ورھايل ماڻھو
صبح سان اٿي ھو ڳوٺ ڳالهائي ٿو ۽ ڳوٺ جا احوال پڇي ٿو.
” چاچو گلڻ ڪيئن آھي؟“
” چاچي خميسي جا ٻار ڪيئن آھن؟“
”جانو وارن جو ڪجلي وارن سان ٺاھہ ٿيو؟“
” فصل ڪيئن ٿيا آھن ؟“
آچر واري ڏينهن ھو ڳوٺ ۾ رھندڙ سئوٽ کان سڄي ڳوٺ جا احوال وٺندوآھي. ھو رھندو تہ شهر ۾ آھي پر سندس ذھن تي ڳوٺ جو ڳهر ھر وقت ڇانيل ھوندو آھي. سندس روم ۾ جيڪي تصويرون آھن اھي بہ ڳوٺ جي مختلف نظارن جون آھن، ڳوٺ جي ياد جون آھن. ڦولار ۾ ورتل سندس تصوير جنهن ۾ ھو دوستن سان وڏا ٽهڪ ڏئي رھيو آھي، سنڌو ڪناري نڪتل تصوير جنهن ۾ ھو ھڪ ننڍي ٻيڙي تي بيٺو آھي ۽ سندس ھٿن ۾ ٻہ ڪُرڙا آھن، وڏي بڙ جي ھيٺان نڪتل ھڪ تصوير جنهن ۾ ھو کٽ تي ويٺو آھي ۽ سندس ڀرسان ھڪ ڏاند ٻڌل آھي جنھن جي ڳچي ۾ ھڪ عاليشان ڳانِي پيل آھي. سندس ڊرائينگ روم ڳوٺ جي تصويرن جي ھڪ ننڍڙي ’ڳوٺ گئلري‘ آھي ـــ ڳوٺ کان آيل رنگ برنگي ڇٻيون ساڄي پاسي کان ڀت تي لڳل آھن. ڀرت سان سجايل ونجڻا ڇٻين جي مٿان لڳل آھن. اجرڪ جي فريم سان ٺھيل ھڪ آرٽ پينٽنگ گهڙيال جي ھيٺان لڳل آھي. ھڪ ڏاند گاڏي جي تصوير آھي جنھن ۾ سج لھندي ڏيکاريل آھي جيڪا ھڪ سڻڪ تي ھلي رھي آھي. ھن جا شهري دوست ( جيڪي اصل ڳوٺن جا آھن پر ھاڻي کين ڳوٺاڻو سڏائڻ ۾ شرم ايندو آھي) اڪثر مٿس طنز ڪندي چوندا آھن:
”يار دلبر تون تہ ڳوٺ کي شهر ۾ کڻي آيو آھين، ايئن ٿو لڳي ڪچي ۾ ويٺا آھيون.“ ھو مرڪي کين جواب ڏيندو آھي، ” حيف تنين ھوءِ وطن جنين وساريو.“ تہ ھو سڀ ٽهڪ ڏئي کيس وٺ ڪندا آھن،
” ھئو ڙي ھئو! وڏو تون ڪامريڊ آھين، باقي اسان ڄڻ سڀ وطن جا دشمن. ھي بہ تہ اسان جو شھر آھي، اسان جو ديس آھي.“
” مون ڪڏھن چيو تہ ھي اسان جو ديس ناھي، اسان جوشهر ناھي. پر اسان کي پنهنجا اباڻا ڪک نہ وسارڻ گهرجن. ڀلا مارئي ڇو ملير لاءِ روئندي ھئي؟ جتي عمر کيس ترسايو ھيو ڇا اھو سندس ديس نہ ھيو؟ اھا سنڌ نہ ھئي؟ خبر اٿوَ مغرب وارن جي ترقيءَ جو راز ھڪ اھو بہ آھي تہ ھنن پنهنجا ڳوٺ ناھن وساريا.“
ھو اڪثر سوچيندو آھي: ”ھي ماڻهو اھو ڇو نٿا سمجهن تہ پنھنجي اباڻن ڪکن کي سارڻ جو مطلب اھو ناھي تہ توھان ڪنهن سياسي، قوم پرست تنظيم سان لاڳاپيل آھيو. ڀلا وطن رڳو قوم پرستن جو آھي ڇا؟ يا وطن سان، پنهنجي مارن سان، پنهنجي اباڻن ڪکن سان محبت ڪرڻ لئہ ڪنهن تنظيم ۾ ھجڻ ضروري آھي؟ شيخ اياز جنهن چيو، ”ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي مون کي ڪينجهر جي“ اھو ڪهڙي تنطيم سان ھيو؟ پنھنجي اباڻن ڪکن سان محبت خود ھڪ نظريو آھي جيڪو ھر حساس، با شعور ۽ حلالي فرد ۾ ھوندو آھي. ايئن تہ اھڙا بہ ڪامريڊ آھن جن ديس کي ڪاسائي جي اڏي تي ويھي قيمو ڪري کپايو آھي ۽ ڏسندي ڏسندي ڪک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا آھن جيئن اياز چيو، ” سنڌ وڏو واپار، ڪوئي نانءُ وٺي ڏسي.“
ھو رھي تہ شهر ۾ ٿو، پر ڳوٺ سندس وجود ۾، رڳ رڳ ۾ رت جيئن ڊوڙندو آھي. پنهنجي يارن کي اڪثر ڳوٺ جون ڳالهيون ٻڌائيندو آھي. اتان جي اٿڻي ويھڻي، ريتون رسمون، اتان جا ڏک، اتان جون تڪليفون اتان جا قدر، ڀائيچارو، ڏکئي وقت ۾ ھڪ ٻئي وٽ پهچڻ. ڪيئن ڪا فوتگي ٿيندي آھي تہ ڪانڌپي جو خرچ ورھائي کنيو ويندو آھي، جنھن کي ھو ’ميلپي‘ سڏيندا آھن. ڪيئن فوتگي کان تڏي کڻڻ تائين اوڙي پاڙي وارا ماني جو بندو بست ڪندا آھن تہ جيئن جنهن جي گهر ۾ قضيو ٿيو آھي ان کي گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالھہ جي پريشاني نہ ھجي تہ کيس ايندڙ مھمانن کي بہ کارائـڻو پِيارڻو آھي.
کيس ٻہ پٽ آھن جيڪي جاڙا آھن، ڪوھيار ۽ وينجهار؛ جن جي عمر پنج سال آھي. ھن جي شديد خواھش آھي تہ کين ڳوٺ وٺي وڃي، ڳوٺ گهمائي اچي پر ھو اھو ڪري نہ سگهيو آھي. شروع ۾ تہ وٽن پنهنجي ڪار نہ ھئي ۽ سندس زال جو ضد ھيو تہ لوڪل تي خوار ٿي وينداسين. شايد ھو ڳوٺ نہ وڃڻ چاھيندي آھي ۽ ھن جي اڪثر ڳوٺ وڃڻ تي بہ مُنهن سُڄائي ويھندي آھي. کيس خبر آھي تہ ھن کي ڳوٺ سان شدت جي حد تائين لڳاءُ آھي ان ڪري کيس منع نہ ڪري سگهندي آھي. ان ڪري ئي تہ دلبر جڏھن ھن کي چيو ھيو ”تہ ڀلا لوڪل تي نٿا ھلون، پرائيوٽ ڪار ٿا ڪيون“ تہ ھن چيو ھيو ” نہ نہ، پرائيوٽ وارا ڦورو اغوا ڪار ھوندا آھن.“
ھو فون تي ڳالهائي رھيو ھيو تہ سندس زال ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿي ۽ ھن کي ڳالهائيندي ڏسڻ لڳي ٿي. ھو سمجهي ويو تہ ضرور ھن کي ڪا ضروري ڳالھہ چوڻي آھي. ھو سئوٽ کان موڪلائي، ڪال ڪٽي زال کي ڏسڻ لڳي ٿو.
” ڪوھيار کي لسڻ ٿي پيا آھن، صفا پچي پيو آھي“، سندس زال فڪر مندي واري انداز ۾ چوي ٿي،
” ڳوٺ ۾ ڪنهن کي لسڻ ٿيندا ھئا تہ وھنجڻ کانپوءِ تيل ھڻندا ھئا. ھڪ ئي ڏينهن ۾ ڪاڏي ويا لسڻ. ڄڻ تہ ڪجهہ ھيو ئي نہ.“
ھو ھر ڳالھہ تي ڳوٺ جا مثال ڏيندو آھي. جنھن تي سندس زال کي ڪڏھن ڪڏھن چڙ اچي ويندي آھي. سندس زال ھن جي ڳالھہ ٻڌي چوڻ لڳي ٿي.
” تيل گرم آھي، اھو تہ اڃان بہ وڌيڪ ريشز ڪندو.“
” نہ نہ، اسان ننڍي ھوندي کان ڏٺو آھي، تيل صفا ھڪ ٽڪ آھي، تون ھڻي تہ ڏس.“ دلبر زور ڀريندي چوي ٿو.
” ھون... ڏسان ٿي.“ سندس زال ڊرائينگ روم کان نڪري وڃي ٿي.
ھو موبائل کڻي وري سئوٽ کان ڳوٺ جا حال احوال وٺڻ لڳي ٿو. ڇھہ مھينا ٿي ويا آھن آفيس جي مصروفيتن جي ڪري ھو ڳوٺ نہ وڃي سگهيو آھي، ان ڪري ڪجهہ وڌيڪ اٻاڻڪو ٿي ويو آھي ۽ ھر آچر تي ويھي سڄي ڳوٺ جا حال احوال وٺندو آھي.
ھن پيار جي شادي ڪئي آھي. سندس نوڪري ھڪ وڏي شھر ۾ آھي جنهن ڪري اتي رھڻ ھڪ قسم جي ضرورت بہ آھي تہ مجبوري بہ. وري ڳوٺ سان ھن کي عشق آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن ھو انيلہ سان شادي جي ڳالھہ پڪي ڪري رھيو ھيو تہ کيس چيو ھئائين،
” مان ڳوٺ کي نہ ڇڏيندومانءِ. ڀل رھون ھِتي، پر ڳوٺ ڏي منھنجو اچڻ وڃڻ اڪثر ٿيندو ٿِي. سمجھہ اتي منهنجي اُؤر پوريل آھي. اتي نہ ويندم ته مان مري ويندم.“
انيلا سندس وات ٿي ھٿ رکندي چيو ھيو، ”مون کي تنهنجي ڳوٺ سان ڪھڙو اعتراض. جڏھن بہ تنهنجي دل چوي تون ڳوٺان ٿي اچجان. ويسي توھان ڳوٺاڻا ڳوٺ جي معاملي ۾ ھوندا ڏاڍا جذباتي آھيو.“
” ڇو نہ ھجون؟ اسان جي وڏڙن جا اتي ھڏا پوريل آھن. ڳوٺ اسان جي ذات جي سڃاڻپ آھي. ڳوٺ جي ٻنين ۾ فصل ناھي ٿيندو پر اسانجو آئيندو، اسان جا خواب بہ پوکيا ويندا آھن. سارين جي بٽائي تي جيڪا خرچي مامي طرفان ملندي ھئي، اھا خوشي، اھا سرھائي ھتي لکين ڪمائڻ کانپوءِ بہ ناھي آئي ڪڏھن.“ ھن ھڪ ساھي ۾ کيس چيو ھو.
اڳ ۾ ڪڏھن ايڏي وڏي وٿي نہ آئي ھئي. ھو ھر مھيني ٻي ڳوٺان چڪر ڏئي ايندو ھو. پر ٻارن ٿيڻ کانپوءِ ۽ آفيس ۾ مصروفيتن وڌڻ جي ڪري ھن جو وڃڻ گهٽبو رھيو ، ڇو تہ ھاڻي سندس زال کي بہ سندس ايئن تڪڙو تڪڙو ڳوٺ وڃڻ سٺو نہ لڳندو ھيو. چوندي ھئي،
” ٻار توکي مس ڪندا آھن، اٻاڻڪا ٿي ويندا آھن“
” پر مان بہ تہ اٻاڻڪو ٿيندو آھيان اگر ڳوٺ نہ وڃان تہ“
”پر تون ٻار تہ ناھين. “
ايئن ٻہ ٽي ڀيرا ھو ان ڳالھہ تي اٽڪيا آھن ۽ ھن ڳوٺ وڃڻ ڪجھہ گهٽايو آھي. پر ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو ھو ھڪ تہ اٻاڻڪو رھندو آھي ٻيو اڪثر فون تي ڳوٺ جا حال احوال پيو وٺندو آھي.
فون تي ڳالھائي ھو ڊرائنگ روم کان ٻاھر اچي ٿو. سندس چهري تي خوشي ۽ التجا آھي. سندس زال ڪچن ۾ جوس ٺاھي رھي آھي. ھن پويان اچي کيس ڀاڪر پاتو آھي. ھو شرم ۾ ڪنڌ ڪُلهن ۾ وجهڻ لڳي آھي. ھو سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکندي چوي ٿو:
”سئوٽ امين جي پٽن جا طوھر آھن. ضد ٿو ڪري مان بہ وڃان ۽ توکي بہ وٺي اچان.“
ھوءَ ڪنڌ ڦيري ھن کي ڏسڻ لڳي ٿي. دلبر جي نيڻن ۾ التجا ۽ ڳوٺ جي سڪ اٿلون ڏئي رھي آھي. خبر ناھي ڇا سوچي ھن جي زال ھا ڪري ٿي. دلبر رڙ ڪري کيس ڀاڪر ۾ مٿي کڻي ٿو. ھوءَ سندس سيني تي مڪ ھڻندي چوي ٿي.
”ڇڏ... ٻار نہ اچي وڃن. اندر ويٺا ڪارٽون ٿا ڏسن. تون بہ وڃي ھنن سان ويھہ.“
”حاضر حاضر“، ھو ٽپ ڏيندي چوي ٿو ۽ ٻارن جي روم ۾ ھليو ٿو وڃي.
” ھيلو ڪوھيار، ھيلو وينجهار ڇا ٿو ھلي...“
ھو اڄ ڏاڍو خوش آھي. کيس ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪافي عرصي کانپوءِ ھو دل کولي کليو ھجي. کيس جيئندان مليو ھجي. ھن کي وڏي خوشي ان ڳالھہ جي آھي تہ سندس ٻار ڳوٺ ڏسندا، پنھنجو اباڻو گهر ڏسندا، پنهنجي اصل کان واقف ٿيندا. ابي امان جي قبر ڏسندا. ڳوٺاڻي زندگي کان واقف ٿيندا.
ايندڙ آچر تي ھو ڳوٺ لاءِ روانا ٿين ٿا. ٽيپهريءَ جو ھو ڳوٺ پهچڻ وارا ھئا. ڪيڏا نہ من کي موھيندڙ نظارا آھن. سڻڪ تي مينهنَ ۽ ڍڳين جو ڌڻ اچي رھيو آھي. چڙن جا آواز ماحول تي سحر طاري ڪري رھيا آھن. زمين تي ساوڪ جي چادر چڙھيل آھي. ڪڻڪون پچڻ طرف وڃي رھيون آھن. وڏفن جي سڳنڌ ھڪ دل لڀائيندڙ خوشبو پيدا ڪري رھي آھي. مال جي ھلڻ سان جيڪا ڌوڙ اٿي رھي آهي، ان ۾ بہ کيس عجيب سرور اچي رھيو آھي. ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ھو گهرن کي ايئن ڏسي ٿو جيئن پکي وڏي مسافري کانپوءِ پنهنجي آکيرن کي ڏسندا آھن ـــ پيار، سڪ، تڙپ.
ھو گاڏي سئوٽ امين جي گهر (جيڪو ھنن جو گڏيل گهر آھي) آڏو بيھاري ٿو. سئوٽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو؛ انيلہ کي سلام ٿو ڪري ۽ ٻارن کي پيار ڪرڻ ٿو لڳي. ھو بہ سڀني سان ملي ٿو. سندس چھرو خوشيءَ ۾ ٻهڪي رھيو آھي. ڪوھيار ۽ وينجهار انتهائي خوش آھن. ھو امين جي ٻارن سان رلي ملي ٿا وڃن . گهر مھمانن سان ڀريو پيو آھي. سڀني جا چھرا ٻهڪي رھيا آھن. انيلہ بار بار ٻارن کي ڏسي ٿي ۽ کين سمجھائي ٿي، ”ڪتن کان پري رھجو... ٻاھر اڪيلا نہ وڃجو...“ شهري ماءُ جي رواجي ڳڻتي ظاھر ٿي ٿِئي.
رات ٿئي ٿي تہ مايون ٿالھہ تي سھرا شروع ٿيون ڪن،
” ھار سھڻل جا مان لاڙئون گهُرايان،
موڙ راڻل جا مان سونئون جڙايان“.
ھو ننڍپڻ جي دوستن سان ۽ مائٽن سان اوطاق ۾ ويٺو آھي. دھل وڄي رھيو آھي، جهمريون لڳي رھيون آھن. ان کانپوءِ ڏوڪن جي راند کيڏي ٿي وڃي. ڪمال ڪاريگري سان ڏوڪن وارا ھڪ ٻئي سان ڏوڪا ملائي رھيا آھن، ” ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ، ھلا..، ھتيت“ دھل جو ڌڌڪو تيز ٿيندو وڃي، ڏوڪن جا ٺھڪا تيز ٿيندا ٿا وڃن.
جهمر ۽ ھو جمالو کانپوءِ ڀوڳن چرچن جو دؤر شروع ٿو ٿئي. کل ڀوڳ، وڏا وڏا ٽھڪ. ڪنھن مائٽ جي ڪنھن تي ڪاوڙ آھي تہ ڀوڳن چرچن ۾ لاھي ٿو ڇڏي:
” اڙي مولو ڳالھائين ايئن ٿو ڄڻ مادي ڪڪڙ ٻانگ ٿي ڏي.“
” اڙي تو پنھنجا ڏند ڏٺا آھن ڄڻ گپ ۾ ڪِلا لڳل آھن..“
” تو واريون اکيون بہ ڄڻ گو... ۾ چدا“ ان سان گڏوگڏ ڪافي ڪچا ڪچا چرچا بہ ٿيندا ٿا رھن.
رات ڪافي گذري چڪي آھي. ڳوٺ وارا وڃي چڪا آھن. ھو، سندس سئوٽ امين ۽ ڪجهہ ٻيا ويجها دوست ھاڻي مچ تي ويٺا ھٿ سيڪي رھيا آھن. سياري جي موسم. اتر جي ٿڌي ھوا، انتھا جي خاموشي، پري پري کان جيتن جا ايندڙ آوازــ ھو سوچي رھيو آھي : جنت جي رات پڪ سان ڳوٺ جي ڪنھن رات جهڙي ھوندي. ھو دير تائين ڪچهري ڪندا رھن ٿا ۽ پوءِ سڀن کان موڪلائي گهر ٿا اچن.
” ھاڻي وڃي سمھہ، ڏيئي نہ ڀاڄائي مار.“ امين ساڻس چرچو ڪندي چوي ٿو.
ھو ڪمري ۾ اچي ٿو، ڪوھيار ۽ وينجھار اگهور ننڊ ۾ آھن. پر سندس زال جاڳي رھي آھي، يا سندس اچڻ تي جاڳي پئي آھي. ھو اچي سندس ڀرسان سمھي؛ سَوڙ مٿان وجهي ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري سرٻاٽن ۾ ساڻس ڳالهائڻ لڳي ٿو.
” مزو آيئي؟“
” تمام گهڻو، ڪيڏا نہ سڀ قربائتا آھن. اصل مزو تہ ڪوھيار۽ وينجهار ڪيو آھي. ايڏو تہ ڀڳا آھن،ايڏو کيڏيا آھن جو صفا ساڻا ٿي پيا...‘‘ ايئن ڳالهيون ڪندي ڪندي ھو به ننڊ جي ڀاڪر ۾ ھليا ٿا وڃن.
” چور چور چور چور“ رڙيون ٿي ويون آھن. ھڪ ٻئي پٺيان ٺڪاءَ ٿا ٿين. امين وڃي ھيٺ ڪِري ٿو. سڄي ڳوٺ ۾ شور مچي ويو آھي. سڄي گهر ۾ رڙيون آھن. ھو ڇرڪ ڀري اٿيا آھن، سندن ٻارن ۾ بہ رڙيون آھن. جيستائين ڪجهہ سمجهن، ھو کٽ تان لھي ڀڄڻ لڳي ٿو. امين ھيٺ پيو آھي. سندس ٻانھن مان رت ٽمي رھيو آھي.
ھو ماجرا سمجهي ٿو وڃي. امين ھيڻائي مان ڳالھائڻ ٿو لڳي،
” چور هئا ڪتي جا.... ڀڄي ويا. منھنجي بہ لڳي ھوندس.“
سڄي گهر ۾ ڪھرام متل آھي. سندس ٻار سڏڪن ۾ آھن. سندس زال ڏڪي رھي آھي. ھن تڪڙ ۾ امين کي مٿي ڪيو، اچي کيس ڪار ۾ ويھاري ٿو. سندس ٻيا مائٽ بہ اچي گڏ ٿا ٿين. ھو تڪڙ ۾ امين کي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جي ھڪ پرائيوٽ اسپتال ۾ کڻي ٿا اچن. گولي امين جي چم کي لڳي نڪري وئي ھئي. ڊاڪٽرن کين دلجاءِ ڏني آھي. امين کي پندرھن ٽاڪا لڳا آھن. ھن کي سندس زال جون ڪالز اينديون رھن ٿيون پر ھو وٺ پڪڙ ۾ کڻي نٿو سگهي . ھو فارغ ٿي دير سان کيس ڪال بيڪ ڪري ٿو. ھو مسلسل روئي ٿي؛ ھن شھر جي ڇوڪرِيءَ ڀلا اھڙو نونڌ ڪٿي ڏٺو!
صبح ٿي چڪو آھي. ھو امين کي ڊسچارج ڪري گهر وٺي آيو آھي. رات واريون خوشيون اداسيءَ ۽ غم ۾ تبديل ٿي چڪيون آھن. سڄي گهر ۾ مايوسي ۽ اداسي آھي. سندس ٻار کيس چنبڙي ٿا پون. روئن ٿا. ھو سڀن کي دلاسا ٿو ڏئي. امين جي ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀري آٿت ڏيندو ٿو رھي. سندس زال کي چوي ٿو،
” ڀاڄائي! گهٻرائڻ جي ڪا ڳالھہ ناھي. ڪجهہ ٽاڪا لڳا آھن، ڊاڪٽر چيو ، ٻن ھفتن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو.“
پر سندس زال جو منھن لٿل آھي. ھو سندس اکين ۾ اکيون نہ ٿو ملائي سگهي الائي ڪھڙي خوف کان.
ٻي ڏينهن سادگيءَ سان طوھر ٿي ويا تہ موڪلائي واپس شھر لاءِ روانا ٿا ٿين. سڄي واٽ سندس زال خاموش ٿي رھي. ٻار بہ چپ چپ ٿا رھن. ھو ڪجهہ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر سندس زال ”ھا ھون“ کان سواءِ ڪا ورندي نٿي ڏئي. شام جو ھو گهر ٿا پھچن. سندس زال جو منھن خراب / لٿل آھي. رات ٿي ھو اچي سمھن ٿا. ٻئي ھڪ ئي بيڊ تي ڇت کي تڪي رھيا ھئا. سندس زال ڳالھائي ٿي،
” جيڪڏھن چور توکي يا اسان جي ٻار کي ڪجھہ ڪري وجهن ھا تہ ...... ھوءَ سڏڪن ۾ پئجي ٿي وڃي. ھو کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو. ھوءَ کيس پوئتي ڪري ٿي ۽ چوي ٿي،
” اڄ کانپوءِ نہ تون ڳوٺ ويندين نہ اسان جا ٻار ويندا“، کيس ايئن لڳو ڄڻ سندس مٿان ڪنھن تيزاب ھاريو ھجي. سندس زال جو لھجو سخت آھي.
”جيڪڏھن تون ڳوٺ وئين تہ پوءِ اسان جو رشتو.....‘‘
ھوءَ چپ ٿي وڃي ٿي.
سندس پٽ ھاڻي ڏھن سالن جا ٿي ويا آھن. ھو ھاڻي چپ ھوندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڳوٺ ڳالھائي ڳوٺ جا حال احوال وٺندو آھي. باقي اڪثر ڊرائينگ روم ۾ ويٺو ڳوٺ جون تصويرون ڏسندو آھي.