ناول

موهن جو دڙو

ناول ”موهن جو دڙو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي تاريخي ناول نامياري ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو لکيل آهي. ياد رهي ته هي سندس ناول جو پهريون حصو آهي، ٻيو حصو هو لکي ڪونه سگهيو ۽ اسان کان موڪلائي ويو.
ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 8304
  • 2897
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي بابا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book موهن جو دڙو

3

ان رات راڄ – سڀا ۾ وڏي محفل متي، مھاراجا ۽ مھاراڻي ھٿن ۾ سونا بڻڇ کنيو، پنھنجيءَ اوچيءَ راڄ – گديءَ تي براجمان ھئا. سندن ھڪ پاسي کان اوچن آسڻن تي جُڳن جو جھونو پوڙھو مھاپوڄاري، ۽ آتم تارا ويٺل ھئا، ته ٻئي پاسي کان کڇمڻ ڄام سرواڻ ۽ مھاراجا جو ننڍو چئن ورھين جو پٽ، مھراڻ مينڌرو، ويٺل ھئا. سڀا جي ڊگھين ديوتائن جو رنگين مورتيون اُڪريل ديوارن جي ھڪ پاسي کان، ھڪ سِڌَ ۾، اونڌن گوڏن ڀر، سونمياڻيءَ جا لڇمڻ، مکي، ٻاوا، راڄاڻ، ودوان ۽ داڙا، ٻانھون ٻڌيو ويٺا ھئا ته ٻئي پاسي کان سونمياڻيءَ جي ڪٽڪ جا اڳواڻ، راڄ – رکوال، جُنگ جواڻ ۽ جوڌا پھلواڻ ويٺا ھئا. ساريءَ سڀا ۾ چئني پاسن کان ڏيئن، ميڻ بتين ۽ ديوان – اُماڙين جي روشني ھئي. چپ چاپ ھئي، بيچيني ۽ سوچ ھئي. مھاراجا سڄي سٿ تان نظرون ڦيرائيندي، مھاويد آتم تارا ڏانھن نھاريو، ۽ نھايت ئي گنڀيرتا سان چيائين ؛
" مھاويد آتم تارا، اسين ماڻھوءَ جي اندر جو ڳُجھه ڄاڻون ٿا. تنھنجو اڪيلي سر ھي پوھ جو سٽاڻو پنڌ، تنھنجي چھري تي ھي سوچ جون ريکائون، ڪنھن ڳجھاندر ڳالھه کان خالي ڪينھن. تو کي پڳھه تي ڏسي، اسان کي پتڻ به ته تون وڏو اھم ڪم کڻي آيو آھين."
مھاراجا جي ڳالھه تي سڄو سٿ آتم تارا ڏانھن نھارڻ لڳو. آتم تارا پنھنجو جھڪيل ڪنڌ مٿي ڪيو، ۽ مھاراجا آڏو گوڏن ڀر ويھي، ھٿ ٻڌي، پنھنجو سر نوايو ۽ چيائين، " مھاراج، اوھان ۾ ديوتائن جي شڪتي آھي، اوھين سمنڊ جي پاتال جو ڳجھه ڄاڻو ٿا. مان وڏي مام پروڙي آيو آھيان. "
" اسان کي ٻڌاءِ، مھاتما، تنھنجي ھر ڳالھه غور سان ٻڌي ويندي."
مھاراجا جي ڳالھه تي سڄي سڀا بيچينيءَ سان آتم تارا ڏانھن نھارڻ لڳي. آتم تارا مھاراجا آڏو پنھنجو منھن مٿي ڪيو، ۽ وڏي واڪ چيائين، " مھاراج، آريا اسان جا ويري آھن. اسان ھنن سان دوستيءَ جو ھٿ وڌايون يا سڱابنديون ڪريون، آريا اسان جا ڪڏھن به ڪين ٿيندا. آريا ڏينڀن جو مانارو آھي. انھن مان مٺي ماکي ڪڏھن به نه جڙندي. ڪاريھر جي ٻچي کي ڪيترو به امرت پياريو وڃي، پر ھن جي واڇن جو زھر ڪڏھن به ختم نه ٿيندو."
" مھاويد، تون ڇا ٿو چوڻ چاھين؟" مھاراجا بيچين ٿيندي چيو.
" مھاراج، ٽامي جو راجا ديوداسا، آرين جو سڀ کان وڏو حامي آھي. ھن آرين کي پروشنيءَ ۽ وستنا تي پڙاءَ وجھڻ جي موڪل ڏني آھي، ان لاءِ ته ھن جي ماءُ آرياڻي آھي ۽ اندرا ۽ اگني ديويءَ جي پوڄارڻ آھي. "
آتم تارا جي ڳالھه تي سڄي سٿ ۾ بيچيني ڊوڙي وئي. مھاراجا جي منھن تي به گھُنڊ پئجي ويو، ۽ نھايت ئي ڳري آواز سان چيائين، " مھاويد. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ؛ سونمياڻيءَ جي مھاراجا جي موڪل کان سواءِ ڪو به دراوڙ راجا اھڙو اڳرو پير نٿو کڻي سگھي !"
" مھاراج، مان چڱيءَ ڀيت ڳجھه پروڙي آيو آھيان. ٽامي جو راجا چئن جڌ اڳواڻن کي، جي آرين جا حامي نه ھئا، مارائي چڪو آھي. ٽامي جي ڪيترن جڌ اڳواڻن، ودوانن ۽ رکوالن کي بند جي اونداھين ڪوٺڙين ۾ پوريو ويو آھي ! "
" ايءُ ڇا ٿو چوين، مھاويد؟" مھاراجا ڪاوڙ مان وڏي رڙ ڪندي چيو،
" مھاراج، آريا سنڌو ساڻيھه تي ڌاڪو ڄمائڻ جا سپنا ڏسي رھيا آھن. ھو وري مھاڀاري جنگ لاءِ ڪَر کڻي رھيا آھن، ۽ ٽامي جي راجا کي ڀلا گھوڙا آڇيو، سوم رس جا پيالا پياريو، پٽيون پڙھائي، پروشنيءَ ۽ وسنتا جي ڪنڌين تي مڪڙن جيان پڙاءَ وجھي رھيا آھن. مھاراج، اڄ آريا پروشنيءَ تائين پھچي ويا آھن ته سڀاڻي سنڌو ساڻيھه تائين به پھچي ويندا! " ان ويل لڇمڻ ڄام سرواڻ پنھنجي آسڻ تان ڀڙڪو کائي اٿيو، ۽ شينھن وانگي گجگوڙ ڪندي چيائين،
" مھاراج، مان مھاويد آتم تارا جو حامي آھيان. اسين آرين کي ابن ڏاڏن کان سڃاڻون ٿا. اسين آرين تي ڪھڪاءُ کائي کين ڄام دواپي، وروونا ۽ ڪڀا وارا پَٽ ڏيئي چڪا آھيون – ان لاءِ ته آريا سان وڏا وڙ ڪيا. ان جي اجوري ۾ آرين دراوڙن جي وستين سان جي ھاڃا ڪيا، سي وسارڻ جوڳا نه آھن. آريا اگنيءَ جا پوڄاري آھن، جا ننگرين کي ناس ڪندڙ آھي. اوھين ھنن جي اندر ۾ لوڀ، اھنڪار، ڪروڌ ۽ انياءَ جي باھ کي ڪڏھن به نه وسائي سگھندا. ھو سڄڻ جي سڄي ٻانھن کائڻ وارا آھن. بگھڙ جي ٻچي ۾ ڪڏھن به ڇيلڙي وارو گُڻ پيدا نه ٿيندو. ھو بيوڙا ۽ بيپاڙا آھن، ۽ اڻسڌريل آھن. ھو اسان جا ڪڏھن به ڪو نه ٿيندا. آريا جي ائين ئي وک وڌائندا رھيا ته پوءِ سمجھو ته سنڌو سڀيتا جي پڄاڻيءَ جو سنک وڳو آھي !"
لڇمڻ ڄام سرواڻ جي ڳالھه تي ساريءَ سڀا ۾ سنسو ڦھلجي ويو، ھر ھڪ مُک تي ڳوڙھيءَ سوچ جون ريکائون ڊوڙي ويون. جھوني مھاپوڄاريءَ جي اکين جا ڌوڌا به ڪنھن ڳوڙھي ويچار کان گھُنججي ويا. ھر ڪنھن جي ھر دي ۾ بيچينيءَ جي لھر ڊوڙي وئي ھئي.
" مھاراج، اسان کي آرين جو زور ڀڃڻو پوندو، انھي ۾ ئي اسان جي ڀلائي آھي." ھڪ مکيءَ سٽ سان اُٿي، گوڏن ڀر بيھي چيو، ۽ پنھنجي آسڻ تي ئي بيٺو رھيو.
"ٽامي جي راجا کي ڪو به حق نٿو پڄي ته ھو ائين دراوڙن جي وسندين جا آرين سان سودا ڪري. ھن سونمياڻيءَ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي." ھڪ جڻنگ اڳواڻ پنھنجي آسڻ تان گوڏن ڀر اٿي بيٺو.
" آريا اسان جي سندر سڀيتا کي ناس ڪرڻ ٿا چاھين. اسان جو جياپو انھيءَ ۾ ئي آھي ته آرين سان ڀاري جنگ ڪري، کين پنھنجي ملڪ مان تڙي ڪڍون." ھڪ نوجوان لڇمڻ پنھنجي آسڻ تي گوڏن ڀر پيٽ تي ھٿ ڏيئي اٿي بيٺو
" پروشنيءَ تي پڙاءَ آرين جي وڏي ۾ وڏي سوڀ آھي." پري ڪنڊ مان ڪٿان آواز آيو
" آرين سدائين اسان جي وسندين تي ڇتن نھارن جيان اوناڙيون ڏئي حملا ڪيا آھن. آرين کي جڏھن به وجھه مليو ته ھو وڏو ممڻ مچائيندا."
" اسين مھاويد آتم تارا ۽ لڇمڻ ڄام سرواڻ جا ساکي آھيون."
رکي رکي ھڪٻئي جي پٺيان راڄ سڀا ۾ آواز ايندا رھيا. مھاراجا ھر ھڪ کي غور سان ڏسندو رھيو ۽ ٻڌندو رھيو. سندس ڳوڙھيءَ سوچ ۾ ٻڏل نظرون راڄ – سڀا ۾ بيٺل ھڪ ھڪ رتن تان ٿينديون، مھاپوڄاريءَ چپ ھو. سندس چھرو سنسان ۽ بت ڄڻ پٿر جي اھوڙيل مورتيءَ جيان پنڊ پھڻ ٿي ويو ھو. مھاراڻيءَ جو لال گلابي چھرو به ڪنھن انڀوي ڏھڪاءَ کان ڪومائجي ويو ھو. سڄيءَ سڀا ۾ ڄڻ موت جي ماٺ ڇانئجي وئي ھئي.
" مھاپوڄاري، اوھين چپ ڇو آھيو؟ اوھين به ڪي ڳالھايو؟ مھاراجا جي ڳالھه تي سارو سٿ مھاپوڄاريءَ ڏانھن نھارڻ لڳو.
پنڊ پھڻ جيان ويٺل جھوني مھاپوڄاريءَ ھڪ اونھو ساھ کنيو. سندس سنسارن کوٻن ۾ گھڙيل اکين ۾ ڄڻ ساھ پئجي رھيو ھو. کن لاءِ سندس دُکي چھري تي ڪا ڏکوئيندڙ، ڪسياري مرڪ، رانڀاٽ ڪندي آئي، ۽ چھري جي اٿاھ گھنجن ۾ ٻڌي وئي، ۽ ھو ڪمزوريءَ کان ڏڪندو پنھنجي آسڻ تان اٿيو، ۽ نھايت ئي گھگھي گڙگڙائيندڙ آواز سان چيائين ؛ " آءُ ڇا ڳالھايان، مھاراج ۽ ديوتائون پنھنجي ٻاجھه ڪن. باھ ۽ پاڻيءَ جو سنگم ڪڏھن به نه ٿيڻو آھي." مھاپوڄاري ڪنڌ جھڪائي چپ ٿي ويو.
مھاراجا مھاپوڄاريءَ ڏانھن نھاريندي ھڪ وڏو اونھو ساھ کنيو، ۽ پنھنجي اوچيءَ راڄ – گديءَ تان اُٿي بيٺو ۽ ساري سڀا ڏانھن نھاريندي، نھايت ئي گنڀير، گجندڙ، دکي ۽ سانيتڪي آواز سان چيائين، " اسين آرين سان پڄڻ وارا آھيون ! آرين سان اسان جي جنگ آدجڳاد کان جاري آھي. اسان کي ڏک رڳو ان ڳالھه جو آھي ته ٽامي جي راجا اھڙو اڍنگو پير ڇو کنيو، ان لاءِ ٽامي جي راجا کي سونمياڻيءَ جي راڄ – سڀا ۾ پيش ٿيڻو پوندو. اسين آرين لاءِ سوچينداسين. اسين ھن ڌرتيءَ تي جنگ نٿا چاھيون، اھنسا اسان جو ڌرم آھي، پر جي اسان کي پنھنجي جياپي لاءِ آرين سان ڪا ڀاري جنگ به ڪرڻي پئي ته اسين جنگ به ڪنداسين. اسين پنھنجي ديس جي بچاءَ لاءِ، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ سوچينداسين. سڀاڻي رات اسين سونمياڻيءَ جي وڏي مندر ۾ سڀني ديوين ۽ ديوتائن آڏو پنھنجيءَ پياريءَ پرجا کي سنديش ڏينداسين." ائين چئي، مھاراجا پنھنجي اوچيءَ راڄ گديءَ تان ھيٺ لٿو. مھاراڻي به سندس پٺيان ھلڻ لڳي. ٻئي پنھنجا وڏا سونھري وڳا جھوليندا، راڄ سڀا جي انڊلٺ جيان رنگين پڙچ تان ھلندا، راڄ – سڀا مان وڃڻ لڳا. ساري سڀا سندن آگيا ۾ پنھنجي آسڻن تي سر نوڙائي، سجدي ۾ پئجي وئي، ۽ سڀا جي پڄاڻيءَ جا سنگ زور زور سان وڄڻ لڳا.
***

______
پروشني : راوي، وسنتا : جھلم