ۾ دٻيل ڪيترن پراڻن پيرن جا نشان پڌرا ڪري رھي آھي.
ھن جي ذھن ۾ ڪيترا ورق وري ويا آھن، تھن ھيٺان تھه، ڪيتريون ڇمان ڇم نچندڙ، ڏڪندڙ، ڦرندڙ صديون، ڪيترا دور، ڪيڏا مرحلا، سڀ ته ڪالھوڻا سپنا ھئا. محمد بن قاسم جا برق رفتار گھوڙا، پورس جا ھاٿي، سڀ ھن جي ذھن کان گذري ويا آھن. پر ھو اڃا به ڪنھن آڳاٽي دور جي کوجنا ۾ آھي. ھاڻ ھن جي ذھن ۾ ھڪ ڍڳي جي کُرن جا ڌنڌليل نشان ڄمي ويا آھن. ھي ڍڳي جي کُرن جا نشان مھاراجا اشوڪ جي دور کان به پراڻا آھن. ھي ڪنھن جو ڍڳو ھو؟ ھتان ٻيو ڪير گذريو ھو؟ سندس ذھن تيزيءَ سان ڍڳي جي کُرن جي نشانن پٺيان سرڪڻ لڳو آھي. پر ايتري پراڻي دور کي ايترو جھٽ پھچڻ به ته سولو نه آھي. سج لھي ويو آھي، رات جي ڌنڌ ماٺ جي پيرن سان پيچري تي ڇائنجندي وڃي، پر ھڪ پيچرو به ڪڏھن سمھي سگھيو آھي؟ ھو گذريل دور ڏاڻھن تيزيءَ سان نانگ وانگر وٽ کائيندو، سرڪندو ٿو وڃي. ڪنھن مھل کانپوءِ، رات جي اونداھيءَ ۾، ھن کي پاڇولي وانگي ڍڳي تي ويٺل ھڪ واٽھڙو ڏسڻ ۾ آيو. پيچرو تيزيءَ سان ھن ڏي سرڪي ويو. ھن انھي ءَ رات جي پانڌيئڙي کي سڃاڻي ورتو. الائي ڇو، ھو انھيءَ واٽھڙوءَ کي ڏسي منجھي بيھي ويو، شايد کيس پنھنجي حال تي رحم اچي رھيو ھو. ڪاش ھو انھيءَ رات جي مسافر کي ڪو پل ترسائي سگھي ! پر ويچارو پيچرو به ڪڏھن، ڪنھن مانجھي مسافر کي روڪي سگھيو آھي؟ پيچرو چپ چاپ انھيءَ مانجھي مسافر جي ڍڳي جي لتاڙ ھيٺ سمھي رھيو آھي. ڍڳي جي لتاڙ کيس ڏاڍو آرام پھچائي رھي آھي. ھو انھيءَ ڍڳي ۽ مسافر کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھي. اھو رات جو پانڌي پنجن ندين واري ڏيھه،" ٽامي نگر " جو نوجوان ويد، " آتم تارا سمبارا 1 " ھو. ھن کي اڄ به انھي ءَ نوجوان جي انھيءَ ڀيانڪ ۽ پراسرار پنڌ جو ھڪ ھڪ پل چٽيءَ طرح ياد ھو. ھو انھيءَ نوجوان جي انھيءَ وشواش ڀريل پنڌ کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھي.
اھا پوھ جي پاري، ھاڻي رات انتھائي سرد ھئي، تارا به اونداھي اڀ ۾ ڄڻ ٿر ٿر ڪنبي ڄمي ٿڌا ٿي ويا ھئا ھو ڳرو اوڇڻ ويڙھيو، ٻڪل ھنيو، پنھنجي گگدام تي نھايت ئي سڪڙيو ويٺو ھو. گذريل رات کان ھو اوجاڳيل ھو، سو گھڙيءَ گھڙيءَ ٿي ننڊ جا گھيراٽ آيس، وري سجاڳ ٿي، اونداھيءَ اڌ رات ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن واجھايائين، ۽ وري ڍڳي جي ڍار تي جھولندو، جھوٽن ۾ ٿي پئجي ويو. سندس بکايل، دسين جو ماريل ڳوڀ، مئل پير کڻندو، وڏن سڱن کي ڍار سان لوڏيندو، ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽليءَ جو مڌر آلاپ ڇيڙيندو، ويو ٿي اونداھيءَ ۾ اڳڀرو ٿيندو...... ۽ رات جيئن پوءِ تيئن ويئي ٿي انگھندي.
اوچتو ئي اوچتو رڻ گجيو راڙو ٿيو، ڍڳو ٽٽو، واٽھڙو ڊيھو ڀري جاڳي پيو، رات جي نوائيءَ ۾ ھڪ ڀيانڪ رڙ ڌرتيءَ کي ڏاريندي، انگاس چڙھي وئي، ۽ ان سان گڏ ئي ڪيئي ڀيانڪ آوازن جو پڙاڏو پيدا ٿي ويو ڄڻ ھڪ وقت ڪيئي بد روح ڌرتيءَ تي لھي واويلا مچائي رھيا ھئا. سارو اونداھو وايو منڊل اھڙو ته ڀيانڪ ۽ پراسرار ٿي ويو جو وڻ ٻوٽا ڀوت بڻجي کائڻ لاءِ ڊوڙي رھيا ھئا. واٽھڙو وائڙو ٿيو، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو ته ڇا جو ھل ھلاچو آھي. ان ئي پٽي تي ان ئي پير تي ھڪ ٻي گھٽيل، سنھي، دل ڏاريندڙ ريھه اڀري، ۽ ڀيانڪ آواز جي پڙاڏي ۾ ٻڏي ويئي. واٽھڙو آواز ڪڙوائي نھاريو، ٿورو ئي پري، گھاٽن وڻن جي ڏارن مان کيس سوجھرو ڦٽندو ڏسڻ ۾ آيو. ھڪدم ڍڳي تان لھي، ٽلو کولي بجڪي ۾ وڌائين، ۽ تڪڙو تڪڙو ڍڳي کي واڳ کان گھليندو، گس ڇڏي ھيٺ اونداھي جھنگ ۾ گھڙي پيو، ۽ گھاٽي وڻڪار جي اوٽ وٺندو، لڪندو، ڇپندو انھيءَ سھائيءَ ڏانھن وڌڻ لڳو، جتان ڀيانڪ آوازن جو پڙاڏو اچي رھيو ھو.
جيئن ئي واٽھڙو ويجھو ٿيندو ويو، تيئن تيئن آواز ويا ٿي ڀيانڪ ٿيندا. جان کڻي ڏسي ته ڪارن اگھاڙن شودرن جو ھڪ ٽولو آھي، جو مچ ٻاريو، ا ن جي چوڌاري ڦري رھيو آھي، ۽ مچ جي ڀرسان ھڪ ننڊي نيٽي شودرمند ويم جي پيڙا کان رڙي رھي آھي. ٻه ڪاريون ڪوجھيون عورتون سندس ٽنگون سنڀالڻ جا وس ڪري رھيون آھن ۽ ٻه ٽي اگھاڙيون اٻاليون عورتون ھن جي سيرانديءَ پيرانديءَ جھڪيل آھن. جيئن جيئن اھا موڳائي مُنڌ گھٽجيو گھٽجيو رڙيون ٿي ڪري، تيئن تيئن ھن جا ننگا ساٿي ھنبوڇي ھڻي، عجيب عجيب آلاپن سان، گدڙن وانگي اونايون ڏيو، نئين ساٿيءَ جي خوشي ۾ اور گھور پيا وڃن.
اوچتو ئي اوچتو، موڳائي منڌ جي پيڙا وڌي وئي. ھانڀارو ھڻندي، وٺي زور سان ڪِيڪ ڪيائين. سندس ڪارو، ننگو، اڀريل ڌڙ ڄڻ ڌٻي پيو. سڄو بت پاڻيءَ ۾ تڙپندڙ ٻلھڻ وانگي ھيٺ مٿي ٿي رھيو ھو. ڪنڌ کي ڌونڌاڙو ڏئي، وٺي اھڙي ته ڇِن پَٽ ڪيائين. جو ڀانءَ ته ساھ ٿو وڃيس. جيئن ئي ھن جي ڇن پٽ وڌندي ٿي ويئي، تيئن ئي ھن جي چوڌاري نچندڙ ننگا ساٿي، رنين آھرن، پنھنجن اڌوتن وارن کي لمڪا ڏيئي، ڇن پٽ ڪري، زور زور سان گدڙن وانگي اوناڙيون ڏيڻ لڳا، ڪنھن جون ٻانھون اڀ ڏانھن پئي ويون، ته ڪنھن جو ڳاٽو ڌرتيءَ تان جھولندو ٿي ويو. ڪو چڪريءَ ۾ ھو، ته ڪو جھمر ۾ ويندي ھڪ ڦوھ جوان نينگر، جنھن جو ڪارو سڊول ڌڙ سونيءَ ننگريءَ جي ڪنھن پوڄاڻيءَ نچڻيءَ وانگي پٿراھون ھو، ٿڙڪندي ڦڙڪندي، ڪسڪيون ڪندي، مچ ۾ ڪُڏي پيئي، ۽ کنوڻ وانگي جھڙپ ھڻي، ٽانڊن مان ٽلندي نڪتي ۽ واسينگ وانگي باھ جي چوڌاري وٽجٻ لڳي. ٻانھون مٿي اڀ ڏانھن کڄي شِيخ ٿي ٿي ويس. چيلھه تائين مٿيون ڌڙ پھڻ، ته ٽنگن زلزلو ھوءَ ائين ٿڙڪندي ڦڙڪندي رھي.
واٽھڙو انھيءَ شودر ننگيءَ نچڻي جو ناچ ڏسي دنگ رھجي ويو. ڪيڏو نه عجيب ڏيک ھو ! ھڪ شودر جو جنم جي خوشيءَ جو ناچ، جو شايد ھاڻي ڌرتيءَ تي اچڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا ھٿ پير ھڻي رھيو ھو. ۽ اھو سمورو منڊل ھو بنھه ويجھڙائيءَ کان، گھاٽن ڏارن مان سسي ڪڍيو ڏسي رھيو ھو. ھاڻ ھو ڏاڍي بيچينيءَ سان ان موڳائيءَ منڌ ۾، نھاري رھيو ھو، جنھن جو سڄو بت سيٽجي ويو ھو. اکيون، نڪ، چپ، وات، چنجھا ۽ چپا ٿي ويا ھئس، ۽ رکي رکي اوڪارا ڪري، وٺي اھڙي ته ھنيئن ڦاٽ رڙ ڪيائين جو اکيون ۽ ٻاڪو ڦاٽي ويس، ۽ ھن جي مٿان جھڪيل عورتن جي چرپر وڌي ويئي، ڄڻ ھنن جي ھٿن مان ترڪڻي شي ترڪي ترڪي ٿي وئي، ۽ ان سان گڏ ئي پرڏاءَ ۾ نئين جيَو جي پھرين دانھن اڀري ۽ خوشي جي پڙاڏي ۾ ٻڏي وئي.
ڦوھ جواني نچڻيءَ جي ھٿن ۾ ٻرندڙ اماڙيون تيز ٿي ويون، ھوءَ جھوليندي، واسينگ وانگي وٽ کائيندي، ماءَ ۽ وياءَ جي مٿان ڦيريون پائڻ لڳي، ھن جي ايندي ئي، مٿان جھڪيل عورتون پري ھٽي ويون. ننگي، نچڻيءَ، ماءَ ۽ وياءَ جي مٿان ڪئين چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ، ھڪ اماڙي ھن جي سيراندي ۽ پيرانديءَ کوڙي، ۽ ھڪ سنھي ڪيڪ ڪري، سٽ ڏيئي، ماءُ جي وارن مان چڳا پٽي، ۽ پوءِ ڦوھارو ھڻندي، اونڌي گوڏين، اچي ٻار جي مٿان نانگ وانگر جھولڻ لڳي. ھن ڪيئن ڀيرا، ٻار جي مٿان اوريان گھوريان سرنيو، ۽ ھڪ وڏي سنھي ڪيڪ ڪري، ٻار جي مٿان جھڪي، چڪ سان ٻار جو ناڙو ڇني، وارن جي چڳ سان ٻڌي ڇڏيو.
ان پر، اھو ننڊڙو سرير، ماءَ جي سرير کان ڇڄي، ڌرتيءَ سان ڳنڊجي ويو. سندس اگھاڙا اٽابا ساٿي، خوشيءَ کان ڄڻ اڏاڻا ٿي ويا، ۽ ماءُ ان ٻڏندڙ ماڻھوءَ جيئن، جنھن کي گھوٽا کائيندي اونھي ۾ ڪو ٿر ملي ويو ھجي، نئين سنئين پئي، ساڻي ٿيو، ھانڀارو ھڻي رھي ھئي.
ھڪ شودر جي پيدائش ڌرتيءَ جي پھرين رات پوھ جي ھنئين – ڪاني ھوا ننگو، سڻڀو، چلڪڻو، نازڪ بت نه اوڇڻ نه اجھو ننگا ساٿي، ننگي ڌرتي، ننگو آڪاش ... ڌرتيءَ جي پھرين رات ايڏي ھاڃي ھاڻي ! نه نه ايءُ جاڙ آ، ڪلور آ ! واٽھڙوءَ جون اکيون پھڻ ٿي ويون، ڄڻ دل تي ڪنھن بڙڇ وھائي ڪڍيو ھجيس. ھو ھڪدم سٽ ڏيئي، ڍڳي سوڌو شودرن جي پڙ ۾ نڪري آيو.
ھڪ مھاپرش جو شودرن ۾ اچڻ، ڄڻ آڪاس ڌرتيءَ تي ڪري پيو، ممڻ مچي ويو. خوشيءَ جون ڪيڪون خوف ۾ بدلجي ويون، جنھن کي جيڏانھن منھن آيو، وٺي ڀڳو. رڳو اھا موڳاٽيءَ ماءُ ۽ سندس وياءُ پَٽ پيا ھئا. ماءُ ڏھڪاءَ کان ڏڪڻي ٿيو پئي ھئي، ۽ وياءَ ٿڌ کان.
واٽھڙوءَ ڄاتو ٿي ته ھن جي ائين نڪرڻ سان ھنن اگھاڙن انسانن جي رنگ ۾ ڀنگ پوندو. پر ھن ڪنھن به مُلھه ان ننڍڙي ساھ کي ' پوھ ' لاڻا لوھ، جي ٻليدان چاڙھڻ نٿي باسيو. ھاڻ ھو ان منڌ جي مٿان بيٺو ھو، جا پنھنجي اوڙا پيڙا ڀلجي، پنھنجي وڍاءُ مٿان اونڌي جھڪي ويئي ھئي.سندس نست کوٻن ۾ گھڙيل، ڊنل گونگيون اکيون، ديا لاءِ دانھي رھيون ھيون.
واٽھڙوءَ پنھنجي ڍڳي جي جھل مان ھڪ وڏو ڳرو اوني اوڇڻ ڪڍي، ھن جي مٿان ورائي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر بيھي، ڏاڍيءَ گنڀيرتا سان کيس ٻانھون ٻڌائين، ڄڻ ته ھوءَ ڪا شودر عورت نه، ڪا مھاديوي ھئي.
شودر عورت جي ڊنل ڦاٽل اکين مان ٻه وڏا لڙڪ لڙي، ھن جي ڳٽن تي چمڪڻ لڳا ۽ ھن انھيءَ سٻاجھي ديوتا جي اڳيان پنھنجي سسي ٽيڪي ڇڏي.
واٽھڙوءَ ڪيتريءَ دير تائين ان اونڌي ٻوٿ پيل عورت ڏانھن نھاريندو رھيو، ۽ پنھنجي چوڌاري سجدي ۾ پيل اڇوتن ڏانھن، جي ٿوري دير پھرين خوف کان ڊڄي ڀڄي لڪي ويا ھئا. سندس نظرون ھنن جي ڏڪندڙ اگھاڙن پٺين تان ٿينديون، ڌرتيءَ۾ جھڪي ويون ۽ پوءِ ھو، جھڪيل ڪنڌ سان، ڍڳي جي واڳ جھلي ھلڻ لڳو. سڀ شودر ملي، وڏا سجدا ڀري، پنھنجي گونگيءَ ٻوليءَ ۾ انھيءَ سٻاجھي ديوتا کي جس ڏيڻ لڳا. ھاڻ واٽھڙو ھو، ڍڳي جي ڳچيءَ ۾ ٽل – ٽل وڄندو ٽلو، اونھي اڀ ۾ ساڻا ستارا ۽ سنسان واٽ.
رات ڏينھن جھر جھر جھاڳندو، لڪ لتاڙيندو، واٽھڙو آڌيءَ ويل ھڪ وسنديءَ ڀيڙو اچي ٿيو. ساريءَ وسنديءَ تي رات جي ديوي آري تي ويٺل ڪڪڙ جيان پنھنجا اونداھا پر پکيڙيو ويٺي ھئي. ھر پاسي چر ڦرڪاري چاڪ لڳي پئي ھئي. مانھو پنھنجي اجھن ۾، ننڊ ۾ الوٽ ھئا. ھر پاسي موت جي ماٺ لڳي پئي ھئي. بنھه نه ھونگ نه ھون.
واٽھڙوءَ پنھنجي پوٺيءَ تان لھي، واڳ مان جھلي، چئني پاسي اونداھين ڀتين مان واجھائيندو، ھڪ وڏيءَ ويڪريءَ جاءِ اڳيان اچي بيٺو. جاءِ جي ڳڙکين مان سھائو سيرون ڪري پئي ڦٽو، ۽ ڀانيائين ته ڪو جاڳي پيو، سو وڌي ان رتول جو ڪڙو کڙڪايائين. ٿوريءَ دير ۾ در جي تاڪ مان ھڪ اڌڙوٽ مُنڌ منھن ٻاھر ڪڍي، اچرج سان ڏانھس نھارڻ لڳي.
واٽھڙوءَ وڌي کيس چيو " مان واٽھڙو آھيان، پراھين پنڌ ۽ پوھ جي سرديءَ سيڪاٽي وڌو ٿم. ھت ڀيڻي ٿم نه ڀت. اجھو ڏسي تو ڳر آيو آھيان "
" ڀلي آئين، راول، تو جا پير، اسان جون اکيون". سٻاجھيءَ منڌ سندس آجيان لاءِ ٻئي ٻانھون سرڻ وانگي ڦھلائيندي، ڪنڌ جھڪائي چيو ." تو جي ڀلائي، جيجل ! " واٽھڙو به سندس آڏو ٻانھون ٻڌي، نوڙت ڪئي، ۽ چائنٺ چڙھي اندر آيو. جاءِ اندران وڏي ۽ ويڪري، ڪئين ننڍين وڏين ڪوٺين ۾ ورھايل، ۽ ڪاٺ، ۽ ڪاشيءَ ڌاتوءَ، عاج ۽ چم جي سھڻن ٿانون ٿپن سان ڀريل ڀڪيل ھئي. آتڻ واري آسڻ تي چرخن ۽ ارٽن تي سٽ چڙھيو پيو ھو. ھر ڪا شي پنھنجيءَ جڳھه تي سگھڙ پائيءَ سان سجائي رکيل ھئي. اندر سگڙي ٻرڻ ڪري، جاءِ اندران ڪوسي ھئي. واٽھڙو ڪجھه دير سگڙيءَ تي بيھي، پنھنجن ڊگھن، اڀن، ڪنڌ تائين لڙڪندڙ وارن تان ٻُڪل کولي، پاڻ کي تئيندو رھيو. سٻاجھي منڌ جھڙو ئي اندران کير جو ڪپو ٽامي جي ٿالھيءَ تي رکي موٽي، ته واٽھڙوءَ جو مڻيادار مک ڏسي ٻاڪو ڦاٽي ويس. ھوءَ واٽھڙوءَ کي ھڪ عام ماڻھو سمجھي ھئي، ۽ ٻڪل مان سندس سٻاجھيءَ صورت کي چڱيءَ ڀيٽ نه ڏسي سگھي ھئي، ھاڻ جو اوچتو سندس اک واٽھڙوءَ جي نرڙ تي ٻڌل، سونيءَ سر تي جڙيل، وڏي ڳاڙھي چمڪندڙ مڻيي تي پئي جو سونمباڻيءَ جي مھاتمائن جو نشان ھو، ۽ جڏھن چوڏھينءَ جي چنڊ جھڙي صورت سڃاتائين، ته ھٿن پيرن کي ڪنبڻي وٺي ويس. ساڳھن خوشيءَ ۽ خوف کان کير جو ڪپو ھٿن مان ڇڏائي ويو ھوس، ۽ وات مان رڳو ايترو اڪايس "مھاويد لڇمڻ آتم تارا " ۽ ڦاٽل اکين سان ھن جي مڻيادار مک ۾ نھاريندي سجدي ۾ پئجي وئي.
واٽھڙوءَ ھٿ ڊگھيري کيس آشيرواد ڏنو، ۽ چيائين، "اي سٻاجھي سگھڙ، تو تي ديوتائن جي ديا ھجي ! اٿ، منھنجو بت ساڻو ۽ نيڻ ننڊ ھاڻا آهن، مون کي ھانديڪو ڪر. " سٻاجھي منڌ، ٻئي ٻانھون ٻڌي، تپسيا سان اٿي، ۽ پٺيري ھلندي، کيس ھڪ وڏيءَ سھڻيءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي آئي، جو ڪنھن راجا جي رتول وانگي سجايل ھو. ساڻو، اوجاڳيل، ٿڪل ٽٽل، چُور واٽھڙو، وڏو ڳاڙھو جوبان لوڏيندو، جھولندو، اُٿڙندو، اچي نرم سيج تي ڊھي پيو، ان کان پھرين جو سٻاجھي منڌ کير جو ڪپو سو سانڊو ڪري اچي واٽھڙو ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويو.
پھرين سٻاجھيءَ منڌ، ڏڪندڙ ھٿن سان، سيج جي پيرانديءَ کان سندس سونن ڦلن واريون چاکڙيون سڌيون ڪيون، ۽ مٿائنس چڱيءَ طرح سان اوني اوڇڻ ورائي ڇڏيو، ۽ ڪيتري دير تائين سندس پيرانديءَ کان تپسيا سان ٻانھون ٻڌي بيٺي رھي.
رات جو ڪامڻ ٽٽو، تارا تير تروڪڻيون، ھڪ ھڪ ٿي، اونداھي اڀ تان ڇڄي ويا. پورپ کان پرھ جي ديوي، رات جي ڀنڀرڪن پردن مان پنھنجو لڄوڙو ٻھڪندڙ منھن ڪڍي، ڌرتيءَ ڏانھن جھاتي پائي رھي ھئي.
سج جي پھرين ڪرڻن ساڻ ساريءَ وسنديءَ ۾ اھا خبر سُرھاڻ وانگي پکڙجي وئي ته وسنديءَ ۾ نامي جو مھاويد آتم تارا آيو آھي. پوءِ ڇا ھو، ماڻھو ڪٿان جو ڪٿان ڪھي آيا، ڄڻ ته ڪو وڏو جشن جو ڏينھن ھو. گھريتڙين پنھنجن گھرڙن جي ھاج سويري اُڪلائي، پٽ ٻھاريا، وسنديءَ جي وڏوڙين پنھنجن جواڻ ڌيئرن کي طرحين طرحين سوڻ ساٺ ڪيا. نوجوانن توڙي پوڙھن اوچا وڳا پھريا، جتان ڪٿان، ڪنوار وانگي سجايل گھٽين مان، پَٽ پٽھير وڳن ۾ ويڙھيل، اپسرائن جھڙيون سھڻيون نينگريون، سورھن سينگار ڪريو، چاڳ ۽ کلڪاريون ڪنديون، جواڻ نينگرن جي دلين کي گھائينديون شرمائينديون، وسنديءَ جي مُکي ڀڊاري سمبارا جي رتول ڏانھن ويون.
وسنديءَ جي مُکي ڀنڊاري سمبارا جي رتول ۾ اندران توڙي ٻاھران ماڻھن جا ميڙ لڳي ويا ھئا، پر تڏھن به سڄي رتول ۾ ماٺ لڳي پئي ھئي، جيڪڏھن ڪنھن ڳالھايو ٿي ته ڦسڪن ۾ ته متان ننڊھاڻو ديوتا ڪچيءَ ننڊ مان جاڳي نه پوي. ھر ڪو ماڻھو، ھر ڪا منڌ، ڏاڍيءَ بيچينيءَ سان ان سٻاجھي ديوتا جي سجاڳ ٿيڻ جو انتظار ڪري رھيا ھئا، ۽ رتول جو سڄو وڏو ورانڊو پوڄارين، پوڄارڻين، وسنديءَ جي وڏوڙين ۽ وڏ گھراڻن سان ڀريو پيو ھو.
ان ويل، مھاويد لڇمڻ آتم تارا سرھيءَ سيج تي سپنن جي سنسار ۾ وھلور ھو. ھن جي ڪوٺيءَ ۾ ھن جي پيرانديءَ کان رڳو وسنديءَ جي مکي ڀنڊاري سمبارا جي وڏور ڌيءُ، پدمڻي، ' شيوا ديجي ' سورھن سينگار ڪريو، ڪنھن سپني جي اپسرا وانگي، گوڏن ڀر ٻانھون ٻڌيو، پنڊ پھڻ ٿيو بيٺي، گھائيندڙ ڀونر نيڻن سان ستل مھاويد ڏي نھاري رھي ھئي. ھن جو سڄو نازڪ ڌڙ ڄڻ بيٺي بيٺي ڪڙھي پيو ھو. ھوءَ جنسي لڇي رھي ھئي. ستل ديوتا جي ھر ڪروٽ سان ھن جي دل ڌڙڪي ٿي وئي. ھوءَ ان ديوتا جي درشن لاءِ ماندي ٿي رھي ھئي. ديوتا جي جاڳڻ جي ھڪ ھڪ ساعت ھن لاءِ صدين جو سوداءَ بنجي ٿي وئي.
اڄ جڏھن وھاڻيءَ ويل ماءُ کيس ننڊ مان جاڳائي ٻڌايو ته ھنن جي نجھري ٽامي جو مھاويد آتم تارا آيو آھي، ته ھن کي پنھنجي ڪنن تي ويساھ نٿي آيو. ھينئر به ائين پئي ڀانيائين ته ڪو سندر سپنو ڏسي رھي آھي. ڀلا ڪٿي پورپ، ڪٿي پڇم. ھوءَ سوچي نٿي سگھي ته ھوءَ ڪو پنھنجي جيون ۾ پنھنجن سپنن جي سپرينءَ کي ڪڏھن ايترو ويجھڙائيءَ کان پسي سگھندي ان اربيلي راول کي، جنھن جي درشن لاءِ سونمياڻيءَ جون وڏيون وڏيون نٽ راڻيون، لڇميون، مانديون ھيون، جنھن جي واٽن ۾ "ٽامي" ۽ "سوني" جون نينگريون سجدا گھورينديون ھيون، جنھن جي سپني ڪاڻ سھاڳڻيون پنھنجا ڳھڻا ڌرتيءَ ماتا تان گھورينديون ھيون. ھن پنھنجيءَ ڄمار ۾ ان سونھن جي سردار کي رڳو ھڪ ڀيرو سوني نگريءَ جي ھڪ وڏي جشن جي ڏينھن ڏٺو ھو. مھاراجا سونيه پاويه جي چئن ڀلن ڍڳن واريءَ سھڻي سجايل گاڏيءَ ۾ سونيءَ جي لڇمڻن ۽ لڇمين سان گڏ ويٺو ھو، پوڄله گھر وڃي رھيو ھو. تڏھن کان ھوءَ مٿس سوء جان سان ٻلھار ھئي. اھا سھڻي صورت ھميشه ھميشه سندس من مندر ۾ کُپي وئي.
ان رات ھن سوني ننگريءَ جي وڏي پوڄا گھر ۾ ڌرتيءَ ماتا جي وڏيءَ مورتيءَ تان پنھجا سمورا ڳھڻا گھوريا، ۽ مھا پوڄارڻ کي پنھنجو ھٿ ڏيکاريو. مھا پوڄارڻ ھن جي ھٿ جون ريکائون ڏسندي چيو" نينگري، ھن ڌرتيءَ تي ديوتا فاني عورتن سان ھميشه پيار ڪرڻ لاءِ لھندا رھندا آھن. پنھنجي ڌڙ جي ستيا ۽ رکيا ڪج، جو تنھنجو ڌڙ ھڪ ديوتا جي مُڏي آھي. تنھنجو لکيو ھڪ ديوتا سان آھي."
" ديوتا ! " خوشيءَ کان ھن جي مٺ ڀيڙجي وئي، ۽ ان ڏينھن کان ھوءَ پاڻ کي ديوتا جي امانت سمجھڻ لڳي، ۽ ان ڏينھن کان ھن ڏينھن تائين ھوءَ ان ديوتا جون واٽون نھاريندي رھي. ھوءَ سوچيندي ھئي ته اھو ديوتا ڌرتيءَ تي ڪڏھن لھندو. ڇا، ھن جي جواڻي ائين ئي ميڻ وانگي ٽمڪندي ڳرندي ويندي. ھوءَ سوچيندي ھئي، اھو ديوتا ڪڏھن ايندو، ڪٿي لھندو. ھن جو ا نتظار ڪھڙن ر نگ رتولن ۾ ڪيو وڃي، ڪھڙن جھنگلن ۽ رڻ پٽن ۾ ھن کي ڳوليو وڃي. ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ راتين جو بيچين ٿي پاڻمرادو ڳالھائيندي ھئي، ۽ پنھنجي ديوتا کي سڏيندي ھئي، او ديوتا، ھاڻي اچ به ! ڏس، مان تڙپي رھي آھيان. ھيءَ ڌرتيءَ تو بن سنسان آھي. ڏس مون ڌرتيءَ جي سڀني شين کي پنھنجي ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيو آھي، ۽ مون پنھنجي من جا سڀ در دريون کولي ڇڏيا آھن، اچ، منھنجي ڪنواري پاڪ ڌڙ کي ڇُھه، ۽ منھنجن نازڪ چپڙن جو امرت پيءُ. مان ايترو ئي پاڪ آھيان جيترو ماءُ جي ڪک مان نڪرڻ ويل. اي ديوتا، تو کي ڌرتي ماتا جو سوڳنڌ، مون کي وڌيڪ نه تڙپاءَ، ھاڻي لھي نه آءُ ! ھوءَ سڄي رات سُرھي سيج تي پاسا بدلايو پئي تڙپندي ھئي... ۽ اڄ اھو ديوتا، الائي ڪھڙن ستارن جي گردش سان، ھن جي نجھري نوڙي آيو ھو ۽ ھوءَ اکين ۾ اوڙاھ ڀريو، سورھن سينگار ڪريو، پوڄارڻين وانگي ھن جي شيوا ۾ بيٺي ھئي.
ٻاھر وڏي ورانڊي ۾ پوڄارڻين جھانجھه ۽ ٽلين تي مڌر سنگيت ڇيڙي ڇڏيو ھو، ۽ پوڄارڻ ڪَرتڪا ديجي، ڪوئل جھڙا سريلا آلاپ ڪڍي، پرھ جو راڳ آلاپڻ لڳي.
" اي ديوتائن جا دادلا، سجاڳ ٿي !
پرھ ڦٽي آ،
اڀ جي نياڻي نماڻي، اُوشا، ڏورانھن ڏينھن مان،
پنھنجي ٻھڪندڙ رٿ تي چڙھي آئي آ،
۽ ڌرتيءَ تي پنھنجا رنگا رنگ ڪرڻا ڦھلائي رھي آ ؛
ستا، سجاڳ ٿي. ۽ لجوڙيءَ ديويءَ جو درشن ڪر !
" اودشا جي ڇاتي روشن ۽ منھن ٻھڪندڙ آ،
سونا وار تجلا پيا ڏين ھوءَ مرڪي رھي آ.
جيئن ڪا سندري پنھنجي سپرينءَ کي موھت ڪرڻ لاءِ سورھن سينگار ڪري پنھنجيءَ سونھن جو اظھار ڪندي آھي ؛
جاڳ ۽ ديوي جو درشن ڪر !
"جيڪي پرڀاتيون لنگھي ويون آھن،
۽ اڻڳڻيون پرڀاتيون جي اچڻيون آھن،
تن جي واٽ وٺي، اوشا ديوي آئي آ،
ھن جي ٻھڪندڙ مُک سان اونداھي ٻاٽ ٽڙي ٿي،
۽ جي ننڊ ۾ ستل آھن، تن کي سجاڳ ڪري ٿي.
"او سھڻي اوشا ! تون اڻڳڻت جُڳن کان جئري آھين،
تون ھر ڀنڀرڪي ويل نئون جنم وٺين ٿي،
تنھنڪري تون ٻڍي به آھين ۽ جواڻ به،
"اڄوڪي پرڀات اھا واٽ وٺي ويندي،
۽ ھنيان پوءِ جي پرڀاڻيون اينديون،
پنھنجي واٽ وٺي وينديون.
پراڻي ڪال ۾ جن ماڻھن اوشا جي واٽ نھاري ٿي،
اھي لاڏاڻا ڪري ويا !
اڄ اسين اوشا جي واٽ پيا پَسيون،
۽ اسين به لڏي وينداسون پاتال ڏي،
جتي نه ڪو ڪم ھوندو، نه ڪار،
جتي نه وديا ھوندي، نه اوديا،
نه ڪو ميڙو ھوندو، نه منڊلي ؛
۽ اسان کان پوءِ جي ايندا،
سي ان ديويءَ جا رنگين ترورا پسندا.
" جاڳو، ديويءَ جو درشن ڪريو !
ھو ڏسو،
اُشا ديوي تيتري ڪڪڙ وانگي سونو آنو لاھيو،
ڪاڪاريندي پئي وڃي ؛
نئون سج جنم وٺي رھيو آ،
۽ ڌرتيءَ تي روشنيءَ جو سمنڊ پلٽي رھيو آ،
جاڳو، ديويءَ جو درشن ڪريو ! "
جانجھه، ٽَلين ۽ جلترنگ جي مڌر لَي تي پوڄارڻ جو آلاپ گونجندو رھيو. مھاويد لڇمڻ آتم تارا جي پيرانديءَ کان بيٺل شيوا ديجيءَ جو سڄو ڌڙ اھليو ٿي ويو ___ ڄڻ ته
راڳ پوڄارڻ جي نه، ھن جي روح مان ريلا ڏئي پئي نڪتو. تڏھن، ننڊاکي لڇمڻ آتم مَسين مسين وڃي آرس ڀڳو ۽ جانجھه ۽ ٽلين جي مڌر سنگيت تي پاسا ورائيندي اک پٽي. ھوريان ھوريان، ھڪ حسين پدمڻيءَ جو ڌنڌليل پاڇو، سپني جي ڪنھن اپسرا وانگي اجاگر ٿيندو، سندس اکين ۾ کپي ويو. ھو ڪيتري دير تائين ان سونھن جي ديويءَ کي ڏسندو رھيو. تڏھن ان پدمڻي نينگر پنھنجا ڀونر نيڻ کولي، گھائيندڙ گھُور وجھي، ڏاڍي تپسيا سان ھٿ ٻڌي، ڊڄندڙ آواز سان چيو؛ " ٽامي جي مھاويد لڇمڻ آتم تارا کي واھوندي وستيءَ جي مکيءَ ڀنڊاري سمبارا جي وڏور ڌيءَ، شيوا ديجي، پرنام ڪري ٿي. " ھن جو آواز ايڏو ته مٺو ۽ سريلو ھو، ڄڻ ته ڪنھن پوڄارڻ جلترنگ ڇيڙي ڇڏيو. لڇمڻ آتم تارا موھجي، ٻانھون ٻڌي، اکين ۽ ڪنڌ جي اشاري سان کيس پرنام ڪيو. شيوا ديجيءَ وري پنھنجو ڪنڌ لڇمڻ جي آگيا ۾ جھڪايو، ۽ پوءِ ادب سان پٺيري ھلندي، در جي سامھون ٽنگيل ٿالھه جھڙي ٽامي جي گھنڊ تي ڏونڪو ھنيائين. گھنڊ جي مڌر آواز جي گونج سان ئي، چار اڇين ساڙھين ۾ ويڙھيل ديوداسيون، ھٿن تي وڏا ٿالھه کنيو جن تي تيل، ميٽ، سرھاڻ ۽ اوچو وڳو رکيل ھو اندر آيون ۽ مھاويد آتم تارا جي اڳيان نھايت ئي ادب سان ڪنڌ جھڪائي، گوڏن ڀر بيٺيون. انھن جي پٺيان ئي، راتوڪي سٻاجھي منڌ، ڏاڍي ادب ۽ ٻاٻوھ سان اندر آئي، ۽ سندس اڳيان ٻانھون ٻڌي، وڏو سجدو گھوريندي چيائين ؛
" اي ديوتائن جا دادلا، ٻانھي سوشاما ديجي تو کي پرنام ڪري ٿي. تيل، ميٽ ۽ سرھو پاڻي تيار آھي، اٿي تيل ميٽ ڪري توانو ٿي."
مھاويد به کيس ٻانھون ٻڌي پرنام ڪيو، ۽ اٿي کڙو ٿيو. چارئي ديوداسيون ادب سان اٿي بيٺيون ۽ ڪنڌ جھڪائي سندس پٺيان ھلڻ لڳيون.
وھنجي سھنجي واندو ٿيڻ کان پوءِ، مھاويد آتم تارا کي اشنان گھر جي اڳيان تڙڪي تي رکيل ھڪ اوچي آسڻ تي ويھاريو ويو. سوشاما ديجي سندس ڪارن، ڪلھي تائين لڙڪندڙ وارن تان ڦڻي گھمائي، ۽ سندس اکين ۾ سرمو وڌو، ۽ مٿانس سرھاڻ جي ورکا ڪئي، ۽ سندس سونيءَ تي چمڪندڙ ڳاڙھي موتيءَ کي چمي، سندس مٿي تي سجائي رکيو. مھاويد آتم تارا آنھريءَ ۾ چڱيءَ طرح پاڻ کي جانچي ڏٺو.
ان مھل ھڪ مھاپرش آيو، جنھن جي مٿي تي مُکين وارو سونو ڇَٽ ٻڌل ھو. سندس اڳيان وڏا سجدا گھوريندي چيائين ؛
" اي ديوتائن جا دادلا، تنھنجو ٻانھو، مُکي ڀنڊاري سمبارا تو کي پرنام ڪري ٿو. وسنديءَ جا سڀ مھاپرش ۽ منڌيون تنھنجي درشن لاءِ آيا آھن. ھل ۽ پنھنجي سٻاجھي ھٿ سان کين آشيرواد ڏي."
مھاويد کيس، پرنام ڪيو، ۽ آسڻ تان اٿي اڀو ٿيو. ھن جي اٿڻ سان سڀ ديوداسيون ۽ پوڄارڻيون جھڪي ويون. مھاويد ھڪ ڪلھي وارو، وڏو ڦلڦلو ڀرٽ ڀريل، گھيردار وڳو لوڏيندو، پنھنجيءَ سھڻيءَ لڇمڻ واريءَ لوڏ سان مکيءَ جي پٺيان ھلندو، ٻاھر وڏي سجايل ورانڊي ۾ آيو، جتي وسنديءَ جا سڀ وڏ گھراڻا سندس درشن لاءِ گڏ ٿيا ھئا. سڀني کيس ڏسي ٻانھون ٻڌي، وڏا سجدا گھوريا. مھاويد پنھنجي سوني ڪڙي واري ٻانھن مٿي کڻي، کين آشيرواد ڏنو ؛ " اوھان سڀني تي ڌرتي ماتا جي ديا ھجي ! آءُ ٽامي جو ويڄ، آتم تارا، اوھان سڀن کي پرنام ڪريان ٿو."
سڀني وسنديءَ وارن سجدي مان ڪنڌ مٿي ڪيا، ۽ ھڪ آواز ٿي چيائون ؛
" اي ديوتائن جا دادلا، تو کي پرنام !
اي ڌرتيءَ جي اسرارن جا ڄاڻو، تو کي پرنام !
اي سونمياڻيءَ جا وڏ – گھراڻا، تو کي پرنام !"
مھاويد لڇمڻ آتم تارا، وري ھٿ مٿي کڻي، کين آشيرواد ڏنو. مھاويد کي سڀني کان اوچي آسڻ تي ويھاريو ويو، سڀ وسنديءَ وارا، مڙس توڙي زالون، پوڄارڻيون توڙي پوڄارا، پنھنجي مھاويد جي سٻاجھي صورت ڏسيو نٿي ڍاپيا. شيوا ته پري پري کان بيٺي ٻلھار پئي وئي. مھاويد سڀني سان گڏجي مکڻ ماني، گيھه ۾ چِلھا روٽلا، ماکيءَ، ۽ طرحين طرحين جي مٺاين سان نيرن ڪئي، ۽ ڳچ دير تائين پاڻ ۾ روح رھاڻ ڪيائون.
ان ڏھاڙي مھاويد وسنديءَ جي مھا پوڄاريءَ، ڀوڀن ۽ پاڙھن سان گڏجي، ڪيترن بيمارن کي ڏٺو، جي سندس اچڻ جو ٻڌي ڪٿان ڪٿان ڪَھي آيا ھئا. مھاويد سڀني کي چڱيءَ طرح ڏٺو، ۽ مھاپوڄاريءَ ۽ پاڙھن کي انھن جي ستيءَ ڦڪيءَ جا ڏس ڏنا. ان شام سڄيءَ وسنديءَ ۾ پڙھو گھمايو ويو ته اڄ رات مھاويد لڇمڻ آتم تارا جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ پوڄا گھر ۾ جشن ملھايو ويندو.
سنڌيا ويل سڀ وسنديءَ وارا مھاويد آتم تارا جي خوشيءَ جو جشن ملھائڻ لاءِ، اوچا وڳا پھري، مکي ڀنڊاري سمبارا جي رتول آڏو گڏ ٿيا. جيسين مھاويد پوڄارڻين ۽ پوڄارن جي ساٿ سان ٻاھر نڪري، تيسين وسنديءَ وارا ٻاھر ميڙو مچايو ويٺا ھئا. وسنديءَ جي حسين نينگرين وڏن گھيردار پڙن کي لمڪا ڏيو پئي ناچ ۽ ناڏ ڪيا. دھلارين دھلن سان گڏ پئي جھمر پايو ڌمال ھنئي. سارو وايو منڊال ڇيڄ ۽ ڇمڪارن، کيڄ ۽ کلڪارين جي آوازن سان گونجي رھيو ھو.
گھڻيءَ دير کان پوءِ، جڏھن مکيءَ جي رتول جي وڏي در جي ڏاڪن تان ھيڊن ۽ اڇن وڳن ۾ ويڙھيل پوڄارا ۽ پوڄارڻيون ھٿن ۾ ٻرندڙ اماڙيون کنيو، سنک، ڍنڍ، ٽليون، جانجھه، چنگ ۽ ڪماچ وڄائيندا ٻاھر آيا ته انھن جي پٺيان ئي مھاويد آتم تارا، مھا پوڄاري، مکي ڀنڊاري، سوشوما ديجي ۽ شيوا ديجي ڏسڻ ۾ آيا. مھاويد جو درشن ڪندي ئي جيڪي ماڻھو جت سو تت پنڊ پھڻ ٿي ويو، ۽ سڀني گوڏن ڀر بيھي، ٻانھون ٻڌي کيس پرنام ڪيو. مھاويد آتم تارا ٻانھن مٿي ڪري کين آشيرواد ڏنو. مھاويد کي ھڪ جھاٻن ۽ جھولڻن سان سينگاريل پوٺيءَ تي ويھاريو ويو، ۽ سڀ وسنديءَ وارا ساڻس گڏجي پوڄا گھر وڃڻ لڳا. سڀني کان اڳيان مھا پوڄاري ھو. ان جي پٺيان پوڄارن ۽ پوڄارڻين جو ھڪ وڏو جٿو، انھن جي پٺيان اکو ٻڌل، نيري ستارن جڙيل شال ۾ ويڙھيل شيواديجي ۽ سندس سرتيون، ان جي پٺيان پوٺيءَ تي ويٺل مھاويد، ان جي پٺيان مکي ڀنڊاري ۽ سوشاما ديجي، ۽ انھن جي پٺيان سڀ وسنديءَ وارا ھڪ قطار سان ھلي رھيا ھئا. رات جي سانت ۾ اھو سمورو ساٿ ستارن ڀرئي سر ڳڌام جي ھيٺان، ڍنڍ، ٽلين، چنگ ۽ ڪماچ جا مڌر آلاپ ڇيڙيندو، نھايت ئي تپسيا سان ٻانھون ٻڌيو پوڄا گھر ڏي وڌي رھيو ھو.
وسنديءَ کان پرڀرو، ھڪ وڏي مٿانھين دڙي تي، پوڄا گھر جون ديوراون ٻڌل ھيون، جنھنجي چوڌاري ميويدار وڻن جا جُھنڊا ۽ ساوا سُڪاريا کيت سدائين پيا لھرائيندا ھئا. پوڄا گھر جي اوچين ديوارن جي اندر ئي وڏا مٽيءَ جا بت رکيل ھئا ؛ ھڪ ڌرتي ماتا جو، ھڪ شو مھراج جو، ۽ ھڪ بيل ديوتا جو. پوڄا گھر جي چوڌاريءَ اوچين ڀتين تي بک ۾ پاھ يوگين، ڀولڙن، نانگن، وڻن ۽ جيو آتما جي ول اسرڻ جون رنگين مورتيون اُڪريل ھيون. ڌرتي ماتا جي وڏي بت آڏو ناچ لاءِ ھڪ وڏو نيرو، چلڪندڙ گول پنڊال ھو ۽ ٻاھران وڏا گھنڊ ۽ سنگ ٽنگيل ھئا، جن جو گنڀير ۽ مڌر پڙالو سدائين رکي رکي پيو گونجندو ھو.
ان رات سڄو پوڄا گھر پور نماسي رات جيان چوڌاريءَ ڏيئن ۽ ميڻ بتين جي روشنيءَ سان جڳمڳائي رھيو ھو، ۽ سڀ وسنديءَ وارا وڏي بت آڏو ڪنڌ جھڪائي بيٺا. سڀني کان اڳيان، وڏي پنڊال تي، مھاپوڄاري ۽ ان جي پٺيان مھاويد بيٺا ھئا. پوڄا گھر جا سڀ گھنڊ ھڪ ئي وقت ڊانگ.....ڊانگ.... ڊانگ ڪري گونجڻ لڳا. مھاپوڄاري وڌي ڌرتي ماتا جي وڏي بت کي گگر ۽ لوبان جو واس ڏنو. سڄو پوڄا گھر رنگين، خوشبودار دونھين سان واسجي ويو، ۽ جيئن ئي گھنڊن جو پڙالو سانت جي سير ۾ ٻڏي ويو، مھاپوڄاري جو گنڀير گڙ گڙائيندڙ آواز پوڄا گھر ۾ گونجڻ لڳو،
" او ڌرتي،
" او ماتا وڌاتا،
" اڄ تنھجن جي اسرارن جو ڄاڻو، سڀني ديوين ۽ ديوتائن جو دادلو، شڪتيءَ ۽ مڪتيءَ جو ڌڻي، مھاويد آتم تارا، سٻاجھا پير ڀري اسان جي اڱڻ آيو آھي. ان خوشيءَ ۾ جشن ملھايو ويندو. وسنديءَ جي سڀ کان سھڻي نرتڪي نينگري لڇمي شيواديجي، اڄ سونمياڻيءَ جا مھاراجا سونيه ڀاويه جو انعام ۾ ڏنل نٽ راڻين وارو وڳو پھري تنھنجي آڏو نچندي، جو تون سڀني ديوين ۽ ديوتائن کان سٻاجھي ڀلاري، ۽ اسان کي اوڏي آھين، جو تنھنجي مھر جي مھراڻ جي ٿڃ ٻارھو اسان لاءِ جاري آھي، جو تنھنجا گيت اسان لاءِ سدا ساوا ۽ سڪاريا آھن، جو اسان جي سرير جا پنوڙا تنھنجيءَ مٽيءَ مان کڄيا آھن ۽ تنھنجي مٽيءَ ۾ ملي ويندا. او جنم ورني، جنم ڀوني، او ڌرتي، او ماتا وڌاتا، سڀ پوڄا ۽ پڙلاءَ تولاءِ آھن. اسين سڀ تو کي سجدو ڪيون ٿا.
ڌرتي ماتا کي سجدو ڪريو
ڌرتي ماتا کي سجدو ڪريو. "
سڄو پوڄا گھر پوڄارن ۽ پوڄارڻين جي سريلن آوازن سان گونجي ويو. پوڄا گھر جا سڀ گھنڊ ھڪ ساٿ زور سان ڊانگ... ڊانگ... ڊانگ ڪري وڄڻ لڳا. مھاپوڄاري جي پٺيان مھاويد، سڀ پوڄارا، پوڄارڻيون ۽ وسنديءَ وارا گوڏن ڀر بيھي، ٻانھون ڦھلائي، ڌرتي ماتا اڳيان وڏا وڏا سجدا گھورڻ لڳا، ۽ ھوريان ھوريان گھنڊن جو آواز ڌيمو ٿيندو ويو.
مھاپوڄاري وري اٿي ڌرتي ماتا کي رنگين خوشبو ھاڻي دونھين جو واس ڏنو. ان کان پوءِ ٻاھر وڏي گھنڊ جا ٽي ٺڪاءَ لڳا. سڀ وسنديءَ وارا پوڄا گھر جي وچ واري جاءِ ڇڏي، پوڄا گھر جي چوڌاري ديوارن سان لڳل ڏاڪن تي وڃي ويٺا. مھاويد آتم تارا کي وچ ۾ ھڪ اوچي آسڻ تي ويھاريو ويو. پوڄارڻين پنھنجي ھٿن واريون ٻرندڙ اماڙيون ڌرتي ماتا جي اڳيان وڏي گول پنڊال جي چوڌاري روشندانن ۾ کوڙيون ۽ سارو پوڄا گھر ديوداسين ۽ پوڄارڻين جي سريلن سازن جي مڌر سنگيت سان گونجي ويو، تڏھن ڇير جي ڇم ڇم جي مڌر آلاپ تي، اکو ٻڌل، نيري ستارن جڙيل شال ۾ ويڙھيل شيوا ديجي بيچين ٿي اُٿي. پوڄارڻين سندس پيرن ۾ نورا ٻڌا، ۽ ھوءَ ڊيل وانگي ھلندي، ڇم ڇم ڪندي، گول، لسڙي، اڀ جيان چمڪندڙ نيري پنڊال تي ڌرتي ماتا آڏو آئي. سڄي پوڄا گھر ۾ سانت ڇانئجي وئي، رڳو رکي رکي ڇير جو آواز گونجي رھيو ھو. شيوا ديجي ڪيتري دير تائين ڌرتي ماتا ڏي منھن ڪيو، گوڏن ڀر، تپسيا سان بيٺي رھي. پوءِ ھن ٻئي ٻانھون ڪنڌ جي پٺيان ورائي، اکي جا سڳا کوليا ۽ ڪلھن تان شال ھيٺ سرڪائي ڇڏي، جا سندس حسين سينگاريل پٺيري ڌڙ تان سو سو سجدا گھوريندي، ھيٺ پيرن ۾ اچي پئي، ۽ ھن وڄ جھڙي وراڪي سان پنھنجو منھن سامھون ڪيو. جيڪو ماڻھو جت، سو نت پنڊ پھڻ ٿي ويو. مھاويد آتم تارا به اچرج سان ڏانھنس نھاريندو رھيو. ھوءَ ڪنھن سوني پتليءَ جيان سندس آڏو بيٺي ھئي. ٻوٽيل پنبڻين تي سورن وزني پاڻيٺ جو جڙاءُ، نرڙ تي ڳاڙھو تلڪ، سينڌ ۾ سندور، ڳُڌيل وارن ۾ سونا ڦل، ھڪ ٻانھن ۾ ٺونٺ کان ڪلھي تائين سوني ٻانھين، ٻي ۾ ڪنگڻ، ڳچيءَ ۾ موتين جون مالھائون، پَلي جي ڇلرن جھڙي سوني چمڪندڙ پولڪا سان ڍڪيل اُرھ، ڳاڙھن موتين جي مالائن ۽ سَرن سان وڏو گھيردار سونھري پڙو ائين ئي لڳو، ڄڻ اوچتو ڪا چنڊ جي ديوي سھائي سر ڳڌام مان ٺھي ڌرتي تي آئي ھجي. سازن جو آواز ھوريان ھوريان مٿي اُڀرندو ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ئي ھن جي ڌڙ ۾ ڄڻ ساھ ڦوڪجڻ لڳو. ھن جون ٻانھون ھوريان ھوريان پنھنجي ڊولائتي ڌڙ جو ڪاڇو ڪنديون، ڪوراڙ بلائن جي جوڙي وانگي وٽ کائينديون، مٿي کڄي اُڀيون ٿي ويون ۽ ھن جي پَلي جي چلرن جھڙي پولڪا ائين تجلا ڏئي رڦڻ لڳي، ڄڻ بيٺل پاڻيءَ تي چنڊ جا ترورا ڏڪي رھيا ھجن، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھن جو سڄو ڌڙ ڏڪڻ لڳو، پير پٽ سان نٿي لڳس. ڄڻ ڪا وڄ ھئي، جا سندس سنڌ سنڌ ۾ وراڪا ڏئي رھي ھئي. ھوءَ سازن جي مھا ساگھر لھرن جي وھڪري ۾ ھڪ ناءُ جيان جُھلندي، لڙھندي، اُڀرندي ٿي وئي. ھوءَ ڪيئن ڀيرا پنڊال ۾ بيسڌ گھايل ٿي ڪري ۽ نانگڻ وانگي وٽ کائيندي اُٿي وئي. ھن ڪئين ڀيرا اکين جا تير ٺاھيا، ڳيراٽيءَ لاءِ ٻانھون ڦھلايون. ھن ڪئين ڀيرا پنھنجو سر گھوريو ۽ تپسيا سان ٻانھون ٻڌيون ۽ پنھنجو تن من آڇيو ۽ رٺل پرينءَ کي پرچائڻ لاءَ لوھون پاتيون. ھن جي ناچ جي ھڪ ھڪ ادا سمجھه ۾ پئي آئي، ڄڻ چئي رھي ھجي ؛
' تون ديوتا، مان داسي،
مان تنھنجي پوڄا ڪندس ؛
مان تو تان گھوري ويندس.
' ھيءَ منھنجي سونھن سروپ، منھنجو جوڀن،
ھي منھنجا ھار سينگار سڀ تولاءِ آھن.
تون جي ايندين منھنجي دوار، مان نورا ٻڌي نچندس ؛
مان تو تان گھوري ويندس،
' تون جي مونکي ڇڏي ويندين،
مان جوڳڻ ٿي تنھنجي ڪڍ لڳندس،
جبل جھاڳيندس،
وڻ وڻ کان واڪا ڪري تنھنجو ڏس پڇندس ؛
مان تو تان گھوري ويندس.
' تون ديوتا، مان داسي، مان تنھنجي پوڄا ڪنديس ؛
مان تو تان گھوري ويندس.'
ھوءَ بيسڌ نچندي رھي، نچندي رھي، ايستائين جو ھن جو سڄو ڌڙ پگھرجي ويو. ھوريان ھوريان سازن جي وھڪ ماٺيڻي ٿيندي وئي، ۽ نرتڪي ھڪ وڏي چيڪلي پائي، پنھنجن ئي پيرن جي ڏانوڻ سان وٽ کائيندي، ڌرتي ماتا جي وڏي بت اڳيان، پنڊال تي وڃي ڪري.
ڊانگ ڊانگ ڊانگ پوڄا گھر جا سڀ گھنڊ ھڪ ئي وقت وڄڻ لڳا. گھنڊن جو پڙلاءَ بند ٿيندي ئي شيوا ديجي پنڊال تان پنھنجو منھن مٿي کنيو. ٻانھون ٻڌي، پويان پير ڀري، ڌرتي ماتا جي وڏي بت آڏو وڃي بيٺي ۽ ٻانھن مان سونو ڪنگڻ لاھي، ڌرتي ماتا جي چرنن ۾ رکيائين. سندس پٺيان ئي مھاپوڄاري پنڊال تي آيو ۽ پنھنجي ڳوري آواز سان چيائين، " اي نرتڪي نينگري، اڄ جي رات سڀ ديويون ۽ ديوتائون تو مان خوش آھن. اڄ جي رات ڌرتي ماتا جي ديا جا سڀ در تو تي کليل آهن. وڏي واڪ گھُر جو گھرڻو اٿئي. اڄ جي رات تنھنجي ھر منتا پوري ٿيندي."
شيوا جھڪيل منھن مٿي ڪري، ڌرتي ماتا جي مُک ڏي نھاريو ۽ ٻئي ھٿ ٻڌي اُٿي بيٺي. ھن جي من چاھيو ته ڌرتي ماتا کان ھوءَ پنھنجي من مندر جي ديوتا جو دان گھري، پنھنجي سپنن جي سھاڳ ۽ پنھنجي پريم جو نالو ڳھي. ھن جا چپ کليا، پر ھن جي اندر جي ناريءَ، لڄ شرم ۽ حيا جي ڌاڳن سان ھن جا چپ سبي ڇڏيا. ھن ڌرتي ماتا کان ڪجھه به نه گھريو، رڳو مُنھن ڦيرائي ٻانھون ٻڌي، گول پنڊال تان ھلندي، آتم تارا آڏو آئي، ۽ ھن جي آڏو ڪجھه دير بيھي پنھنجو سيس نمايائين. آتم تارا به ٻانھون ٻڌي کيس پرنام ڪيو. مھاپوڄاري ۽ سڀ پوڄارڻيون ۽ پوڄارا ڏانھنس نھارڻ لڳا. مھاپوڄاري پنڊال تان ھلندو، ڌرتي ماتا جي وڏي بت جي سامھون ويو، ۽ گوڏن ڀر ويھي، ٻانھون ڦھلائي چيائين، " او ڌرتي، او ماتا وڌاڻا ! ان نرتڪي نينگريءَ جي من جون مرادون پوريون ڪج، جو تون سڀني جي منتا پوري ڪرين ٿي. او ماتا وڌاتا، ان نرتڪي نينگريءَ تو کان ڪجھه به نه گھريو. او ماتا وڌاتا، پنھنجن پوڄارن تي سدائين ٻاجھه ٻيلائي ڪج. اسين سڀ تو کي سجدو ڪيون ٿا." ائين چئي، مھاپوڄاري وري ڌرتي ماتا کي واس ڏنو. سارو پوڄا گھر وري رنگين دونھين سان واسجي ويو، سڄو پوڄا گھر پوڄارن ۽ پوڄارڻين جي سريلن ھو... ھو... ھو... ھو جي آوازن سان گونجي ويو. پوڄا گھر جا سڀ گھنڊ ھڪ ئي وقت وڄڻ لڳا. آتم تارا ۽ سڀ وسنديءَ وارا، مھاپوڄاري جي پٺيان، ڌرتي ماتا آڏو ٻانھون ڦھلائي، وڏا سجدا گھورڻ لڳا. گھڻيءَ دير کان پوءِ اھو سمورو ساٿ، اماڙين جي روشنيءَ ۾، ساڳي ريت واپس موٽيو.
____
سمبارا : داروڙ قوم جو قبيلو .
ڪرتڪا : ڪَتين جو ميڙ.
اُشا جي استني جا سلوڪ رگويد مان ورتل آھن، رگويد منڊل پھريون .
پولڪا : انگي .