ڪھاڻيون

اکين جو آپگهات

دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھني

Title Cover of book AKHIAN JO AAPGHAT

ھيئرشپ سرٽيفڪيٽ

سج پنھنجي پوري آب و تاب سان نڪتو ھيو. ايئن ٿي لڳو تہ اڄ زمين کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندو. صبح سان ئي گرمي اھڙي جو ماڻھوءَ جو ساھہ ٿي نڪتو. ھر ماڻھو پاڻ کان بيزار بيزار، آدم بيزاري جي موسم شايد عروج تي ھئي ڇو تہ ماڻھن، خاص ڪري آفيس ۾ ويٺل صاحبن جي مٿي تي گهنجَ ھئا. ڊي سي آفيس ۾ ماڻھن جا ھشام ھئا. ميلي جو ڏيک ٿي لڳو. ڪجھہ ماڻھو پنھنجي زمينن جا کاتا سڌا ڪرائڻ آيا ھئا تہ ڪجهہ وري ٻين جي زمينن کي ھڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ غير آباد پيل زمينن جي کاتن جي معلومات وٺڻ آيا ھئا. ڪجهہ اھڙا ھئا جن پنھنجي زمين کپائي ھئي ۽ ھاڻي خريدار کي منتقلي (ٽرانسفر) ڪرڻ آيا ھئا. زمين کپائيندڙن ۾ڪجهہ تہ مجبور ھئا جيڪي ڪنھن سماجي يا معاشي مجبوري ، جهڙوڪ ڪنھن جو ٻچو بيمار تہ ڪنھن تي وري خون چٽي، جي ڪري پنھنجي زمين جو سودو ڪري رھيا ھئا تہ ڪي وري ابن ڏاڏن جي ملڪيت کي لٽائڻ وارا ھئا. جن مجبوري ۾ ٿي زمين کپائي انھن جا تاثر انتھائي دکدائڪ ۽ پيڙا وارا ھئا. 

ھڪ پڪي عمر وارو ھمراھہ اڇي پٽڪي ۾ پنھنجي ھڪ نوجوان پٽ سان ڳالھائي رھيو ھو ،

” ھڪ جُوءِ ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان.. زن ۽ زمين ڇڏڻ اسان جي وڙ ۾ ڪٿي آھي. بس سھڻل جي بيماري جي ڪري مجبور ٿي پيو ھان.“

نوجوان وراڻيس، ” بابا ڀائو کان مٿي ڀلا زمين تہ ناھي نہ، الله سِرن ڏي خير ڪري“

پٽڪي وارو ھمراھہ چوڻ لڳو، ” مون تہ ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ خدن کان وياج تي پئسا وٺان ۽ زمين نہ کپايان، پر ھن صفا کتو جواب ڏنو.“

ايئن ڊي. سي آفيس، جتي مختيارڪار ڪار ۽ اي . سي آفيس بہ ھئي، ماڻھن جي ڏکن ۽ خوشين جي ڪھاڻين جو مرڪز بڻيل ھئي. وري جيڪي ابن ڏاڏن جي ملڪيت عياشي لئہ کپائي رھيا هئا سرھائي ۽ خوشي سندن چھرن تي عيان ھئي. ھڪ اڇي ڪاٽن پھريل ھمراھہ پاڻ سان ويٺل ھمراھہ کي چوڻ لڳو ،

” يار ٻنين مان اچي ڇا ٿو؟ اڄ جا ڪڙمي آھن ٽوٽي، ڪم کانئن پڄي ڪونہ ٿو. مٿان وري ٻِج ڀاڻ جا اگهہ ۽ قدرت جا اوچتا ڏمر! انھي لاءِ بس اسان سوچيو تہ ٻني کپائي ڪوئي پراپرٽي جو ڪاروبار ڪجي.“

گڏ ويٺل ھمراھہ سندس سُر ۾ سُر ملايو ،

 ” پراپرٽي مان ماڻھو راتو رات ارب پتي ٿي ويا! اسان اڃان تائين ھنن ڀترن ۾ لڳا پيا آھيون.“

پٽڪي واري ھمراھہ سندن ڳالھيون ٻڌي جڪ پئي کاڌا ۽ پنھنجي منھن ڀڻڪڻ لڳو ،

” ھنن ڇورن کي ڪھڙي خبر ٻني ۽ وني جي. نہ سندن وڏن محنت ڪري ٻني ٺاھي ھئي نہ ھنن، تہ کين ڌوڙ قدر ٿيندو زمين ڀٽاريءَ جو.“

پريان وري ھڪ ڪراڙي ويٺي ھئي، جنھن جو ور استاد ھيو ۽ تازو تازو گذاري ويو ھيو؛ ٽي چار مھينا اڳ ۾. ھوءَ ھتي پنھنجي پٽ سان ھيئرشپ سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ آئي ھئي جيڪو مڙس جي پينشن وٺڻ لئہ ضروري ھوندو آھي. کيس ان ڪم لئہ ايندي اڄ ڇھون ڏينھن ھيو جو ھو مسلسل پنڌ ڪري رھي ھئي پر مختيارڪار آفيس جو ڪلارڪ روز کيس ڪا نئين ڳالھہ ٻڌائيندو ھيو. اصل ۾ ھو ان استاد جي زال کي ان ڪري رلائي رھيو ھو جيئن کانئس ڪي سٺا پئسا ڪڍي سگهي. ھو انسان نہ ھو بلڪِ ڪاسائي ھيو. سندس ئي آفيس جو ھڪ جونيئر ڪلارڪ جيڪو نوجوان ھو ۽ اڃان زماني جي ھوا کيس نہ لڳي ھئي ، ان هڪ ڀيري کيس چيو، 

” استاد! ٿورو غريبن تي رحم ڪر ٻيلي! ھيئرشپ ٺھرائڻ ئي اھي ٿيون اچن جيڪي بيوہ آھن، سندن نہ ڪو اوھي نہ واھي، تازو ئي ھڪ صدمي مان نڪتل ... مٿان وري تون کين ايڏو رلائين!“

ھو ڪاوڙ مان کيس ڏسي چوندو ھو، ”مان ڇو ٿو کين رلايان؟ ڪري اچن سڀ ڪاغذ پورا.“

” تون ڪاغذي ڪاروايون ڪرائين ئي ايتريون ٿو جو ھو ويچارا مري پون بہ پوريون نہ ڪري سگهن.“

”نہ ڪري سگهن تہ پوءِ خرچي ڪرائي وڃن تہ ڏس ڪيئن ٿو ڪم ٿئي!“ پوري بي حيائي سان اک ھڻي ھن جونيئر ڪلارڪ کي چيو ھو. سينيئر ڪلارڪ ھن نوجوان تي ڏاڍو ٻڙڪندو ھيو پر کيس ڪجهہ ڪري نہ ٿي سگهيو ڇو تہ ھڪ تہ ھو ڪنھن رشوت واري معاملات ۾ نہ ھيو ٻيو ھن جو ڀاءُ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڪنھن سٺي عھدي تي ھيو. 

ماستر جي زال سينيئر ڪلارڪ جي ڪمري ۾ آئي ۽ چوڻ لڳي. 

” ادا! خدا جو نالو ٿوَ مون کي وڌيڪ نہ رلايو، اڳ ۾ تہ منھنجو مڙس بيمار ھيو قرض کڻي ان جو علاج ڪرايو؛ ھاڻي پنجن مھينن کان اسان جي پينشن شروع ناھي ٿي.(ٻہ مھينا تہ عدت ۾ ھجڻ جي ڪري نہ اچي سگهي ھئي) منھنجا ننڍا ٻچا ڪاڏي ويندا! توھان بہ ٻچن وارا آھيو! “

سينيئر ڪلارڪ نڪ تي چشمو ڪري، مٿان اکيون ڪڍي کيس چوڻ لڳو،

”مائي اسان ڇا ڪيون؟ ڪاغذ تہ پورا ڪيو نہ، سڀاڻي انڪوائري ٿي تہ اسان لوڙيندا وتون ڇا توھان جي بدران؟“

” اڃان ڪھڙا ڪاغذ پورا ڪيان؟ نو مئرج سٽيفڪيٽ، ڊيٿ سرٽيفيڪٽ، يو سي مان ريزيڊنس سرٽيفڪيٽ، بجلي جا بل، ٻن گواھن جون شاھديون، ھي اخبار ۾ بيان، سڀ تہ مون پورا ڪيا آھن.“ 

ھن ھڪ ئي ساھي ۾ ظلم جي سڄي ڪٿا ٻڌائي ۽ سھڪڻ لڳي.

”مائي پر تنھنجي ڪارڊ تي ٻہ ايڊريس آھن، ان مطابق اسان ھيئرشپ سرٽيفڪيٽ نٿا ٺاھي سگهون.“ 

” پر تو اڳ ۾ تہ اھا ڳالھہ نہ ڪئي. ٻيو ٻن ايڊريسن ۾ ڇا مسئلو آھي؟ ھي سڄي شھر وارا منھنجي مڙس کي سڃاڻيندا آھن، تون پڇا ڪرائي ڏس. تو وارا پٽ بہ تہ مون واري مڙس وٽ پڙھيا آھن.“

” تہ پوءِ مون چيو ڇا توھان کي تہ ٻہ ايڊريس رکو؟ قانون تہ قانون آھي!“ سينيئر ڪلارڪ کيس کھرائي مان جواب ڏنو.

 جونيئر ڪلارڪ کي استاد جي گهر واري تي رحم اچي ويو، ھو اٿيو ۽ وٽس آيو.

” امان! مون کي ڏيو ڪاغذ مان ڏسان ٿو ڪجهہ، يا مختيار ڪار صاحب اچي تہ مان خود ساڻس ڳالھائيندم. اڄ جمعو آھي توھان سومر تي اچجو.“

” ابا! مولا توکي اَڏيندو“ ھٿ مٿي ڪندي استاد جي زال جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ھا. 

جونيئر ڪلارڪ سينيئر ڪلارڪ کي مخاطب ٿيو.

 ” استاد، (دل ۾ سوچيائين تہ اھڙي ظالم انسان کي استاد چوڻ نہ گهرجي، وري خيال آيس تہ ٻہ اکر ڪم جا ھن کان سکيو آھي، استاد تہ ٿيو نہ)، اگر اسان مري وياسي تہ پوءِ اسان جي گهر واري بہ ايئن ئي آفيسن جا ڌڪا کائيندي ۽ کيس ايئن ئي ڪو ڪلارڪ ان سرٽيفڪيٽ لاءِ رلائيندو. توھان جون تہ ٻہ شاديون ٿيل آھن استاد!“  سينيئر ڪلارڪ کيس ڪو جواب نہ ڏنو ۽ ڪاغذن کي ٺاھڻ لڳو.

مختيارڪار آفيس جو اھو سينيئر ڪلارڪ انسان نہ بلڪِ انساني لبادي ۾ ڪوئي بگهڙ ھو، صفا ڏائڻ کان بہ اڳتي ڇو تہ ڏائڻ بہ ھڪ گهر ٽاريندي آھي.

 ھڪ ڀيري ھڪ پٽيوالي جي زال وٽس ھيئرشپ سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ آئي ھئي. ھو نظرن کان نہ ڏسندي ھئي ۽ ڪوئي مائٽ ھن کي آفيس ۾ وٺي آيو ھيو جو کيس ڪا اولاد نہ ھئي ۽ نہ ئي سندس پيڪين مان ڪوئي زندہ ھيو. کيس چيو ھئائين ،

” اڪيلي آھين، ھيڏي پيينشن ٿيندئي. پورا ويھہ ھزار وٺندو مانءِ ڪم جا“

ھن ويچاري کان تہ صفا ڇرڪ نڪري ويو ھيو. ” منھنجي ھڙ ۾ ھڪ ھزار تڪ ناھي تون ويھہ ھزار ٿو چوين.“

” تہ پوءِ ڪم ڪونہ ٿيندو، رولس ۾ ڪٿي بہ لکيل ناھي تہ انڌن جو بہ ھيئرشپ سرٽيفڪيٽ ٺھندو. پھريان پنھنجو فٽنيس سرٽيفڪيٽ ٺھرائي اچ“

” اھو وري ڇا ٿيندو آھي؟ تون ھي ٺاھي ڪونہ ٿو ڏين تہ ٻيو ڪٿان ملندو؟“

” مون کي خبر ناھي، ٽر ھتان ۽ ڪاغذ پورا ڪري پوءِ اچجان.“ نابين کي ڇڙٻون ڏيندي چيو ھئائين. 

ھن روئڻھارڪي انداز ۾ چيو ھو، ” ادا مان خود ٽڪيون وٺندي آھيان، توکي ويھہ ھزار ڪٿان ڏيان.“ ھو پنھنجي پنن کي ڏسندو رھيو. نابين عورت ٿورو رکي وري ڳالھايو ھو، ” ڀلا اوڌر ڪر. وعدو آھي پئنشن ٿي تنھنجا پئسا لاھيندم.“

” مون ڪو ھتي ڪرياني جو دڪان کوليو آھي؟ صاحب مون تي اوڌر ڪندو ڇا؟ وڃو ھاڻي اسان کي ٻيا ڪم بہ آھن رڳو توھان جو ڪم ٿورئي آھي.“

ھوءَ نابين عورت نابين اکين ۾ بينن لئہ ڳوڙھا ڇڏي ڀت ۽ گڏ آيل ڇوڪري جو سھارو وٺندي نڪري وئي پر ڪنھن بہ ديد واري ھن جا ڳوڙھا نہ ڏٺا.

 ھڪ ڏينھن تہ ان سينيئر ڪلارڪ حد ڪري ڇڏي. ھڪ نوجوان ڇوڪري سندس آفيس ۾ آئي، شايد تازو ئي سندس شادي ٿي ھئي جو سندس ھٿن تي ھلڪا ھلڪا ميندي جا نشان هئا. ھوءَ ڪنھن پوليس واري جي گهر واري ھئي. ھوءَ ايڏي تہ حسين ھئي جو سڄي ڊي سي آفيس ٿي کيس نھاريو. ايئن ٿي لڳو ڪا يورپ جي دوشيزہ اڄ ڊي سي آفيس آئي ھئي. ھوءَ جيتري خوبصورت ھئي اوترو ئي اداس ۽ گم گم ھئي. ھوءَ پنھنجي ور جي اوچتي وڇوڙي تي بلڪل ئي وکريل ھئي. پر ھن سينيئر ڪلارڪ جي گگ ٿي ڳڙي. کيس اھو بہ خيال نہ ٿي آيو تہ سندس ھٿن جي اڃان ميندي بہ نہ لٿي آھي ۽ ھوءَ رنڙ ٿي آھي. پر ھن جي اندر ۾ وحشت ھئي. کيس اندر آفيس ۾ پنھنجي ڀرسان واري ڪرسي تي ويھاريائين. سڄي آفيس کيس ڏسي رھي ھئي.

 ” توھان چانھہ پيئندا ؟ “ ڇوڪريءَ کي مرڪندي چيو ھئائين.

”نہ..“ ھن مختصر جواب ڏنو.

” مون کي ڊاڪيومينٽس چيڪ ڪرايو.“ ھونءَ سندس اسسٽنٽ ڊاڪيومينٽس چيڪ ڪندو ھيو پر اڄ ھن اھو ڪم پاڻ ٿي ڪيو. ڊاڪيومينٽس کي غور سان ڏسڻ جو ڍونگ ڪري ساڻس ڳالھائڻ لڳو ، 

” توھان جا ھڪ ٻہ ڪاغذ کٽل آھن. جيڪي جلدي پورا ٿي ويندا. مان توھان کي لکي ٿو ڏيان.“ سندس واڇون ٽڙيل ھيون. سڄي آفيس حيران ھئي تہ سندس منھن تي ھر وقت ڪنھن جلاد واري ڪاوڙ ھوندي ھئي پر اڄ کيس ڇا ٿيو ھيو جو ھو صفا ميڻ جهڙو نرم ٿي ويو ھيو.

پر سندس ڪم نہ ڪيائين ۽ چئن ڏينھن کانپوءِ اچڻ جو چيائين. جڏھن ھوءَ وئي تہ سندس چمچي پٽيوالي سندس چمچاگيري ڪندي ساڻس ڳالھايو ھو ،

 ” استاد شيءِ تہ غضب جي ھئي. صفا توھان جي ڏانءُ جي.“

” بس ڙي بس، “ ھُن سس پس ۾ ھيڏي ھوڏي ڏسي چيو ھو.

 ” استاد ھڪ ڳالھہ نہ سمجھي، توھان اھڙي معشوق جو بہ ڪم نہ ڪيو.“ پٽيوالي سوالي نظرن سان کانئس پڇيو ھو.

 ” اڙي ڄٽ! جي اڄ سندس ڪم ڪيان ھا تہ ٻيھر ديدار ڪيئن ٿيندو...!“

 ” ھل ھاڻي چانھہ وٺي اچ ٿڪجي پيا ھون.“ پٽيوالي کي چيائين.

چئِن ڏينھن کانپوءِ اھا خوبصورت ڇوڪري پنھنجي ڪم سان وري آئي ھئي. ان ڏينھن سينيئر ڪلارڪ پنھنجي مٿي کي ڪيس ڪري آيو ھيو ۽ نوان ڪپڙا ۽ ويسڪوٽ پڻ پائي آيو ھيو. آفيس جي ڇوڪرن کي ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان ٻاھر موڪليو ھئائين.

” مونکي توھان جي مڙس جي موت جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو.“ ھن ساڻس ڳالھائڻ لئہ ڪوئي موضوع ٿي ڳولهيو پر کيس ٻيو ڪجهہ سمجھہ ۾ نہ آيو تہ سندس مڙس جي موت سان ڳالھہ شروع ڪيائين.

 ” جي الله جي ڳالھہ آھي، انسان جي وس ڇا آھي.“ ھن ڇوڪري کيس مختصر جواب ڏنو. 

”توھان تہ مون کي پڙھيل لکيل ٿا لڳو، ڪيترا پڙھيل آھيو؟“ ھن ڳالھہ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.

 ” انٽر.“ ڇوڪري مختصر ترين جواب ڏنو ھو. 

ھو ٿورو چپ رھي وري ڳالھائڻ لڳو، ”توھان تہ ماشاءَ الله خوبصورت ۽ جوان آھيو، ڪيسين ايئن رھندا؟“

ھن ڇوڪريءَ ٿورو کيس ڏٺو . وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ھو. 

پنھنجي چشمي کي ٺاھيندي ۽ ويسڪوٽ کي سڌو ڪندي ھن وري ڳالھايو ھو ، ” توھان ايئن ڪيسين رھندا، ٻي شادي جو ڪوئي ارادو؟“ نڪ جي پوري پڪائي سان کيس اھو جملو چيائين،

 ڇوڪري کيس حيراني مان ڏسندي رھي ھئي. ھن پنھنجي ڳالھہ جاري رکي ھئي، ”ڏسو اسان ھندو تہ آھيون ڪونہ اسان آھيون مسلمان ۽ نبي صه به بيوه عورتن سان شادي ڪئي ھئي، يعني اسلام ۾ ته انھي ڪم کي ساراھيو ويندو آھي. الله جي ڪرم سان مان پنج وقت نمازي آھيان...“ 

ھن پنھنجي ڳالھہ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڇوڪري کي گهوري رھيو ھو. ڪرسي سوري ٿورو سندس ويجهو آيو ھو. ڇوڪري سڏڪن ۾ پئجي وئي ھئي .

 سڏڪندي چوڻ لڳي، ” توھان کي خبر آھي مان پنھنجي ور سان ڪيڏو پيار ڪندي ھيم؟ ھو منھنجي ڪل ڪائنات ھيو، منھنجي طاقت منھنجو پردو ھيو. تڏھن ئي تہ ان کانپوءِ ھر ڪُتو ٻلو مون تي باھوڙي ٿو.“ 

ھن ششدر ٿيندي کيس پوري منافقت سان کيس چيو ھو ، ”نہ نہ ادي! منھنجو مطلب آھي تہ .. مونکي توھان تي رحم ٿو اچي توھان سان ايڏو الميو ٿيل آھي...“

لفظن سندس ساٿ نہ ڏنو ھو. ھيڏي ھوڏي ڏسي رھيو ھو تہ ڪوئي اچي ان ڇوڪري کي روئندڙ حالت ۾ نہ ڏسي. ڇوڪري پنھنجا ڳوڙھا اگهندي چوڻ لڳي ھئي، ”توھان جو اھو مون تي رحم ٿيندو تہ توھان مون کي جلدي سرٽيفڪيٽ ٺاھي ڏيو، وڌيڪ رحم جي ضرورت ناھي.“

تڪڙ ۾ ھن سرٽيفڪيٽ مختيارڪار کان صحيح ڪرائي کيس ڏنو ھيو. 

جونيئر ڪلارڪ آفيس ۾ آيو ھو . ڇوڪري جي اکين ۾ آلاڻ ڏسي سمجهي ويو ھيو تہ ڪجهہ ٿيو ھيو. 

ڇوڪريءَ جي وڃڻ کان پوءِ سينيئر ڪلارڪ کي چوڻ لڳو ھو، ”استاد! چون ٿا تہ جنگِ آزادي کانپوءِ جڏھن مغلن کي شڪست آئي، مغل بادشاھت ختم ٿي تہ ڪيئي مغل شھزاديون جن ڪڏھن حرم کان ٻاھر پير نہ رکيو ھيو اھي بازارن ۾ پننديون ھيون ۽ ڪي چڪلن جي رونق بڻيون ھيون.“

” ھا پوءِ مغل هئا بہ تہ ظالم نہ، پنھنجي رعايا سان ھنن ڪلور ڪيڏا ڪيا هئا. فلمن ۾ نہ ڏٺو ٿي.“

” استاد! رعايا رڳو اھا ناھي جنھن جي توھان حڪمراني ڪيو ٿا ۽ بادشاھہ رڳو اھو ناھي جنھن وٽ تخت ھجي. اسان بہ بادشاھہ آھيون، اسان وٽ بہ ذميوارين جو تخت آھي. جي ماڻھن کي رلائينداسي تہ اسان جي پوين سان بہ مغلن واري ڪار نہ ٿي.“

” تنھنجي زبان ڪجهہ گهڻي نٿي ھلي؟ ڪھڙو اسان ماڻھن سان ظلم ڪيو آھي؟ ماڻھو پنھنجا ڪاغذ پاڻ پورا نٿا ڪن ۽ شارٽ ڪٽ ٿا ڳولن.“

” شارٽ ڪٽ اھي ٿا ڳولن ۽ پئسا اسان ٿا ڪمايون ۽ ماڻھن کي ذليل ڪيون!“ جونيئر ڪلارڪ مٿس طنز ڪندي چيو ھو.

” پئسا رڳو مان کڻندو آھيان ؟ ھي سڀ ناھن وٺندا؟ مختيارڪار صاحب کي تون حساب ڪتاب ڏيندين؟“

 ” استاد! مختيار ڪار صاحب تہ ڪڏھن توکان ھيئرشپ جا پئسا ناھن ورتا.“ ڄڻ ھن سندس چوري پڪڙي ھجي. 

” توکي ڪنھن چيو ناھي وٺندو؟ ٻيو ھي سڄو پيپر جو، آفيس جو خرچو ڪٿان پورو ٿيندو؟“ سينيئر ڪلارڪ آفيس جون ڪجهہ تلخ حقيقتون ٻڌائي پنھنجا عيب لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.


مٿي چيو ويو تہ ھو ڏائنڻ کان بہ وڌيڪ ھيو ڇو تہ ڏائنڻ بہ ھڪ گهر ڇڏيندي ھئي. ٿيو ايئن جو ھڪ ڀيري ھڪ مختيارڪار جي زال وٽس پنھنجي ھيئرشپ ٺھرائڻ آئي. ھو ھن کي بہ رلائيندو رھيو . ڇھن مھينن جي مسلسل چڪرن کانپوءِ ھوءَ سندس آفيس ۾ آئي ھئي، سندس ھٿ ۾ قرآن ھيو.

” ھي قرآن جو واسطو ٿي ادا..! اسان کي ھيئرشپ ٺاھي ڏي....“ ھو روئندي رھي ھئي. سڄي آفيس وارا سڪتي ۾ هئا. ھتي تہ قرآن تي ست خون معاف ٿيندا هئا! پر ايڏي ننڍي ڳالھہ لئہ قرآن.

 ھوءَ روئندي رھي ھئي. 

” منھنجو مڙس بہ آفيسر ھيو، توھان پنھنجي پٽي ڀائي جو بہ لحاظ نٿا ڪيو.“ سڄي آفيس ۾ شور مچي ويو ھيو. مختيارڪار کي پنھنجي ڪلارڪ ٻڌايو ھيو؛ ھو پنھنجي آفيس مان نڪري آيو ھيو. 

” اڙي ڇا مسئلو آھي، ادي ڇا ٿيو آھي؟“ ھن زوردار آواز ۽ رعب سان چيو ھيو. 

مري ويل مختيارڪار جي زال ھن طرف منھن ڪري ڳالھائڻ لڳي ھئي،

”ادا! مان مختيارڪار ارشاد جي زال آھيان، ھي مون کي ڇھن مھينن کان ھيئرشپ لاءِ رلائي رھيو آھي.. توھان سان ملڻ بہ نٿا ڏين. روز چوندا آھن صاحب مصروف آھي.“ ڪلارڪ ڏانھن اشارو ڪري ھو روئندي رھي.

مختيارڪار صدمي ۽ حيرانگي ۾ کيس ڏسندو رھيو ھو. کانئس قرآن وٺي ان کي چمي ڏنائين. سينئر ڪلارڪ کي چوڻ لڳو ،

” ماڻھو جو تہ پٽ ئي ناھين تون! ڪا غيرت آھي تو ۾؟ پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي ماڻھن جا ڪم بہ نٿا ڪيو.“

” ھاڻي جو ھاڻي ادي جو فائيل مون وٽ کڻي اچو.“ ھن ان وقت ئي ان عورت کي سرٽيفڪيٽ ٺھرائي روانو ڪيو ھو. مختيارڪار ڪوشش ڪئي ھئي تہ ان جو ٽرانسفر ڪرائي پر مختيارڪار جو پنھنجو ئي ٽرانسفر ٿي ويو ھيو. 


ايئن ئي ھن جي ظلم جا داستان ھلندا رھيا. ھو ڪنھن کي بہ ھيئرشپ مفت ۾ نہ ٺاھي ڏيندو ھيو. ھاڻي تہ ھو جونيئر ڪلارڪ بہ پنھنجو ٽرانسفر ڪرائي ويو ھيو جيڪو کيس ٿورو گهڻو ٽوڪيندو ھيو. ھاڻي تہ ھو شينھن ٿي پيو چرندو ھيو.

ھڪ ڏينھن کيس ھيانوَ تي مونجهہ ٿي. ھو ان کي ٽاريندو رھيو. سوڊا بوتل گهرائي پيتائين. کيس لڳو تہ بد ھاضمي جي ڪري ايئن ٿيو ھو. سندس سور وڌندو ويو. نيٺ ھو پاڻ کي اسپتال کڻائي پھتو. جتي سندس فوتگي ٿي.

ڪجهہ عرصي کانپوءِ سينيئر ڪلارڪ جي ننڍي زال مختيار ڪار آفيس جي ھڪ ڪلارڪ سان شادي ڪئي ۽ سندس وڏي زال ھيئرشپ سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ لئہ مختلف آفيسن جا ڌڪا کائي رھي ھئي ڇو جو سندس پٽي ڀائي ھن وانگر ئي ڏائنڻ کان بہ وڌيڪ سفاڪ ھئا.