ڪھاڻيون

اکين جو آپگهات

دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھني

Title Cover of book AKHIAN JO AAPGHAT

اڃايل ڪافر

شام ٿي ۽ ماڻھن آسمان ۾ تڪڻ شروع ڪيو. شام شفق جي لالائي آسمان تي وکريل ھئي. آسمان ڪنھن ننڍي نيٽي نار جي ڳاڙھن ڳٽن جيئن لڳي رھيو ھيو. ڳوٺن ۾ ماڻھن جا ميڙ اولھہ طرف مٿي آسمان ۾ واجهائي رھيا ھئا. شھرن ۾ وري ماڻھو ٽي وي جي ڀرسان ويھي اعلان جو انتظار ڪري رھيا ھئا. مولانا کي انتظار ھيو تہ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ٿي تہ ھو تراوين جي تياري ڪري. زالن کي انتظار ھيو تہ چنڊ ڏسڻ جو اعلان ٿئي تہ ھو روزي رکڻ جي تياري ڪري ڇڏين. ٻار وري خوشيءَ ۾ انتظار ڪري رھيا ھئا تہ اعلان ٿئي تہ ھو پنھنجي وڏن سان تراوين تي وڃن ۽ سحري وقت روزو نہ رکي ماني کائڻ جا خواب ۽ شام جو روزو کولڻ وقت شربت پيئڻ ۽ پڪوڙا کائڻ جي آسيس پالي رھيا ھئا. 

ماڻھو آسمان کي تڪيندي پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھئا،

 ”منھنجي اک کي چنڊ جهڙو ڪجهہ نظر آيو پر گم ٿي ويو.“ ھڪ ھمراھہ جُهڙ جي وچ واري حصي ۾ جهاتي پائيندي چيو ،

” ھا يار مون کي بہ چنڊ ان وٿي ۾ نظر آيو پر ھاڻي الئہ تہ ڪاڏي گم ٿي ويو.“

ھڪ عورت رڙ ڪري چيو، ”اوھيو ڏسو. چنڊ نظر اچي ويو.“

سڀ ھُن طرف ڏسڻ لڳا ۽ وري آسمان کي گهورِڻ لڳا. جڏھن کين ڪجهہ بہ نظر نہ آيو تہ ھن سان ڳالھائڻ لڳا،

” ادي توھان کي ڪٿي آيو چنڊ نظر؟ آسمان ۾ تہ ڪجهہ آھي ئي ڪونہ!“

” ھو ڏسو ٻن بيد مشڪن جي وچ ۾.“ ھن عورت آسمان کي تڪيندي چيو. سڀني وري ٻن بيد مشڪن جي وچ ۾ چنڊ کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويا. انھن مان ھڪ ھڪراھہ ٻي ھمراھہ کي چيو، ”مائي کي ڪجهہ نظر اچي ڪونہ ٿو مڙئي ٿي بيوقوف ڪري.“

ايئن آسمان کي تڪي تڪي ٿڪجي پيا تہ سڀني ٽي وي جو منھن ڪيو ، جتي اھا خبر ھلي رھي ھئي تہ ملڪ ۾ ڪٿان بہ چنڊ ڏسڻ جي شھادت نہ ملي آھي. تنھن ڪري اڃان ڪجهہ بہ پڪ سان نٿو چئي سگهجي.

 رمضان ٽي وي تي خبرون ڏسي سوچي رھيو ھيو،

” يار ڪَن ڪو فيصلو تہ مان روضي لئہ سودو وٺي اچان.“ ٿورو دير رکي وري پاڻ سان ئي ڳالھائڻ شروع ڪيائين.

” ڀلا سودو وٺي ٿو اچان؛ اعلان نہ بہ ٿيو تہ ناشتي ۾ ڪم ايندو.“

ھو اٿيو ۽ فليٽ تان ھيٺ سودو وٺڻ لئہ لھي ويو. دڪان تي ويو تہ دڪان تي ڪافي رش لڳي پئي ھئي. ھر ڪوئي سڀاڻي جي متوقع روزي جي تياري ۾ ھيو. ھو آنا ۽ بريڊ وٺي تڪڙ ۾ نڪري آيو. ڀرسان ئي موجود کير واري کان کير بہ ورتائين.

مٿي فليٽ تي اچي ٽي وي ھلائي وري خبرون ٻڌڻ لڳو پر اڃان تائين چنڊ ڏسڻ واري ڪميٽي ڪو فيصلو نہ ڪيو ھيو. ھن کي ڪافي ٿڪ ھيو. ھو کير گرم ڪرڻ لئہ رکي ٽي وي ڏسڻ ويٺو. ٽي وي تي ٻن سياسي پارٽين جا ڪارڪن ھڪ ٻئي کي هشيون ڏئي رھيا ھئا. ھن کي کِل اچي رھي ھئي. ھيٺان ھلندڙ پَٽي تي ھو خبر پڙھي رھيو ھيو،

”ڪجهہ شھادتون مليون آھن پر ڪمزور آھن. گهڻي ڀاڱي سڀاڻي روزو نہ ٿيندو.“ ھن ڪاوڙ ۾ رموٽ صوفي تي اڇلايو. ” ايڏي سائنسي ترقي ھوندي ھنن کي چنڊ نٿو ملي. ٻين ملڪن ان جهيڙي کي ڪڏھن جو ختم ڪري ڇڏيو پر ھنن کي اڃان تائين چنڊ تي بہ پنھنجو دڪان ھلائڻو آھي.“ ھو ڀڻڪندو اٿيو ۽ اٿي کير باھہ تان لاھي ۽ ھڪ ننڍي ٿالھہ ۾ پاڻي وڌائين. وري کير جو ٻاٽو ان ۾ رکيائين جيئن کير جلدي ٺري تہ ھو ان کي فرج ۾ رکي. 

ان دوران ھو ٽي وي کي بہ تڪيندو رھيو ڇو تہ کيس چنڊ نظر اچڻ جي اعلان جو انتظار ھيو. ھو مختلف چينل مٽائيندو رھيو. ھر جڳھہ تي ساڳي ئي ويڙھہ ھلي رھي ھئي. رات جا ٻارنھن ٿي ويا ھئا پر اڃا تائين چنڊ نظر اچڻ بابت ڪو بہ اعلان نہ ٿيو ھيو. ھڪڙي چينل تي ھڪ پٽي ھلي رھي ھئي، ’’سڄي ملڪ ۾ ڪٿي بہ چنڊ نظر ناھي آيو.‘‘

کير فرج ۾ رکي ٽي وي بند ڪري ڀڻڪندو ھو ڪمري جي لائيٽ بند ڪري؛ بٽڻن واري موبائيل جي ٽارچ ٻاري وڃي بيڊ تي فانءِ ٿي ڪري پيو. 

موبائل جي ٽارچ بند ڪري پاڻ سان ڳالھائڻ لڳو، ”ملان روزو ڪونہ ڪندا ڇو جو اڄ سعودي ۾ روزو ڪونہ ھيو نہ. سعودي ۾ سڀاڻي روزو آھي، ڪيئن چوندا تہ اسان ھنن سان گڏ روزو رکون؛ ھنن جي نظر ۾ اھا تہ بيحرمتي ٿي ويندي.“ 

ڳالھائيندي ڳالھائيندي ھن کي ننڊ پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.

صبح جو اٺين وڳي ھن جي اک کلي. عادت موجب اٿڻ سان ئي سائيڊ ٽيبل تي پيل جڳ مان پاڻي جوگلاس ڀري پيتائين. اٿي ڪمري جي لائٽ جو بٽڻ ھيٺ لاٿائين تہ لائٽ نہ ٻري، سمجهي ويو تہ لائٽ نہ ھئي. کيس رات جون چنڊ ڏسڻ واريون خبرون ياد آيون. 

ھو سوچڻ لڳو، ” مُلن الائي ڪھڙو اعلان ڪيو. مون بہ تہ پاڻي پي ڇڏيو. خير..“

ايئن چئي ھو وھنجڻ ھليو ويو. وھنجي تيار ٿي بريڊ گرم ڪري ، آنو تريائين. ناشتو ڪري اچي اسٽاپ وٽ وين جو انتظار ڪرڻ لڳو. وين آئي تہ ان ۾ چڙھي ويٺو. اچي سيڪريٽريٽ جي در وٽ لٿو. لھي پنھنجي آفيس طرف وڌيو. سندس آفيس ٻن پارٽيشن ۾ ھئي. ھڪ پارٽيشن ۾ سندس اسٽاف ويھندو ھيو ۽ ٻي ۾ ھو پاڻ. جيئن ئي آفيس ۾ داخل ٿيو تہ سندس ڪلارڪ جي ھٿ ۾ تسبيح ھئي. ھن کي ڏسندي ئي اٿي بيٺو ۽ کيس سلام ڪيائين. چوڻ لڳو، ”سر! رمضان مبارڪ.“ 

ھن جي چھري تي ھڪ رنگ لٿو ٻيو چڙھيو. ”ھان!! رات ٻارھين تائين تہ چنڊ نظر ڪونہ آيو ھيو. ھي ڪھڙو ظلم ڪيو مولوين!؟“

”جي سر، اسان کي بہ دير سان خبر پئي. الائي ڪيترن ماڻھن جو روزو نہ ٿيو ، انھن کي خبر ئي نہ رھي.“

اچي ڪرسي تي ويٺو. کيس عجيب بيچيني ٿي رھي ھئي ۽ ڪاوڙ بہ اچي رھي ھئس. ڪاوڙ پاڻ تي تہ اعلان ٿيڻ تائين ٽي وي ڇو نہ ڏٺائين ۽ ڪاوڙ وري مولوين تي جن اعلان ڪرڻ ۾ ايڏو وقت لڳايو. بي دليو فائلن کي ڏسندو رھيو.

 منجهند ٿي؛ نماز جو ٽائيم ٿيو تہ اٿي وضو ڪري اچي نماز پڙھيائين. پٽيوالي ھڪ پرچي کڻي اچي سندس آڏو رکي. ڪي ماڻھو ساڻس ملڻ آيا ھئا. ھن پٽيوالي کي ھُنن کي اندر موڪلڻ جو چيو.

 ٻہ ڪراڙا ماڻھو سلام ڪري سندس آڏو ويٺا. ويھڻ سان ئي انھن مان ھڪ ڳالھائڻ لڳو ، ” بابا اسان کي روزو آھي سو بہ بک تي رکيو آھي ڇو تہ رات مولوين دير تائين اعلان ئي نہ ڪيو.صبح سان اٿي نيت ڪري ڇڏي.“ ھو کين گُهوري ڏسڻ لڳو ۽ وري دل ئي دل ۾ مولوين تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳو.

 انھن مان ھڪ ھمراھہ پنھنجي ڳالھہ کي جاري رکيو، ’’اسان ھن تڪليف ۾ ڏاڍو پري کان آيا آھيون، توھان وارو ڪلارڪ چوي ٿو توھان جا ڪاغذ پورا ناھن سڀاڻي اچجو. ڏسو توھان بہ روزائت آھيو اسان جي تڪليف سمجهي سگهو ٿا. ڪير اھڙي قھر جي گرمي ۾ روزي سان وري پنڌ ڪندو. “

ھو اندر ئي اندر لڄي ٿيڻ لڳو تہ کيس روزو نہ ھيو. ھاڻي ھو ھنن کي چئي بہ نہ ٿي سگهيو تہ کيس روزو نہ ھيو. 

ھُن گهنٽي وڄائي. پٽيوالو آيو تہ کيس چوڻ لڳو، ”ان ڪلرڪ کي چئو تہ ھنن جو ڪم ڪري؛ ڪاغذ ھنن کان وٺي. جيڪي کٽل آھن تہ ھنن کي ٻڌائي تہ ھو موڪلي ڏيندا.“

” ٺيڪ آھي توھان وڃي مِلو ڪلرڪ سان.“ ايئن چئي ھو وري فائلن کي ڏسڻ لڳو. ھو سمجهي ويا تہ ھنن کي اٿڻ گهرجي. ھن کان موڪلائي ھو آفيس مان نڪري ويا.


ٿوري دير کانپوءِ سندس پٽيوالو درکڙڪائي ڪمري ۾ داخل ٿيو. پٽيوالو ھٿ ھٿ تي رکي ۽ وري ان کي دُن تي رکي بيٺو رھيو. ھن ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو. 

پٽيوالو ڳالھائڻ لڳو، ”سائين رات روزي جو اعلان نہ ٿيو ھيو، اسان سمهي پَياسين. صبح جو اٿياسين تہ خبر پئي تہ اڄ روزو آھي. سو بک تي ئي نيت ڪري ڇڏي.“ 

”ھا تہ پوءِ؟“ ھُن ٿورو چڙندي چيو.

 پٽيوالي گهٻرائيندي پنهنجي ڳالھہ وڌائي، ”بک تي ۽ وري پھرين روزي جي ڪري صفا حالت ٿي آھي. مون کي موڪل ڏيو تہ مان گهر وڃان.“ ھو ٿورو خاموش رھيو پوءِ چيائين،”يار مولوين بہ آزار ڪيو آھي ماڻھن سان. ماڻھن جا روزا وڃائي ڇڏيا اٿن. ھا تون وڃ ڀلي گهر..“

پٽيوالي ٻانھون ٻڌيون ۽ ٻاھر نڪتو. 

ھن کي شدت سان اڃ لڳي ھئي. صبح سان آني سان ناشتو ڪري آيو ھيو. ھن جي روٽين اھا ھوندي ھئي تہ گهران نيرن ڪري ۽ آفيس اچڻ سان ئي پاڻي پيئندو ھيو. پر ھتي پھچڻ سان کيس خبر پئي تہ اڄ رمضان ھيو. شرم ۽ شڪ ۾ پٽيوالي کي پاڻي بہ نہ چئي سگهيو. مٿان وري اڄ گرمي بہ قھر جي ھئي. رمضان ھجي سو بہ جون ۾. اصل مومن جو امتحان. مومن سان گڏ انھن ڪچي ايمان وارن جو بہ امتحان جيڪي روزا نہ رکن يا نہ رکي سگهن. شھر ۾ کائڻ لئہ ملي ڪجهہ، نہ ئي وري پيئڻ لئہ. ملي بہ وڃي تہ ماڻھو مومنن کان ڪٿي لڪي کائي يا پيئي؟ ھتي تہ احترامِ رمضان آرڊيننس ۾ ڪڏھن ماڻھن کي ڪوڙا بہ لڳا ھئا. ھاڻي کڻي ڪوڙن وارو دؤر نہ ھيو پر ماڻھن ۾ ايمان جي ’سلامتي‘ تہ اُھا ئي ھئي. شل نہ ڪنھن کي عام جڳھہ (پبلڪ اسپيس) تي ڪجهہ کائيندا ڏسن. پوءِ تہ سندن ايمان جا ست ئي طبقا روشن ٿيو وڃن. سندن مجاھدن وارو جذبو حرڪت ۾ اچي وڃي ۽ ان ماڻھوءَ کي ايمان ياد ڏياري ۽ پڪو مسلمان بڻائي پوءِ ئي ھٿ ڪڍن پوءِ ڀلي تہ پاڻ ھيرون کپائيندا ھجن، وياج ھلائيندا ھجن، ڪنھن مظلوم جو حق کائيندا ھجن يا عام مُلھہ کان ٻيڻي مُلھہ تي غريبن کي شيون وڪڻندا ھجن سو بہ رمضان جي مھيني ۾. 

ھن کي بہ ان ئي ڳالھہ جو خوف ھيو ان ڪري آفيس ۾ پاڻي نہ پيتائين. خشڪيءَ منجهان ڳيتون ڏئي ئي رھيو ھيو تہ سندس فون وڳي. کڻي ڳالھائڻ شروع ڪيائين. پَريان آواز آيو، ”سائين، صاحب توھان کي ياد ٿو ڪري.“. سندس صاحب جي پي اي کيس صاحب جو پيغام ڏنو.

 ” ھن نڀاڳي کي بہ اڄ ئي گهُرائـڻو ھيو. اڳي ئي اُڃ ۾ مران ٿو وري ھاڻي ڏاڪڻين جي لھہ چڙھہ.“ پاڻ سان ڳالھائيندي، ڊائري ۽ پين کڻي ھو صاحب طرف وڃڻ لڳو.

 ڏاڪڻ تي چڙھندي سندس بيچ ميٽ سلام ڪيو، ڀاڪر پائي کيس ڪن ۾ چوڻ لڳو، ”يار مري ويو ھان، صبح بک تي روزو رکيو انھن مولوين جي ڪري. وري مٿان ھي صاحب بار بار گهُرائي لاھہ ڪڍي ڇڏيا آھن. ڏاڪڻ ناھي ڪو جبل چڙھڻو آھي.“

ڦڪي کل کلندي کيس چيائين، ”ھا يار! مون کي بہ ڏاڪڻ صفا ونگو واري چاڙھي ٿي لڳي اڄ تہ“، ھن کلندي پنھنجي بيچ ميٽ کي چيو ۽ مٿي ھلندو رھيو.

 وڏي صاحب جي آفيس ۾ پھتو تہ صاحب کيس ڏسڻ سان ئي چيو، ” اچو ويھو ڪيئن ٿو ھلي پھريون روزو؟“

 پھريون تہ دل چيس تہ کيس ٻڌائي تہ ھن کي روزو ناھي پر وري سندس ھٿ ۾ تسبيح ڏسي پنھنجو ارادو بدلايائين ، 

”سر! شڪر آھي الله جو؛ بھتر ٿو ھلي. بس گرمي ڏاڍي آھي.“

”بابا روزي ۾ جيتري تڪليف اوترو وڌيڪ ثواب“ صاحب تسبيح جي داڻن کي ڦيريندي چيو.

” جي سر بلڪل.“ ھن آھستي چيو.

سندس صاحب ھن سان ڳالھائڻ لڳو، ” يار! ھُن ٺيڪيدار واري فائل جو ڇا ٿيو؟ رمضان اچي ويو آھي؛ عيد بہ تہ ڪرڻي آھي. “ 

بالا آفيسر ڄڻ تہ ڳالھہ سمجائڻ چاھي ھجي. 

”سر! ان فائيل ۾ ورڪ ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ (ڪم جي مڪمل ٿيڻ جو دستاويز) ناھي؛ مون کيس چيو آھي تہ اھو واسطيدار انجنيئر کان وٺي جمع ڪرائي تہ سندس ڪم ٿي ويندو.“

 ھن بالا آفيسر کي ڳالھہ واضح ڪندي چيو. 

” چڱو مان کيس سمجهايان ٿو. تون فائيل تہ کڻي اچ؛ مان مڪمل طرح سان ڏسي وٺان ايئن نہ تہ وري سيڪريٽري صاحب ڪو اعتراض واري ڇڏي.“

” جي سر بلڪل“ ھن ڪُرسي تان اٿندي چيو. 

ڏاڪڻ تان لھندي کيس شديد اڃ ورايو ھو، مٿان وري اھا ڪاوڙ تہ کيس وري واپس مٿي وڃڻو ھيو. 

فائيل کڻي صاحب کي ڏيکاري آيو. جنھن کي فائيل ۾ ٻي ڪا کوٽ نظر نہ آئي.

 موڪل جو وقت ٿيو تہ ھو آفيس وارن کان موڪلائي گهر لئہ روانو ٿيو. کيس ايئن لڳي رھيو ھيو تہ ڪيترن ئي ڏينھن کان ھُن پاڻي ناھي پيتو. مٿان وري سج ھاڻي سڌو سندس مُنھن ۾ لڳي رھيو ھيو. نرڙ تي ھٿ رکندو اچي وين جي اسٽاپ تي بيٺو. وين توڙي جو معمول مطابق اچي وئي پر کيس ايئن لڳو تہ اڄ وين ڏاڍي دير ڪري آئي ھئي. وين جي ٽيون نمبر سيٽ تي ويھي ھو ماڻھن کي ڏسڻ لڳو. کيس ھر ھڪ جي چھري تي ٿڪاوٽ ۽ اڃ نظر اچي رھي ھئي. کيس ايئن لڳو تہ سڀني صبح سان اٿي بنا ڪجهہ کائڻ جي روزو رکي ڇڏيو ھيو.

رستي تي ڏاڍي ٽريفڪ ھئي. وين جونءِ پير چُري رھي ھئي. وين تہ آھستي ھلي رھي ھئي پر سندس اڃ ۽ بيقراري تيزي سان وڌي رھي ھئي. ھڪ جڳھہ تي ھڪ اسڪوٽر وارو ۽ ڪار وارو پاڻ ۾ وڙھي رھيا ھئا. ھڪ جڳھہ تي ماڻھن جون ھجوم ھيو، روڊ جام لڳو پيو ھيو. ماڻھن ٻڌايو تہ ٻہ اسڪوٽر وارا ھڪ ٻي سان ٽڪريا ھئا. سندس اڃ وڌي رھي ھئي.

 ھو سوچي رھيو ھيو ،”بک تي روزو رکندا تہ ايئن ٿيندو نہ. ان ڪري سڀ ڇِتا ٿي پيا آھن ۽ چڙ ۾ ھڪ ٻئي سان وڙھن ٿا.“ 

ھو دري کان ٻاھر نھاري رھيو ھيو.

 ڪلاڪ ٿي ويو ھيو. گاڏي ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ھئي. ماڻھن سان ڀريل وين گرمي جي شدت کي ويتر وڌائي ڇڏيو ھيو. ماڻھن جي پگهر جي بوءِ ويتر دماغ کي مائوف ٿي ڪيو. ھو لُڇي رھيو ھيو. ٽريفڪ ھلڻ جو پري پري تائين آسرو نہ ھو. سامھون کيس ھڪ پاڻي جي پبلڪ ٽانڪي نظر آئي. ھو وين مان لھي ان طرف وڌيو. بنا ڪجهہ سوچڻ جي ھو رسي ۾ ٻڌل گلاس ۾ پاڻي ڀرڻ لڳو؛ ڄڻ تہ کانئس وسري ويو ھيو تہ رمضان ھيو. گلاس ڀري جيئن ئي منھن تي چاڙھيائين تہ پريان کان رڙيون اچڻ لڳيون، 

” پڪڙو پڪڙو ڪافر، رمضان مين پاني ڪافر....“ چار پنج فروٽ وارا لالا ۽ ھڪ بيڪري وارو سيٺ ھن طرف ڊوڙي رھيا هئا. ھن گلاس ڦٽو ڪري وٺي ڊوڙ وڌي. پينٽ شرٽ ۽ ٽاءِ سان ھڪ نوجوان جي ڊوڙ! ماڻھو ھن جي ڪڍ،

” پڪڙو ....پڪڙو ....پڪڙو...........“