عورتن جي آزاديءَ جو مفهوم ڇا آهي؟
آزاديءَ جو مطلب ڇا آهي؟
آزادي هڪ طاقت آهي، هڪ حق آهي، مرضيءَ ۽ آزاديءَ سان زندگي گذارڻ جو هڪ عمل آهي ، پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو. سنڌ ۾ عورتن جي آزاديءَ، سندن گڏيل شعور جو هڪ دٻيل احساس آهي. جيڪو ڄڻ ته لاحاصل جدوجهد، اڌمن ۽ سورن جي ور چڙهيل آهي. عورتن لاءِ آزادي رڳو خيال ۽ خواب آهي. علمي معنيٰ ۾ آزاديءَ جا ڪيئي اهڃاڻ ۽ مفهوم آهن. سنڌ جي عورتن جي نسبت سان آزاديءَ کي سمجهڻ لاءِ سندن معاشي، سماجي، سياسي حالتن جي جوڙجڪ، بيهڪ، ۽ مادي حالتن جو جائزو وٺڻو پوندو.
تاريخي پسمنظر:
سنڌ جون عورتون صدين کان هڪ دقيانوسي، بدبودار، غلام، مرداڻي سماجي حالتن جو شڪار آهن،جنهن ۾ سندن سماجي حيثيت انساني درجي کان ڪريل، ٻي درجي واري ۽ غلام معاشرن ۾ غلام مردن جي مقابلي ۾ صنفي، طبقاتي، سماجي، مذهبي ۽ ريتن رسمن ۾ جڪڙيل، محڪوم، مظلوم، غلام ۽ قيدي واري حيثيت آهي. غلام مردن جي مقابلي ۾ سندس غلاميءَ واري حيثيت مردن جي مقابلي ۾ ٻيڻي ۽ ٽيڻي آهي. اهڙين حالتن ۾ عورتن لاءِ “آزادي” ڇا معنيٰ رکندي هوندي؟ آزاديءَ مان ڇا مراد آهي؟ ڇا “آزادي” گهربي آ، وٺبي آ، ڇنبي آهي؟ يا سياسي معنيٰ ۾ جدوجهد ڪري حاصل ڪري وٺٻي آ، ڇا رياست کان آزاديءَ جو مطالبو ڪبو آهي؟ انسان هئڻ جي نالي آزاديءَ جو مطلب هرگز اهو نه آهي، ته رياست ۽ جاگرافيءَ جي آزادي ڪا آزادي آهي. پر جيئن ته انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ قيد ۽ غلام بنائي نه رکجي. عورتن جي آزاديءَ جي معنيٰ به، نسلي، رياستي، جاگرافيائي سرحدن جي آزادي نه، پر مرداڻي، صنفي ۽ طبقاتي ۽ قومي ۽ معاشي غلاميءَ مان آزادي آهي. عورتن لاءِ آزاديءَ جو مفهوم گهڻو اونچو ۽ مٿانهون ۽ مٿين مفهومن سان منسوب ۽ گڏيل آهي. حقيقي معنيٰ ۾ آزادي، قانوني پيچيدگين ۽ ڄارن کان بالاتر، صحيح معنائن ۾ جمهوري ۽ رياستي ۽ جاگرافيائي آزادين جي پسمنظر ۾ ئي سمجهي سگهجي ٿو. حقيقي معنائن ۾ عورتن جي آزادي ۽ جمهوري آزادين کي دراصل عورتن جي مادي حالتن جو جائزو وٺي پرکجي سگهجي ٿو. رياست ۽ آئين ۾ جمهوري آزادين جو مفهوم ڪهڙو به هجي، پر ڪارل مارڪس عورتن جي آزاديءَ متلعق پنهنجي ڪتاب “هولي فيملي” ۾ جيئن چيو آهي: “دراصل حقيقي آزادين جو عام معيار اهو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ عورتن جي آزاديءَ جي حالتن جي بنيادن تي پرکجي سگهجي.” تصور ڪريو ته ڪا رياست ۽ خطو ڪيئن آزاد چئي سگهجي ٿو، جنهن جي اڌ آبادي غلام هجي! اهو آزاد پاڪستان يا سنڌ يا دنيا جي ٻي ڪا “آزاد” رياست ڪيئن آزاد سڏبي، جنهن جي اڌ آبادي عورتون غلاميءَ جي زندگي گذارينديون هجن. سنڌ ۽ سنڌي عورتون ڪهڙي معنائن ۾ آزاد آهن؟ ڇا کين 1947ع کانپوءِ واري رياستي ۽ جاگرافيائي رياست جي وجود ۾ اچڻ ڪري کين آزاد سمجهجي؟ اهڙي قسم جي آزادين کي “آزاديون” ڪيئن چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اڌ آباديون غلام هجن؟ اسان جهڙن سماجن سوڌو سڄي دنيا جون عورتون ڏاڍ، جبر، استحصال جي مختلف شڪلين ۾ پيسجي رهيون آهن. سنڌ جون عورتون به ٻين غلام معاشرن وانگر دقيانوسي پوئتي پيل، مرداڻي، جاگيرداري، روايتي ۽ قبائلي سماجن ۾ رهن ٿيون. انهيءَ ڪري سندن جبر ۽ استحصال جي مختلف شڪلين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۽ خصوصيتون، پدراڻي، مرداڻي، جاگيرداري سماجي ڍانچي واري آهي، جنهن ۾ عورتن جي حيثيت، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ وارن سياسي سماجي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري زندگي گذارڻ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. گهريلو تشدد، ننڍي عمر جون شاديون، زبردستيون، ڪاروڪاري، بنا اجرت، پورهيو، بدلي جون شاديون اغوا، زوريءَ مذهب بدلائڻ، سنڱ چٽي وغيره وغيره. سندن صحت، تعليم، روزگار، وسيلن تي مالڪي ۽ پهچ ڄڻ اڻلڀ آهن. ٻين لفظن ۾ سندس سماجي حيثيت انسان کان گهٽ ۽ جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. عام طرح عورتن جي معاملن ۽ مسئلن کي نجي، ذاتي ۽ گهريلو مسئلو سمجهي ٽاريو ويندو آهي. اهي مسئلا سماجن سان جڙيل، ڳنڍيل مسئلا آهن جن کي رياست، مرد يا سياسي دانشور ۽ ڪارڪن بحث ۾ آڻڻ بجاءِ، ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن. عورتن تي تشدد، ڏاڍ ۽ ظلم ۽ استحصال کي نجي سمجهي، شعوري ۽ لاشعوري سطح تي معاشرن ،ڪيترن ئي بي گناهه عورتن جي زندگيءَ کي اجهايو آهي. اهو هڪ دم بند ٿيڻ گهرجي -اهي مسئلا ڪنهن به صورت ۾ نجي، ذاتي، شخصي يا گهريلو مسئلا نه آهن. عالمي انساني حقن جي اداري “هيومن رائٽس واچ” جي تازين رپورٽن مطابق، پاڪستان ۾ تقريباً 20 کان 30 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آهن ۽ تقريباً ساليانو پنج هزار عورتون گهريلو تشدد جي نتيجي ۾ ماريون وڃن ٿيون. گهڻي ڀاڱي سندن قتل ڪندڙ سندن مڙس، ڀائر يا والدين آهن. ٿامس رائٽرس فائونڊيشن جي هڪ سروي مطابق پاڪستان ڪانگو ۽ افغانستان کانپوءِ عورتن لاءِ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو خطرناڪ ملڪ آهي. کين گهڻي ڀاڱي مظلوم عورتن کي نه ڪا قانوني امداد آهي نه ئي قانون سندن تحفظ ڪري ٿو. گهريلو تشدد ۽ غيرت جا قتل ته ڄڻ جائز سمجهيا وڃن ٿا. ڪنهن پروفيسر چواڻي “پاڪستان ۾ عورتن تي تشدد هڪ وبائي بيماريءَ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.” اقوام متحده جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ اڌ شادي شده عورتن تي تشدد عام ۽ سندن نفسياتي تشدد 90 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۽ اقليتي عورتن جو اغوا، زبردستي مذهب مٽائڻ، مدرسن ۾ ٻارن سان زنا ۽ ننڍين ٻارڙين جو اغوا ۽ زنا ته جهڙوڪ عام رواجي واقعا ۽ جرم ٿي پيا آهن. گذريل چئن سالن ۾ 2000 کان وڌيڪ عورتون ڪاريون ڪري ماريون ويون، جنهن ۾ 92 سيڪڙو قتل سندن مڙس ڪن ٿا. غربت، بک ۽ بدحالي سنڌ ۾ ۽ خاص طرح ٿر ۾ گذريل ڪيترن سالن کان عورتون وڻن ۽ گهرن ۾ پاڻ ٽنگي ڦاهو کائڻ جا واقعا عام جام ٿي رهيا آهن. مرداڻي سماج ۾ عورتن جي حيثيت ۽ جوڙجڪ ۽ ڍانچا ٻن عنصرن تي ٻڌل آهن: (1) عورت مرد جي ملڪيت آهي. (2) عورت خاندان جي عزت آهي. انهن ٻنهي عنصرن جهڙوڪ عورتن خلاف ڏوهن جي پاڙ آهن. عورتن تي تشدد ڄڻ ته مرداڻي سماج لاءِ هڪ اوزار ۽ لائسنس آهي. جنهن جا خطرناڪ نفسياتي ۽ خراب اثر پون ٿا. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ جي وسيع اڪثريت پنهنجي خلاف ٿيندڙ، قومي، طبقاتي تفريق ۽ ٻه اکيائي خلاف سياسي آواز بلند ڪندي رهي آهي. اهو ان حقيقت کي مڃڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي، ته سنڌ ۾ وسيع سياسي سوچ رکندڙ ۽ مرداڻي سماج ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل شهري سوچ رکندڙ، سياسي دانشور، ۽ ڪارڪنن جڏهن پنهنجن گهريلو زندگين ۾ اچن ٿا ته سندن رويا، طاقت جو استعمال ۽ اختياري رويا بدلجي، ڦري پنهنجي عورتن ۽ ٻارن ڏانهن ڪريون ڇڏين ٿا. عورتن خلاف تشدد ڄڻ ته “عالمي مسئلو” هجي، جيڪو ڄڻ ته حل طلب ئي نه آهي؟ ان کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.
عورتن جو مسئلو:
”عورت مسئلو” دراصل “عورت مسئلو” نه آهي، تنهن ڪري ان کي هروڀرو هوائي سمجهجي، نجي يا گهريلو، يا عورت مسئلو سمجهي آرام سان ڪن لاٽار ڪجي يا کيس رد ڪري ڇڏجي. رڳو ان ڪري ته “عورتاڻو” مسئلو آهي. عورتن جو دراصل مسئلو سندس انساني، ۽ صنفي/ صنفي برابريءَ جو آهي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ جمهوري آزادين سان گڏ معاشرتي، معاشي ۽ هر سطح تي سماجي آزادي سان سلهاڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. صنفي برابري يا صنفي برابري هڪ حد تائين معيار آهي. جنهن جي بنياد تي سماجي اخلاقيات تي، عورتن مان سلوڪ ۽ صنفي برابريءَ ۽ عزت ۽ سماجي رتبي ۽ معيار جو تعين ڪرڻ شروع ڪجي. پنهنجا معاشرا دنيا جي معاشرن جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهن؟ علمي طرح، سرمائيداري، جاگيرداري ۽ رياستي انتظام، قانون، ڍانچا پنهنجي جوڙجڪ ۽ عمل ۾ مرداڻا ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ جڙيل آهن. تنهن ڪري عورتن سان لاڳاپيل آزاديءَ وارو سوال به انهن ڌارائن کان ڪٽيل، جدا ڪيل ڪونهي. پوئتي پيل، مدي خارج، دقيانوسي، غلام، سماجي ۽ رياستي ڏاڍ، صنفي اڻبرابرين مان نجات جو سوال به پنهنجي جوهر ۾ الڳ ۽ ڌار نه آهي. اهو سوال هڪ ئي وقت انقلابي هلچل سان جڙيل، سلهاڙيل آهي. انهيءَ ڪري پنهنجن معاشرن کي بدلائڻ لاءِ عورتن جي آزاديءَ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻي پوندي. وقت جا چالو سماجي فڪر تبديل ڪرڻا پوندا. ذهني ۽ سماجي غلاميءَ کي جاچڻو پوندو ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. عورتن جي آزادي محض ذاتي، گهريلو ۽ نجي سمجهي ٽارڻ نه گهرجي، بلڪه ان کي خالص انساني مسئلو سمجهي ، قومي، طبقاتي ۽ جمهوري آزادين سان ڳنڍڻ کپي. سنڌ جي عورتن جو پاڪستان کان اڳ ۽ تاريخ ۾ ۽ ويجهي جمهوري جدوجهدن جي تاريخ ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. تنهنڪري کين قومي، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهدن کان ڌار نه سمجهيو وڃي، کين صنفي، صنفي برابري، قومي ۽ طبقاتي، حقن واري جدوجهدن کان پاسيرو رکي، رياستي نقطه نظر وانگر کين ٻي درجي واري حيثيت ڏيئي، نازڪ صنف ڄاڻائي؛ مظلوم ۽ محڪوم سمجهي، پوئتي پيل سمجهي گهر اندر قيد ڪري، مرداڻي فسطائي، شاونسٽ سوچ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. کين سياسي پارٽين اندر جاگيرداڻي، آمراڻي سوچ جي ڌارا ۾ کين محدود ۽ محروم نه رکجي. اهو غلط دليل آهي ته کين سياسي ۽ آزادين جي ڪا ڄاڻ نه آهي. دراصل کين اوائلي، قومي ۽ جاگيرداري خوف هيٺ محدود ڪيو ويو آهي. سندن سياسي آواز کي دٻايو ويو آهي يا اسرڻ نه ڏنو ويو آهي. هينئر سڄي دنيا ۾ عورتن جو آواز بلند ٿي چڪو آهي، جيڪو رياست، قانون ۽ مرداڻي سماج کي اثرائتو چيلنج ڏيڻ شروع ڪيو آهي. “پوليس، رياست، ناانصافي ئي سندن تشدد، زنا، جبر ۽ استحصال جو ذريعو آهن.” سنڌ ۽ سنڌي سماج ۽ عوام پاڻ کي ته دنيا جي وهڪري سان ملائي، ائين نه ٿئي ته وقت جي وهڪري جي ابتڙ پوئتي رهجي وڃجي. دنيا جي ڪائي طاقت جديد دؤرن ۾ عورتن کي وڌيڪ غلام بڻائي نه ٿي سگهي. سنڌ جي سياسي پارٽين کي وقت جي رفتار ۽ ڪيفيت کي سمجهڻو پوندو. اهو سمجهڻ به خام خيالي ٿيندي ته مذهب ۽ معاشري يا سماج، عورتن کي وڏا حق ڏئي ڇڏيا آهن. ڪي ماڻھو سمجهن ٿا ته قانون ۾ عورتن جي حقن هجڻ سان سمورا مسئلا حل ٿي ويا آھن، جنهن جي نتيجي ۾ عورتون وڏيون آزاد، طاقتور ۽ مضبوط آهن. اهڙيون هوائي ڳالهيون ڪري سندن حقيقي معنيٰ ۾ سندن آواز ۽ جاکوڙ کي دٻائي نه ٿو سگهجي. سڄي دنيا ۾ عورتن جي آزاديءَ واري لهر ڇانيل آهي. سندن آزاديءَ جون خوشگوار هوائون گهلن پيون، سندن آواز تي بند ٻڌجي نٿا سگهجن. معاشرن / سماجن کي تبديل ٿيڻو آهي، تبديلي اڻٽر ۽ حقيقت آهي. سنڌي عورتن سان تاريخ جي ٻه اکيائي، ۽ جبر ۽ استحصال جيڪڏهن پرکجي ته لطيف چواڻي: حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري، لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري، وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪينڪي. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عورتن سان ظلم، جبر ۽ استحصال جي انگن اکرن تي نظر ڊوڙائبي ته حقيقت جي خبر پئي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن چند مٿين ڪلاس جون عورتون ڪنهن وڏي سياسي عهدي تي پهتيون به آهن يا ڪي وزير يا مشير ٿي ويون آهن ته به ڪنهن نه ڪنهن شخصي لياقت، پارٽي وفاداري ۽ ڪن حالتن ۾ مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ پهتيون آهن. معاشرن کين وڌڻ ويجهڻ جون ممڪن حالتون پيدا ڪري نه ڏنيون هنيون ۽ نه ٿيون آهن. انهيءَ ڪري عورتن جي آزاديءَ جي جدوجهد سياسي عمل ۾ شموليت سان ڳنڍيل آهي يا انقلابي سياست سان جڙيل آهي. انقلابي سياست عورتن جي ضرورت نه آهي پر اڻٽر گهرج آهي. عورتن تاريخ ۾ پنهنجين آزادين لاءِ اڻٽر جدوجهد ڪئي آهي. اهي چاهي سياسي يا سماجي اڀار هجي پنهنجي وِتُ آهر ۽ طاقت آهر پنهنجي آواز کي بلند ڪيو آهي. ان ۾ شامل ٿيون آهن. جدوجهدن کانپوءِ به عام، سياسي ۽ رواجي زندگيون گذاريون آهن. جمهوري جدوجهدن ۾ نه رڳو جيلن ۾ پنهنجن پيارن جي غير موجودگين ۾ زندگين جا عذاب برداشت ڪيا، پر ساڳي وقت سماجي ذميوارين، سياسي هلچلن يا پورهيو ڪرڻ سان گڏ آزادي ۽ نجات لاءِ پاڻ پتوڙينديون رهيون آهن. غير معمولي حالتن جي نارمل ٿيڻ کان پو به سندن صنفي ۽ طبقاتي رول ۽ ڪردار ۾ ڪو فرق نه پيو آهي. عورتن اهڙين نالي ماتر ڪوڙين جمهوري آزادين جون ڪافي ڳريون قيمتون ادا ڪيون آهن. کين خبر آهي ته 1947ع کان وٺي “اسان جو ملڪ آزاد ٿيو آهي.”، “آزادي نصيب ٿي آهي”، “اسين سڀ آزاد آهيون”، پر وقت ۽ حالتن ثابت ڪيو آهي ته اها آزادي نالي ۾ هڪ “خام خيالي” هئي. عورتون اڄ به مختلف شڪلين ۾ غلام آهن. دنيا جي چند ملڪن کي ڇڏي، چاهي آمريڪا، الجيريا، انڊيا، پاڪستان کان وٺي ويٽنام، ڪوريا، چيني ۽ روسي عورتن کي ڏسي آزاديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ “عرب انقلاب” جي نتيجي ۾ دنيا ٽي- وي اسڪرين تي ڏٺو، ته ڪيئن نه تيونس، لبنان، ايران، مصر، عراق جي بهادر عورتن پٿر هٿن ۾ کڻي، وقت جي آمرن ۽ فرعونن کي للڪاريو. بادشاهن سان مهاڏو اٽڪايو، سندن دلير جدوجهد توڻي جو بهتر سماج اڏڻ جي ڪوشش آهي. پر سندن شخصي ۽ نجي زندگين جي حالتن ۾ وڏي ڪا خاصيتن ۾ تبديلي آئي هجي؟ اهم ڳالهه هيءَ آهي، ته عام رواجي اُڀار ۽ حڪمرانن سان ٽڪر، ان اميدن ۽ عزمن سان ڪجي ٿو ته جيئن کين صنفي، طبقاتي، مذهبي ۽ سياسي غلامين مان نجات حاصل ٿئي. عرب دنيا جي تحريڪن ۾ ڏٺو ويو ته انهن تحريڪن ۾ وسيع شموليت عورتن، مظلوم طبقن، پورهيتن ۽ اقليت جي گروهن جون هنيون. پر سندن جدوجهدن جو نتيجو ۽ ثمر مٿين طبقن، کاٽائو ۽ حڪمران طبقن جي حوالي ٿي ويو. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهدن جو گهڻي ڀاڱي فائدو ان ۾ شامل مظلوم طبقن، پورهيتن ۽ عورتن کي ملڻ بجاءِ ملڪ جي غدار ۽ مٿين طبقن اقتدار تي قبضو ڪيو آهي. انهن جاوا ڪيا آهن، ايستائين جو جمهوريت جي شهيدن، قيد ڪاٽيندڙن ۽ ڪوڙا کائيندڙن عورتن ۽ مردن ڏانهن لوڻو هڻي به نه نهاريو آهي. سياسي ۽ سماجي يا عورت تنظيمون جيڪڏهن اهڙي قسم جي موقع پرستي ۽ درجه بندي يا ٻه اکيائيءَ تي نظر نه رکنديون ته نوان آيل حڪمران ۽ حڪومتون، نوان غدار موقع پرست طبقا پيدا ڪري، وري استحصالي طبقن ۽ گروهن خلاف نيون سازشون ڪري، نون طريقن سان سندن خلاف جرم ڪندا رهندا. تنهن ڪري اهو ضروري آهي، ته عورتن جي سياسي سگهه کي آزداڻي انداز ۾ منظم ڪري، پنهنجي نجات ۽ آزادين لاءِ خودمختيار ٿي پاڻ پتوڙين.
سنڌي عورتن جي سماجي صورتحال:
سنڌ ۽ پاڪستان جي حڪمراني، دقيانوسي، پوئتي پيل عورت دشمن، فسطائي، قبائلي، تنگ نظر، وڏيرن، ڪرپٽ عملدارن، آمريتي لاڙن رکندڙن جي هٿ وس / هيٺ آهي. اهڙن سماجن ۾ اختلاف راءِ رکڻ وارن کي خاموش ڪرڻ، داٻا ڏيڻ، قتل ڪرائڻ، صحافين کي خريد ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀجڻ ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ کي عيب به نه ٿو سمجهيو وڃي. سنڌ ۾ ڪمزور، يا پاڙيتو Lumping پورهيت ۽ واٺن ۽ لاٺڙين ۽ چاپلوسين ۽ ڀوتارن جي اوطاقن سان ڀريل هئڻ سان گڏ هڪ ارڏي، سياسي ۽ باشعور سنڌي پورهيت ڪلاس سان گڏ سياسي سمجهه ڀريا به آهن. ان کي به سمجهڻو آھي. سنڌ ۾ حڪمرانن کان وٺي ۽ ٻين غدار طبقن تائين بنا ڪنهن فرق جي عورتن کي غلام بڻائڻ، ڏاڍ، جبر جي سوال تي سڄي سنڌ متفق آهي، ته عورتن کي گهر اندر ۽ گهر ٻاهر کين غلام بڻائي نه رکجي. سنڌ ۾ عورتن جي سماجي ۽ معاشي حالت، دنيا جي ٻين معاشرن جي مقابلي ۾ پوئتي پيل نفرت جي حد تائين صنفي، ذهني ۽ طبقاتي ڄڻ ته هڪ قسم جي ڪربلا هجي. سنڌ پنهنجي نيم جاگيرداري، نيم سرمائيداراڻي معيشت جي پسمنظر ۾ ۽ بين لاقوامي رياستن جي ڍانچن ۾ سرمائيداري معيشت سان سلهاڙيل آهي. ٻه قومي نظريي هيٺ ۽ اسلامي “فلاحي” قومي رياست بين الاقوامي سرمائيداريءَ نظام تي دارومدار رکندڙ ۽ سلهاڙيل معيشت آهي. اها ڪنهن به صورت ۾ انهي معاشي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ، عورتن ۽ مردن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ يا بدبودار سماجي، ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي. حڪومتون عالمي سرمائيدار نظام جو عضوو، تعبيدار ۽ ڳيجهو بڻيل آهن. اهڙي صورتحال ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته جبر ۽ استحصال جون شڪليون ۽ صورتون ڪهڙيون به هجن پر پاڻ ۾ هڪٻئي ۾ سمايل آهن. تنهن ڪري حڪمران، رياستون معاشرن ۾ عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڪيترو سنجيده هونديون؟ ڇا سنڌ ۽ پاڪستان جون رياستون عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهن ٿيون؟ ڇا اهي ڪجهه ڪرڻ به چاهين ٿيون؟ ڀلا اُهي عورتن کي آزاد ڇو ڪنديون؟ جيڪي سماج قائم ئي عورتن جي غلاميءَ تي آهن، انهن کي ڇو آزاد ڪندا؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه شهري علائقن ۾ پڙهيل لکيل عورتون ۽ نوڪري، شهري عورتن تي استحصال ۽ جبر جي نوعيت ٻي هجي، پر قبائلي، جاگيرداري ۽ وڏيرڪن نظام ۾ عورتون غلام آهن. غلام معاشرن ۾ عورتن جي حقن، آزادين ۽ قومي آزادين جي هلچل جي نوعيت ۽ سمجهه ڪهڙي هوندي. سنڌ ۽ پاڪستان جون عورتون جمهوري سياسي حقن سان گڏ، برابري، انصاف، عورت دشمن قانونن جو خاتمو، گهريلو تشدد، مارا ماري ۽ سمورين اڻبرابرين جو خاتمو چاهين ٿيون. عورتن تي تشدد هڪ “وبا” بڻجي ويو آهي، گذريل سال عورتن تي تشدد جا 3000 کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن. 600 کان وڌيڪ عورتن خودڪشي ڪئي آهي. ڪيترين عورتن سان ڏاڍائي ٿي آهي. حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ئي نه ٿي چري؟ ڪيترن تي ڪيس داخل ٿيا آهن؟ گهڻن کي سزا ملي آهي؟ ڪو چئلينج سامهون آيو هجي؟ گهڻا جن کي سزا ملي به هجي؟ ته سياستدانن وانگر جلد سزائن مان آزاد ٿي ويا هوندا. ڪٿي ڪٿي ته عورتن تي تشدد خلاف دانهيندڙن جي ڪردارڪشي ۽ کين ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ايستائين جو ملڪ جي ٻه دفعا وزيراعظم بينظير ڀٽو کي به پنهنجي قتل جو “ڏوهي” قرار ڏنو ويو ته کيس گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرڻ نه کپندو هو. سزائون به پنهنجي پسمنظر ۾ عورتن تي تشدد جي ازالي جي برابر نٿيون ڏنيون وڃن. سماج عورتن تي تشدد، استحصال ۽ جبر ۽ ڏاڍ جي خاتمي يا گهٽائڻ بدران، ڏينهون ڏينهن ان ۾ اضافو ٿيندو وڃي.
عورتن جي سياسي تنظيمن کي مضبوط ڪرڻ:
ڇا عورتن جون سگهاريون، سياسي، خودمختيار، آزاد ۽ اڻ ڌريون تنظيمون ٺهڻ گهرجن؟ اهو هڪ وڏو مسئلو آهي. گهڻي ڀاڱي عورت تنظيمن جي اڳواڻي ڄڻ ته سياسي معنائن ۾ آهي ئي نه. جتي جيڪڏهن عورتن جون تنظيمون، تحريڪون ڪم به ڪن ٿيون ته اهي جديد تنظيم سازي، اڳواڻي ۽ صلاحيتن کان عاري آهن. گهڻي ڀاڱي مقبول سياسي پارٽين اندر عورت تنظيمن، ونگس جا اڳواڻ آڱوٺي ڇاپ، قبائلي وڏيرا، مرداڻي ذهنيت ۽ ڪردار وارا هوندا. جن کي گهڻي ڀاڱي عورتن جي آزاديءَ واري جدوجهد جي يا ته ڄاڻ نه هوندي يا سندن رستا روڪ ڪندا. عورتن جي لاءِ خالص سياسي، آزاد تنظيمون ٺاهڻ گهرجن، جنهن ۾ کين نمائندگي هجي ۽ هو پاڻ ئي اصولي طرح پنهنجن مسئلن لاءِ پاڻ پتوڙين اهو هڪ اڀرندڙ سوال آھي. عورتن جي اڳواڻي، منزل جو تعين ڪرڻ، مٿان کان هيٺ تائين، مڪمل ضابطي هيٺ عورتن جي حقن ۽ آزادين لاءِ گهربل تنظيم سازي، ادارتي ڍانچا اڃان به اڻلڀ آهن، جنهن جي نه هئڻ ڪري، مرداڻي سماج جو غلبو آهي.اهي عورتن جي آزاديءَ واري هلچل ۾ اهم رڪاوٽ آهن. عورتن کي هيٺان کان مٿي، تنظيم سازي ڪري، کين گهربل ڪردار ڏنو وڃي ته جيئن هو وقت جي چالو عورت دشمن سماجن سان مهاڏو اٽڪائي سگهي. ڪجهه وقت کان جرڳا، ڪاروڪاري، ننڍين عمرين جي شادين تي قانون سازي ٿي آهي، ان تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اها اڃان ختم نه ٿي آهي. الٽو اقليت ۽ هندو نياڻين کي زوري اغوا ڪري، ورغلائي ۽ زبردستي مسلمان ڪرائڻ جي واقعن ۽ جرمن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو وڃي ٿو.
سياسي پارٽين جو رويو:
گهڻي ڀاڱي سياسي پارٽيون عورتن جي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري عورتن جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ آهن سياسي پارٽين کي شعوري طرح عورتن جي آزاديءَ تي واضح ۽ چٽو موقف رکڻو پوندو. نه ته عورتن خلاف ڏوهن ۾ گهٽتائي اڻ ٿيڻي آهي. اهو به هڪ وڌاءُ آهي ته عورتن تي تشدد، برابري يا نمائندگيءَ يا استحصال عورتن جي رياست سان وفاداري ڪا شڪي آهي. ڇا اهڙي مرداڻي، جاگيردار، استحصالي رياست جو وفادار به هئڻ گهرجي، جيڪا رياست سندن خلاف ڏوهن/جرمن ۾ ڌر هجي. عورتن کي پاڻ هڪ ڌر ٿي ڪري هڪ مڪمل، جامع ۽ وسيع سياسي پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. ننڍين ننڍين سماجي گروپن ۽ ٽولن، کي پروجيڪٽن کان ٻاهر نڪري، هڪ يا ٻن نقطن تي متفق ٿيڻ نه گهرجي. پنهنجون سموريون قوتون، سياسي طريقا، عمل ۽ وسيلا ان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن ته برابريءَ تي ٻڌل سماج اڏجي، جنهن ۾ اڻبرابري، جبر ۽ استحصال گهٽجي.تجربي ثابت ڪيو آهي ته جيستائين آزاد عورتن جي الڳ سياسي تنظيم يا سياسي پارٽين ۾ جهموري هڪجهڙائي ۽ آواز بلند نه ٿو ڪيو وڃي سندن دانهون ۽ ڪوڪون، جبر ۽ استحصال مرداڻي سماج ۾ موجود رهندو. سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻيون سياسي تنظيمون، عورت ڊيموڪريٽڪ فرنٽ ۾ خاص تعداد ۽ آواز مضبوط آهي. ان هوندي به سندن آزاداڻي انداز ۾ اظهار ۽ عمل جي طاقت ۽ تنظيمي ڍانچا ايترا مضبوط نه آهن جيترا هئڻ گهربا آهن. اسان کي جيلن ۾ ويل ڀينرن ۽ جدوجهد ڪندڙ عورتن جي لازوال ڪردار کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. جيڪي سياسي پارٽيون عورتن جي سياسي حقن ۽ شموليت جي حق ۾ آهن، اهي مرداڻي سماجي ثقافت کي ٻي طريقي سان مهاڏو اٽڪائين ٿيون .ڪجهه عورت تنظيمن وٽ عورتن جي آزاديءَ لاءِ کين واضح پروگرام الڳ طريقي سان آھي. اهوئي سبب آهي جو سنڌياڻي تحريڪ، جاگيردارن، وڏيرن ۽ ملڪيت يافته طبقن کي پنهنجن صفن ۾ شامل ڪري، پنهنجي جدوجهد تيز ڪرڻ نه ٿيون چاهين. سنڌياڻي تحريڪ کي اعزاز آھي ته سندس تحريڪ جي اڳواڻي به هيٺئين پورهيت طبقي وٽ آهي ۽ ان ۾ اڪثريت به ڳوٺن جي غريب ۽ پورهيت عورتن جي آهي. مطلب ته سنڌياڻي تحريڪ ڳوٺاڻين پورهيت عورتن تي ٻڌل آهي.
عورتن تي تشدد جو جلد خاتمو ۽ صنفي برابري:
توڙي جو عورتن تي تشدد هڪ حقيقت آهي ان جي هوندي به صنفي برابريءَ کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي. سماجي آزادي حقيقت ۾ عورتن جي آزادي آهي. تنهن ڪري ننڍڙين پارٽين ۽ تنظيمن ۾ جوان ۽ پوڙهين عورتن کي عام عوامي عورت آزاد تحريڪن جو حصو بڻائجي، کين گهربل سياسي تربيت ڏجي. عورتن جو پارليامينٽ يا وزير وغيره ٿيڻ پورهئي ۾ شموليت ڪنهن به صورت سندن آزاديءَ کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي. عورتن جي آزاديءَ کي قانوني، تنظيمي ۽ نظرياتي ڍانچي ۾ پوءِ ان جي اڳواڻي وارا ادارا ۽ ڍانچا ٺاهجن اهڙا سياسي ۽ انتظامي ڍانچا، جنهن ۾ عورتن جي حقن تي ڪا سوديبازي نه ڪري سگهجي. مرد جيڪي گهريلو تشدد، ٻي ٽي شادي ڪرڻ وارا ۽ ڪاروڪاري رسم، ننڍين عمرين جي شادين، جرڳائي ۽ قبائلي سردارن جي ڪڌي رسمن، سنڱ چٽين ۾ ملوث هجن، انهن کي تنظيم کان ٻاهر رکيو وڃي. مجموعي طرح 21هين صديءَ ۾ عورتن جي انقلاب لاءِ عملي رڪاوٽن کي هٽائڻ، حڪمران طبقن ۽ رياستن خلاف مسلسل جدوجهد ڪرڻ اڳي جي مقابلي ۾ هينئر وڌيڪ آسان آهي. جيڪي ڌريون اهو سمجهن ٿيون ته رياست جي سندن استحصال ۽ مسئلن جو حل رياست آهي ته انهن کي سمجهڻ گهرجي ته رياست پنهنجي جوهر ۾ بالادست ۽ استحصالي ادارو آهي، جيڪو عوام ۽ پورهيت طبقن جو ڀرجهلو نه ٿو ٿي سگهي. جيڪي سمجهن ٿا ته رڳو جمهوري عمل ۾ شموليت ۾ ئي نجات آهي، اقليت ۽ پوئتي پيل گروپن کي برابر جو حصو ۽ آواز ۽ حق ڏيندي ۽ صنفي برابري قائم ڪندي، ماحولياتي مسئلا حل ڪندي، عورتن لاءِ جمهوري شرڪت ۾ فيصلاسازيءَ ۾ برابر جي حصيداري ڏيندي، پورهيت عورتون پارليامينٽ ۾ پهچنديون. ۽ سمورن ڦرلٽ جي نظام جو خاتمو آڻينديون، سڀني طبقن کي آزاديءَ سان رهڻ ڏيندي. عورتن جي اهڙين “خام خيالن” کي حڪمرانن اڳ ۾ به پٽي پڙهائي به ڪچليو آهي . تنهنڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هڪ آزاد خومختيار وطن ۽ عوام لاءِ اهڙا ڍانچا ٺاهجن جنهن ۾ سماج جي اندر برابريءَ جي اصولن کي قائم ڪجي. تنهنڪري سنڌياڻين جي سياسي تحريڪ، ترقي پسند جمهويت پسند آزادي يا جديديت جي سوال تي ڪنهن به صورت ۾ عالمي سرمائيداري نظام، ڦرلٽ جي رياستي نظام، قومي نظرئي، مرادڻي پراڻي سماج جي نفي ٿو ڪري، تنهن ڪري جيڪي پارٽيون مٿين سرشتن کي چئلينج ڪن ٿيون، اهي رياست جي ردعمل جو شڪار آهن. ۽ مزاحمت ڪن ٿيون.
عالمي پدرشاهيءَ جو نظام:
عالمي پدرشاهي، جاگيرداري ذهنيت عورتن کي مقبول ثقافت، موسيقي ، گڏيل ۽ اجتمائي شاديون، بينظير ڪارڊ، مائڪرو ڪريڊٽ، غير سرڪاري تنظيمن جا پروجيڪٽ پڌرائي ۽ حڪمران رياستن جي مرداڻي ، پراڻي ذهنيت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جيڪي عورتن جي عظمت، سالميت، عزت نفس جي نفيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، اهائي عالمي حڪمران طبقن جي ذهنيت ۽ نظريو آهي. پنهنجي وسيع اڌ آباديءَ کي انساني حيثيت کان گهٽ سمجهڻ، انهن جو استحصال ڪرڻ ڄڻ ته اڄڪلهه جي نام نهاد تهذيب يافته ملڪ ۽ حڪمران، اهڙن ملڪن سان تعلقات قائم ڪندا جيڪي عورتن تي تشدد ۽ ڏوهن ۾ ملوث رهيا هجن. اهڙين ملڪن جي رياستن جا ڍانچا عالمي غالب سرشتن سان هم آهنگ آهن. سياسي پارٽيون جيڪي اهڙن سرشتن کي چيلينج ڪن ٿيون، اهي ڄڻ ته اڻلڀ آهن يا نه هئڻ جي برابر آھن بين الاقوامي حاڪم طبقن جي اهڙي روش انهن جي منهن کان اهڙو نقاب لاهي ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ پاڪستاني عورتن ان ڏس ۾ ڪافي ڀوڳيو آهي. سندن ذهن ۽ جسم اهڙي عذاب ۽ ٽارچر تشدد کان جهڙوڪ واقف آهن.
عورتن لاءِ صنفي آزاديءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟
سنڌ جي عورتن کي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ڪرڻو آهي ته عورتن جي سياسي “آزادي” تي ڪنهن به صورت ۾ ڪائي سوديبازي نه ڪرڻي پوندي. سنڌ تي وڏيرڪي حڪمراني، ميڊيائي قبضو، سماجي طرح عورتن کي ورهائي نٿو سگهجي. ڏاڍ خلاف جدوجهد نه ڪرڻ، تنقيد نه ڪرڻ، رڳو ان خوف کان ته جيڪو حاصل ڪيو آهي اهو وڃائجي ويندو. عورتن جو اڳ ۾ ئي وڏو نقصان ٿيل آهي ۽ غلام قومن ۽ طبقن ۽ خاص ڪري پورهيت عورتن کي وڃائڻ لاءِ بچيل ڇا آهي؟ عوام کي رياستي جبر ۽ ڏاڍ خلاف اٿي بيهڻ ۾ ڇا وڃائڻو پوندو؟ ڇا اهڙي جدوجهد جمهوري اصولن وٽان نه آهي؟ ڇا اسان تي اهو فرض نٿو ٿئي ته جن ماڻهن جمهوريتن ۽ آزادين لاءِ جان ڏني، ته جيئن آزاد معاشرا قائم ڪري سگهجن، انهن جي اهڙن اصولن تي سوديبازي ڪري وقت جي حڪمران ۽ حالتن کي جيئن جو تيئن قبول ڪري وٺجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مطلق سچ يا حقيقي معنائن ۾ عورتن جي آزادي واري سوال تي ڪوبه دليل قبول ڪجي؟ قومي نظريو، سرمائيدار رياست مرداڻو، پدراڻو سماج ان کي ٽيڪا ڏيندڙ ٿنڀا آهن. اهڙا معاشرا عورتن جي جسم ۽ ڪردار کي ڪنٽرول ڪري ئي پنهنجن معاشرن جي تعمير ڪئي آهي. اهڙن سماجن ۾ عورتن جي آزادي بنهه نه هئڻ برابر آهي. ان ڪري ضروري آهي ته موجوده رياستي ڍانچن اندر عورتن جي آزاديءَ کي نالي ماتر سمجهي ان جي جديديت کي قبولي، عورتن جي آزادين تان هٿ کڻي ڇڏجي؟ موجوده حڪمران ۽ سياسي پارٽيون اهڙين جديديتن جي نالي ۾ عورتن جي آزاديءَ جي غلط تشريح ڪن ٿيون. عورت تنظيمن کي ڪنهن به صورت ۾ رياستي بالادستي وارن ڍانچن اندر ڪنهن به صورت ۾ آزاديءَ جي تصور تي سودو نه ڪرڻ گهرجي. رياست خوبصورتيءَ ۽ جسم جي نمائش، بينظير ڪارڊ، ڪپڙن جي نمائش، ميڪ اپ، لپ اسٽڪس ۽ اسٽار پلس جي پروجيڪٽن ۽ ڊرامن کي ترقي ۽ جديديت سمجهي ٿي. رياست اهڙي غلاميءَ جي چڪر ۽ سرشتي ۾ عورت کي ڦاسائي ٿي . اهڙن سرشتن ۾ انسان ذات پهريان ئي غلام ٿي هئي. آزاديءَ جو مطلب ڇا اهو هئڻ گهرجي؟ يا سمجهڻ گهرجي؟ غير ضروري حد تائين غير اهم شين ۾ دلچسپي ۽ کپت ۽ اوائلي سماجن جي غيرت ۽ مرداڻي سماجن جي انڌي تقليد، جاگرافيائي، مذهبي بنيادن وارا ٻه نظريا حقيقي معنائن ۾ آزاديون آهن به يا نه؟ آزادياين- جي- اوز (NGOs) جي پروجيڪٽن “آزاد خيالي”، هوٽلن، پارٽين، ملٽي نيشنلز جون ٽرڪون هلائڻ، جسماني خوبصورتيون، اجرڪ ٽوپيون پائڻ سان نه آهي. آزاديون مسلسل ۽ اڻکٽ همه گير عمل آهن. آزادي هڪ جدوجهد آهي، هڪ برابري، انصاف ڀريو سماج ٺاهڻ جو نالو آهي. حقيقي آزادي شروع ئي اتان ٿئي ٿي، جتان آزادي حاصل ڪجي ٿي. عورتن جي آزاديءَ سان ماپجي ۽ تورجي ڪا به اهڙي رياست قائم ڪرڻ جي ڪهڙي اهميت هوندي، جنهن ۾ آئي ڏينهن ڪاروڪاري، زنا، تشدد ۽ طبقاتي غلامي هجي. استحصالي، نااهلي، جابر رياستي ڍانچي هوندي ڪهڙي آزادي هوندي؟ ان ۾ ڪو فرق نٿو پوي ته اسين خوشيءَ سان ٽوپيون اجرڪ پهري جهمريون هڻون ۽ وسيع اڪثريت ۽ عورتن لاءِ صنفي ڪربلا هجي يا طبقاتي ۽ مرداڻي غلام هجي. سنڌ سميت ڪي به معاشرا گهڻين حالتن ۾ برابر ۽ آزاد ٿي ئي نٿا سگهن، جيڪڏهن مرداڻي سنڌ، ظلم، استحصال ۽ جبر جو نمونو هوندي. اڌ آباديءَ کي غلام بڻائي رکڻ، ٻاهرين حملي آوارن کان به وڌيڪ شرمناڪ ۽ تشدد آميز آهي.تنهن ڪري سنڌي عورتن کي پنهنجي سماجي آزاديءَ لاءِ هر اول دستو ٿيڻو پوندو. حرڪت پيدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي بالادست طبقن ۽ استحصالي قوتن ۽ طبقن سان مهاڏو اٽڪائين ۽ ساڳي وقت پنهنجي عورتن سان ٻه اکيائي واري سلوڪ خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. تنهن ڪري ملڪ جي حڪمراني ۽ رياست هن سماج لاءِ ايتري خطرناڪ نه آهي، جيتري خطرناڪ بالادست ڍانچن ۾ سياسي طور سرگرم باشعور سنڌي عورت جي ٻڌي ۽ سياسي فڪر سان هٿياربند عورت آهي جيڪي سماج ۾ حقيقي آزادي آڻي سگهي ٿي.