ڪھاڻيون

اکين جو آپگهات

دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھني

Title Cover of book AKHIAN JO AAPGHAT

سگنل

سگنل جي ڳاڙھي بتي ٻري ؛ ھوءَ ننڍي بوتل کڻي ھڪ ڪار طرف وڌي وئي. ڪار ۾ ويٺل شخص کيس گهوري رھيو ھيو. وحشت سندس نظرن مان رت جيان ٽمِي ٿي. ھوءَ لاغرض؛ ڪار جي ونڊ اسڪرين تي پاڻي ھاري ۽ ھڪ ننڍڙي وائيپر سان ان کي صاف ڪرڻ لڳي. مرد، سندس حرڪت ۾ آيل ڇاتين کي نظر سان نپوڙڻ لڳو. ھوءَ ونڊ اسڪرين صاف ڪري ڊرائيور سائيڊ طرف وئي. مرد شيشو ھيٺ ڪري کيس پئسا ڏئي چوڻ لڳو:

 ” ڇو ٿي پنھنجي زندگيءَ کي پاڻيءَ ۾ وَھائين، توکي محلن ۾ ھجڻ گهرجي؛ نہ ڪي روڊن تي.“

ھوءَ ڪوئي جواب ڏيڻ بنا، منھن تي ڪو احساس، ڪا ڀاوَنا، ڪو اضطراب آڻڻ بنا؛ پئسا وٺي ٻي گاڏي طرف ھلي وئي ھئي. مرد جي نظر سندس پٺيءَ تي ھئي ۽ ھو ڪار جي ھينڊل کي زور سان پڪڙڻ لڳو. 

سائي بتي ٻري ۽ گاڏين ھلڻ شروع ڪيو. ھوءَ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ پنھنجي سوٽ جي ڀرسان وڃي فوٽ پاٿ تي ويھي رھي. منھن گوڏن ۾ وجهي ڇڏيائين. آسمان ۾ سج ٽامڻي ھڻي ويو. سندس سئوٽِ کانئس پڇيو: 

” خير تہ آھي ڙي...!؟“

” ھا خير آھي. بس اسان ھن سگنل تي ڪچي گوشت جيان پيا آھيون، وحشي ڪتا اچن ٿا، چڪ ھڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا.“

 ” ڀلا انھن کي ڪھڙي گهرج؟ اھا سندن مرداڻي وحشت آھي بس. ڀلا ڪٿي اسان گدليون سدليون ڪٿي ھي ھيڏي وڏين گاڏين وارا!“ سندس سئوٽ حسرت گاڏڙ ڪرڀ مان چيو. 

” نہ! ايئن ناھي، تون ننڍڙي آھين توکي خبر ناھي انھن اجرن ڪپڙن وارن جا اندر ڪيترا ميرا آھن. وس پڄين تہ جهڙو اسان کي کڻي وڃن ۽ ڳجهن جيئن نچوڙي ڪنھن ڍونڍ تي اڇلائي ڇڏن.“

ايتري ۾ گاڏين جي ھارن جا آواز تيز ٿي ويا. گاڏيون جام ٿي ويون. ويگو ۽ لينڊ ڪروزر جي پاڻ ۾ ھڪ ھلڪي رھڙي تي مالڪ لھي آيا ۽ ھڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيائون. ڏسندي ڏسندي ڳالھہ گارين کان لتن مڪن طرف ٿي ھلي وئي. ھمراھن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا. ٻيا ماڻھو وچ ۾ اچي کين ڇڏائن لڳا. ھوءَ سئوٽِ کي چوي لڳي:

”ڏٺئي سڌريل ۽ پئسي وارن جو رويو! گاڏي کي ھڪ رھڙ تي ايڏو جهيڙو ۽ ايترن ماڻھن کي تڪليف! اھي ساڳيا ئي ماڻھو انسان جي مرڻ تي اک بہ نہ ڇِنڀن“. 

”ھو ڏس!“ ھن ھٿ جو اشارو ڪندي چيو، ”ھوءَ ڪراڙي ايمبولنس ۾ يڪو تڙپي ٿي پئي ۽ ھنن سڌريل ماڻھن جي جهيڙي ڪري ھي سڄي ٽريفڪ رڪجي وئي آھي. سندن زندگيون ڪوڙين انائن ۽ ڏيکاءُ سان ڀريل آھن. ٽي وي تي ڏسندي آھين ڪيڏيون ڀليون ڳالھيون ڪندا آھن، اھي ساڳيا ماڻھو اصل زندگيءَ ۾ جانورن کان ڀي ڪريل ٿي. 

ھو مولوي ڪيڏيون ڀليون ڳالھيون ڪندو آھي ٽي وي تي، ان ڏينھن ھڪ فقيرياڻي کي گارين سان اچي ورتئين جڏھن ھن سندس شيشي کي بار بار کڙڪائڻ شروع ڪيو. سندس گارڊن ويچاريءَ کي ذري گهٽ ماريو ھيو.“ 

ايتري ۾ ھوءَ رڪي ؛ پريشانيءَ مان ٽريفڪ کي ڏسڻ لڳي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي بوتل کڻي ھڪ اسڪوٽر طرف ڊوڙ وڌائين. عورت، جنھن جو ٻار زور زور سان روئي رھيو ھيو، ان کي پاڻي ڏنائين ۽ ٻار کي پيار مان تڪڻ لڳي. عورت پاڻي وٺي ٻار کي پياريو ۽ سندس ٿورو مڃيو. 

ڪافي دير کان پوءِ ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي ھئي. زندگي پنھنجي روانيءَ سان ڪٿ ھلڻ، ڪٿ ڊڪڻ تہ ڪٿ رڙھڻ لڳي ھئي. 

رات ٿي تہ ھوءَ ۽ سندس سئوٽِ پنھنجو سامان کڻي گهر طرف روانو ٿيون جيڪو ھڪ ڪچي آبادي ۾ ھيو. گهر اچي؛ ٻئي ڄڻيون گهر جي ڪمن ۾ لڳي ويون ھيون.ھن ماني ڪئي ۽ سندس سئوٽ گهر جي ٿوري ٿڪي صفائي ٿي ڪئي . سندس ماءُ، پيءُ ۽ سندس چاچي ويٺا ٽي وي ڏسي رھيا ھئا. سندس پيءُ شھر جي اسٽاپن تي ۽ گاڏين ۾ اڳٺ کپائيندو ھيو.

 سندن گهر تہ ھڪ ڪمري جو ھو پر کيس اھو سڄي سنسار کان وشال لڳندو ھو ڇو تہ ھوءَ اتي پاڻ کي محفوظ ڀائيندي ھئي، وحشي نظرن کان ۽ ڳِجهن کان. ھن جي پيءُ جي ڪمائي مان گهر جي مسواڙ نڪري ويندي ھئي ۽ ھن جي ۽ سندس سئوٽِ جي ڪمائي مان گهر جو گذر سفر پيو ھلندو ھو. ھوءَ ھڪ ڏتڙيل طبقي سان واسطو رکندڙ ھئي پر سندس لوڏ شاھن واري ھئي، سندس سوچ گهڻن پڙھيل لکيل ۽ شعور وارن کان مختلف ۽ اعليٰ ھئي. پنھنجي ماءُ کي رات جو اڪثر چوندي ھئي :

” امان ڇا اسان جو سگنل تي پنھنجي ڪم ڪرڻ جو اھو مطلب آھي تہ اسان جا جسم کپڻ لاءِ آھن؟ 

ڪنھن کي بہ ’ھا‘ ڪري ويھنديون سي؟ ھي ماڻھو سمجهن ڇو نٿا تہ ھڪ ڇوڪري جي محنت ڪرڻ ؛ پوءِ سندن نظر ۾ اھو پورھيو ڪيترو بہ حقير ۽ ڪريل ڇو نہ ھجي، جو مطلب ھر گز اھو ناھي تہ ھوءَ ڪنھن لالچ لوڀ ۾ اچي ويندي ۽ ڪنھن ڪار جي ٿڌاڻ ۾ پنھنجي ضمير جي ڪوساڻ کي ڄمائي ڇڏيندي.“ 

 سندس ماءَ اڪثر سندس ڳالھين تي حيران ٿي ويندي ھئي ۽ ساڳئي ئي وقت خوش بہ تہ سندس ڌيءَ ڪنھن بہ حوالي سان ڪنھن ”پٽ“ کان گهٽ نہ ھئي. 

 سندن پاڙي ۾ رھندڙ ماڻهو، سندن عزيز، مختلف گهرن ۾ ڪم ڪندا ھئا جتان کين پئسا ۽ اميرن جا لٿل ڪپڙا پائڻ لاءِ ملندا ھئا. پر ھوءَ ان ڪم جي خلاف ھوندي ھئي. جڏھن سندس ماءُ اميرن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي شام جو موٽندي ھئي تہ ھوءَ سندس منهن ۾ نهاري سندس پيڙا ۽ ڪرب کي سمجهي ويندي ھئي. اڪثر سندس ڳلن تي آيل رھڙن ۾ لڪل وحشي آکاڻي کي ھوءَ پڙھي وٺندي ھئي. جيئن ئي ھوءَ وڏي ٿي تہ پنهنجي ماءُ کي اميرن جي گهرن ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيائين ۽ پاڻ سگنل تي گاڏيون صاف ڪرڻ شروع ڪيائين. ھوءَ ان ڪم مان ڪافي مطمئن ھئي؛ ڇو تہ ان ۾ ڪنهنجي غلامي نہ ھئي. ڪنھن جي وحشت جو شڪار نہ ٿيڻو ھو، ڇو تہ ماڻھو ڪنھن بگهڙ جي چُر ۾ نٿي ويو. ھا وحشي نظرون ضرور جسمن جي پار پڄنديون ھيون. پر ھو انھن ڳالھين کان بي پرواھہ پنهنجي ڪم ۾ رڌل ھوندي ھئي. آسمان جيڏي وسيع انا ۽ خودداري سندس ذات جو محور هئا. انهيءَ ڪري ھوءَ پائي پائي بچائيندي ھئي تہ جيئن ھوءَ سلائي مشين وٺي ۽ اھو پورھيو سکي تہ جيئن ھن کي سگنل تي بيھي مزدوري نہ ڪرڻي پوي.

صبح ٿيندي ھو ٻئي ڄڻيون سامان کڻي سگنل تي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويون. ڪلھہ وارو مرد جيڪو ساڻس بيھودا جملا ڳالھائي ويو ھيو اڄ وري اچي سگنل تي بيٺو ۽ کيس تڪڻ لڳو. کيس اکين تي ڪارو چشمو ھيو ۽ ھٿن ۾ آءِ فون. ھوءَ سندس ڪار طرف نہ وڌي ۽ ھڪ ٻي ڪار جي ونڊ اسڪرين تي پاڻي ھاري صاف ڪرڻ لڳي. ڪاري رنگ جي ڪرولا وارو ھمراھہ سندس جسم ۾ جهاتيون پائڻ لڳو ھيو. ھوءَ گاڏي صاف ڪري ڊرائيور سائيڊ طرف وڌي پر ان ھمراھہ شيشو ھيٺ نہ ڪيو. جيئن ئي سگنل کليو تہ ھو زوڪٽ ڪندو ھليو ويو.

سگنل وري بند ٿيو. ھو ڪاري رنگ جي ڪرولا وارو ھمراھہ يو ٽرن ڪري وري واپس اچي سگنل تي ھن واري طرف کان اچي بيٺو. ھِن ھُن طرف ڏسڻ بہ گوارا نہ ڪيو. مرد گاڏي جا ھارن ڏئي پاڻ طرف متوجهه ڪيُس ۽ ونڊ اسڪرين صاف ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. ھوءَ ونڊ اسڪرين تي پاڻي ھاري وائيپر سان رڳڙ ڏيڻ لڳي ھئي. سندس ڇاتيون حرڪت ۾ ٿي آيون تہ ھن ھمراھہ پنھنجا چپ چڪڻ شروع ڪيا. ھوءَ گاڏي صاف ڪري سائيڊ تي ٿي بيٺي ۽ کانئس پئسا وٺڻ نہ وئي. ھو حيرت ۽ وحشت مان کيس تڪڻ لڳو ۽ نيٺ ھارن ڏئي پنھنجي طرف گهرايائين. شيشو ھيٺ لاھي ھن پنجن سوَن جو نوٽ ھن طرف وڌايو. ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو.

” ايتري اسان جي مزوري ئي ناھي.“

 ” ھي مزوري جا نہ تنھنجي حسن جا آھن.“

” تنھنجي ڀيڻ کي بہ ڪوئي سندس حسن جا پئسا ڏيندو ھوندو؟“

ھن زھر ڀريي لھجي سان کيس چيو ۽ ٻين گاڏين طرف ھلي وئي. ھن مرد جي چھري تي پيلاڻ اچي وئي. کيس انھي جواب جي توقع نہ ھئي. ايتري ۾ سگنل کُلي ويو ۽ ھو گاڏي کي اسپيڊ ڏئي ھليو ويو. ھو بي نياز پنھنجي ڪم ۾ لڳي وئي.

 منجهند ٿي، سگنل بند ٿيو. ھوءَ ھڪ گاڏي جي ونڊ اسڪرين صاف ڪري پئسنجر سائيڊ کان ويٺل عورت طرف پئسا وٺڻ لاءِ وئي. عورت پئسا ڏيڻ لئہ پرس کولڻ لڳي. ايتري ۾ ھڪ ڪار سندس ڀرسان گذري؛ دريءَ مان ھڪ ھٿ نڪتو ۽ سندس ٻنڊڻ کي لڳي گذري ويو. کانئس رڙ نڪري وئي. پرس واري عورت کيس ھڪي ٻڪي ٿي ڏسڻ لڳي. مڙي ڏٺائين، اُھا ئي ڪاري رنگ واري ڪرولا!! فوٽ پاٿ تي وڃي ويھي رھي. ڳوڙھا سندس اکين ۾ ھئا، نفرت، ڌڪار ۽ ڪنھن سمونڊ جيڏي ڪاوڙ ۽ آنڌ مانڌ سندس من ۾. 

ھوءُ ڪيتري دير ڪنڌ گوڏن ۾ وجهي اتي ويٺي رھي. سندس سئوٽ ھن وٽ آئي؛ ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکي ساڻس ڳالھائڻ لڳي:

 ” ڇا ٿيو آھي، ڇو ايئن ويٺي آھين؟ “

ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا چوڻ لڳي ،

” ڪجهہ بہ نہ! مٿي ۾ سور آھي؛ تون وڃ ڪم ڪر.“

سندس سئوٽ ٿوري دير بيھڻ کانپوءِ ھلي وئي ۽ پنھنجي ڪم ۾ لڳي وئي. ھوءَ بہ اٿي ۽ پنھنجي ڪم ۾ لڳي وئي. 

 شام ٿي؛ پنھنجو سامان کڻي پنھنجي گهر ڏانھن روانا ٿيا. ھوءَ بلڪل چپ ھئي ۽ سندس اکيون ڳاڙھيون ھيون. ھوءَ ھڪ دڪان تي بيٺي.

 ” مان گهر لاءِ پتي ۽ کنڊ ٿي وٺي اچان تون ھتي بيھہ.“ ھن سئوٽ کي چيو. ھوءَ سامان وٺي آئي ۽ گهر طرف روانا ٿيا.

 ماني ڪري ھن سڀن کي ڏني ۽ بنا ڪجھہ کائڻ جي سمهي پئي. کيس سڄي رات ننڊ نہ آئي. منجهند وارو منظر سندس اکين آڏو ڦرڻ لڳو. ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ؛ دريءَ مان آسمان کي تڪڻ لڳي:

” يا تہ غريب طبقا ۽ ھي ھيڏي غربت پيدا نہ ڪرين ھا يا اھڙا وحشي مرد پيدا نہ ڪرين ھا!!... ايترو تہ تنھنجي اختيار ۾ ھيو!“

مختلف خيال ذھن ۾ ڊوڙائيندي رھي. ڏينھن ٿي ويو. سامان کڻي ھو ٻئي وري سگنل تي آيون، پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويون. سگنل بند ٿيو. ھن ڏٺو ساڳي ڪرولا اچي بيٺي. مڪروھہ مرڪ سندس منھن تي. کيس تڪڻ لڳو. ھوءَ وٽس وئي، ڊرائيور سائيڊ تي بيٺي. ھن شيشو لاٿو ۽ مرڪي چوڻ لڳو:

” اسان جي ھٿن ۾ جادو آھي نہ؟“ ھو چپ رھي. سوچي چوڻ لڳي.

” ڪٿي وٺي ھل..“

ھو ٿورو رڪيو پر کِلي چوڻ لڳو.

” حڪم ڪر ڪٿي؟“

” ڪنھن اڪيلي جڳھہ تي..“

” ھلي آ ويھہ.“ 

” نہ ھِتي نہ، تون ھُتي پل جي ھيٺان ھلي بيھہ، مان اتي اچان ٿي.“ پل ڏانھن اشارو ڪندي ھن چيو. 

” حاضر... حاضر.“ مرڪندي، گاڏي کي ريس ڏئي ھو پل وٽ وڃي بيٺو.

ھوءَ سئوٽِ سان ڪجهہ ڳالهائي، پُل طرف ھلي وئي. اچي پئسنجير سائيڊ کان بيٺي. ھن دري کولي ۽ کيس ويھڻ جو چيو. ھوءَ اچي ويٺي. سندس نظرون روڊ تي ھيون ۽ منھن تي ڪوئي بہ تاثر نہ ھُيس. سندس مُٺيون ڀڪوڙيل ھيون.

” ھاڻي ٻڌاءِ! ڇو ايترا نخرا ٿي؟ مون سان سيٽ ٿي، گاڏين جون ونڊ اسڪرين ڌوئڻ کان جان ڇٽي پوندئي. گهڻا؟ پنج سوَ ڪمائيندي آھين؟“ ھن ڪو جواب نہ ڏنو. 

ٿورو مرڪي کيس چيو، ” ڪنھن اڪيلي جاءِ تي ھلون.“ ” حاضر حاضر“، خوش ٿي ھو گاڏي ڊوڙائيندو فليٽ تي اچي پھتو. فليٽ ۾ داخل ٿيندي ئي ھو ھن کي ڀاڪرن ۾ پئجي ويو. جهڙوڪ ڇتي ڪتي کان گگ وھندي ھجي.

 ” ڪمري ۾ ھلون.“ ھن کيس چيو. ھو خوشي ۾ نٿي ماپيو. جيئن ئي ڪمري ۾ آيا تہ ھوءَ واشروم ھلي وئي. واشروم مان نڪتي تو ھو بيڊ تي ستل ھو. ھوءَ ھن جي مٿان آئي. ” مون کي ڏيکار“ ھن مرڪندي کيس چيو. ھن دير ئي نہ ڪئي پنھنجي جينس جي پينٽ لاھڻ ۾ جنھن تي کيس انڊر ويئر بہ نہ ھيو. ھن جي ھڪ مٺ بند ھئي. 

ھن سندس مخصوص عضوي ۾ ھٿ وڌو، ھن پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. 

ھن زور سان ٻيو ھٿ ڦيرايو. ڪمري ۾ رڙيون ٿي ويون ۽ پوءِ خاموشي. ھو بيھوش ٿي ويو. ھوءَ تڪڙ ۾ ڪمري مان نڪري ڪچن مان ھٿ ڌوئي ٻاھر ھلي وئي.