ڪفگيري ڌڪ
مختيار گهر ۾ ويٺو پاڪيءَ کي صاف ڪري ۽ ڇيرا ڏئي رھيو ھيو. سندس زال ڏاڍي خوش ھئي تہ وڏيري جي پٽ جو طوھر آھي کين گنج ٿي پوندو. مختيار طوھر بہ ڪندو تہ ڀت بہ رڌيندو، ايئن کين ڳچ پئسا ملي ويندا. وري جو وڏيري جي پٽ مختيار کي چماٽ ھنئي پوءِ تہ واھ واھہ! مينھن پڪي! پوئين سال بہ استاد عنايت جي پٽ مختيار کي چماٽ ھنئي ھئي تہ استاد عنايت کيس مينھن ڪاھي ڏني ھئي. مختيار جي زال دل ئي دل ۾ گِد گِد ٿيندي سوچيو پئي،
” وڏيري جي پٽ چماٽ ھنئي تہ ٽي مينھون ٿي پونديون. پنھنجو گنج کير ٿي ويندو، لسي مکڻ بہ جام. ٻار ساوا ٿي پوندا.“
ھو انھن سوچن جي خمار ۾ ھئي تہ مختيار کيس سڏ ڪيو،
” ٻوڙِي! اُھو دٻو جنھن ۾ چانورن جي ماپ ڪندا آھيون ۽ ڪفگير، اھي ٻئي چڱي طرح صاف ڪري ڇڏجان.“
ھوءَ ٻوڙِي نہ ھئي پر مختيار کيس پيار مان ٻوڙِي سڏيندو ھيو، يا ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي وڏي پٽ جي نالي جي نسبت سان ”محب جي ماءُ“ ڪري سڏيندو ھيو.
” حاضر سائين“ ، چئي ھوءَ خوشيءَ مان ڪُڏندي ڪمري ڏي وئي جتي مختيار جي رڌ پچاءُ جو سامان پيو ھو.
مختيار ڳوٺ جو حجم ھيو. وڏن کان وٺي سندن اھا ڪرت ھئي؛ طوھر ڪرڻ ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ. ھي ان دؤر جي ڳالھہ آھي جڏھن اڃان ڊاڪٽرن کان طوھر ڪرائڻ ۽ شھرن مان وڏا بورچي گُهرائي ڪاڄ ڪرڻ جو رواج عام نہ ٿيو ھيو. ڀَت رڌڻ ۽ طوھر ڪرڻ حجم جو مخصوص ڪم سمجهيو ويندو ھيو.
ٻئي ڏينھن اسر سان ڦنڊرن کي دسيو ويو ھيو، ڪاتيون ۽ ڪات ھليا ھئا، ھُوڪرا ٿيا ھئا. شاميانا لڳا ھئا. ڪچھريون ٿيون ھيون، چريون کڄيون ھيون، قطار سان ديڳيون لڳي ويون ھيون. مختيار سان ٻہ مددگار ھئا جيڪي سندس شاگرد پڻ ھئا. اھي سڄي ڪم جو معائنو ڪري رھيا ھئا. مختيار رکِي رکِي انھن کي ۽ ٻين ڪم ڪرڻ وارن کي ٿوري ٿڪي ڪنھن غلطيءَ تي دڙڪا دھمان ڪري رھيو ھيو. مختيار ھڪ ديڳ کي ڏسي، ڪفگير ھلائي وري ٻي ديڳ طرف ڀڄي رھيو ھيو. پلاءَ جي ديڳ ۾ ڪفگير گُهمائي، ڪفگير کي ديڳ جي ڪَني تي ھڻي ”ٺڪاءُ“ جو آواز ڪڍي رھيو ھيو. انگوشو ڪلھي تي، ڪفگير ھٿ ۾، رڙ ڪري چئي رھيو ھيو،
” ڇوڪرا، ھُن ٻيو نمبر ديڳ جي باھہ کي سور، ھن آخري ديڳ جون ڪاٺيون سور، باھہ جَهڪي ڪر.“ ڏينھن چڙھي رھيو ھيو تہ استاد جو پارو بہ چڙھي رھيو ھيو ، ڇو تہ ھُن کي مھمانن جي اچڻ کان اڳ ۾ سڀ طعام تيار ڪرڻا ھئا. وڏيرو بہ واندڪائي ٿيڻ تي واءُ سواءُ لھڻ لاءِ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ چڪر لڳائي رھيو ھيو ۽ ڪم جي جاچ وٺي رھيو ھو.
” ڏي خبر مختيار! ڪيتري دير آھي اڃان ۽ ڪيترو ڪم تيار آھي؟“ وڏيري ديڳين تي نظر وجهندي کانئس پڇيو ھيو.
” سائين! پندرھن ديڳون لھي ويون آھن، باقي پندرھن لڳيون پيون آھن، بس ڪم تيار آھي.“ ھن ديڳ ۾ ڪفگير گهمائيندي وڏيري کي وراڻيو ھيو.
” ھا يار جلدي ڪري وٺ، ڄاڻ مھمانن اچڻ شروع ڪيو.“
جيئن وڏيرو ويو تہ وڏيري وارو ڪمدار مختيار جي ھڪ شاگرد کان پليٽ ۾ ڪجھہ ٻوٽيون ڪڍرائي کائڻ لڳو ھيو. مختيار جي جو نظر ان تي پئي تہ باھہ ٿي ويو ، ڇو تہ ھُن جو مڃڻ ھيو تہ ايئن وچ ۾ ديڳ مان ڪڍي کائڻ ۽ لُٻڻ سان رزق مان برڪت نڪري ويندي آھي. مختيار ڀڄي وڃي ان جي پليٽ کي ٺڪا ڪفگير ڪڍايو ھو. پليٽ ڦِرندي وڃي ھيٺ ڪري. ٻوٽيون مٽيءَ ۾. ڪمدار حيران!
” ڏنا! توکي ڪيترا ڀيرا چيو آھي ايئن رزق کي لُٻي ان مان برڪت نہ ڪڍندو ڪر، مڙين ڪونہ ٿو نہ.“
ڏنو ڪمدار کي ڏسڻ لڳو ھو، جيڪو وائڙو لڳو مختيار کي ڏسي ۽ ٻوٽين کي ڏسي رھيو ھو. کيس وٽ ٿي پيا تہ مختيار سان اٽڪي پر ھن کي خبر ھئي تہ مختيار ڪو وڏو تماشو ڪندو ۽ وڏيري جو ڀت خراب ٿي پوندو. وات ۾ پيل ٻوٽي کي رڙڪيندي مخصوص آواز ۾ مختيار سان مخاطب ٿيو ھيو،
” استاد بک ۾ ساھہ ٿو وڃي، ڏسين نٿو رات کان ڪم ۾ لڳا پيا آھيون.“
” چانھيون پاپا باقي مون ڏرڪيا آھن؟ بس لُنڌا آھيو عادت کان ڪونہ ٿا مُڙو.“ مختيار کيس منھن واري وھائي ڪڍي ھئي. ھُن کي جيڪو ايندو ھيو ھو چئي ڏيندو ھيو. ڪنھن کان ڊڄندو ڪونہ ھيو. کيس پنھنجي ڪم ۾ جيڏي مھارت ھئي، اوڏو ئي ھن کي پنھنجي مھارت تي ناز ۽ مان پڻ ھيو. ھو چوندو ھيو:
”سڀ منھنجا محتاج آھن، مان ڪنھن جو محتاج ٿورئي آھيان. ھڪ نہ تہ ٻيو ڀت.“
ھڪ ڀيري ھڪ چڱي مڙس جو ڪاڄ رڌيو ھئائين. ان کيس رڳو ايترو چيو ھيو تہ،” استاد! تو وارا چانور ڦڪا آھن، منھنجا ڪراچيءَ وارا مھمان شڪايت پيا ڪن.“
باھہ ٿي ويو ھيو. ان چڱي مڙس کي چيو ھئائين،
” وات آھن انھن جا ڀلا جو منھنجي ڀت جي برائي ٿا ڪن. سڄي ڪراچي ۾ اھڙي برياني نہ کاڌي ھوندي انھن.“
ان کانپوءِ مختيار وري ڪڏھن ان چڱي مڙس جو ڪو ڪاڄ نہ رڌيو ھيو.
مڙس ھيو صفا مٿير. ھلندو ھيو پنھنجي خيال ۽ پنھنجي دل سان. ڪڏھن ڪنھنجي ڪاڻ نہ ڪڍي ھئائين. ديڳ جيئن ٻڙڪندڙ پر ڪفگير جيئن سڌو ۽ تکو. جيڪو مُنھن تي سو دل ۾. مختيار لاءِ اھا ڳالھہ مشھور ھئي تہ جيڪڏھن ڪنھن جو بہ ڇورو کيس طوھر ڪرڻ دوران چماٽ ھڻندو ھيو تہ ھو سندن در تان مينھن ڪاھي ايندو ھيو. اگر صفا ڪوئي ضد ڪندو ھيو ۽ مالي حوالي سان ڪمزور ھوندو ھيو تہ پوءِ بہ ھي ان گهر وٽان ڪا وڇير ضرور ڪاھي ايندو ھيو. مگر چماٽ ھڻندڙ ڇوڪري جي خاندان کي بخشيندو نہ ھيو. چوندو ھيو،
” ھنن جا ڇورا اسان کي چماٽون ھڻن ؛ سڄي راڄ ۾ ھوڪرا ٿين باقي اسان مينھن بہ نہ لھڻي! نٿا ڏئي سگهن تہ پنھنجي ڇورن کي سمجهائن تہ چماٽ نہ ھڻن.“
سو ان ڏينھن بہ پنھنجي طبيعت مطابق ڪمدار کي ٺھہ پھہ سندس پيٽ وڏي ھجڻ جو طعنو ھڻي ڪڍيو ھئائين.
ايئن ديڳون دم تي اينديون رھيون ۽ لھنديون رھيون ھيون. ڪچي منجهند جو مھمانن اچڻ شروع ڪيو ھيو. مانيءَ جا دسترخوان لڳا ھئا. ماڻھو سندس رڌل کاڌن جي تعريف ڪري رھيا ھئا تہ سندس ڳاٽ فخر منجھان اوچو ٿي رھيو ھيو. ھڪ ھمراھہ پاھت لکرائيندي چوڻ لڳو ھيو: ” يار واھہ جي ماني ھئي. ڪوئي شھر مان رانڌو گهرايو ھُيوَ ڇا“؟ پاھت لکندڙ ھمراھہ وراڻيو ھيو،
” نہ نہ، اسان جي پنھنجي ڳوٺ جو رانڌو آھي استاد مختيار. شھري بورچين جي ڪا ھتي ڀيڻي آھي جو استاد مختيار کي پُڄن.“
استاد مختيار پريان کان اھو ٻڌندي خوشي ۾ نہ ٿي ماپيو. ايئن مختيار جي کاڌن جي تعريف ٿيندي رھي ھئي. شام ٿي ھئي ڪاڄ ختم ٿيو ھيو. وڏيرو ڏاڍو خوش ھيو جو سندس ڪاڄ جي واھہ واھہ ٿي ھئي. ھو مطمئن ھيو. مختيار سان مخاطب ٿيو ھيو،
” مختيار! واھہ جو ھٿ ۾ شيري ٿئي، سڀ مھمان واھہ واھہ ڪندا ويا آھن. منھنجي طرفان توکي خرچي.“ وڏيري مٺ ۾ پيل پئسا مختيار ڏانھن وڌائيندي چيو.
مختيار پنھنجي خودداري جو مانُ رکندي چوڻ لڳو ھيو،
” نہ وڏيرا! قرب بابا...! رڌ پچاءُ تہ منھنجو شوق آھي. باقي جيڪو ھر ديڳ تي حساب ڪتاب آھي توھان اھو ڏجو، ھي وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي ڪھڙي ضرورت...!؟ “
”اڙي بابا! وٺ وٺ.... “ وڏيري ضد ڪندي چيو ھيو. مختيار پنھنجي شاگرد کي سڏ ڪيو ھيو،
”وڏيرا! ھنن ڇوڪرن کي خرچي ڏيو، محنت ٿا ڪن ويچارا سڄو ڏينھن.“
” اڙي اچو ڏنا، ٺارا، وڏيري کان خرچي وٺو.“ ھو پنھنجي شاگردن سان مخاطب ٿيو ھيو. ڏني پئسا وٺندي ٻانھون ٻڌندي وڏيري جا ٿورا مڃيا ھئا. مختيار پنھنجي شاگرد جي ھٿ ۾ ڏٺو تہ ڪل پنجاھہ رپيا هئا. مختيار دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو: ”وڏو ڪو موذي آھي. ٽن ڄڻن کي پنجاھہ رپيا انعام ؛ شرم جھڙي ڳالھہ آھي. وڏيرو ٿو چوي پاڻ کي.“
ھو پنھنجي اندر جي باھہ نہ روڪي سگهيو ۽ وڏيري تي طنز ڪندي چئي ڏنو ھئائين، ” وڏيرا..! ايڏا پئسا ڇو ذيان ڪيئي! اسان لئہ پنھنجي مزوري گنج آھي.“
وڏيرو سندس طنز سمجھي ويو پر کيس ڪو جواب نہ ڏنو هيو.
ڪجھہ دير کانپوءِ ميدان صاف ٿيو ھيو، دھل دماما شروع ٿيا ھئا، جهمريون شروع ٿيون ھيون. ھاڻي وڏيري جي نينگر جي طوھر جو وقت ٿيو ھيو. گهوٽ کي دھلن دمامن سان گهران آندو ويو ھيو. وري مسجد ۾ دعا لاءِکيس وٺي ويا ھئا. دعا کان واپس اچي گهوٽ کي ڳاڙھي گوڏ پارائي ۽ ان کي ٿالھہ تي ويھارڻ لڳا ھئا. گهوٽ جو چوڌار ماڻھن جو مُچ لڳو پيو ھيو. ان ۾ کوڙ تہ پاڙي جا ٻار ھئا.ٻيا مٽ مائٽ، گهوٽ جو پيءُ وڏيرو ۽ سندس ماما. سندس وڏي مامي گهوٽ کي ٿالھہ تي ويھارڻ جي ٿي ڪئي پر ھو ٿو ويھي! وٺي ٿي رڙيون ڪيائين، ”نہ ماما! مان نہ ويھندم. سور ٿيندو منھنجي للِي وڍيندا. “ ھو نابري واري بيٺو ھيو.
” اڙي بابا! مان توکي ڪار وٺي ڏيندم، بال ۽ بيٽ بہ وٺي ڏيندم. ڪراچي گهمائڻ بہ وٺي ھلندومانءِ. “ مامي کيس ڏٽا ٿي ڏنا. جيئن تيئن ڪري ھُن کي ٿالھہ تي ويھاريو ويو. ھاڻي مختيار پنھنجي ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي ھئي. رومال کولي پٽ تي وڇايو ھئائين. ان مان مخصوص حجمن وارو سامان ڪڍيو ھئائين. گهوٽ جي مامي گهوٽ جي کاڏيءَ جي ھيٺان ٻئي ھٿ ڏئي سندس ڪنڌ مٿي ڪيو ھيو تہ جيئن ھو ٿيندڙ ڪاروائي نہ ڏسي سگهي. سندس وات ۾ مصري وڌي وئي ھئي. سڀ رڙيون ڪري رھيا ھئا. ”جھاز ڏسو جھاز، ، مٿي آسمان ۾ جھاز“ مختيار گهوٽ جي مخصوص عضوي کي جاچي ان ۾ ھڪ سنھڙي ڪاٺي وجهي ڦيرائڻ لڳو ھيو. گهوٽ جون رڙيون وڌي رھيو ھيون تہ گهوٽ جو پيءُ وڏيرو سندس تڪليف نہ ڏسي سگهيو ھيو ۽ پرتي وڃي بيٺو ھيو. گهوٽ جو مامو ھاڻِ پنھنجي ڀاڻيجي کي چئي رھيو ھيو،” حجم کي چماٽ ھڻ، جوان ٿي ؛ ھمٿ ڪر.“ ھُن مختيار کي ٺڪا چماٽ ڪڍائي ھئي. مختيار خوشيءَ مان مرڪڻ لڳو ھيو تہ سندس مينھن پڪي ٿي. ھوڏانھن گهوٽ جي مامي جي منھن تي بہ فتح جي مرڪ ھئي تہ ھُن جي موذي ڀيڻائي کي مينھن جي چتي لڳي. مٿان ”جھاز جھاز“ جون رڙيون اچي رھيون ھيون. مختيار ڪاٺ جو ٺھيل چمٽو گهوٽ جي مخصوص عضوي ۾ وڌو ۽ ھڪ ئي لاماري سان طوھر ٿي ويو. جلدي ۾ چمٽو ڇڏائي طوھر واري جاءِ تي خاڪ ٻُرڪي ھئائين.”مبارڪون مبارڪون،مبارڪون مبارڪون“ ھر طرف کان آوازن جي گونجار ٿي وئي ھئي . بندوقن ۽ پسٽلن مان ٺڪاءَ ڪيا ويا هئا. ٺڪاوَن تي وڏيري جي گهر پيغام پھتو ھيو تہ طوھر ٿي ويو. گهوٽ جي ماءُ تي پاڻي جو دلو ھاريو ويو ھو. مڱڻھار جي دھل جي تال تيز ٿي وئي ھئي، گهور جو مينھن لڳو پيو ھيو. مختيار پنھنجو سامان سھيڙي رھيو ھو، سندس منھن تي مرڪ ھئي. پر وڏيري جو منھن لٿل ھيو. کيس خبر پئجي چڪي ھئي تہ سندس پٽ حجم کي چماٽ ھنئي ھئي. ” ھاڻي تہ حجم مينھن وٺي ئي وٺي. “ ھن سوچيو ھيو.
مختيار پنھنجو سامان سھيڙيو. ٿالھہ بہ کنيو ھئائين ڇو تہ ھاڻي اھو ٿالھہ سندس ئي ملڪيت ھيو. مرڪندو وڏيري طرف وڌيو ھيو جنھن جو منھن لٿل ھيو. سندس ڀرسان وڃي ڳالھائڻ لڳو ھو،
” وڏيرا..! گهڻي کان گهڻي مبارڪ. باقي مينھن ڪاھڻ سڀاڻي اچان نہ؟“ وڏيري کيس ڪا ورندي نہ ڏني ھئي. باقي زور واري مرڪ سان کيس کيڪاريو ھئائين. مختيار کي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آئي تہ وڏيري ڇا ٿي چوڻ چاھيو. ھو ڪجھہ دير بيٺو جهمر ڏسندو رھيو ھو پوءِ پنھنجي گهر آيو ھيو. جيئن ئي گهر ۾ پير رکيو ھئائين تہ سندس زال وڌي وڃي خوشيءَ مان کانئس سامان ورتو ھيو، کيس بہ پاڙي جي ننڍن ٻارن کان خبر پئجي چڪي ھئي تہ وڏيري جي پٽ مختيار کي چماٽ ھنئي ھئي. ھوءَ ٻڌي ڪيڏو تہ خوش ٿي ھئي ۽ انھن ٻارن کي پنج رپيا خرچي ڏني ھئائين.
مختيار وڃي کٽ تي ويٺو ھيو تہ کيس پاڻي آڻي ڏنائين ۽ خوشيءَ مان کيس چوڻ لڳي ھئي:
” ھاڻي الله جي فضل سان ٽي مينھون ٿي پونديون پاڻ وٽ. گنج ٿي پوندو.“ مختيار کيس ڪا ورندي نہ ڏني ھئي الائي ڇو کيس اُڻ تُڻ ھئي تہ: ” وڏيري ايئن رکائي ڇو ڏيکاري؟ جي مينھن نہ ڏنائين تہ! نہ نہ ايئن نہ ڪندو. ڪھڙي خبرآھي تہ موذي!“ ھو سوچ جي ديڳ ۾ پنھنجي الُڪي جا ڪفگير گُهمائي رھيو ھيو ۽ وھمن جي چانورن کي ڳارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو.
” ايئن ڪيائين تہ پوءِ مان بہ حجم جو اولاد ناھيان جو وري ڪو سندن ڪاڄ رڌي وڃان.“ پنھنجو پاڻ کي ھو ڇيري ۽ حجامڪي پاڪي ھلائي رھيو ھيو.
ٻئي ڏينھن صبح ٿيو تہ زال اچي سندس پاسو جهليو ھو. ھو دير تائين سمھيو پيو ھيو ڇو تہ کيس گذريل سڄي رات ۽ ڏينھن جو ٿڪ ھيو. زال سندس کٽ جي سيرانديءَ کان ويھندي سندس وارن ۾ پنھنجون آڱريون ڦيرائڻ لڳي ھئي. ”اٿ... محب جا پيءُ! اٿي نيرن ڪر، ڏٺو ٿئي سج ڪٿي اچي بيٺو آھي. اٿي ۽ وڏيري کان مينھن بہ ڪاھي اچ.“
زال پنھنجي دل جي ڳالھہ ڪري ورتي. سندس زال کي ٽين مينھن جي گهر اچڻ جو شدت سان انتظار ھيو جهڙي طرح ڪنھن پياري جي اچڻ جو انتظار ھوندو آھي.
ھو شام جو وڏيري جي اوطاق تي ويو ھو. وڏيرو اوطاق جي آڳر تي ڪرسيءَ تي ويٺو ھيو. سندس ڪمدار بہ سندس ڀرسان ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو ھيو. ” اسلام عليڪم وڏيرا، باشاھيءَ جو خير.“
” ڪھڙا حال ٿئي مختيار، اچ ويھہ.“ وڏيري کيس کيڪاريو. ھو بہ ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
ان کان اڳ جو مختيار مينھن جي ڳالھہ ڪڍي وڏيرو پنھنجي ڪمدار سان مخاطب ٿيو ھو،
” ڪمدار! يار مختيار ماني ڪالھہ ڏاڍي ڀلي ڪئي. سڀ ڏاڍي تعريف پيا ڪن. سندس ديڳين جو حساب ڪتاب ڪري ۽ طوھر جا پئسا گڏائي سٺي خرچي ڏجانءِ ھن کي.“
” ھا سائين مختيار ڀلوڙ ڪاريگر آھي. سندس حق ڪونہ کائينداسون. بس ٿورو تڪڙو آھي ھر ڳالھہ ۾...!“ ڪمدار ڪلھہ واري ڪاوڙ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
مختيار سُر سان سُر ملائڻ لڳو ھيو.
”وڏيرا سائين! منھنجي مينھن بہ آھي توھان ڏي، توھان جي نينگر مون کي چماٽ ھنئي ھئي.“
وڏيري جا ڀِرون تاڻجي ويا. ٿورو کڙڪي سان ڳالھائڻ لڳو،”ڇوري مون واري چماٽ نہ ھنئي ڄڻ توکي گولي ھنئي؟ ھاڻي توھان حجم اسان وڏيرن کان بہ مينھون وٺندوَ؟ “
” وڏيرا سائين! اسان حجم ڪنھن کي خون معاف ڪنداسي پر اھا چماٽ معاف نہ ڪنداسين؛ ۽ ان جو ڏنُ مينھن ئي آھي. اھا اسان جي وڏن جي روايت آھي.“
” اڙي ھل!! ڏسان ... تون مون کان ڪيئن ٿو مينھن وٺين!؟“
” اڙي بابا مختيار! تون بہ مينھن جي پچر ڇڏ کڻي، ڪھڙا وڏيري سان حساب...!“ ڪمدار مختيار کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر مختيار ڪٿي ٿو سمجھي. ھو اُٿي بيٺو ،
”وڏيرا..! اگر مينھن نہ ڏيندين تہ اڄ کان پوءِ اسان حجمن توتان ھٿ کنيو سي، اڄ کانپوءِ نہ تنھنجو ڀت رڌينداسي نہ طوھر ڪنداسي.“
”ڀت تہ تنھنجو پيءُ بہ ....“ وڏيري پنھنجِي وڏيرڪي ڏيکاري ھئي.
مختيار بہ پنھنجي حجمن واري رڏي ڏيکاري ھئي،
” وڏيرا تنھنجي مان ٻني ڪونہ ڪندو آھيان، نہ ئي تنھنجي ٻني تي ويٺو آھيان. گهر اسان جي ابن ڏاڏن جي نانءُ آھي. مينھن سنڀالي رک. باقي گار نہ ڪڍ.“
وڏيرو سمجهي ويو تہ مختيار مڙڻ وارو ناھي تہ ھو ڪمدار سان مخاطب ٿيو ھو ،”وٺي وڃ ھن کي ھتان تہ مري نہ پئي منھنجي ھٿان.“ ڪمدار ڳالھہ کي سمجهي ويو ھو ۽ مختيار کي ٻانھن کان وٺي ٻاھر وٺي ويو . مختيار کي سمجھائڻ لڳو ھو،
”بابا مختيار! تون بہ بادشاھہ آھين. ڏسين نٿو اڳي ئي وڏيرو قرضائي لڳو پيو آھي، وري ڪلھہ واري ڪاڄ ۾ بہ سٺي ٽوٽ پئي ٿس. ھاڻي ڪٿان توکي مينھن ڏيندو. خبر ناھي توکي مڙئي نالي ۾ وڏيرائپ رھي اٿن.“ ڪمدار کيس ٿڌي ڪرڻ لاءِ وڏيري جي ڪچِي بہ ڪندو رھيو ھيو.
” پر ڪمدار اھو اسان حجمن جو حق آھي، چماٽ ٿا کائون تہ مينھن نہ وڇير تہ لھڻون نہ“
” اڙي بابا! مان ڪوشش ڪندم تہ مڙئي تنھنجو ڀلو ڪيان“ ڪمدار ڄڻ تہ ڳالھہ جو تت ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي.
مختيار گهر طرف ويندي سوچن جي ديڳ جو ڍڪ لاھي ان ۾ وري ڪفگير ھلائي رھيو ھيو،
” ٻوڙِي تہ مينھن جي انتظار ۾ ھوندي. ڪيڏو تہ کيس ٽئين مينھن جو شوق ۽ انتظار آھي! کيس ڇا چوندم تہ وڏيرو ڏاڍائي ٿو ڏيکاري؟ ۽ مان ڪمزور آھيان کيس ڪجھہ ڪري نٿو سگهان! پنھنجو حق بہ نٿو وٺي سگهان!“
” ڀلا ٻيو ڇا ڪيان، ان ايتري ڳالھہ تي وڏيري سان وڙھان؟“
” ايتري ڳالھہ، اھا ايتري ڳالھہ تہ ناھي! وڏن کان ھلندڙ رسم آھي. ٻيو تہ اگر ايئن چماٽ تي مينھن ڏيڻ جي رسم بند ٿي تہ پوءِ تہ ھر ڪو اسان کي طوھر ۾ چماٽون وھائي ڪڍندو ، ڇو تہ کين ڪجھہ ڏيڻو نہ پوندو!“
”ايئن اسان حجم طوھر جي پئسن ۾ مفت ۾ چماٽون کائي اينداسي.“
” نہ نہ... ھي اسان سڀني حجمن جي مجموعي عزت جو معاملو آھي. مان سڀ حجم گڏ ڪندم ۽ ان وڏيري کان حساب ڪتاب وٺنداسي.“
ايئن ھن جي سوچڻ جي ديڳ جي باھہ تيز ٿي وئي ھئي ۽ منجھس سڪون وارا چانور سڙي رھيا هئا.
گهر ۾ گهڙيو تہ سندس زال تپرس ۾ پئجي وئي. ھو تہ انتظار ۾ ھئي تہ مختيار پاڻ سان گڏ ڪا ڀوري ڀٽاري، ڪا ڪنڍڙي مينھن ڪاھي ايندو آخر تہ وڏيري جي پٽ چماٽ ھنئي ھئس پر ھتي تہ مختيار جھڙو ويو تھڙو موٽيو.
ھو اچي کٽ تي ويٺو. رات جي باوجود ڪاوڙ سندس منھن مان عيان ھئي. سندس زال کيس پاڻي آڻي ڏنو ۽ ھن جي ڀرسان اچي ويٺي. ھن جي گوڏي تي ھٿ رکي ساڻس ڳالھائڻ لڳي،” خير تہ آھي نہ؟“
” خير وري ڪھڙو! ھو وڏيرو ذليل ڪٿان جو مون کي مينھن ڪونہ ٿو ڏئي.“
سندس زال جي دل کي ڌڪُ تہ لڳو پر ھڪدم پنھنجي ور کي ٿڌي ڪرڻ جو سوچيائين:
” نٿو ڏئي تہ خير آھي، ڀلا ڪو ان آسري ويٺا آھيون ڇا. ڏاڍو سو گابو، اسان کيس ڇا ڪنداسي.“
” ڇا ڪنداسي؟ ۽ ڇا جو ڏاڍو ؟ ٻيو ڳالھہ رڳو مون ھڪڙي جي ٿورئي آھي؟ ڳالھہ اسان حجمن جي عزت جي آھي. مان سڀني حجمن کي گڏ ڪندم. شھر وارا ڪاريگر، اھي بہ آھن تہ حجم نہ، مان انھن کي بہ گڏ ڪندم تہ ڪوئي ان وڏيري جو ڪاڄ نہ رڌي.“ ھن ڄڻ وڏيري خلاف ڪنھن وڏي تحريڪ جو اعلان ڪيو ھو.
” محب پيءَ! ھو وڏيرو ، اسان راڄ ! ڪھڙو ھنن سان جهيڙو اسان جو؟“ زال ھن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
” اسان وري ھُن جو راڄ؟ ھو اسان جو راڄ آھي. حجمن ۽ مڱڻھارن جا بہ پنھنجا راڄ ھوندا آھن. اسان سان اڻاند ڪندا تہ اسان ھنن کي راڄ مان ڪڍي ڇڏينداسي.“ مختيار پنھنجي راڄ ڀاڳ جي ڄڻ تہ وضاحت ڪري رھيو ھيو.
اھا سڄي رات ھُن لڇندي ۽ سانگ سٽيندي گذاري ھئي تہ ڪيئن سڀني حجمن کي ان ڳالھہ تي راضي ڪري تہ اھي ان وڏيري کي پنھنجي راڄ مان ڪڍن، ڪيئن ھُن وڏيري کي حجمن سان ٿيل ڏاڍ جو احساس ڏيارجي!؟
صبح سان اٿي ھو نيرن ڪرڻ بنا ئي ڀر واري ڳوٺ ۾ صابر حجم وٽ ويو ھيو. صابر کي اڳ ئي سندس وڏيري سان ٿيل منھن مارِي جي خبر پئجي چڪي ھئي. مختيار سندس سيلون تي ويو ھيو جتي ھو ھڪ ماڻھو جا وار ٺاھي رھيو ھو. مختيار سلام ورايو ھيو تہ صابر حجم سلام جو جواب ڏئي ساڻس مليو ھيو. مختيار کان چانھہ پاڻيءَ جو پڇيو ھئائين. ھمراھہ جي وارن مان فارغ ٿي مختيار سان بئنچ تي اچي ويٺو ھيو. مختيار پاڻ ئي ڳالھائڻ شروع ڪيو ھو،
” صابر ! توکي تہ وڏيري واري نونڌ جي خبر پئي ھوندي!“
” ھا مختيار! مون کي خبر آھي، صبح ئي خبر پيم.“
” ڏس صابر! اگر ايئن اسان حجمن کي چماٽ تي ماڻھن مينھن ڏيڻ بند ڪئي تہ پوءِ اسان تہ بُج بُج ٿي وينداسي. ھر ڪوئي اُٿي اسان کي طوھر ۾ چماٽون ھڻڻ شروع ڪندو. اسان سڀني حجمن کي ان خلاف آواز اُٿارڻ گهرجي.“
ڪنھن انقلابي جيئن مختيار ايندڙ خدشن تي ڳالھائي رھيو ھو.
”مختيار ڏاھو ٿي، اسان انھن وڏيرن سان ڪٿي پڄي سگهنداسي. چپ ڪري ٻچن جي روزي ڪيون ٿا ويٺا! ڇو ٿو ککر ۾ کڙا ھڻين.“ مختيار کيس ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
” چپ ڪري روزي ڪيون پوءِ عزت ڀلي وڃي؟“ مختيار ڪرڙين نظرن سان صابر کان سوال ڪيو ھيو.
”ڪھڙي عزت اسان حجمن جي؟ وار ٺاھيون، ٽٽيون ڪٽيون، ڀت رنڌيون! ان ۾ بہ ڪا عزت آھي؟ بس پيٽ جو دوزخ ڀرڻو آھي ڀريون ٿا ويٺا.“ صابر ڄڻ تہ سڄي طبقي جي صدين جي اوٻر ڪڍي ھئي.
” ڏس صابر تون سمجھين نٿو. ڳالھہ اسان جي سڄي طبقي جي عزت جي آھي. اگر اسان اڄ ان وڏيري کي جواب نہ ڏنو سي تہ پوءِ اسان جي ڪا عزت نہ رھندي. اسان سڀني حجمن کي ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.“
”يار مختيار! تون بہ بادشاھن واريون ڳالھيون ٿو ڪرين! پھرين ڳالھہ تہ اسان واري سڄي سنگت ايئن ڪندي ڪونہ. ٻيو اگر ڪيائون بہ تہ وڏيري کي ڪھڙي پرواھہ؟ ھو شھر مان رانڌا وٺي ايندو، طوھر لاءِ ڊاڪٽر وٺي ايندو“
صابر مسئلي مان مسئلو ڪڍي ٻڌايو ھيو.
” پھرين ڳالھہ تہ اسان انھن شھر وارن رانڌن کي بہ مڃائينداسي. ٻي ڳالھہ تہ ڪيترا ڀيرا ھو انھن کي وٺي ايندو؟ رڳو شادي ٿورئي آھي، لڱائي چڱائي آھي. ڪيترا ڀيرا ايئن ڪندو.“
مختيار پنھنجي ڳالھہ تي بضد ھيو.
صابر ڳالھائڻ شروع ڪيو: ” پھرين ڳالھہ تہ ھو شھر وارا رانڌا اسان جي ڳالھہ ڪونہ مڃيندا. ھو تہ آھن ئي ڪاروباري ماڻھو، ٻيو کوڙ تہ سيٺين وٽ ڪم ڪندا آھن ڊيڪوريشن تي. اھي ڇو ايندا اسان جي ڳالھين ۾؟“ صابر ڄڻ تہ ڳالھہ کي ختم ڪرڻ ٿي چاھيو. مختيار اٿندي ڳالھائڻ لڳو ھو ،
” تون ڀلي منھنجي ڳالھہ نہ مڃ، پر ڏسجان اگر اسان ٻَڌي نہ ڏيکاري تہ اسان جي ڪا عزت نہ رھندي. باقي مان ٻين حجمن ڏي ٿو وڃان. اھي ضرور منھنجي ڳالھہ مڃيندا، تو جيئن اُھي ڀاڙيا نہ آھن.“ ڪاوڙ مان مختيار صابر جي دڪان تان نڪري ويو ھيو.
ايئن ھو پاڙي وارن سڀني ڳوٺن ۾ سڀني حجمن وٽ ويو ھيو پر کيس ڪٿان بہ ڪو آسرو، ڪا پڪ نہ ملي ھئي تہ ھو ھن جو ساٿ ڏيندا. سڀ ان کي اھو چئي رھيا هئا تہ ” چپ ڪري پنھنجي روزي ڪر. ايڏو نالي وارو رانڌو آھين. باقي چماٽ تي مينھن نہ ملي تہ خير آھي!“
سڄو ڏينھن بک تي ھو ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ويو ھيو، پر ھر ھنڌان کيس مايوسي ئي ملي ھئي. ڪمزور قوم ڏاڍي سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار نہ ھئي. رات جو ھو گهر آيو ھيو ٿڪل ٽٽل. مايوسيءَ سان ڀريل. اندر ۾ جوالا. اجهو ڦاٽو ڪي ڦاٽو.
ھو ڪيترا ئي ڏينھن مختلف حجمن وٽ ويندو رھيو ھو ۽ کين پاڻ سان ٿيل وڏيري جي زيادتي ٻڌائيندو رھيو ھيو پر ڪٿان بہ کيس کا موٽ نہ ملي ھئي. ھر ڪوئي کيس اھو مشورو ڏئي رھي رھيو ھيو تہ ھو ماٺ ڪري پنھنجي روزي ڪري اجايو وڏيري سان وير نہ وٺي.
ڪجھہ ڏينھن کان پوءِ وڏيري جو ڪمدار وٽس آيو ھيو ۽ کيس ڪاڄ وارن پئسن ڏيڻ سان سان گڏ ٻہ ھزار ٻيا بہ ڏنا ھئائين ۽ کيس چوڻ لڳو ھيو،” ابا مختيار! ناراضگي ڇڏ ھاڻي. وڏيري تي اڄ ڪلھہ ٿورو ڏکيو وقت آھي، مٿئين سال سندس پوٽي جو طوھر آھي نہ، مان توکي ان تي مينھن وٺي ڏيندم ، واعدو آھي منھنجو.“ مختيار پھريان تہ کانئس پئسا ڪونہ ٿي ورتا پر پوءِ جڏھن ايندڙ سال وڏيري جي پوٽي جي طوھر جو ٻڌائين تہ ڪجھہ سوچي پئسا ورتا ھئائين.
وقت جي ديڳ دم تان لٿي ھئي. سال گذري ويو ھو. وڏيري جي پوٽي جو طوھر ھيو. مختيار جي زال وري خوشيءَ ۾ ڪونہ ٿي ماپي تہ ھن ڀيري تہ وڏيري جو پوٽو ھيو ، جيڪو کيس پيارو بہ ڏاڍو ھيو.
”ھن ڀيري تہ مينھن پڪي آھي. ڀلا ھر ڀيري بي حيائي ٿورئي ڪندو“ سندس زال چئي رھي ھئي. مختيار ڪنھن سوچ ۾ گم ھو:
” مان کيس ٻڌائيندم تہ اسان حجمن سان نا انصافي ۽ ڏاڍ جو نتيجو ڇا ٿيندو آھي؟“
”ديڳين ۾ زھر ملايانس!!“
” نہ نہ، ايئن ڪرڻ سان تہ بي گناھہ ماڻھو مري ويندا.“
”ھُن واري پوٽي جو طوھر خراب ٿو ڪيان! جيئن ڇٽيس ئي نہ“
” نہ نہ، ھُن معصوم جو ڪھڙو ڏوھہ. ھڪڙن جي سزا ٻين کي. اھو ڪٿان جو انصاف آھي“
ھو بدلي جا مختلف ٽڪساٽ ڪري رھيو ھيو. سندس ذھن ۾ ھڪ خيال آيو ھو، سندس منھن تي ھلڪي مرڪ آئي ھئي.
ڦنڊرون ڪسيون ھيون، شاميانا لڳا هئا. ديڳين لئہ چريون کڄيون ھيون. مختيار ھڪ ديڳ کان ٻي ديڳ طرف ڊوڙي رھيو ھو. وڏيرو آيو ھو. مختيار کيس سلام ڪونہ ورايو ھو، ھو پنھنجي ڪم ۾ لڳو پيو ھو، وڏيري ساڻس ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
” مختيار! پوئين سال واري ڳالھہ تي اڃان ناراض آھين ڇا! ڇڏ ٻيلي ناراضگي... خوشيءَ جو ڏينھن آھي. “
” وڏيرا! اسان غريبن جي ڪھڙي ناراضگي. ڏسو توھان جي خدمت ۾ بيٺا آھيون نہ“ مختيار ديڳ ۾ ڪفگير ھلائيندي ھن ڏانھن ڏسڻ بنا کيس وراڻيو ھيو.
” يار مڙس ڀلو آھين. بس ڀت ۽ ڀاڄي جي پارت ٿي. پر سال وانگر منھنجي واھہ واھہ ڪرائجان“
مختيار کيس ڪا ورندي نہ ڏني ھئي ۽ ٻين ديڳن طرف وڌي ويو ھو.
ھن ڀيري مختيار سختيءَ سان پنھنجي شاگرد ڏني کي چيو ھو تہ ڪنھن کي بہ ھڪ ٻوٽي بہ چکڻ نہ ڏي ؛ جي ڏنائين تہ ھن جو سر کڻندو. ”بس مان پاڻ چکيندم، ٻئي ڪنھن کي چکڻ لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڏجو. باقي سڀ ڪجھہ تيار ٿي وڃي تہ پوءِ ھڪ منو شروع ڪرائجو.“ مختيار پنھنجي شاگرد کي حڪم ڏنو ھيو.
چاليھہ ديڳون ڀاڄي ، پلاءُ ۽ زردي جون لھي تيار ٿي ويون ھيون. مھمانن سان اوطاق ڀرجي وئي ھئي. ڪجھہ مھمان ٽيبلن تي ڪجھہ ھيٺ. ماني لڳڻ شروع ٿي ھئي. جيئن ماني لڳي ماڻھن ماني کائڻ شروع ڪئي تہ ماڻھن جا نڙي ۾ ھٿ. ماني ڏيندڙن کي سمجھہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ڇا ٿي رھيو ھيو. ماڻھن ھڪ ھڪ گرھہ ھنيو ۽ اٿڻ لڳا، سڀ حيران. وڏيرو پريشان. وائڙن وانگي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳو. نيٺ ڪمدار ھڪ ھمراھہ کان پڇي ورتو ھيو ،
” ادا ڇا ٿيو، ماني ڇو نٿا کائو؟“
” ڌوڙ ماني کائون؟ زھر لڳو پيو آھي ڀت ۽ ٻوڙ“
” ھان! اھو وري ڪيئن“ ڪمدار ڀڄي وڃي ڀت جو گرھہ وات ۾ وڌو ھيو تہ کانئس دانھن نڪري وئي ھئي. سڀ ديڳيون کولي ۽ چکي ڏٺيون ھئائون.سڀ زھر ھيون. سڀ مختيار کي ڳولي رھيا ھئا. سڀ مھمان وڏيري تي کلي رھيا ھئا.