ھاسٽلي رھزن
ھو ھُيو تہ بورچي پر ھاسٽل جو ڪرتا ڌرتا ھيو. ھاسٽل تي رھندڙ سڀ شاگرد ھن کان ڊڄندا هئا، ڇو تہ ھاسٽل وارڊن کي جيئن ھو ٻڌائي ھو اکيون ٻوٽي ان تي يقين ڪندو ھيو. اُھو ڪري جو وارڊن بہ ڪم ڪار جي حوالي سان گهڻو ڪري ھن تي ڀاڙيندو ھيو. ھاسٽل جي صفائي کان وٺي ڇوڪرن کان مھيني جي خرچي وٺڻ تائين، سڀ ڪم اھو بورچي ڪندو ھيو. موٽ ۾ ھو ھاسٽل جو دادا لڳو پيو گهمندو ھيو. ھونءَ تہ سڄي يونيورسٽي ۾ ھر ھاسٽل تي بورچي ھجي يا ڪينٽين جو مالڪ، اھي سڀ شاگرن کان لھرائيندا ھئا پر ھِتي شاگرد ھن بورچي کان لھرائيندا ھئا ڇو تہ ماني بہ ھو ڪندو ھيو تہ سڄي ميس بہ ھو سنڀاليندو ھيو؛ مٿان وري وارڊن جو رازدار ھيو! يعني پنج ئي آڱريون گِيھُہ ۾!
ھڪ ڀيري ھڪ شاگرد ساڻس تيز ٿي ڳالھايو ھيو، ” يار جلدي ڪر ماني ڏي ڪلاس ڀي وٺڻا آھن.“ ھن ٺھہ پھہ کيس جواب ڏنو ھيو، ”ڪونھي ماني. ايڏي تڪڙ ٿي تہ پنھنجي ڪري کائيندو ڪر.“ ڇوڪرو بہ ھيو نئون ۽ چيڙاڪ، رومڙ ڪري ھن طرف ڊوڙيو ھيو. پوءِ تہ لائونج ۾ ويٺل ٻين شاگردن ھُن کي پڪڙي ورتو ھيو پر بورچي کي ڪير پڪڙي ۽ سمجهائي. ويلڻ سندس ھٿ ۾ ھيو. ھو ان شاگرد طرف ڀڳو ڀڳو ٿي ويو؛ چوي، ”مان ان کي نہ ڇڏيندم. معتبر ٿيو آھي ڪامريڊي ٿو ڏيکاري مون کي.“
شام جو ھاسٽل وارڊن ھن وٽ آيو ھيو ۽ کانئس ان جهيڙي جو احوال پڇيو ھئائين، بورچي چوڻ لڳو ،
” سائين ڇورو پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي! اترادي ھتي ڪونہ ھلندس! مون تي رعب ٿو ھلائي.“
” اڙي بابا پر ٻار آھن ٿورو ھلڪو ھٿ تہ رک. تون بہ صفا ڇتو لڳو پيو آھين.“
” ڇتو ھجان ھا تہ مان ان ڇوري کي ماري وجهان ھا. ھي تہ مان خيال ڪيو مانس.“
وارڊن ڳيتون ڏئي کيس ڏسڻ لڳو ھيو. اتي رھندڙ ڇوڪرا چوندا هئا تہ بورچي وٽ وارڊن جا بہ ڪي راز ھئا ان ڪري ھن سان نہ الجهندو ھيو نہ ئي ھن کي ڪجهہ چوندو ھيو. ٻيو تہ وري رات جو وارڊن کي ”چڪو“ بہ ڪٿان ھٿ ڪري پھچائيندو ھيو ان ڪري وارڊن سندس خيال ڪندو ھيو. وارڊن جيڪو پاڻ استاد بہ ھيو اھو بہ چاھيندو ھيو تہ ڇوڪرا ڀلي ڪنٽرول ۾ ھجن نہ تہ ”اھي ٻاڪرا ٻار ڪٿي اسان کان سنڀاليا ويندا.“
ان ھاسٽل تي رھندڙ شاگردن جي اھا شڪايت ھوندي ھئي تہ سندن عزت ٽڪي جي بہ نہ ھئي ۽ ھڪ بورچي کين داٻا ڏيندو ھيو. پر آخر ھنن وٽ ٻي ڪھڙي چوائس ھئي؟ اُھا ھاسٽل سڀني کان ڀلي ھاسٽل ھئي جتي ٽَئي وقت ماني ملندي ھئي سو بہ مناسب اگهہ تي؛ صفا جهڙي گهر جي ماني. ٻيو تہ ان ھاسٽل تي ڪامريڊ بہ نہ ھوندا ھئا ان ڪري اھا ھاسٽل بند بہ نہ ٿيندي ھئي ۽ نہ ئي اتي ڪي جهيڙا ٿيندا ھئا. بس جيڪو ھڪ آزار ھيو تہ اُھو ان بورچي جي ڏاڍ ۽ بد تميزي جو ٻيو وارڊن پاران لڳايل ڪجهہ سختين جو جيڪي بہ بورچي جي سفارش تي لڳايون ويون ھيون، ڇو تہ ان مان بورچي جو فائدو ھيو. مثلاً، ڪنھن بہ ھاسٽل تي رھندڙ کي اجازت نہ ھئي تہ ان جو ڪو مھمان ھن وٽ اچي. يا ڪنھن بہ ھاسٽل تي رھندڙ کي اجازت نہ ھئي تہ ھو بورچي خاني ۾ پنھنجي لئہ چانھہ وغيرہ ٺاھي يا لائونج ۾ موجود ٽي وي جو چينل ان بورچي جي اجازت بنا بدلائي.
ھڪ ڀيري پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ ھيو، سڀ ڇوڪرا ميچ ڏسڻ لئہ اچي لائونج ۾ گڏ ٿيا ھئا. بورچي ان وقت ڀرسان واري مارڪيٽ مان رات جي ماني جو سامان وٺڻ ويو ھيو. جيئن ئي ھاسٽل ۾ داخل ٿيو تہ لائونج ڇوڪرن سان ڀريل ڏٺائين تہ سندس منھن ڪاوڙ مان ڳاڙھو ٿي ويو. سامان بورچي خاني ۾ رکي لائونج ۾ اچي ھڪ شاگرد جي ھٿ مان رموٽ کسيائين ۽ اسٽار پلس ھلائي ڇڏيائين.
” مون کي ڊرامو ڏسڻو آھي، وڃي ٻي ھاسٽل تي ميچ ڏسو.“ سڀ ڇوڪرا کيس ھڪا ٻڪا ٿي ڏسندا رھيا ھئا. مجال آ جو ڪوئي ڪُڇي پڇي. ڇو تہ انھن کي ھيسايو ئي ايڏو ويو ھيو . ٻيو تہ بورچي جي داداگيري جا قصا ڄاڻي واڻي ھر ھڪ کي ٻڌايا ويندا ھئا تہ جيئن شاگر ھيسيل رھن.
شاگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ٻيو اھو بہ طريقو ھيو تہ جيڪو شاگرد ٿوري مستي ڪندو ھيو تہ يا تہ ان کي ھاسٽل تان ڪڍيو ويندو ھيو يا وارڊن جيڪو استاد بہ ھيو ان کي فيل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏيندو ھيو. ھڪ ڀيري ھڪ شاگرد سان بورچي جو جهيڙو ٿيو. ڳالھہ اھا ٿي جو شاگرد ٻہ مانيون کائي ويو ھيو، ٽين گهريائين تہ ڀرسان ويٺل شاگرد کي بورچي چيو، ”ارسلان! ڇوڪريون تہ ڊائيٽ ڪنديون آھن، ڇوڪرا ناھن ڪندا ڇا؟“ جنھن شاگرد ٽين ماني گهُري ھئي اھو سمجهي ويو ھيو تہ طعنو ان کي ھنيو ويو ھيو. ماني مان ھٿ ڪڍي ھن کي ڊڄندي چيو ھئائين،
” خادم! پئسا پنھنجا ٿا ڀريون توھان کان تہ ڪونہ ٿا وٺون جو اڻ سڌي طرح وڌيڪ ماني کائڻ جا طعنہ ٿا ڏيو.“
” مون توکي ڪجهہ چيو ڇا؟ ( شاگرد ھن سان ’توھان‘ ڪري ڳالھائيندا ھئا ۽ بورچي ھنن سان ’تون‘ ڪري مخاطب ٿيندو ھيو، گهٽ پڙھيل ھجڻ ڪري نہ پر پنھنجي بي حيائي ۽ مستيءَ جي ڪري ڇو تہ ساڳيو بورچي وارڊن سان ’توھان‘ ڪري مخاطب ٿيندو ھيو.) بورچي ھن شاگرد جي آڏو پيل ماني کڻي ورتي ھئي. ڇوڪري جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ھيو. اھو ڇوڪرو سڀني کان وڌيڪ حساس ۽ وڌيڪ پڙھيل لکيل ھوندو ھيو. ھڪ ڏينھن ڊپارٽمينٽ جي سربراھہ وٽ ان بورچي جي دانھن کڻي ويو ھيو.
” سر! بورچي اسان جي ٽڪي جي عزت نٿو ڪري. سڀني ڇوڪرن کي ھيسائي رکيو اٿائين. اھڙي ۾ شاگردن جي ڪھڙي پرورش ٿيندي؟ کين خوداعتمادي تہ يونيورسٽي ۾ جيڪا ملي سو ملي انھن ۾ اڳ ۾ موجود ٿوري گهڻي خود اعتمادي بہ ھلي ويندي.“ اُتي ئي ھاسٽل جو وارڊن بہ ڪمري ۾ اچي ويو ھيو. اھو ڇوڪرو ٿورو ھيسائجي ويو ھيو. ڊپارٽمينٽ جو سربراھہ وارڊن سان مخاطب ٿيو ھيو،
” اصغر صاحب! ھي شاگرد دانھن کڻي آيو آھي تہ بورچي شاگردن جي ٽڪي جي عزت نٿو ڪري ۽ کين ھيسائي ٿو رکي. توھان ان کي سڌو ڪيو، نہ تہ مان ڪيانس ٿو نوڪري مان فارغ.“
” جي سر! مان ان کي ڏسانس ٿو. اھڙو آھي تہ نہ؛ سڀني کي ٻچن وانگر رکندو آھي“
” سر! ڪھڙو ماڻھو ٻچن کي ماني کائڻ تي طعنا ھڻندو آھي سو بہ جڏھن ان ماني جا پئسا ٻچا پاڻ ڏيندا ھجن.“ شاگرد ڊپارٽمينٽ جي سربراھہ ۽ وارڊن آڏو سڄي ھاسٽل جو سور ھڪ سوال جي صورت ۾ رکيو ھيو.
ان کانپوءِ تہ ان شاگرد سان آزار شروع ٿي ويو ھيو. ھو صبح جو جنھن وقت نيرن ڪرڻ ايندو ھيو تہ بورچي ان جي آني کي ڄاڻي واڻي ساڙي ڇڏيندو ھيو يا ھن جي پراٺي ۾ گِيھُہ وڌيڪ وجهندو ھيو توڙي جو ھو بورچي کي چوندو ھيو تہ ھن کي تيل گهٽ پسند آھي. جنھن ڏينھن چڪن پچندو ھيو تہ ان کي ٻوٽي جي نالي ۾ ھڏو ڏنو ويندو ھيو. ھو شاگرد بس اھو سوچي چپ رھندو ھيو تہ ماڻھو ڇا چوندا تہ ٻوٽي جي ڪري ھو جهيڙو ٿو ڪري. ھڪ ڀيري اھو شاگرد دير سان آيو ھيو تہ سندس لئہ ھاسٽل جو مکيہ دروازو نہ کوليو ويو ھيو ۽ ھن کي مکيہ دروازي تي ئي سڄي رات ويھي گذارڻي پئي ھئي.
ھڪ بيچ ۾ ھڪ ڏاڍي ماٺيڻي طبيعت وارو شاگرد آيو ھيو. ھو پاڻ کان ھر وڏي عمر واري کي ڀائو يا ادا ڪري مخاطب ڪندو ھيو. بورچي کي چاچا ڪري مخاطب ڪيائين تہ بورچي کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو ھيو، ” چاچا ھوندا تنھنجا ڳوٺ ۾!، مون کي چاچو نہ چوندو ڪر.“ شاگرد حيران رھجي ويو ھيو تہ ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ھيو جنھن کي چاچي چوڻ تي اعتراض ھو.
ايئن ھر شاگرد سان ان بورچي جا ظلم ھلندا رھيا ؛ وارڊن ان ۾ ھن جو ساٿ ڏيندو رھيو ۽ شاگردن کي ڌمڪائيندو رھيو. وارڊن پاڻ کي ڏاڍو اصولن وارو ۽ شاگردن جو ھمدرد ڪري ظاھر ڪندو ھيو ۽ شاگردن سان ويھي ڪچھريون بہ ڪندو ڪيو. اھو ان ڪري بہ تہ جيئن ھو شاگردن جي نيت ۽ ڪمن جي باري ۾ ڄاڻي سگهي ۽ سندن حرڪتن کان واقف رھي. ھڪ اٻوجهہ ڳوٺاڻي شاگرد ھڪ ڀيري کيس چيو ھيو.
” سر! بورچي ميس ۾ گبن ٿو ڪري. منجهند واري بچيل ڀاڄي رات واري ڀاڄي ۾ ملائي اسان کي کارائي ٿو ۽ ٻيو تہ سڙيل گِيھُہ سان صبح جا آنا ٿو فرائي ڪري ڏي. اسان جنھن ڏينھن ٻاھر ٿا ماني کائون تہ بہ اسان جو اھو ويلو لکي ٿو ڇڏي.“
ان ويچاري اٻوجهہ ڳوٺاڻي کي اھا خبر نہ ھئي تہ وارڊن کي ان معاملي جي سڄي خبر ھئي ۽ ھو ئي ھو جنھن ڏي ميس جا پيسا ويندا ھئا. انھن غريب شاگردن جا پئسا جن جا والدين پيٽ کي پٿر ٻڌي پنھنجي ٻچن ڏي پئسا موڪليندا ھئا تہ جيئن پريشان نہ ٿين ۽ سڪون سان پڙھي سگهن. سو ان ڏينھن کانپوءِ ان اٻوجھہ ڳوٺاڻي سان ھاسٽل توڻي ڊپارٽمينٽ ۾ آزار شروع ٿي ويو ھيو. ھاسٽل تي بورچي پيو کيس طعنہ تنڪا ڏيندو ھيو ۽ ماني ڏيڻ ۾ بي ايماني ڪندو ھيو تہ ڊپارٽمينٽ ۾ وري اھو وارڊن جيڪو ٽيچر بہ ھيو پيو کيس داٻا ڏيندو ھيو ۽ کيس سيميسٽر ۾ ٻہ سپليون ھنيون ھئائين. اھو اٻوجهہ ڳوٺاڻو روئندو وٽس ويو ھيو.
” سر! مان اھڙو تہ وَيَل ناھيان جو مون کي ٻہ سپليون لڳن. ٿورو رحم ڪيو. ھُن ساجد ( جيڪو وارڊن جو ڳوٺائي ھيو) کان بہ مان ويم جنھن کي ٻنھي سبجيڪٽس ۾ اَسي پلس مارڪون ڏنيون اٿوَ“
” اڙي ڇورا! تون وري بحث ٿو ڪرين! لڳي ٿو ڊگري ناھي وٺڻي توکي.“
شاگرد چپ ٿي ويو ھيو ۽ روئندڙ اکين سان وارڊن /پروفيسر جي آفيس مان نڪري ويو ھيو.
ھڪ ڊاڪٽر شاگرد سان تہ ان بورچي ۽ وارڊن نسورو ظلم ڪيو ھيو. ھو ڪچن ۾ ئي ماني کائي رھيو ھيو ۽ بورچي ماني پچائي رھيو ھيو. بورچي ھن سان ھڪ بيھودہ ڀوڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
” ٻڌو آھي توھان واري ذات واريون مايون ڏاڍيون مشھور آھن.“
ھُن ڇوڪري بہ ٺھہ پھہ وراڻيو ھيو.
”ٻڌو آ تہ توھان جي ذات واريون مايون شھرن ۾ ھلنديون آھن.“
بورچي کيس گار ڏني ھئي ۽ ھُن کيس موٽائي گار ڏني ھئي. بورچي ھٿ ۾ جهليل ويلڻ کيس وھائي ڪڍيو ھيو جيڪو شاگرد گُسايو ھيو. شاگرد گلاس کڻي سندس مٿي ۾ ھنيو ھيو. سندس مٿي مان ٿورو رت نڪتو ھيو. پوءِ تہ جهڙو ڪر ممڻ مچي ويو ھيو. ان وارڊن پوليس کي گهرايو ھيو. ڇوڪري کي پوليس حوالي ڪيو ويو ھيو بنا ڪنھن تصديق ڪرڻ جي تہ آخر ڳالھہ ھئي ڪھڙي ۽ ڏوھہ ھيو ڪنھن جو. وارڊن چيلھہ تي ھٿ رکي وڏي آواز سان چئي رھيو ھيو،
” ھِن ھاسٽل تي ڪا بدمعاشي ۽ ڪامريڊائپ برداشت نہ ڪئي ويندي. ھاڻي ڏسان تہ اھو معتبر خان ڪيئن ٿو ھن يونيورسٽي ۾ پڙھي.“
ڪجهہ ڇوڪرا گڏجي وارڊن وٽ ويا ھئا ۽ کيس ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون تہ، ”سر! ان شاگرد جو ڪو ڏوھہ نہ ھو. خادم اڳ ۾ کيس گار ڏني ھئي.“
”ھا تہ پوءِ معتبر ٿي ھُن کي ماري وجهندو! اسان باقي ڇا لئہ ويٺا آھيون؟ مون ڏي اچي ھا مان فيصلو ڪيان ھا“ وارڊن رعب سان شاگردن کي چيو ھيو.
” سر! اڳ ۾ ويلڻ بہ خادم ھنيو ھيو ان کي.“ ھڪ شاگرد ڏڪندڙ آواز سان چيو ھيو.
”خبر آھي توھان ڇوڪرا وڏا شريف آھيو، ھلو ھاڻي ھتان.“
وارڊن کين دھمان ڪري ڀڄايو ھو.
نيٺ ان ڊپارٽميٽ جي سربراھہ جتي ھو ڊاڪٽر پڙھندو ھيو ان مداخلت ڪئي ھئي جو ان شاگرد تي ايف آءِ آر نہ ٿي ھئي نہ تہ وارڊن جو پورو زور ھيو تہ ان تي ايف .آءِ. آر ٿئي ھا پر ان ٿاڻي وارِي بي عزتي کانپوءِ اھو ڇوڪرو يونيورسٽي ڇڏي ويو ھيو.
نئين بيچ ۾ ھڪ انتھائي ذھين ۽ طاقتور شاگرد آيو ھيو . طاقتور ان ڪري تہ ھو ھڪ اھڙي ذات مان ھيو ، جيڪي جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ مشھور يا کڻي چئجي تہ بدنام ھئا. ان جي ابتڙ ھو ڏاڍو ماٺيڻو ۽ سلڇڻي سڀاءَ وارو نينگر ھيو. بس ناجائزي ۽ ڏاڍ ذرو بہ برداشت نہ ڪندو ھيو. ھو سڀني شاگردن کي گڏ کڻي ھلندو ھيو. وارڊن سان شاگردن جي معاملن تي بحث ڪندو ھيو ۽ بورچي جي ڏاڍاين جي بہ کُلي ڳالھہ ڪندو ھيو. بورچي پھريان تہ ھُن کي تنگ ڪيو ھيو پر ھڪ ڏينھن ھُن بورچي کي چيو ھيو،
” مون ڳوٺ فون ڪئي نہ تہ ھڪ خسيس بورچي مونکي تنگ ٿو ڪري تہ ابي وارا گاڏي ڀري ايندئي. پوءِ توکي وي سي بہ بچائي ڪونہ سگهندو.“ بورچي اھا سڄي ڳالھہ وارڊن کي ٻڌائي ھئي جنھن بہ ڪن ھڻڻ شروع ڪيا ھئا. بس ھو ٻئي واري ۾ ھئا تہ ھُن جي ڪا غلطي ملي تہ بھانو ڪري ان کي ھاسٽل مان ڪڍن. باقي ڊپارٽمينٽ جي تہ ان کي پرواھہ نہ ھئي ڇو تہ ھڪ تہ ھو انتھائي ذھين ھيو ۽ وارڊن ان کي ڄاڻي واڻي فيل نہ ٿي ڪري سگهيو ٻيو تہ ان کي ڊگري جي پرواھہ بہ نہ ھئي چوندو ھيو ،
” منھنجي اڳ ۾ ئي ھڪ ماسٽرس ٿيل آھي، ھي ماسٽرس نہ ٿي تہ ڇا ٿي پيو. ھي تہ مون کي ڄامشوري سان عشق آھي جو ٻيھر داخلا ورتي اٿم.“
ھاسٽل ۾ گاھہ جام ھوندو ھيو ۽ اڪثر لاڏائو قبيلن جون مايون اتي پنھنجي مال لئہ گاھہ ڪرڻ اينديون ھيون. ھاسٽل تي جڏھن اھي مايون گاھہ ڪرڻ اينديون ھيون تہ بورچي انھن کي تنگ ڪندو ھيو ۽ فقط ان کي گاھہ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو ھيو جيڪا ھن کي پنھنجو منھن ڪارو ڪرڻ ڏيندي ھئي. ھو اھي رنگ رليون ھاسٽل جي پويان پنھنجي ڪوارٽر نما ڪوٺي ۾ ڪندو ھيو. ڇوڪرا ھن کي ڏسندا ھئا پر ڪجهہ چئي نہ سگهندا ھئا.
ھڪ ڏينھن ھو نئين بيچ وارو ڇوڪرو خالد ھاسٽل جي ڇت تي موبائل تي ڳالھائي رھيو ھيو تہ ان بورچي جي ڪمري طرف ھڪ مائي کي ويندي ڏٺو ، جنھن جي پٺيءَ تي گاھہ جو ڪامبو پڻ ھيو. ھو ماجرہ سمجھي ويو ۽ ڪال ڪٽي جلدي ۾ پنھنجي موبائل تان ان عورت جو بورچي جي ڪمري ۾ وڃڻ رڪارڊ ڪرڻ لڳو. ھن رڪارڊنگ جاري رکي ۽ وري نڪرڻ وارو منظر بہ رڪارڊ ڪيائين. عورت سان گڏ بورچي بہ ڪمري مان نڪتو. ھُن اچي پنھجي ٻن روم ميٽن کي اھا رڪارڊنگ ڏيکاري ھئي، جيڪي حيران ھئا تہ خالد اھڙو ڪم آخر ڪيو ڪيئن. ھو اشتياق مان ھن کان پڇڻ لڳا،
” يار تون ان وڊيو جو ڇا ڪندين، ڪنھن کي ڏيکاريندين؟خادم تہ مري ويو.“
” سڀ کان پھريان تہ مان خادم کي اھا وڊيو ڏيکاريندم ۽ کيس چوندم تہ اگر ھو ھاڻي شاگردن سان صحيح نہ ھليو تہ مان اھا وڊيو ڊپارٽمينٽ جي سربراھہ ۽ وي سي ڏي کڻي ويندم.“
” يار اھا تہ پوءِ بليڪ ميلنگ ٿي ويندي نہ. توکي ايئن ڪرڻ کپي؟“ ھڪ دوست کيس چيو ھيو.
” ھا ڪرڻ تہ نہ کپي پر ٻيو حل ڪھڙو آھي؟وارڊن ھن سان ٻڌل آھي. ڏِسين نٿو ڪيئن شاگردن کي ذليل ڪندا آھن ٻئي؟ وارڊن ھميشہ ھُن جي پاسي ٿي بيھي رھندو آھي. چوندو آھي خادم تہ فرشتو آھي! ٻارن جي خدمت ڪندو آھي!“
” اگر ھوُ پوءِ بہ نہ سڌريو تہ“ سندس ھڪ دوست سوال ڪيو.
” سڌرندو تہ ھن جو پيءُ ڀي. نہ تہ پوءِ ھن واري وارڊن کي ڏيکاريندم. جي اڃان بہ نہ سڌريا تہ پوءِ وي سي تہ پري ناھي.“
شام جو خادم بورچيخاني ۾ ڀينڊيون ڪٽي رھيو ھيو تہ خالد ھُن وٽ ويو. وڊيو ھلائي موبائل ھن جي آڏو ڪيائين. ھن پھريان تہ ڪجهہ نہ سمجهو ۽ عادتن ھن سان تيز ٿيڻ لڳو،
” ڇا ٿو ڏيکارين مون کي؟ ڏسين نٿو ڪم ٿو ڪيان ويٺو؟“
” تڪڙو نٿي، غور ڪري ڏس اڳ ۾. تنھنجي ئي وڊيو آھي.“ خالد کيس ڌيمي لھجي سان چيو.
ھو وڊيو ڏسندو ويو ۽ سندس منھن تان رنگ لھندو ويو. ڀينڊيون ڀي وڍيندو رھيو ۽ پنھنجي آڱر کي بہ ڪٽيندو رھيو.
وڊيو جيئن پوري ٿي تہ بورچي ڳالھائڻ لڳو،
” ھا پوءِ ڇاھي ھي، مائي اندر آئي ھئي پاڻي پيئڻ...“
” چلو صحيح آھي، ڊپارٽمينٽ جي سربراھہ ۽ وي سي کي ڏيکارينداسي اھي جيئن چون.“ خالد جو لھجو سخت ھيو.
جيئن ئي خالد پنھنجي ڪمري ۾ ويو تہ بورچي بٽڻن واري موبائل ڪڍي وارڊن کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي جيڪو ڊوڙندو ھاسٽل تي آيو. سڌو خالد جي ڪمري ۾ ھليو ويو. خالد دروازو کوليو تہ وارڊن ڳالھايو،
” خالد بابا! ڇا حال آھي. اندر اچان؟“
” جي سر! ضرور“ خالد وارڊن کي اندر طرف اچڻ جو اشارو ڪندي چيو.
وارڊن بيڊ تي ويھي، ھيڏي ھوڏي ڏسي خالد سان ڳالھائڻ جي ڪيائين،
” توھان وارا روم ميٽ ڪونھن ڇا؟“
” نہ سر اھي ڳوٺ ويا آھن، ويڪينڊ جي ڪري“
” اڇا اڇا“.
وارڊن ڪجهہ وقت چپ رھيو ، پوءِ ڳلو صاف ڪري ڳالھائڻ شروع ڪيائين،
” بابا خالد! اھا خادم جي ڪھڙي وڊيو تو ڀري آھي. مون کي فون ڪري چيائين تہ توھان ھُن کي بليڪ ميل ٿا ڪيو.“
خالد ٿورو مرڪيو ۽ موبائل کيسي مان ڪڍي وڊيو ھلائي وارڊن کي ڏيکارڻ شروع ڪيائين. وارڊن جيئن جيئن وڊيو ڏسندو ويو سندس منھن جا رنگ بدلبا ويا. وڊيو پوري ٿي تہ ھُن ٿوري دير ھيٺ ڪنڌ جهڪائي ۽ ڳالھائڻ شروع ڪيو،
”اھو خادم وڏو سوئر آھي. مان ان کي ڏسان ٿو“
” سر توھان ان کي ڇا ڏِسندا؟ توھان بہ ان سان ٻَڌل ھوندا آھيو. ھن جي ڪرتوتن جي سڄي توھان کي خبر آھي.“
”نہ بابا نہ، ايئن ھرگز ناھي.“وارڊن انڪار ڪندي تيزي سان ڪنڌ لوڏيو.
” سر مون کي سڀ خبر آھي. جيڪي پويان بيچز هئا انھن ۾ منھنجا دوست پڙھي ويا آھن. ھُو ويچارا اچي روئيندا ھئا تہ ھڪ خسيس بورچي مستقبل جي معمارن جي بي عزتي ٿو ڪري ۽ سندن عزتِ نفس مجروح ٿو ڪري ۽ توھان ان سڄي عمل ۾ سندس ساٿاري رھيا آھيو. اگر ڪو شاگرد ان کي پنھنجي اوقات ياد ڏياريندو آھي ۽ فقط عزت جي گهرج ڪندوآھي تہ يا تہ توھان ان کي ھاسٽل مان ڪڍندا آھيو يا فيل ڪندا رھندا آھيو. ھي توھان قوم جا اڏيندڙ آھيو؟ “
خالد ٿوري دير خاموش رھيو. ھو وارڊن کي گهوري رھيو ھيو جيڪو ڪنڌ ھيٺ ڪري ويٺو ھيو،
” توھان ھُن خيرپور واري حُسين کي بار بار فيل ڪندا رھيوَ جو ھو ان بورچي سان اٽڪيو ھيو. ٻيو تہ ٺھيو توھان لکين رپيا پگهار کڻڻ وارا شاگردن جي ميس جي پئسن مان غبن ڪيو ۽ ماني بہ وري انھن جي پئسن جي کائو! ڪڏھن توھان شيئر ڏنو آھي ميس جو؟ “
خالد وارڊن کي ماضي ۽ حال جا سڀ پاپ ياد ڏياري رھيو ھيو،
”سر! ھتي سڀ مڊل ڪلاس يا اڃان بہ لوئر مڊل ڪلاس جا ٻار ايندا آھن جن جا خواب سندن ڪپڙن جيئن سادا پر صاف ھوندا آھن. پر توھان ۽ ھي بورچي انھن خوابن کي ڏاڍاين جو ڊامبر ھڻي ۽ پوءِ تيلي ڏيندا رھندا آھيو!“
خالد پنھجي اکين ۾ آيل ڳوڙھن کي اُگهندي چوڻ لڳو،
” توھان کي ھُن ڊاڪٽر سان ڪيل ظلم ياد آھي؟ مون کي ٻڌايو ھو يونيورسٽي ڇڏي ويو ۽ ڳوٺ وڃي اڌ چريو ٿي پيو... ان ۾ ايتري خود اعتمادي ناهي رهي جو ھو ڪنھن انٽرويو ۾ ڪنھن پينل کي منھن ڏي.“
خالد اڃان گهڻو ڪجهہ چوڻ ٿي چاھيو پر وارڊن اٿي ھن کي ڀاڪر پاتو ۽ چوڻ لڳو ،
” بابا! اڄ تو منھنجون اکيون کولي ڇڏيون آھن. پنھنجي قوم جي ٻچن سان مان ڪيڏو نہ ظلم ڪري رھيو ھيم. بس ھاڻي جي اِھو ڪتي جو.... ..بورچي ڪنھن شاگرد کي ھڪ لفظ بہ چئي ويو تہ مان ھن جو پٽ آھيان “
وارڊن نڪري رڙيون ڪري بورچي کي سڏڻ لڳو، ” خادم خادم خادوو منھنجي روم ۾ اچ...“
وارڊن جي وڃڻ کان پوءِ خالد ڇت کي ڏسي شاگردن جي آئيندي بابت سوچيندو رھيو. ايئن ھن کي ننڊ اچي وئي. رات گهري ٿي وئي. ندوري رات. اُٻ وڌي ويو. ھرپاسي چمڙا ڊوڙڻ لڳا!
صبح جو ھاسٽل جي روم ۾ خالد جو پکي ۾ لٽڪيل لاش مليو ھيو.