سَري مست الست
ڪنھن کي بہ سندس اصل نالي جي خبر نہ ھئي. سڀ کيس ”سري سري“ ڪري سڏيندا ھئا. نہ ئي ڪنھن کي اھا خبر ھئي تہ ھوءَ مست ڇو ٿي ھئي؟ جيترا ھُئا وات اوتريون ھيون ڳالھيون. ڪي چوندا ھئا تہ ھوءَ ڄائي ڄم کان ئي ايئن ھئي. ڪي چوندا ھئا تہ کيس ننڍي ھوندي تپ ٿيو جنھن کانپوءِ ايئن ٿي وئي ھئي. ڪي چوندا ھئا تہ کيس ڪو ذھني صدمو رسيو ھو جنھن کانپوءِ ھوءَ ايئن ٿي وئي ھئي.
سڄو ڏينھن شھر ۾ موجود زڪوات ۽ عشر جي آفيس جي ڀرسان پئي ڦرندي ھئي، ڇو تہ اھا آفيس سندس گهر جي ويجهو ھئي. انھي پاڙي ۾ کوڙ سارا ھوٽل بہ ھئا. پاڙي ۾ ھر وقت رونق ھوندي ھئي ۽ سري ان رونق کي چار چنڊ ھڻندي ھئي. گهُمندي ايئن ھئي جيئن ڪو مرد ٿو گهُمي. ٻانھون کولي، سينو تاڻي. زڪوات آفيس واري چوڪ تان گذرندي ھئي تہ ھر ڪوئي ڪوشش ڪري يا تہ پنھنجو رستو مٽائيندو ھيو يا ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيندو ھيو متان سري ’بُجو‘ نہ ڏي. سندس بُجي ڏيڻ جو انداز بہ نرالو ھيو. ٻانھن کي ٽيڏوڪري، ھٿ کي ٽيڏو ڪندي ھئي ۽ کلندي چوندي ھئي، ” ھي ٿي مُنھن ۾. “
ڪي ماڻھو کلندا ويندا ھئا تہ ڪي وري ھڪا ٻڪا ٿي کيس ڏسندا ويندا ھئا. ھڪڙي عجيب ڳالھہ ھئي، اتفاق ھيو يا سندس اندر ۾ ويٺل ڪا درويشي نظر ھئي جو ھوءَ بُجا انھن کي ڏيندي ھئي جن ۾ ڪا نہ ڪا سماجي يا اخلاقي بُرائي يا کوٽ ھوندي ھئي. ھڪ ڀيري اُتان ھڪ وياجي گذري رھيو ھو تہ سَري کيس چيو ھو.
” ھي ٿي مُنھن ۾ رت چوس...!“ ھمراھہ ھڪو ٻڪو ٿي ويو ھو. کيس سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ ڇا ڪري ۽ کيس ڇا چوي. ھڪ ڀيري تہ عجيب ۽ حيران ڪندڙ صورتحال ٿي ھئي. زڪوات آفيس کان ھڪ شخص گذري رھيو ھو، ڪاٽن جا ڪپڙا، راڊو گهڙي، رعبدار! سَري سندس اڳ وٺي بيھي رھي. ھمراہ ٿورو نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھوءَ ٿورو سُري وري سندس رستا روڪ ڪئي ۽ کيس گهروڙي بُجو ڏنو ھو، ” ھي ٿي منھن ۾ ......“ اتي بيٺل سڀ ماڻھو پريشان ھئا تہ آخر سَري کي ٿي ڇا ويو ھو ڇو تہ ھوءَ ايئن ڪنھن کي بيھاري بُجو نہ ڏيندي ھئي. بس گذرندڙ کي بُجو ڏيندي ھئي. اُتي بيٺل سڀ ماڻھو ھڪ ٻئي ڏي ڏسي رھيا ھئا. انھن مان ھڪڙي وڃي سندس ڀاءُ سلطان کي ٻڌايو ھو جيڪو ھونءَ ئي سَري جي ايئن ٻاھر رُلڻ تي ٻَڙڪندو ھيو ۽ ڪيترا ئي ڀيرا کيس گِھلي گهر وٺي آيو ھيو. سلطان پنھنجي دڪان تان نڪري آيو ھيو جيڪو زڪوات آفيس جي ويجهو ئي ھيو ۽ اچي سَري کي وارن کان پڪڙيو ھئائين،
” توکي ڪيترا ڀيرا چيو آھي تہ ايئن پراون ماڻھن کي بُجا نہ ڏيندي ڪر پر توکي ڪجهہ سمجهہ ۾ نٿو اچي. ڪڏھن وڏو جهيڙو ڪرائيندينءَ.“
سَريءَ جون رڙيون ھيون؛ پاڻ کي ڇڏائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رھي ھئي ۽ منھن مٿي ڪري ڏاڍيان چئي رھي ھئي،
” ڏيندم بُجا مان ڏيندم. ڇڏ مونکي.“
سلطان سندس ھڪ نہ ٻڌي ھئي ۽ کيس وارن کان گِھليندو گهر وٺي آيو ھيو. جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو ھيو تہ سَري کانئس پاڻ ڇڏائي وٺي پنھنجي ماءُ ڏي ڀڳي ھئي ۽ کيس ڀاڪر پائي سڏڪندي چوڻ لڳي ھئي: ” مان ڏيندم بُجا ان کي، مان ڏيندم. مان ھُن کي نہ ڇڏيندم.“
ماءُ ھڪي ٻڪي ٿي سلطان ڏي ڏسي رھي ھئي ڇو تہ اڳ ۾ ڪڏھن بہ سَري ايئن نہ سُڏڪي ھئي . سلطان ڪاوڙ مان پنھنجي ماءُ کي چيو ھو.
” گهر ويھارينس ھاڻي. سينو ڪڍي گُهمندي ٿي وتي. نہ ٿي ڏسي ڪو معزز ماڻھو. اڄ تہ ھڪ ماڻھو کي رستي تي بيھاري گهروڙي بُجا ڏنا اٿائين.“
” مان ڏيندم بُجا ، مان ھُن کي نہ ڇڏيندم.“ سَري ماءُ جي ھنج ۾ روئندي چيو ھيو.
” ڇا ڪيو اٿائين تنھنجو ، جو تون ھُن کي بُجا ڏيندينءَ؟ “ سلطان کيس دڙڪا ڏيندي چوڻ لڳو ھيو.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شھر ۾ ڳالھہ ھُلي ھئي تہ سَري جنھن شخص کي بيھاري گهروڙي بُجو ڏنو ھو ، اُھو ننڍن ٻارن سان ڏاڍائي جي ڏوھہ ۾ گرفتار ٿيو ھو.
ھڪ ڀيري سَري پنھنجي پاڙي ۾ ھلندڙ ھوٽل تي وڃي بيٺي. سڄو ھوٽل ڀريل ھو. سڀ فلم ۾ ايئن گم ھئا جيئن ڪوئي ٻار ڪنھن نئين شيءِ ۾ گم ٿي ويندو آھي ۽ کيس دنيا جھان جي خبر ناھي رھندي. سَري ھوٽل ۾ داخل ٿي وڃي ٽي وي جي آڏو بيٺي ھئي، ماڻھو کيس حيرت مان ڏسي رھيا ھئا. ھوٽل جو مالڪ ڀڄندو وٽس آيو ھو ۽ کيس ٻانھن کان پڪڙي ٻاھر ڪڍڻ ٿي چاھيائين. سَري سٽ ڏئي ٻانھن ڇڏائي ھئي ۽ ٻئي ھٿ ھوٽل ۾ ويٺل ماڻھن ڏانھن سڌا ڪيا ھئائين. سڀ ماڻھو ٽھڪن ۾ پئجي ويا ھئا ۽ کيس چيڙائڻ جي لئہ ڪجهہ ماڻھن سيٽيون وڄايون ھيو ۽ ڪِن ھوڪرا ڪيا ھئا. ڪجھہ ماڻھن کي وري ڪاوڙ آئي ھئي ۽ مالڪ کي چيو ھئائون،
” اڳتي تنھنجي ھوٽل تي ڪونہ اينداسي، ھڪ مائي اچي اسان کي بُجا ٿي ڏئي وڃي.“
” وڏي سائين عزت گهٽ ٿي وئي توھان جي ھڪ درويش جي بُجي تي!“ ھوٽل واري کين رُکائي مان چيو ھيو.
اھو ھوٽل وارو سَري جي عزت ڪندو ھيو ۽ سندس فقرائي طبيعت جي ڪري کانئس اڪثر دعا وٺندو ھيو. نہ رڳو اھو پر اڪثر ان کي گهُرائي چانھہ ۽ ڪيڪ ڏيندو ھيو. پر سَري کيس بُجو پوءِ بہ ڏيندي ھئي اھو چوندي تہ: ”سڄو ڏينھن اسڪول جا ٻار ٿو ويٺو کارين!“ ھو ھوٽل وارو کِلي کيس ٻانھون ٻڌندو ھيو ۽ پيرين پوندي چوندو ھيو: ” ادي ٻچن جي روزي آھي ڪجهہ اسان تي رحم جي نظر.“
زڪوات آفيس ۾ ڪم ڪندڙن تي کيس ھر وقت ڪاوڙ ھوندي ھئي.جيئن ئي ڪو آفيس مان نڪرندو ھيو ھوءَ کيس گاريون ڏيڻ شروع ٿيندي ھئي ۽ بُجا ڏيندي ھئي. ھڪ ڀيري چيئرمين زڪوات جيئن ئي ٻاھر نڪتو ھو تہ سري وڃي سندس آڏو بيٺي ھئي. کيس چِتائي ڏسي رھي ھئي. ھو ھمراھہ ککو وکو ٿي ويو ھو. کيسي مان پنج سوَ ڪڍي سري کي ڏنا ھئائين. ھوءُ پنج سو وٺي وڏي زور سان کلڻ لڳي ھئي.
” ھا ھا ھا ھا ھا ھا ھا ھا اھا “کلندي کلندي چپ ٿي وئي ھئي ۽ پيسن تي ٿُڪي وڃي ھن جي آڏو واري کيسي ۾ وڌا ھئائين. پرتي ٿي بيھي رھي ھئي. ھو ھمراھہ وڃڻ لڳو ھيو تہ کيس سڏيو ھئائين،
”ٻڌ.. اوئي... “ ھمراھہ جيئن ئي ڏانھس ڏٺو تہ ھُن طرف پنج ئي آڱريون ڪيو ھئائين، ” ھي ٿي مُنھن ۾....“
ايئن سَري مست الت ٿي گهمندي وتندي ھئي ۽ زڪوات چوڪ تي رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. جيڪي ماڻھو ڳوٺن کان ايندا ھئا اھي بہ بيھي سَري جي مستي مان پنھنجي دل کي خوشي ڏيندا ھئا. ڪي ماڻھو پنھنجي زالن کي بہ ٻڌائيندا ويندا ھئا،
” ھي ٿي سري فقيرياڻي، سڀني کي بُجا ڏيندي آھي.“ ھڪ ھمراھہ پنھنجي زال کي ٻڌايو ھيو.
” توکي ڪڏھن ڏنو اٿائين؟“ زال مذاق ڪندي کانئس پڇيو ھيو.
” نہ نہ ..مون کي ڇو ڏيندي؟“ ھن تڪڙ ۾ کيس جواب ڏنو ھيو.
ھوءَ بہ ڪا مشڪري جي خيال ۾ ھئي جو بيھي ۽ سري کي چيو ھئائين: ” ادي! ڇو بہ ڀلا ھن کي بُجو نہ ڏنو ٿي؛ ڏک ٿو ڪري؟“
سري ان ھمراھہ جي بجاءِ ان عورت ڏي بُجي جو رخ ڪيو ھيو.
”ھي ٿي مُنھن ۾ ... مڙس کي ٿي مارائين.“
ٽھڪڙو مچي ويو ھو. ھو ھمراھہ کِل ۾ ڏوڙو ٿي ويو ھو.
چوندا آھن ڪجھہ ماڻھو مُڙدن کان بہ ناھن مڙندا ۽ لاش مان بہ پنھنجي جنسي تسڪين پوري ڪرڻ چاھيندا آھن. ايئن ئي ھڪ رھزن ماڻھو سَري جي ڪڍ لڳو ھيو. ھر وقت پيو کيس گهوريندو ھيو. سري کي پڪوڙا ڏاڍا وڻندا ھئا. کيس انھي ڳالھہ جي ڪٿان خبر پئي ھئي يا ڪڏھن سري کي شوق سان پڪوڙا کائيندي ڏٺو ھئائين. پوءِ تہ اڪثر کيس پڪوڙا وٺي آڻي ڏيندو ھيو. پڪوڙا ڏيڻ وقت سندس نظر سندس اُرھہ تي ھوندي ھئي. ھوءَ پڪوڙا وٺڻ کان اڪثر انڪار ڪندي ھئي پر ھو ايلاز منٿ ڪري کيس زوري پڪوڙا ڏيندو ھيو. ھوءَ پڪوڙا کائيندي ھئي ۽ ھو سندس ارھہ کي گهوريندو رھندو ھو. ھڪ ڀيري کيس ڏٽا ڏئي ھڪ گهٽيءَ ۾ وٺي ويو ھو،
”ھي وٺ، پڪوڙا کاءُ.“
” نہ نہ... مان نہ کائيندم، ڇڏ مون کي وڃڻو آھي.“
” اڙي بابا! تون ھي پڪوڙا کاءُ ٻيا بہ وٺي ٿو اچان.“
ھوءَ ڪنڌ ھيٺ ڪري پڪوڙا کائڻ لڳي ھئي ۽ ھن سندس ڇاتيءَ طرف ھٿ وڌايا ھئا. کانئس ڇرڪ نڪري ويو ھو. ڪاغذ ۾ ويڙھيل پڪوڙا سندس منھن ۾ ھنيا ھئائين. کيس وارن کان پڪڙي گھلڻ لڳي ھئي تہ ھو پاڻ ڇڏائي ڀڄي ويو ھو. ھوءَ روئندي رڙيون ڪندي گهر آئي ھئي. سڄو پاڙو اچي گڏ ٿيو ھيو. ھر ڪوئي کانئس پڇي رھيو تہ آخر ڇا ٿيو ھو پر ھوءَ ڪجهہ بہ نہ ٻڌائي رھي ھئي بس روئي رھي ھئي ۽ پنھنجي ڇاتيءَ کي ٻانھن سان ڍڪي رھي ھئي. جيترا ھئا وات اوتريون ھيون ڳالھيون:
” ڪنھن ڏاڍائي ڪئي اٿس...“
” ڪوئي ھٿ لائي ڀڄي ويو ٿس...“
” سندس ماءُ کي چئو تہ اندر وڃي سندس شلوار کي ڏسي...“
سندس ڀاءُ ماڻھن جو ڳالھيون ٻڌي غيرت ۾ ڳاڙھو ٿي رھيو ھو. کيس وارن کان وٺي اندر ڪمري ۾ کٽ تي اڇليو ھئائين. سندس ماءُ ھن جي مٿان آئي ھئي،
” دماغ تہ ٺيڪ ٿي. ھوءَ اڳي ئي ايڏي ھيسيل آھي ۽ سڏڪي ٿي؛ مٿان وري تون ..“
” پنھنجيءَ کي گهر ۾ رک. نڪ ڪٽرائي آئي ھوندي اسان جو. تڏھن تہ سُڏڪي ٿي پئي. ٽيھن سالن جي ٿي وئي آھي پر اڃان ٻاھر رلندي ٿي وتي....“ ماءُ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري دلاسا ڏئي رھي ھئي.
” سھڻي منھنجي ڇا ٿيو آھي، مون کي ٻڌاءِ.“ مجال آ جو ھوءَ ڪو لفظ ڪڍي. بس سڏڪي رھي ھئي. ان ڏينھن کانپوءِ ڪجهہ عرصي تائين ھوءَ گهر ۾ قيد ھئي. کيس ٻاھر وڃڻ جي اجازت نہ ھئي. سلطان پنھنجي ماءُ کي چيو ھو ،
” جِي ھيءَ ٻاھر ويندي تہ مان ھن جو سر کڻندم يا پنھنجو سر کڻندم.“
ماءُ جي اکين ۾ بيوسيءَ جا ڳوڙھا اچي ويا ھئا. سري ھئي تہ مست پر ماءُ جو درد سمجهي وئي ھئي. ھوءَ ٻاھر نہ ويندي ھئي پر ھر وقت پاڻ کي، گهڙيال کي ۽ آسمان کي بُجا ڏيندي رھندي ھئي. ماءُ پٽ کي ايلاز ڪيا ھئا.
” ابا! اڳي ئي مستاني آھي، ٻاھر نہ ويندي تہ صفا عليل ٿي پوندي. ڪجهہ کائي بہ ڪونہ ٿي. ماني ٿي آڏو رکانس تہ ماني اڇلائي پِنڊي کي بجا ٿي ڏي، ڀاڄي ھاري پليٽ کي بُجا ٿي ڏي؛ چانور ھاري ٿالھہ کي بُجا ٿي ڏي .“
نيٺ سندس ڀاءُ مجبور ٿي ماءُ جو سور سمجهي کيس ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏني ھئي.
ھاڻي ھوءَ رڳو زڪوات آفيس وٽ نہ بيھندي ھئي. زڪوات آفيس جي ويجهو ئي ڪپڙي جي ۽ مڃارڪي بازار ۾ بہ گهُمندي وتندي ھئي. اُتي موجود حرامي حرامي دُڪاندارن کي بُجا ڏيندي ھئي جيڪي منھن خراب ڪري کيس ڇڙٻون ڏيندي ھئا. ھڪ ڀيري کيس ڪنھن ڀڄندي ڏٺو ھو. ٿوري ئي دير ۾ ڪنھن شخص جي وارن ۾ سندس ھٿ ھئا ۽ ھوءَ کيس گھليندي ٿي وئي ۽ وڃي کيس نالي ۾ ڦٽو ڪيائين. ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. ھو نالي مان گپ ڪڍي ان شخص جي چھري تي ٿڦي رھي ھئي ۽ کيس چئي رھي ھئي،
” منھنجو نالو سرتاج آھي! سرتاج! ۽ تون منھنجو تاج پيو لاھڻ چاھين، ھي ٿي مُنھن ۾ “
ھي اھو ئي شخص ھو جيڪو کيس پڪوڙا وٺي ڏيندو ھو. گهر ڏانھن ويندي ھوءَ پڪوڙن واري کي بہ بُجا ڏيندي وئي ھئي.