اليڪشن
جڏھن کان شيراز جو نالو پريزائڊنگ آفيسر جي لسٽ ۾آيو ھيو ھو ڏاڍو خوش ھيو. کيس لڳو تہ ھو انتھائي اھم ڪم سر انجام ڏيندو ڇو تہ کيس لڳندو ھو تہ ووٽ ئي آھن جيڪي قومن جي زندگي بدلائيندا آھن. سندس ساٿي جيڪي ھن سان گڏ ھاءِ اسڪول ۾ مختلف مضمونن جا استاد ھئا، انھن مان ڪجھہ ڏاڍا پريشان ھئا تہ ھو اليڪشن جي ڊيوٽي ڪيئن ڏئي سگهندا؛ ڪجھہ وري خوش ھئا تہ اليڪشن جي ڊيوٽي جا کين چار پنج ھزار ملندا ۽ سندن ٻہ ڪپڙن جا وڳا ٿي پوندا. جيڪي ڪجھہ پريشان ھئا انھي جو مکيہ سبب اھو ھيو تہ سينيئراستادن کين اھڙا تہ ڀوَ ڏنا ھئا جو سندن ساھہ ٿي نڪتو. استاد اسرار پنھنجي عينڪ کي ٺاھيندي چوڻ لڳو ھيو،
” يار اليڪشن وڏو ڏکيو ڪم آھي، پارٽيون وڙھنديون پاڻ ۾ آھن وري لوڙيندو پريزائيڊنگ آفيسر آھي. ھو لاٽون پارٽي وارا تہ بندوق کڻي اچي بيھندا آھن ۽ پنھنجي مرضي تي ٺپا ھڻندا آھن.“
وري ڪيميسٽري وارو استاد اڪرم لفظن جا تيزاب ھاريندي چوڻ لڳو، ”پوئين لوڪل باڊي واري اليڪشن ۾ تہ مونکي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ھئائون، پوءِ جيستائين مون سندن مرضي مطابق رزلٽ نہ ڏنو مونکي واڙي رکيائون.“
پاڪستان اسٽڊي وارو استاد ساجد ڄڻ تہ قائد اعظم جي چوڏھن نقطن مان ھڪ نقطو ٻڌائيندي چوڻ لڳو، ” اليڪشن ۾ ھيڻائي سياسي ماڻھن جي شڪست جو سبب بڻبي آھي، تنھن ڪري اليڪشن جي ڏينھن ۾ ھر ڪوئي پنھنجي طاقت ڏيکاريندو آھي ۽ جنھن پولنگ اسٽيشن اندر صحيح طاقت ڏيکاري اھو ئي اصلي ۽ ڪامياب سياستدان آھي.“
شيراز جيڪو تازو آءِ.بي.اي جو امتحان پاس ڪري سائنس ڪيٽيگري ۾ ايڇ . ايس. ٽي ٿيو ھيو ۽ بايولاجي پڙھائيندو ھو، اھو سينيئر استادن جو ڳالھيون ٻڌي ٿورو سڪتي ۾ اچي ويو ھيو. ھونءَ تہ کيس ملڪ ۾ موجود سياسي ڪارونھوار جي خبر چار ھئي پر سندس مڃڻ ھيو تہ نوجوان ھن ملڪ جو آئيندو بدلائي ٿا سگهن ۽ ووٽ کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جيڪا ھن ملڪ جي قسمت کي بدلائي. ڇو تہ ھو آدرشي انسان ھيو؛ خيالن ۾ رھندڙ ھيو ۽ سندس گهڻو مطالعو پنھنجي سائنسي مضمون جو ھيو؛ انھي ڪري جيڪي ٽي وي تي ٽاڪ شو ڏسندو ھيو انھن جو جلدي اثر وٺندو ھيو. تازو ئي ھڪ مشھور ۽ سندس پسنديدہ اينڪر جا اليڪشن تي مختلف پروگرام ڏٺا ھئائين جنھن انھي ڳالھہ تي ڪاڪڙو ڦاڙي زور ٿي ڀريو تہ نوجوان ھن ملڪ جو آئيندو بدلائيندا ۽ خاص ڪري جيڪي اليڪشن ڪرائيندا انھن وٽ ملڪ جي مستقبل کي بدلائڻ جي طاقت ھوندي. شيراز تي انھن پروگرامن جو گهرو اثر ٿيو ھيو ۽ وري جو سندس نالو پريزائڊنگ آفيسر طور مقرر ٿيو تہ ھو پاڻ تي ھڪ اھم ذميواري محسوس ڪري رھيو ھو. سينيئرس جون ڳالھيون ٻڌي ڪجھہ مايوس تہ ٿيو پر وري بہ جواني جي جوش ۾ اچي سينيئرس کي چوڻ لڳو ،
” سر اگر اسان ئي ايڏو ڊڄنداسي تہ پوءِ اليڪشن جھڙو حساس ڪم ٻيو ڪيرڪرائيندو. پريزائيڊنگ آفيسر وٽ ھڪ ڏينھن لاءِ مئجسٽريٽ جا اختيار ھوندا آھن. ھو ڪنھن کي بہ جيل موڪلي سگهي ٿو. تنھن ڪري اسان کي گهٻرائڻ نہ کپي. ٻيو تہ ڊي سي ڊي . آر . آو ( ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر) ھوندو آھي، ڪنھن بہ ڳالھہ تي ھو نوٽيس وٺِي چيف سيڪريٽري يا لاڳاپيل ادارن سان ڳالھائي سگهي ٿو. خاص ڪري اليڪشن جي ڏينھن تي سندس رسائي ھر ڪنھن تائين ھوندي آھي. بس ھڪ ڪال جي دير آ“ شيراز اليڪشن جي حوالي سان مليل ٽريننگ دوران سکيل ڳالھہ جو حوالو ڏيندي کين سجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس ڳالھيون ٻڌي سينيئر استاد کلڻ لڳا ۽ کيس ٽوڪيندي چيائون، ” واھہ نوجوان ھاڻي معني تون ماڻھن کي جيل موڪليندين! بادشاھہ ماڻھو آھين يار ! “
” ڪڏھن ٻُڌئي تہ ڪنھن ماستر ڪنھن کي جيل موڪليو ھجي پوءِ ڀلي اھو پريزائيڊنگ آفيسر ڇو نہ ھجي؟“
اسلاميات جي سينيئر استاد محمد امين کيس سمجھائڻ واري انداز ۾ چيو ھو ، ” نوجوان متان انھي مئجسٽريسي جي آسري تي ڪنھن سان اٽڪائي ويھين. اھي ڊي سي وي سي ايئن ئي ٿئي پنھنجي ڪم لاءِ بس. ڪوئي بچائڻ نہ ايندُئي. تنھن ڪري ماٺ ڪري اليڪشن ڪرائي ۽ گهر ڀيڙو ٿِجان. اسان تہ ڪوشش ۾ آھيون تہ ڪا سفارش لڳرائي نالو ڪڍرائجي.“
جن استادن کي پئسي جي ڪري اليڪشن جي ڊيوٽي ڏيڻ جو شوق ھيو ، انھن مان ھڪڙي چيو ، ”سائين! اجايو ٿا نوجوان کي ڊيڄاريو ٻيلي! اھڙي ڪھڙي فارسي آھي اليڪشن ڪرائڻ ۾! صبح جو اليڪشن وقت تي شروع ڪرائي ۽ شام جو ووٽ ڳڻي، دٻا ۽ رزلٽ جمع ڪرائي گهر! جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ! “
”واھہ سائين واھہ ! آھي بہ سبزي کپائڻي نہ تہ صبح جو شروع شام جو ختم! جڏھن ”ڀائو“ وارا اچي ميدان ۾ لٿا نہ پوءِ خبر پوندوَ...“
پاڪستان اسٽڊي واري استاد ساجد پاڪستان اسٽڊي مان ھڪ چيپٽر پڙھندي پنھنجي ڳالھہ پوري ڪئي.
ايئن ملڪ ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۽ ان جي ممڪنہ نتيجن تي بحث ھلندا رھيا. ڪامن روم ۾ سينيئر استاد جونيئر استادن کي ڊيڄاريندا يا سمجھائيندا رھيا تہ اليڪشن ڊيوٽي دوران ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نہ ڪرڻ گهرجي.
ٻئي ڏينھن تي اليڪشن ڊيوٽي ۽ پولنگ جو سامان وٺڻ لئہ سڀني کي ڊي سي آفيس پھچڻو ھيو. منجھند جو ٻي وڳي سڀ پريزائينڊگ آفيسر، اسسٽنٽ پريزائينڊگ آفيسر، پولنگ آفيسر ۽ اسٽاف ڊي سي آفيس ۾ پھچي چڪا ھئا جتي شاميانا لڳايا ويا ھئا. ھزارن جي تعداد ۾ ۾ ماڻھو ھئا جن ۾ اڪثر تعليم کاتي مان ھئا. عورت پريزائڊنگ آفيسر بہ ھيون جن لئہ ڪوئي الڳ ويھڻ جو نہ تہ انتظام ڪيو ويو ھيو نہ ئي کين اليڪشن جو سامان ڏيڻ لاءِ ڪوئي الڳ ڪائونٽر لڳل ھيو. ماڻھو بيزاري مان ھڪ ٻي ڏي گهوري رھيا ھئا. جيڪي ھڪ ٻئي جا واقف ھئا اھي ٽوليون ٺاھي ڪچھري ۾ لڳي ويا ھئا. ھر آر آو (رٽرننگ آفيسر) جو الڳ الڳ ڪائونٽر لڳل ھيو جتان ماڻھن کي اليڪشن جو سامان ملڻو ھيو. اليڪشن جي سامان ۾ پولنگ بوٿ، بيلٽ پيپر باڪس، ھڪ سيل لڳل ٿيلھو جنھن ۾ ووٽ ڏيندڙ جي فھرست، رزلٽ ٺاھڻ لئہ گهربل فارم، مس، پينيون ۽ بيلٽ پيپر ھئا. ھر پريزائڊنگ آفيسر کي ھڪ ٿيلھو ، جنھن کي پولنگ بيگ ٿي سڏيو ويو، ٿي مليو ۽ ان سان گڏ اليڪشن ڊيوٽي جو سندس ۽ ان پولنگ اسٽيشن تي موجود اسٽاف جو معاوضو ٿي مليو. پريزائڊنگ آفيسر اھو سامان ۽ پئسا وٺي، اسٽاف گڏ ڪري متعلقہ گاڏي تي وڃي ٿي ويٺو جيڪا کيس پولنگ اسٽيشن تي کڻي وڃي ھا. ھر پريزائڊنگ آفيسر کي لفافي ڏيندڙ، جيڪو ڊي سي آفيس جو ڪوئي ڪلرڪ ھيو، اھو چئي رھيو ھيو تہ ان ۾ پئسا ھر ھڪ جي عھدي ۽ اسٽاف جي حساب سان آھن . تقريبن ھر پريزائڊنگ آفيسر پنھنجي اسٽاف جي اجرت مان پنج پنج سوَ رپيا گهٽ ٿي ڏنا. جن تي ڪجھہ اسٽاف وارن شور شروع ڪيو ھيو.
ماڻھن جا انبوھہ ڏسي شيراز حيران ٿي ويو تہ ايڏي رش ۾ پولنگ جو سامان ڪيئن وٺندو؟ ٻيو تہ جيڪو ھن تصور ڪيو ھيو تہ مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ کين مان مرتبو ملندو ۽ پوليس اھلڪار سندن حفاظت لئہ ھوندا؛ اھي سڀ خيال دونھين جيئن ھوا ۾ گم ٿي ويا. مٿان وري قطار ۾ بيھي اليڪشن سامان وٺڻ واري خواري! سامان وٺندي وٺندي شيراز کي رات ٿي وئي. رات جا ڪوئي 11 ٿيا ھئا جو گاڏيون پنھنجي منزل، يعني پولنگ اسٽيشن طرف روانو ٿيون. ماڻھن جا ھوش ئي خطا ٿي ويا ھئا. بک ۾ سندن ساھہ ٿي نڪتو. مٿان وري گرمي اھڙي جو بلڪل ٻوسٽ واري صورتحال.
شيراز سان گڏ جن ٻن عورت پولنگ آفيسر جي ڊيوٽي لڳل ھئي اھي وٽس آيون ۽ ايلاز واري انداز ۾ کيس چوڻ لڳيون،
” سر! ھاڻي سامان ملي ويو آھي، اگر توھان اجازت ڏيو تہ اسان ھاڻي گهر وڃون صبح جو 7 وڳي پھچي وينديوسين.“
شيراز ڪجهہ سوچي پوءِ کين چيو ،
” جي ادي! توھان ڀلي وڃو، بس صبح جو سوير پھچي وڃجو“
شيرازجي جتي ڊيوٽي لڳل ھئي اھا پولنگ اسٽيشن ويجهو ئي ھئي ان ڪري جلد ئي ھو ۽ سندس اسٽاف وارا اتي پھچي ويا.
اسڪول ۾ پھچي ھنن سامان ھڪ ڪمري ۾ رکيو ۽ اسڪول جو جائزو وٺڻ لڳا. نہ تہ اسڪول ۾ ڪو لائيٽ جو بندو بست ھيو نہ پاڻي جي ڪا سھولت. سندس ٻہ اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر پريشاني مان کيس چوڻ لڳا،
” سر! رات ھتي ڪيئن گذارينداسي! نہ لائٽ آھي نہ پاڻي، واش روم تہ ٺھيو پيئڻ جو پاڻي بہ ناھي. مٿان وري بک ۾ ساھہ ٿو وڃي.“
” گهٻرايو نہ ڪجھہ ڪري ٿا وٺون.... “ ايئن لڳو ھن پاتال مان ورندي ڏني ھجي. شايد مايوسي ھن تي طاري ٿي چڪي ھئي ڇو تہ ھن سوچيو ھيو تہ پريزائڊنگ آفيسر کي ڪو وڏو پروٽوڪول ملندو ھوندو ۽ ھن جي پھچڻ سان پولنگ اسٽيشن تي ھر سھولت موجود ھوندي. پر ھتي هئا ڪاري وارا ڪک. ڪجھہ دير تہ شيراز ماٺ ڪري ويٺو رھيو ۽ آسمان کي تڪيندو رھيو پر پوءِ ڪجھہ سوچي ھڪ اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر سان مخاطب ٿيو ،
” شھر آھي؛ دوڪان اڃان کليل آھن. ھل تہ کائڻ پيئڻ لئہ ڪجھہ وٺي اچون. “
” توھان سامان جو خيال ڪيو تہ اسان ٿِي ٿا اچون. “ شيراز ٻي اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسرکي چوندي ھڪ اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر کي ساڻ ڪري ٻاھر سامان وٺڻ لئہ نڪري ويو. ڪجھہ دير کان پوءِ شيراز ۽ اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر ڪجھہ برگر ۽ پاڻيءَ جون بوتلون وٺي آيا. موبائل جي ٽارچ ٻاري اسڪول مان اندران بئنچون ڪڍي آيا ۽ ان تي ويھي برگر کاڌائون. سندن پيٽ ۾ ڪجهہ پيو تہ ٻين اھم مسئلن تي سوچڻ لڳا، جن ۾ سڀني کان اھم مسئلو صبح جو واش روم جو ھيو. پولنگ آفيسر چيو ،
” يار! صبح جو واش روم ڪٿي استعمال ڪنداسي؟ ھي تہ شھر آھي، ڳوٺ ھوندو آھي تہ ماڻھو جهنگ ۾ نڪري ويندو آھي، ھتي ڪيئن ڪبو؟“
” يار اھو تہ وڏو مسئلو آھي! سڄو ڏينھن ڪيترو روڪينداسي، پَرائي باھہ آ!؟“ ھڪ اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر پنھنجي پيٽ تي ھٿ ڦيريندي چيو،
” ڀلا صفا زور پيو تہ ان روم ۾ وينداسي جتي ڀڳل فرنيچر پيو آھي.“ پولنگ آفيسر ڄڻ تي پنھنجي لاءِ رستو ٺاھيندو ھجي. جهنگ جي خيال جي پريشاني، سڀاڻي واري ڏينھن جي ڳڻتي ، سخت گرمي ۽ مڇرن ڪري سڄي رات ويھي ڪچھري ڪري گذاريائون. ڀنڀرڪي ويل سندن ٿوري اک لڳي وئي . سج جا ڪرڻا جيئن ئي سندن چھري تي پيا تہ سندن اک کُلي وئي. شيراز سڀني کي سلام ڪيو ۽ ھڪ پريزائيڊنگ آفيسر کي پئسا ڏيندي چوڻ لڳو ،
” يار ويجھو ئي ڪنھن ھوٽل تان سڀني لئہ نيرن وٺي اچ. سڄو ڏينھن ڪجھہ وري کائي بہ ڪونہ سگهنداسين. وري رات جي بہ ڪا خبر ڪونھي. ڪلھہ منجهند کان گهران نڪتل ھون.“
ھو ھمراھہ نيرن وٺڻ ويو تہ شيراز پنھنجي ٻين ساٿين کي چوڻ لڳو.
” يار جيستائين ھو ناشتو وٺي اچي تيستائين پولنگ بوٿ وغيرہ سيٽ ڪري وٺون باقي پولنگ بيگ پارٽين جي ايجنٽن جي موجودگي ۾ کولي پولنگ شروع ڪنداسي .“ ايئن ھنن پولنگ بوٿ سيٽ ڪرڻ شروع ڪيا.
پولنگ آفيسر اسٽور روم نما ڪمري ڏانھن ڀڄندو ٿي ويو، سندس ھٿ ۾ ھڪ پاڻي جي بوتل ھئي.
ڪجھہ دير ۾ نيرن اچي وئي تہ سڀني گڏجي نيرن ڪئي.جيئن ھو نيرن ڪري رھيا هئا تہ ٻہ پوليس وارا بہ اچي ويا. شيراز کين ڏسي باھہ ٿي ويو. کين چوڻ لڳو،
” توھان کي تہ رات ھتي اسان سان گڏ پولنگ اسٽيشن تي ھجڻ گهرجي ھا ۽ توھان ھاڻي ظاھر ٿيا آھيو. ڪجهہ ٿي وڃي ھا تہ ڪير ذميوار ھيو؟ “
” صاحب! رات ھڪ ھنڌ واردات ٿي ھئي اتي ويا ھئاسي.“ پوليس واري پنھنجو رواجي جواب ڏئي پنھنجي جان ڇڏائي.
شيراز ڪاوڙ مان کيس ڏسندو رھيو ۽ چوڻ لڳو،
” مان مئجسٽريٽ آھيان، توھان کي سسپينڊ ٿو ڪري سگهان، يا توھان لئہ مٿي لکي ٿو سگهان.“
” صاحب! ھاڻي ڇڏيو نہ ڀوڳ. ماستر ماڻھو ۽ ماجسٽيٽ“ ، ھڪ پوليس وارو کلندي چوڻ لڳو.
شيراز پنھنجي ڪم سان لڳي ويو.
ٿوري دير ۾ ٻِن مکيہ پارٽين جا ايجنٽ بہ اچي ويا ۽ 8 وڳي انھن جي موجوگي ۾ پولنگ بيگ کولي انھي مان سينسٽو ( حساس) مٽيريل ڪڍيو ويو ۽ پولنگ جي شروعات ٿي وئي.
پولنگ جا بہ پنھنجا رنگ ھوندا آھن.ڀانت ڀانت جا ماڻھو ٿي آيا ۽ ڀانت ڀانت جون ڳالھيون ۽ خواھشون.
ووٽ ڏيندڙ پولنگ آفيسر وٽ پنھنجو ڪارڊ ڏيکاري پنھنجي ووٽ جي تصديق ڪري ۽ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر وٺي پولنگ بوٿ ۾ وڃي پنھنجو ووٽ ٿي وجهي آيا. پر اڪثر ووٽ ڏيندڙن کي يا تہ خبر نہ ھئي تہ ووٽ ڪيئن ڏجي يا ڪنھن کي ڏجي. ھڪ ووٽ ڏيندڙ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر وٺندي پڇڻ لڳو،
” ڀائو ڪھڙو نشان ڀلو آھي؟ ڪنھن کي ووٽ ڏيان؟“، تنھن تي اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کيس چوڻ لڳو.
”جنھن پئسا ڏنا ٿي ان کي ڏي.“
تنھن تي ھمراھہ چوڻ لڳو ، ” پئسا بہ ملندا آھن ڇا“
” رڳو پئسا! مانيون بہ کارائيندا آھن“ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر اک ھڻندي کيس ٻڌايو.
” وڃ ڙي اسان تہ مفت ۾ ٿا ووٽ ڏيون“ ھمراھہ ايئن چوندي پولنگ بوٿ طرف وڌڻ لڳو.
ھڪ ھمراھہ بيلٽ پيپر وٺي ان کي ڏسندي چوڻ لڳو.
” ادا! مان تہ سچائي کي ووٽ ڏيڻ آيو آھيان. پر ھي سڀ نشان تہ ڪوڙن جا آھن. ڪنھن کي ووٽ ڏيان؟ ڇا اھڙو ڪو آپشن آھي جو انھن مان ڪنھن ھڪ کي بہ ووٽ نہ ڏيان ۽ ووٽ بہ ڏيان؟“
اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کيس غور سان ڏسڻ لڳو، شايد سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو تہ سندس ڪلَ تہ ٿڙيل ناھي. کيس چوڻ لڳو،” پوءِ توھان ووٽ ڏيڻ ئي نہ اچو ھا.“
” نہ اھو وري ڪيئن! ووٽ تہ امانت آھي، ڏيڻو تہ آھي.“
” تہ پوءِ ڪنھن ھڪڙي کي ڏيو نہ..“ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کيس گهوريندي چيو.
” نہ ڪيئن ڏيان، سڀ ٺڳ آھن.“ ھمراھہ ٺھہ پھہ جواب ڏنو . ايئن چئي ھو پولنگ بوٿ طرف ھليو ويو.
ھڪ ھمراھہ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو ،
” ھي ڪھڙو ظلم آھي. رڳو دھشتگردي وارا نشان آھن، ڪنھنجو بندوق تہ ڪنھنجي توپ، ڪنھنجي تلوار تہ ڪنھنجو پسٽول! مان تہ ڪبوتر کي ووٽ ڏيڻ آيو آھيان پر اھو نشان تہ بيلٽ پيپر تي آھي ئي نہ.“
ھڪ ڦاٽل گوڏ پاتل ھمراھہ پنھنجي پٺي سان لڳل پيٽ تي ھٿ ھڻندي اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کي چوڻ لڳو.
” مان ماني کي ووٽ ٿو ڏيڻ چاھيان. آھي ڪنھنجو نشان ماني يا لولو؟ جيڪو اسان جي بک ڀڄائي؟ “
” چاچا! توھان کي ڇا ٿو لڳي جن جو نشان ڪتاب آھي انھن کي تعليم سان لڳاءُ آھي ؟ تہ ماني يا نان ھجڻ نہ ھجڻ جو ڪھڙو فائدو ٿيندو؟“ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”فائدو ٿئي يا نہ ٿئي مان گهر ۾ موجود بکايل ٻارن کي تہ وڃي ٻڌائيندم نہ تہ مون توھان جي لئہ ماني کي ووٽ ڏنو آھي ھاڻي جلد توھان کي ماني ڳڀو ملندو.“ ڪراڙي شخص وات طرف گرھہ جو اشارو ڪيو ۽ پولنگ بوٿ طرف وڌيو.
ھڪ برگر دوشيزا پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي جنھن کي سپاھي ننھن کان چوٽي تائين ڏسڻ لڳا. ھن اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر وٺندي ان کي غور سان ڏسڻ شروع ڪيو، ايئن لڳو ڪجھہ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ھجي. ڪجھہ دير کانپوءِ چوڻ لڳي،
” what the hell! Such misogynistic symbols! What a Shame! No female representation
( ڪيڏي نہ شرم جي ڳالھہ آھي! ڪيڏا نہ عورت مخالف نشان آھن! عورت جي نمائندگي آھي ئي ڪونہ.)
ھوءَ وڌيڪ چوڻ لڳي.
” مان تہ آئي ھيس تہ ڪنھن اھڙي اميدوار کي ووٽ ڏيان جيڪو عورت جي آزادي جو حامي ھجي. پر ھتي تہ نشانيون ئي سڀ ظلم ۽ جبر جون آھن ـــ ھٿيار، جانور! ۽ جانور بہ سڀ نر جانور! ڪا ھرڻ! ڪا جهرڪي ئي ھجي ھا!“ ايئن چئي ھوءَ ووٽ ڏيڻ بنا ئي واپس ھلي وئي.
ھڪ جهوني عورت آئي جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ پراڻي قميص ھئي. ھوءَ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر وٽ بيھي کيس چوڻ لڳي.
”ڪوئي اھڙو نشان آھي جنھن تي مان ٺپو ھڻان تہ منھنجو گم ٿيل پٽ واپس اچي وڃي. ھڪڙو ليڊر اسان جي ٻارن جي واپسي جون ڳالھيون تہ وڏيون ڪندو آھي. ڀلا ان جو نشان ڪھڙو آھي؟“
” امان ان جو تہ ڪو نشان ئي ناھي. باقي ان جي پٽ جو نشان بگهڙ آھي. ھي ڏسو. “
” نہ ٻچا! ڀلا بگهڙين بہ ڪڏھن ڀلائي ڪئي“ ايئن چئي ھوءَ قميص کي چميون ڏيندي پولنگ اسٽيشن کان ٻاھر نڪري وئي.
جيئن ڏينھن کُٽندو ويو تيئن ووٽ ڏيندڙن جو تعداد وڌندو رھيو. شيراز پولنگ اسٽيشن ۾ موجود سرگرمي جو جائزو وٺندو رھيو. ھو مطمئن ھيو تہ پولنگ جو مرحلو صحيح ھلي رھيو ھو ۽ ڪا رڪاوٽ نہ آئي ھئي. پر پولنگ اسٽاف جا بک ۾ ھوش خطا ٿي ٿيا. ھڪ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر شيراز کي چيو.
” سر سڀن کي ڏاڍي بک لڳي آھي، چون ٿا ڪوئي ماني وٺي اچي يا ڪنھن طريقي سان ڪو انتظام ٿي وڃي“
” ڪير وٺي ايندو؟ ايئن وچ ۾ پولنگ کي نٿا ڇڏي سگهون.“ شيراز کتو جواب ڏنو.
” سر! گرمين جا ڏينھن آھن، تمام وڏا. ھاڻي تہ اسانجي شگر ليول ڊائون پئي ٿئي“ ھڪ عورت پولنگ آفيسر شڪايت ڪندي چيو.
” ادي توھان تہ آيا بہ صبح آھيو وري شڪايت بہ توھان ٿا ڪيو.“ شيراز کيس ڪلھوڪو انھن کي ڇڏڻ وارو ٿورو ياد ڏياريو. ھوءَ ويچاري ڪنڌ ھيٺ ڪري پنھنجي ڪم ۾ لڳي وئي. ھڪ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ افيسر جيڪو صفا کڙپيل لڳي رھيو ھو ، ان چيو،
” اگر اجازت ڏيو تہ مان ڪنھن کي ڪال ڪيان؟ ماني ھِتي ئي پھچي ويندي، پر اسان کي پوءِ ڪا فيور انھن کي ڏيڻي پوندي“
” ڇا مطلب فيور؟ “ شيراز سوال ڪيو.
” فيور مطلب فيور. ھو ھڪ پارٽي وارا آھن انھن جي ڪجھہ ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي ۽ ھڪ ووٽر کي ھڪ کان وڌيڪ بيلٽ پيپر ڏيڻا پوندا.“
” دماغ تہ جاءِ تي اٿي نہ؟ ھي اليڪشن ڪرائڻ ھڪ امانت آھي، ان ۾ خيانت معني پنھنجي ملڪ ۽ قوم سان ٺڳي. ٻيھر اھا ڳالھہ سوچئي بہ تہ....“
شيراز کيس اھڙي اک ڏيکاري جو ھو ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳو.
شام جا پنج ٿيا تہ ووٽ ڏيڻ جو مرحلو بند ڪيو ويو ۽ ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي. مختلف دٻن کي کولي انھن ۾ موجود ووٽن کي ڳڻيو ٿي ويو. ڳڻپ جو مرحلو جاري ئي ھيو تہ شيراز جي نمبر تي ھڪ نئين نمبر تان بار بار ڪال اچي رھي ھئي. جيئن ئي ھن ڪال اٽينڊ ڪئي تہ ھن کي پريان کان ھڪ آواز آيو جيڪو کيس چئي رھيو ھو تہ ھو ڪنھن وڏي اداري جو سربراھہ آھي ۽ شيراز کي حڪم ٿو ڪري تہ گهوڙي واري پارٽي کي کٽرايو وڃي.
” پر سر! اھو ڪيئن ٿيندو؟ اھو.. اھو تہ قانون جي خلاف آھي، جنھن جا وڌيڪ ووٽ اھو ئي فاتح“ شيراز جهيڻي آواز ۾ چيو.
” تون اسان کي قانون نہ سيکار! جيئن چيوسي تيئن نہ ٿيو تہ سمجھين ٿو.“ پريان کان آواز آيو ۽ ڪال بند ٿي وئي.
شيراز جا ھٿ ٺري برف ٿي ويا ھئا ۽ سندس نرڙ تي پگهر ئي پگهر ھيو. ھو ووٽ ڳڻپ ڪرائيندو رھيو ۽ سندس ڪنن ۾ ھو رعبدار آواز گونجندو رھيو. رزلٽ ٺھي تيار ٿي ويو ۽ ھن اھو سڀن آڏو ٻڌايو. ان کانپوءِ پولنگ مٽيريل واپس ڏيڻ لاءِ ھو ڊي سي آفيس روانا ٿيڻا ھئا. ھاڻي اسسٽنٽ پولنگ آفيسر بہ اھو چئي پنھنجي جان ڇڏائي ويا تہ کين شديد بک لڳي ھئي ۽ ان جو ذميوار بہ شيراز ھيو. کيس ياد ڏياريائون تہ ھن کين منجهند ماني گهُرائڻ نہ ڏني ھئي جنھن جي ڪري اھي بک تي ھئا.
ھاڻي پولنگ بوٿ سان گڏ شيراز کي پولنگ بيگ بہ کڻڻو ھيو. ھو سوچي رھيو ھو.
” واھہ جو مئجسٽريٽ ٿيم. الٽو مزدور ٿي ويم. اھڙي مزدوري تہ ڪڏھن زندگيءَ ۾ نہ ڪئي ھئي.“ شيراز وارن کي ٻڌايو ويو ھيو تہ کين واپسي لاءِ بہ گاڏي کڻڻ ايندي. ھو انتظار ڪندو رھيو پر ڪا گاڏي نہ آئي. ھو سوچڻ لڳو.
”ھاڻي رڪشا تہ ڪرايان، پر ان کان تہ سختي سان منع ڪئي وئي ھئي . اگر رڪشا ۾ ڪو واقعو پيش اچي يا ڪوئي بيگ ڦُري وڃي تہ؟“ مختلف وسوسا سندس ذھن جي سرڪس تي قلابازيون کائيندا رھيا.
ھو وري سوچڻ لڳو.
” اگر سامان ھتي رکي رڪشا ڪرائڻ ويم ۽ پويان ڪوئي سامان کڻي ويو تہ!!! “
نيٺ مجبور ٿي ھو پولنگ بوٿ جا حصا مٿي تي رکي، پولنگ بيگ ڪلھي تي رکي ٻاھر رڪشا کي ڳولھڻ نڪتو. سندس ڀاڳو جو جلد ئي کيس رڪشا ملي ويو. ٻن ڪلوميٽرن جو پنڌ کيس ٻن سو ميلن جو پنڌ لڳي رھيو ھو جيڪو کُٽي ئي نہ پيو.
پولنگ مٽيريل واپس ڏيندي کيس رات جا 2 ٿي ويا. ٿڪو ٽٽو ھو گهر ڏانھن روانو ٿيو. ھو مطمئن ھيو تہ ھو ڪنھن جي ڏاڍ ڏھڪاءُ ۾ نہ آيو ھو ۽ جيڪو حق ھيو اھو ئي ڪيائين.
ٻن ڏينھن جي مسلسل اوجاڳي جي ڪري رات جو اچي فانءِ ٿي ڪري پيو ۽ کيس ملڪ جھان جي خبر ئي نہ رھي. صبح جو اٿڻ سان ئي ٽي وي ھلائي خبرون ڏسڻ ويھي رھيو تہ ڪھڙي پارٽي کٽيو ھيو. ٽي وي ڏسندي سندس اکيون ذري گهٽ ٻاھر نڪري آيون جڏھن ھن پٽي تي ھي خبر پڙھي :
” گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول الله رکيو پولنگ اسٽيشن مان 1102 ووٽ کڻي گهوڙي واري پارٽي فاتح قرار.“
ھن ڀڄي وڃي پنھنجو بيگ کڻي فارم 7 جي ڪاپي ٿي ڏسڻ چاھي جنھن مطابق گهوڙي واري پارٽي کي شڪست آيل ھئي.
ھُن سڄو گهر ڳولهيو پر ڪٿي بہ سندس بيگ نہ ھيو. ٿوري دير ۾ سندس واٽس ايپ تي ميسج آيو تہ سندس ٽرانسفر ھڪ انتھائي ڏورانھين علائقي ۾ ڪيو ويو ھو.