ميل ورجنٽي ( Male virginity)
جيئن ئي ھوءَ ڪمري ۾ داخل ٿي تہ سندس وجود، جيڪو اڳ ئي مشڪ عنبير سان واسيل ھو ، اھو ڪمري ۾ موجود خوشبوءِ سان واسجي ويو. سڄي ڪمري ۾ گلاب، چنبيلي، موتيي ۽ رات جي راڻيءَ جا گل ۽ پنکڙيون پيل ھئا. ھلڪي روشني سندس اکين کي کيرو ڪري رھي ھئي. ڪُئين سائز بيڊ جي مٿان گلن جو جهڳٽو ٺھيل ھيو ۽ بيڊ تي گلاب جي گلن سان دل ٺھيل ھئي. ٻنهي سائيڊ ٽيبلن تي ولايتي گلدان پيل هئا جيڪي انتهائي سهڻا ۽ مضبوط لڳي رهيا هئا. ھوءَ ڪمري جو ھلڪو جائزو وٺي اچي بيڊ تي ويٺي.
اڄ سندس سھاڳ رات ھئي. ٽيھن سالن جي عمر جي باوجود دلڪش ھئي، ڊبل ماسٽرس ٿيل ھئس. کيس شاديءَ کان شديد نفرت ھئي. ھن ھرگز بہ شادي نہ ٿي ڪرڻ چاھي. ھوءَ ھڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙھائيندي ھئي. جنھن مان سندس خرچ پورا ٿي ويندا ھئا. ھوءَ ڀاءُ کان، جيڪو سٺي پئسي وارو ھو ۽ سرڪار ۾ ڪنھن سٺي عھدي تي ھيو ، رپيو بہ نہ وٺندي ھئي. ڪتابي دنيا ۾ رھندي، اخبارون ۽ رسالا پڙھندي ھن پنھنجي ھڪ الڳ دنيا ٺاھي ڇڏي ھئي. وري جو سندس ايم اي جينڊر اسٽديز ۾ ٿيل ھئس تہ ھن جي زندگيءَ کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو زاويو ئي الڳ ھيو. کيس شادي ھڪ غلامي لڳندي ھئي. پر مجبور ٿي ھُن نيٺ ھِن شادي لاءِ رضامندي ڏيکاري ھئي جو سندس ماءُ جي نزديڪ ھن کان ڀلو رشتو وري کيس نہ ملڻو ھيو. ھن ڪافي ڀيرا انڪار ڪيو ھيو، پر جڏھن ماءُ کي ٻہ ڀيرا دل جا دورا پيا ھئا ۽ سندس ڀاڄائي جا رويا ابتر ٿيندا ٿي ويا تہ ھُن نہ چاھيندي بہ شاديءَ لاءِ ’ھا‘ ڪئي ھئي. پر ھوءَ اڪثر سوچيندي ھئي،
” مان ڪيئن ھڪ مرد سان رھندم! مرد ته ھوندا ئي ظالم آھن ۽ سندن برابري مرد سان ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي....“
ڪمري کان ٻاھر ٽھڪن جا آواز اچي رھيا ھئا. شايد سندس وَر پنهنجي ڪزنس سان ۽ ماءُ ڀيڻ سان کلي رھيو ھو ۽ رکي رکي وڏا ٽهڪ ڏئي رھيو ھو.
” ڪنوار تہ قھر جي ھٿ ڪئي ٿئي، صفا مُنڊيءَ تي ٽڪ، راڻين ۾ راڻي.“ ھلڪڙا ٽھڪڙا، تاڙي ملائڻ جو آواز.
رات دير سان سندس ور ڪمري ۾ داخل ٿيو. بوسڪيءَ جو وڳو، ھلڪا شھپر۽ بت ۾ ڀريل. سندس توقع کان وڌيڪ ھو جسامت ۾ مضبوط ۽ نوجوان ٿي نظر آيو. پر وري سندس توقع جي بر عڪس، نہ ساڻس ڪا ڪچھري ڪيائين، نہ ڪا ڳالھہ ٻولھ، نہ ئي ڪو حال احوال. پاسي ۾ اچي چپ ڪري ويھي رھيو.
ھوءَ چپ چپات ۾ويٺي رھي. ھو ويجهو آيو تہ سندس دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي. ھُو ڪجهہ دير تائين چپ چاپ کيس ڏسندو رھيو. ھوريان ھوريان سندس ھٿ پڪڙي پنھنجي اکين تي رکيائين ۽ پوءِ ھڪدم انھن کي چمڻ لڳو. کيس گهوٽ جو اھو انداز وڻيو. ھُو ھاڻي سندس اکين ۽ چپن کي چمڻ لڳو. قرار جو درياھہ موج ۾ اچڻ لڳو. بي خوديءَ جي وڏي وير کيس لوڙھي ۽ ٻوڙي ڇڏيو. ھُو سندس جسم جي ساز جو سڀ تارون ڇيڙي ويٺو. کيس خبر ئي ڪونہ پئي تہ سندس ڳھہ ڳٺا ۽ ڪپڙا ھڪ ھڪ ٿي ڪيئن سندس تن کان جدا ٿيندا ويا. گهوٽ سندس پڪل انب جھڙي جوڀن جو ڳَـرُ ھڪ ئي ڳيت سان کائڻ جي ڪوشش ۾ کيس سڄي جو سڄو پاڻ ۾ اوتڻ پيو چاھي. ھيءَ ھن سان الف ٿيندي سندس مٿان اچي وئي ڄڻ تہ ڌرتيءَ مان آسمان بڻجي وئي. ھُو سندس اھڙي سپردگيءَ تي وڌيڪ نھال ٿي بي اختيار ڳالھائڻ لڳو. ھُو سندس ڀرپور حُسن ۽ خوبصورت بدن جي تعريف ڪرڻ لڳو. ھُن جا ھٿ سندس ڇاتين تان کسڪندا چيلھہ وٽ پھتا ۽ پوءِ تِرڪي اڃان بہ پاتال ۾ پھتا. بي انتھا لذت جي انھن لمحن ۾ ھن ٻُنڍڻن کي ٻنھي ھٿن سان پڪڙيندي چيو:
You are such an amazing woman! ‘‘
تون تہ انتھائي حيران ڪندڙ دوشيزہ آھين!
مون ڪيترائي جسم ڏٺا آهن پر اھڙو مزو! او ماءِ گاڊ!“
ھن کي ڪنھن عدن مان ڪڍي ڄڻ تہ تتل صحرا ۾ اڇلائي ڇڏيو ھئو. حيرت ۽ صدمي وچان چپن جي ڪيف آلود لرزش بند ٿي ويس، خمارجي ويل اڌ ٻُوٽيل سندس وڏيون اکيون تپرس ۾ تھائين وڌيڪ ويڪريون ٿي ويون. ھن جو رنگ تبديل ٿيندو ويو. هوءَ سندس مٿان جهڪي؛ هٿ سائيڊ ٽيبل تي وڌيو. اڳئين لمحي ڪنهن شيءِ جي ڀَڄڻ جو آواز آيو ۽ ان سان گڏ هڪ هنيانءُ ڏاريندڙ رڙِ- سندس هٿن ۾ ٻيو گلدان هيو. ھوءَ اُهو بہ سندس مٿي تي هڻندي رهي ۽ روئندي رهي. دروازي کي ڪوئي کڙ ڪائيندو رهيو. سڄي گهر ۾ شور ٿي ويو.
سڄي شهر تي سڪتو ھيو. سڄو اوڙو پاڙو بي يقينيءَ جي حالت ۾ ھيو. ڪنهن کي اعتبار نٿي آيو تہ ھڪ ڪنوار شاديءَ رات پنھنجي ور کي ماري ڇڏيندي. گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن، ٻنھي کي سمجھ ۾ نٿي آيو تہ آخر ھن اھو ڪيو ڇو؟ جيترا هئا وات اوتريون ھيون ڳالھيون، مثلن:
” ــــ ڇوڪريءَ کي جِن ھيو ، جيڪو ڪنھن بہ مرد کي ويجهو اچڻ نہ ڏيندو ھيو ، ان لاءِ تہ ھن يڪو شادي نہ پئي ڪئي .“
ــــ ” سندس مائٽن زوري سندس شادي ڪرائي، ھن جو ٻي ڪنھن ڇوڪري سان افيئر ھيو ، جنھن ڪري ھن اھو قدم کنيو .“
ــــ ”چون ٿا تہ کيس ڪا نفسياتي بيماري آھي، جنھن جي ڪري ھن اھو قدم کنيو.“
”ــــ ھن جو پراڻو يار آيو ھيو ، جيڪو گهوٽ کي ماري ويو.“ وغيرہ وغيرہ.
ھوءَ ٿاڻي جي ھڪ ڪمري ۾ ھئي جنھن کي جيل طور استعمال ڪيو ويندو ھيو. سندس ڀاءُ ۽ ان جا دوست ايس ايڇ اوجي آڏو ويٺا ھئا. سندن ڪنڌ جهڪيل ھئا. ھن جي ڀاءُ جي ھڪ دوست ھمٿ ڪري ايس ايڇ اوسان ڳالھايو ،
” ادا، توھان ڪجهہ جانچ ڪئي آھي تہ آخر ڇا ٿيو؟ ٿي سگهي ٿو گهوٽ پاڻ کي پاڻ ماريو ھجي يا ٻيو ڪوئي ماري ويو ھجيس؟ “
” ادا توھان واري ڇوڪريءَ مڃيو آھي تہ ھن ئي قتل ڪيو آھي. ڇو ڪيو اٿائين؟ ڪجهہ ڪونہ ٿِي ٻڌائي، توھان خود وڃي پڇوس.“
ايس ايڇ او ھنن سان نرميءَ وچان ڳالھائي رھيو ھيو ڇو تہ ڪنھن حاضر سروس ڊي آءِ جي سندن سفارش ڪئي ھئي.
”مھرباني ڀاءُ“ ، اھو چئي سندس ڀاءُ اٿيو ۽ ان ڪمري طرف وڃڻ لڳو. ايس ايڇ اوھڪ سپاھيءَ کي اشارو ڪيو تہ کيس وٺي وڃي.
سندس ڀاءُ جيل نما ڪمري جي در وٽ بيٺو ھيو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ ھڪ پاڻيءَ جو مَٽُ پيو ھيو جنھن جي مٿان پلاسٽڪ جو گلاس رکيل ھيو. ڪمري ۾ مڇرن جي”ڀون ڀون“ لڳي پئي ھئي. ايئن ٿي لڳو تہ مڇر يا تہ ڪنھن ڳالھہ جي خوشي ملھائي رھيا ھئا يا ڪنھن ڳالھہ تي احتجاج ڪري رھيا ھئا. ھوءَ ھڪ تڏي تي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي ھئي ۽ چھري مان بلڪل مطمئن لڳي رھي ھئي. شاديءَ واري وڳي ۾ ھن وقت بہ ھوءَ ڳاڙھي ڪنوار لڳي رھي ھئي جيڪا ڄڻ پنھنجي ور جي انتظار ۾ ويٺي ھجي ۽ وري معاشري ۾ سندس لائق ڪو ور نہ ھجي.
” گُڏي! اھڙو ظلم ڇو؟! توکي امان جو بہ خيال نہ آيو؟، آخر اھڙو ڇا ٿيو جو تو ايئن ڪيو؟“ ڀاءُ ساڻس پيار واري نالي سان مخاطب ٿيو.
ھوءَ خاموش . ڄڻ تہ ڪا ڀِت، ڀِت کي ڏسندي رھي. ھن وري ڳالھائڻ شروع ڪيو، جيئن ڪو ملاح تيز طوفان ۾ ٻيڙيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي.
” ٻڌ گُڏي! تون بس ڳالھہ تان ڦري وڃجانءِ. باقي مون وارو دوست آھي نہ ڊي آءِ جي امجد ۽ مون وارو دوست وڪيل اقبال ؛ اسان وڌيڪ ڏسي وٺنداسي. تون چئجانءِ تہ ڪوئي ڪمري جي دريءَ مان داخل ٿيو ۽ منھنجي گهوٽ کي ماري ويو.“ ھن التجائي لھجي ۾ چيو.
ھن ھلڪي مرڪ سان کيس ڏٺو. ڄڻ تہ دنيا تي طنز ڪندي ھجي. اٿي سندس ڀرسان آئي.
” مان مردن وانگر بزدل ناھيان. توھان مرد عورت کي ماريندا آھيو نہ جڏھن ھوءَ توھان جي نظر ۾ ورجن (ستي يا پاڪ دامن) ناھي ھوندي يا ھو توھان جي قائم ڪيل ورجنٽي جي معيار تي پوري ناھي لھندي .... ھُو بہ ورجن نہ ھيو!
”!... That is why I killed that bastard“