10
وڏي مھا پرلئه جيان،
آريا ايندا.
آريا، جي ماس کائيندا آھن.
آريا، جي رت وھائيندا آھن.
چئني ڏسائن کان،
آريا وڏيون مھاڀاري ڪاھون ڪندا.
جھروڪن ۾ جھانء پوندي.
ننگريون ناس ٿي وينديون.
" ناد " ۽ " نگد " جيان،
" رگ ويدا " جا پنا،
ڌرتيءَ تان اُڏري ويندا.
اھو ليک لکندي مھارشيءَ جا ھٿ پير ڄڻ ڏڪڻ لڳا ھئا. سندس وڏين وڏين اکين جا ڳاڙھا ڏورا ويتر ڳاڙھا ٿيندا، پاڻيٺ سان ڀرجندا ويا. مھارشي ڄڻ رت روئي پيو ھو ۽ سنجھا مندر ۾ پوڄاري ڌرتي ماتا جي انگاس بت اڳيان وڏيءَ تپسيا ۾ پئجي ويا ھئا.
چوندا آھن، رشي نکيترن جا ڄاڻو آھن. رشين مٿان ڏات لھندي آھي ۽ سونمياڻيءَ جي ماڻھن کي ڄڻ پتڻ پئجي ويا ھئا ته ڌرتيءَ مٿان ڪو وڏو ڪُلاپ ٿيڻو آھي. ماڻھو وڏا دان ۽ پوڄائون ڪرڻ لڳا ھئا.
ان ڳالھه کي اڃان چار – پنج ڏھاڙا به ڪين ٿيا ھئا جو کاروڇاڻ کان، ڏور ڏور ڏيساورن جا ھوڙھا ۽ ٻيڙا وڏي ناز ترندا ھڪ ٻئي پٺيان ھاڪاريندا سنڌوءَ جي راڄ ڌاني سونمياڻيءَ ۾ سنڌو گھاٽ جي گوديءَ سان اچي لڳا ھئا. ماڻھن کي خبر پئجي وئي ھئي ته سئنام ملڪ مٿان آريا لوڪن وڏي ڪاھ ڪئي ھئي. ڌرتيءَ جا وڏا وڏا ملڪ خطري ۾ اچي ويا ھئا. انڪري سئنام دويپ، يون دويپ، پورب، پارٿ ۽ تور ۽ بابل جي ملڪن جا رٻارا، مھامنتري، جُڌ اڳواڻ ديوان داڙا، ننڍي کنڊ سنڌوءَ جي راڄڌانيءَ سونمياڻيءَ ۾ ڪھي آيا ھئا. اُھي آريا لوڪن سان جنگ جون ڇيڙھيون نبيريون ڪرڻ لاءِ، سونمياڻيءَ ۾ گڏ ٿي رھيا ھئا. سنڌو گھاٽ مٿان وڏي اچ وڃ لڳي پئي ھئي. سنڌوءَ جا ٻئي ڪاپ پرڏيھي ھوڙھن ۽ ٻيڙن سان سٿجي ويا ھئا. دور دور دواپن کان آيل مھمانن جي آجيان لاءِ سنڌوءَ جا راڄ رکوال، مھاممنتري، مھاويد ۽ ٻيا جڌ اڳواڻ سنڌو گھاٽ مٿان اُڀڻين پيرين بيٺا ھئا. چئني ڏسائن کان سنڌو گھاٽ مٿان ھاٿين جون چنگھاڙون ۽ ڍڳي گاڏين جا چيڪاٽ ھئا. پالڪين پٺيان پالڪيون آيون ۽ ويون پئي. وڏا محل ماڙيون، رنگ رتول سينگاريا ويا ھئا. سئنام ۽ ٻين ملڪ جا پاڻ ۾ وڏا لڳ لاڳاپا ھئا. سئنام ۽ ٻين سڀني ملڪن جي عيوضين جي ايندي ئي، سونمياڻيءَ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ سنڌوءَ جي سمورن راجائن ۽ راڻين کي سنڌوءَ جي راڄ سڀا ۾ اچڻ جي ڪوٺ ڏني ھئي ته اُھي سونمياڻيءَ جي راڄ سڀا ۾ اچي حاضر ٿين ۽ ان سان گڏ آريا لوڪن جي. مھامنترين ۽ جڌ اڳواڻن کي سنڌوءَ جي راڄ سڀا ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو. ۽ انھي سان گڏ سونمياڻيءَ جي ڪئين پالڪ نينگرن کي راڄ سڀا جي ڪار وھنوار جي سکيا ڏيڻ جي ڪوٺ ملي ھئي جن ۾ نوجوان پاٺڪ تلڪ سنڌو به شامل ھو. راڄ سڀا جا وڏا ديوان ۽ داڙا کين راڄنيتيءَ جون ڳالھيون سيکارڻ لڳا ھئا.
ڏھن ڏھاڙن اندر سونمياڻيءَ جي راڄ سڀا ۾ ڄڻ ساري پرٿويءَ جا راجا راڻيون، مھامنتري، راڄ رکوال، جڌ اڳواڻ، مھاويد، پانڊٿ ڪيرٿ، ديوان داڙا اچي گڏ ٿيا ھئا. راڄ سڀا جي اڳين قطارن ۾ آريا لوڪن جا عيوضي ويٺل ھئا. راڄ سڀا جي ڪاروائي شروع ٿي وئي ھئي. جُڌ ۽ اھنسا، کميا اکميا جون وڏيون ڳالھيون شروع ٿي ويون ھيون. سئنام دويپ جو پرڏيھي منتري راڄ سڀا ۾ اوچي آواز ڳالھائي رھيو ھو ؛
" آئون – سئنام ملڪ جو پرڏيھي منتري آريا لوڪن خلاڦ سنڌوءَ جي مھاراجا، مھاراڻيءَ ڏانھن سئنام ملڪ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جو سنديش کڻي آيو آھيان. ان ڪري ته سنڌو ملڪ سان سئنام دويپ جا لڳ لاڳاپا ڏاڍا پراڻا ۽ اُٽٽ آھن. اڄ آئون خوش آھيان جو آئون سنڌ ملڪ جي راڄ سڀا ۾ پنھنجي ملڪ لاءِ آواز کڙو ڪري رھيو آھيان. سنڌ ملڪ جيڪو وديا جو ڀنڊار ۽ اھنسا جون نه، جُڌ جون ڳالھيون ڪرڻ آيو آھيان. ان ڪري ته آريا لوڪن اسانجي ملڪ سئنام مٿان ڪاھ ڪري اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آھن. آريا لوڪن اسان جي ملڪ مٿان وڏي جنگ مڙھي ڇڏي آھي. ھن راڄ سڀا ۾ آريا لوڪن جا عيوضي ويٺا آھن. ھن راڄ سڀا ۾ ڪو آريا عيوضي ان ڳالھه کان اھڪاري ٿي سگھي ٿو ته آريا لوڪن سئنام مٿان وڏي مھاڀاري ڪاھ نه ڪئي آھي؟... اسين سئنام ملڪ جا ماڻھو پنھنجي ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻندا آھيون ۽ اسان اھو به ڄاڻون ٿا آريا اڻ سڌريل آھن، ۽ آريا وڏا ڪروڌي، لوڀي لٻوچ ۽ اھنڪاري آھن. آريا سئنام، پورب ۽ يون دويپ جون راڄڌانيون اک ۾ ڪيو ويٺا آھن ۽ انھن کي ڦٻائڻ لاءِ آريا چئني ڏسائن کان مٿان ڪاھون ڪري رھيا آھن. جيڪا ڳالھه سڄي پرٿوي لاءِ ڏاڍي ھاڃيڪار آھي. آريا سڄي پرٿويءَ لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آھن. ۽ ھتي، ھن راڄ سڀا ۾ آئون جيڪا سڀ کان وڏي ڀوائتي ڳالھه ڪرڻ آيو آھيان اُھا ھيءَ ته، سئنام ملڪ مٿان آريا لوڪن جن ھوڙھن ۽ ٻيڙن ھٿيارن ۽ پنوھارن سان ڪاھيو آھي اُھي ھوڙھا ۽ ھٿيار سنڌوءِ جي ڪاريگرن جا ٺاھيل آھن جنجا ٽڪرا سڃاڻڻ لاءِ راڄ سڀا ۾ ڏيکاريا ويندا. جيڪا ڳالھه اسان سئنام جي رھواسين لاءِ نه رڳو ڏکوئيندڙ پر وڏي اچرج جوڳي آھي ڇو ته سئنام جا ماڻھو سنڌو کنڊ جي ماڻھن کي پنھنجو سڀ کان وڏو دوست ۽ ساٿاري سمجھندا آھن. ڇا، آئون ھن راڄ سڀا ۾ اھا ڳالھه پڇي سگھان ٿو ته آريا لوڪن وٽ اھڙا جنگي ھوڙھا ۽ ھٿيار ڪٿان آئيا ڪئين آيا؟... جڏھن ته آريا لوڪ ڪارائي ھلائڻ به ڪين ڄاڻن. آريا لوڪن کي اھڙا ھوڙھا ۽ ٻيڙا ڇو ڏنا ويا جن سان ھو سڄيءَ دنيا جا سمونڊ ڇاڇولي ڇڏين. آئون ھتي اھو ٻڌائڻ آيو آھيان ته آريا لوڪن کي ايڏا وڏا مھاڀاري ھٿيار ڏيڻ نه رڳو سئنام ملڪ سان ناتن جي ڀڃڪڙي آھي پر اھو ھڪ وڏو آپگھات آھي – پنھنجي ڪنڌ مٿان ڪاتي وھائڻ برابر آھي. آئون سنڌو کنڊ جي مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ کي اھو سنديش ڏيڻ آيو آھيان ته سنڌ ملڪ پاران جي آريا لوڪن کي واڌو ھٿيار ڏنا ويا ته پوءِ سئنام ملڪ ننڍي کنڊ سنڌوءَ سان پنھنجا سمورا لڳ لاڳاپا ۽ ناتا ٽوڙي ڇڏيندو." ايترو چئي سئنام جو پرڏيھي منتري مھاراجا، مھاراڻيءَ ۽ سڄي راڄ سڀا آڏو وڏا ڪورنش ڪرڻ کانپوءِ وڏي ٿھمر ۽ گمڀيرتا سان پنھنجي جاءِ تي ويھي ويو ھو. کن لاءِ مھاراجا، مھاراڻيءَ ۽ سڄي راڄ سڀا کي ڄڻ وڏي چُپ لڳي وئي ھئي. راڄ سڀا ۾ مھاراجا جي ٻئي پاسي کان سنڌوءَ جو مھامنتري وڏي گمڀيرتا سان اٿي بيٺو ھو ۽ وڏا ڪورنش ڪرڻ کانپوءِ ڳالھائڻ لڳو ھو ؛
" اڄ سنڌ جي راڄ سڀا ۾ سئنام دويپ جي پرڏيھي منتري جيڪي ڪجھه ڳالھايو آھي اُھو وڏو سچ آھي. اڄ سنڌوءَ جي راڄ سڀا ۾ ٽامي نگر جو راجا ديوداسا به ويٺو آھي ۽ آريا لوڪن جا وڏا اڳواڻ به ويٺا آھن اڄ راڄ سڀا ۾ آريا اڳواڻن کي سندن اڳراين ۽ ڪاھن جو جواب ڏيڻو پوندو. ان ڪري اسين سنڌ جا ماڻھو آريا لوڪن جي سئنام مٿان چڙھائي کي ننديون ٿا ۽ اسين اھو ٿا سمجھون ته جيڪڏھن آريا لوڪن جي مھاديوي اگنيءَ علاج لاءِ سنڌ ۾ نه آيل ھجي ھا ته اڄ اھا آريائي ڪاھ سنڌوءَ مٿان ھجي ھا. ٻيو ته اسين ان ڳالھه ۾ پڪو ويساھ ٿا رکون ته آرين سان اھنسا تي ڳالھائڻ اجايو آھي. ان ڪري ھن راڄ سڀا ۾ ھي مول متا پيش ڪيا ٿا وڃن." ايتروچئي سنڌ جي مھامنتري وڏي گمڀيرتا سان ڪڇ ۾ ڦٻايل ڦرھي ڪڍي، اونچي آواز سان پڙھن لڳو ھو :
اکٽ ،
اھو ته.... سئنام مٿان آريا لوڪن جي ڪاھ کي سنڌ ملڪ جا ماڻھو پنھنجي ملڪ مٿان حملو سمجھن ٿا. جي آريا لوڪن اھا ڪاھ ھڪدم بند نه ڪئي ته پوءِ سنڌ ملڪ سئنام ديپ جي مدد لاءِ جوڳو قدم کڻندو.
بکٽ ؛
اھو ته.... اھي سامونڊي ٻيڙا، جن سان آريا لوڪن سئنام ملڪ مٿان ڪاھ ڪئي. آريا لوڪن اھي ٻيڙا ڪٿان آندا، انھيءَ جو جواب آريا لوڪ پاڻ ڏيندا.
تين ؛
اھو ته... آريا سويتيءَ، ڪڀا، وستنا، ستادرو، پروشڻيءَ ۽ سنڌوءَ جي اُتراڻ وارن پَٽن ۽ پَڊن مٿان کيما کوڙي ويھي رھيا آھن. آريا لوڪ اُھي پٽ خالي ڪن انڪري ته اھي سمورا پَٽ ننڍي کنڊ جو اٽٽ انگ آھن.
لين ؛
اھو ته.... سنڌ ملڪ ڪنھن ريت به سئنام ملڪ سان پنھنجا ناتا نه ٽوڙيندو انڪري ته سئنام ملڪ اھنسا جو وڏو ڪوٽ ۽ وديا جو ٿُٻيٽ آھي ۽ سنڏ ملڪ جو ساٿاري ۽ تلھدار آھي.
مون، ؛
اھو ته.... جي آريا لوڪن سنڌو ساڻيھه جي ڪنھن به ساٿاري يا پاڙيسڙي ملڪ سان ويڙھاند ڪئي ته پوءِ سنڌ ملڪ، انجو بچاءَ ڪندو.
نار،
اھو ھي ته آريا لوڪن کي انھي ڳالھه جي ڄاڻ ڏني ٿي وڃي ته آريا لوڪ پنھنجون ڪاھون بند نه ڪندا ته پوءِ سنڌ ملڪ سئنام، سنگھل دويپ، پورب، يون دويپ سان گڏجي ھڪ طاقت ٿي مٿاھن ڪاھون ڪندو.
ويمي، ؛
اھو ھي ته ھن پرٿويءَ تي جيڪو به ملڪ يا راجا ڪنھن به لالچ يا لوڀ ۾ اچي آريا لوڪن جي مدد ڪندو، سنڌ ملڪ انکي پنھنجو سڀ کان وڏو ويري ۽ دشمن سمجھندو.
اک،
اھو ته ... .انھن ھوڙھن ۽ ھٿيارن جي جانچ ڪرائي ويندي جن سان آريا لوڪن سئنام مٿان چڙھائي ڪئي آھي.
جَڳ،
اھو ته.... ھنن سڀني مول متن جو ھن راڄ سڀا ۾ گڏ ٿيل سمورن ملڪن کي سختي سان پاپند رھڻو پوندو.
مول متا پڙھڻ کانپوءِ سنڌو جو پرڏيھي منتري سڄي راڄ سڀا آڏو وڏا ڪورنش ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي جاءِ تي ويھي ويو ھو ۽ راڄ سڀا ۾ اوچتو سنڌوءَ جو راڄ رکوال لڇمڻ ڄام سرواڻ اُٿي کڙو ٿيو ھو. ۽ وڏو واڪو ڪندي چيو ھئائين :
" آريا مھامنتري ترشتول، ھن راڄ سڀا ۾ اسين اوھانکان اھو ٿا پڇون ته اُھي ھوڙھا ۽ ٻيڙا اوھان ڪٿان ۽ ڪئين ھٿ ڪيا جن سان اوھان سئنام ملڪ مٿا ڪاھ ڪئي؟... ."
سنڌوءَ جي راڄ رکوال جي انھيءَ ڳالھه تي آريا لوڪن جو مھامنتري ترشتول جواب ڏيڻ لاءِ اٿي بيٺو ھو.
" اُھي ھوڙھا ۽ ٻيڙا اسان ٽامي نگر جي راجا ديوداسا کي سوين ڀلا سيگھڙو ڏئي ٽامي جي پرڏيھي پڻين ۽ وڻجارن کان ھٿ ڪيا ويا ھئا. ھاڻ اُھي ھوڙھا ۽ ھٿيار اسانجو مال ۽ مڏي آھن."
آريا مھامنتري جي ڳالھه تي ٽامي نگر جي راجا ديوداسا کان ڇرڪ نڪري ويو ھو. ھن راڄ سڀا ۾ وڏي رڙ ڪئي ھئي ؛
" آريا ڪوڙا ۽ ڪُسيا کيا آھن. آريا لوڪن جي ڪنھن به ڳالھه تي ويساھ نه ڪيو وڃي."
سڀ راجا راڻيون وڏي اچرج ۾ اچي ويا ھئا.
" ٽامي نگر جي راجا ديوداسا کي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته ھو ماٺڙي ڪري پنھنجي جاءِ تي ويھي رھي " سنڌوءَ جي مھاراجا شينھن جيان گجگوڙ ڪئي ھئي. سڄي راڄ – سڀا ۾ کن لاءِ وڏي چپ لڳي وئي ھئي. ٽامي نگر جو راجا ڏاڍو ٿٿان وِٿان ٿي پنھنجي جڳھه تي ويھي ويو ھو. ۽ سنڌوءَ جو راڄ رکوال آريا اڳواڻن کان وري آڏي پڇان ڪرڻ لڳو ھو ؛
" آريا؟... ڇا اوھان اھي ھوڙھا ۽ ھٿيار خاص سئنام دويپ مٿان ڪاھ ڪرڻ لاءِ ورتا ھئا؟.... "
" ھا، اسان اھي سئنام ديپ مٿان ڪاھ ڪرڻ لاءِ ورتا ھئا. انڪري ته آريا ديس ۾ رڳو برف ئي برف آھي. جتي سج رڳو ھڪ ڀيرو ڏسڻ ۾ ايندو آھي. جتي رات اڌ ورھيه جيڏي ڊگھي ھوندي آھي. ديوس پتر ھن پرٿويءَ کي نون ورشن ۾ ورھايو آھي ۽ نون ئي ورشن مٿان آريا لوڪ راڄ ڪندا. اسين آريا جتي به سھڻا پٽ ۽ سرڳ سمان ماٿريون ڏسنداسين. انھن مٿان ڪاھون ڪنداسين. اھو اسانجو ڌرم ۽ جياپو آھي. جنھن ۾ ڪوبه رنڊڪ نٿو وجھي سگھي."
آريا مھامنتريءَ اھا ڳالھه بنا ھٻڪ جي ڏاڍي سورھيائيءَ سان چئي ڏاڍي ادب سان پنھنجي جڳھه تي ويھي ويو ھو.
" ٽامي نگر جو راجا ڊوھي ۽ ڏوھي آھي." راڄ سڀا ۾ سنڌوءَ جي مھاراڻي ڏاڍي ڇوھ مان اٿي بيٺي ھئي.
" ٽامي نگر جي راجا ديوداسا کي گرفتار ڪيو وڃي "
سنڌوءَ جو مھاراجا به شينھن جيان گجگوڙ ڪندي پنھنجي تخت تان اٿي کڙو ٿيو ھو. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ جي اٿڻ سان سڄي راڄ سڀا ۾ راجا ۽ راڻيون، پرڏيھي مھامنتري ۽ جڌ اڳواڻ پنھنجي پنھنجي جڳھين تي اُڀئين پيرئين بيھي وڏا ڪورنش ڪرڻ لڳا ھئا. مھاراجا ۽ مھاراڻيءَ سوني ڦُل وارين چاکڙين سان راڄ سڀا جي ڏاڪڻين تان ھلندا پنھنجي راڄ رتول ڏانھن وڃڻ لڳا ھئا. چئني ڏِسائن کان راڄ سڀا جي پڄاڻي جا گھنڊ ڍانگ.... ڍانگ ڪري وڄڻ لڳاھئا.