لوڙھو ۽ ڪوٽ
ڪاري انڌاري رات ھئي، سڄو آسمان ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙھيل ھيو جيئن ڪوئي مجذوب ٿڌ جي شدت کان پاڻ کي ڪنھن ڪُڙڪيل چادر ۾ ويڙھي ڇڏيندو آھي. ھوا ۾ اُٺي جي مينھن جو ھڳاءُ ھيو، ھلڪي ھلڪي ھوا، ٿوري ٿوري مِٽي پاڻ سان کڻي ٿي آئي.
ڏسندي ڏسندي ھوا تيز ٿي وئي؛ سڄي گهر تڪڙ ۾ کٽون ۽ ھنڌ ٽپڙ اندر ڪرڻ شروع ڪيا. امان ۽ ادي تڪڙ ۾ مھارا کوليا، مان ۽ منھنجو ڀاءُ تڪڙ ۾ ھنڌ ويڙھي ورانڊي ڏانھن ڊوڙياسي؛ اسان واري ننڍي ڀيڻ جا کيکراٽ ھئا. اوڙي پاڙي واري گهرن ۾ بہ ساڳي ڪار ھئي، ھر ڪنھن کي وٺ پڪڙ ھئي تہ جلدي کٽون اندر ٿين ڇو تہ جهڙا ڪارا ڪڪر ھُئا ۽ ھوا ۾ مينھن جي سُڳنڌ ھئي؛ ان مان پڪ پئي ٿِي تي مينھن اِجهو ڪِي اِجهو پھتو. جانڻ وارن جي گهران آواز ٿي آيو، ”شاني جلدي مھاري جا پلئو ڇوڙ، ڄاڻ مينھن پھتو. جلدي ڪر ٻيلي رليون سڄيون ڌوڙ ٿي ويون.“ جانڻ جي زال پنھنجي ڌيءَ کي ڪم نبيرڻ جي تنبيھہ ڪري رھي ھئي. وري خانڻ جي زال پنھنجي پٽ کي رڙيون ڪري چئي رھي ھئي، ”سوڍا ! جلدي کاري مان ڪڪڙ ۽ ٻچا ڪڍ، مينھن ۾ اھي ساسي ڀِڄي مري ويندا.“
ايئن سڄي پاڙي ۾ ٻڙڌڪ متو پيو ھيو. بابو پريشاني ۽ ڳڻتيءَ مان آسمان کي تڪي رھيو ھيو. سندس نظر گهر کي چوڌاري آيل لوڙھي تي ھئي. ٻئي ھٿ چيلھہ تي رکي ھو لوڙھي کي ۽ آسمان کي تڪي رھيو ھيو. کيس سڀاڻي واري ڪم ۽ وري پُور ڪرڻ جو اونو ٿي رھيو ھيو. سڄي ڳوٺ ۾ اسان جي گهر کي آيل لوڙھو نہ فقط وڏو ھيو، پر ويڪرو بہ ھيو. بابو ھر ھفتي ٻيانو ۽ ڪھاڙي کڻي پور ڪري اچي لوڙھي کي ھر ان جاءِ تي ھڻندو ھيو جتي لوڙھي ٿورو بہ جهول کاڌو ھو. اگر ڪنھن وڻ جا ڍينگهر ھٿ نہ بہ ايندا ھئا يا ڪوئي اجازت نہ ڏيندو ھيو تہ ابو ساون ڪانڊيرن جو پور بہ ھڻي ايندو ھيو. بابي جي نظر ۾ مڙس ماڻھو جي نشاني سندس گهر جو لوڙھو ھوندو آھي.
ھو اڪثر اسان ڀائرن کي چوندو ھيو ،
” پٽ ! مڙس ماڻھو اُھو آھي جنھن جي گهر جو لوڙھو بادشاھن جي ڪوٽن کان اگر وڏو نہ بہ ھجي تہ ايترو ضرور ھجي جو اُٺ سوار اٺ تي چڙھي اتان گذري تہ بہ سندس نظر گهر ۾ نہ پئي.“
منھنجو ننڍو ڀاءُ معصوميت مان بابا کي چوندو ھيو ،
” پر بابا! اٺ وارو تہ ڪڏھن اسان جي ڳوٺ ۾ آيو ئي ناھي تہ پوءِ ايڏو وڏو لوڙھو ڇو ڏيون؟“
” پٽ! گهر جي حفاظت ان لئہ ماڻھو ڇڏي ناھي ڏيندو تہ ڪوئي خطرو نہ آھي يا ڪڏھن ڪنھن حملو ناھي ڪيو، پر ان لئہ ڪبي آھي تہ ڪڏھن بہ ڪوئي ڪتو باھي تہ ان لئہ ماڻھو تيار ھجي.“
بابو پنھنجي سنڌي ٽوپي کي ٺاھي چوڻ لڳو ھيو ،
” پٽ! انسان جي اصل غيرت اھا آھي تہ ڪو بد نظر ان جي گهر ۾ نظر نہ وجهي؛ جي وجهي بہ تہ ھو پنھنجي اُنھي ڪُڌي ارادي ۾ ڪامياب نہ ٿِئي. ان لئہ ضروري آھي تہ اسان جي ڳاٽ جيئن اسان جو لوڙھو بہ اڏول ۽ مضبوط ھجي.“
نہ رڳو اھو پر سڄي سڄي رات جھڙو ڪہ پھرو ڏيندو ھيو. رات جو سمھڻ کانپوءِ بار بار اٿندو ھيو، کنگهندو ھيو ۽ پن جي ٻيڙي دکائي پيئندو ھيو. مان اڪثر کانئس پڇندو ھيم.
” بابا! سڄي رات جاڳو ٿا سمھندا ڪھڙي وقت آھيو؛ ڇو ٿا پاڻ کي ايڏي تڪليف ڏيو؟“
بابو سنجيدہ ٿي چوندو ھيو ،
” پٽ! دشمن کي ڪڏھن بہ اھڙو اونت ناھي ڏبو تہ توھان غفلت ۾ آھيو يا سجاڳ نہ آھيو، ھو دير ئي نہ ڪندو جو توھان جو گهر ٻھاري ويندو. ڏسين نٿو ڪيڏا نہ ڪاٽڪو گهمندا ٿا وتن بس رڳو اسان جي سمھڻ جي دير آھي.“
ھڪڙي ڀيري پاڙي واري ڳوٺ ۾ ھڪ ھمراھہ جي گهر مان چوري تي بابي تبصرو ڪندي چيو ھيو ، ” اھو ھمراھہ سڄو ڏينھن ڀنگ جي ڪڍ ھوندو آھي، رات جو فانءِ ٿي ڪريو ھوندو تہ چورن کي ٻيو ڇا کپي. ان جي گهر جي چوري تہ جھڙِي اڪ جي ماکي.“
انڌاري تيز ٿي وئي، سڄو ماحول مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ گم ٿي ويو. ايئن ٿي لڳو سڄي ٿر جي صحرا جي واري اڄ ھتي اچي گڏ ٿي ھئي. ھوا کي ايڏو زور ھيو جو ڪيئي وڻ ڪيري وئي ھوندي. وري جو کنوڻين جا کجڪا ٿيا ۽ گاج جي گجگوڙ ٿي تہ سڀن جا ھيانوَ ٿي لرزيا. ان جي پويان ٻنا ٻوڙ شروع ٿي وئي. ڪڪرن پنھنجي سخاوت شروع ڪئي، سڄي ڌرتي مينھن جي خوشبوءِ سان واسجي وئي. گهر ڪچو، امان سڄي رات ” الله صمد، الله صمد“ ڪري گزاري. خبر نہ پئي ڪنھن وقت اک لڳي وئي.
بابي جي آواز تي منھنجي اک کلي.” پٽ اٿي، لوڙھو سڄو ڪري پيو آھي جلدي ڪري ان کي ھڻي وٺون؛ وري گهٽي سان ماڻھن جي اچ وڃ ٿيندي تہ ڪنھن جي نظر نہ پئي.“
الل صبح ٿي چڪو ھيو ۽ بابي مون کي اچي اٿاريو. سندس اکيون ٻڌائي رھيو ھيون تہ ھو پيڙا ۾ آھي ۽ سڄي رات ناھي سمھيو. مون لوڙھي طرف نظر وڌي تہ مون کي ٿوري ڪاوڙ آئي تہ اجايو بابي اچي مون کي بہ پريشان ڪيو آھي تہ پاڻ کي بہ کي پريشان ڪيو اٿائين. لوڙھو تمام وڏو ھجڻ جي ڪري اڪثر جڳھن تان مٿان مٿان ڪريو ھيو پر ھاڻي بہ ايترو وڏو ھيو جو ڪنھن رستي ويندڙ جي نظر اسان جي گهر ۾ نہ پئجي سگهي ھا.
بابي بہ ٻيانو کنيو ۽ مون بہ ٻيانو کنيو؛ جتي جتي ڊينگهر ڪريل هئا کڻندا ڏيندا ويا سي پر ظاھرآھي تہ اھو اڳي جيئن وڏو نہ پئي ٿي سگهيو. ھڪ تہ کوڙ سارا ڍينگهر ڪنھن ڪم جا نہ هئا ٻيو مينھن جي ڪري لوڙھو جُهڪي بہ ويو ھيو. بابو ٻياني ۾ ڍينگهر ڦاسائي، سٽ ڏئي ٻياني کي مٿي کڻي ۽ ان کي لوڙھي مٿان اڇلائي وري ٻياني سان مٿان کان ڌڪ ھڻندو رھيو تہ جيئن اھو ڄمي ويھي رھي. مان بہ ايئن ئي ڪندو رھيم. ايئن ڪندي ڪندي اسان کي ڪافي وقت لڳي ويو. صبح جا تقريبن نوَ ٿيا تہ اسان وڃي ان ڪم مان فارغ ٿياسي. ابو ۽ مان اچي کٽ تي ويٺاسي تہ امان نيرن کڻي آئي. لسي، اُڦراٽا، مکڻ. پر ابي جو ڌيان ماني کان وڌيڪ لوڙھي ۾ ھيو. گرھہ وات ۾ وجهي لسي جو ڍڪ ھڻي وري ٿوري جھٽ رکي ڳالھائڻ لڳو،
” اشرف، لوڙھو ڏاڍو ھيٺ ٿي ويو آھي، ماني کاءُ تہ پور ڪرڻ ٿا ھلون. رات واري طوفان ۾ وڻ بہ کوڙ ڪريا ھوندا.“
” پر بابا مون کي تہ دڪان کولڻو آھي، گيراڪ پريشان ھوندا.“ پور ڪرڻ واري ڏکي ڪم کان بچڻ لئہ مون دڪان جو بھانو ٺاھيو.بابو لوڙھي ڏي ڏسندي چوڻ لڳو،
” گيراڪ پيا ايندا ويندا، اڳ ۾ پنھنجي عزت جي ڪرڻ کپي پوءِ پيٽ جي. پٽ نڪ وات کان مٿي ان ڪري ئي آھي تہ پھريان غيرت پوءِ روزي.“
مان بابي کي جواب نہ ڏئي سگهيم، خبر ھيم تہ لوڙھي جي معاملي ۾ بابو انتھائي حساس ھيو. گڏھہ گاڏو ڪاھي، ڪھاڙيون ۽ ٻيانا کڻي نڪري پياسي.
بابو چوڻ لڳو: ” اشرف! ھڪ ڳالھہ ياد رکجان، وقت ۽ چور ٻئي ظالم ھوندا ٿي؛ اھي توھان جي ڪمزوري جو فائدو وٺندا آھن. تنھن ڪري پنھنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪڏھن بہ غفلت نہ ڪجي. تار لوڙھو ڏسي اھي چور خان بہ سمجهي ويندا آھن تہ ھي ڪنھن ڀاڙِي جو گهر ناھي.“
” جي بابا، بلڪل ايئن ئي آھي.“
مينھن جي ڪري رستن تي ڇَـر لڳي پئي ھئي.ھر طرف اڇ ٿي نظر آئي. روڊ وٺندا وٺندا وڃي اتي بيٺا سي جتي ٻيرين ۽ سنڌي ٻٻرن جي وڻن جي قطار ھئي. بابو ھڪ ٻير تي چڙھي ويو ۽ ڍينگهر ڇانگڻ لڳو. ھڪ ڪھاڙي، ٻي ڪھاڙي، ٺڪا... بابو ھيٺ اچي ڪريو. کانئس دانھن نڪري وئي. مان ڀڄندو وڃي وٽس پھتم. بابي جو ڄنگهہ ۾ ھٿ ھيو. سمجهي ويم بابا جي ڄنگهہ ڀڄي پئي ھئي. جيئن تيئن ڪري کيس گهر کڻائي آيو ھيم. مڙس ماڻھو ھيو؛ ڏندن کي ڀڪوڙيائين پر دانھن نہ ڪيائين. گهر پھتاسي تہ سڄي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ھيو. سڀني کي دلجاءِ ڏني ھيم تہ سڀ خير ھيو.
ڪنڀر آيو ھيو جنھن بابي کي تپاسي چيو ھيو تہ سٿر وٽان بابي جي ڄنگهہ ڀڄي پئي ھئي. مون بابي کي شھر کڻي ھڏن جي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ٿي چاھيو پر بابي جو ضد ھيو تہ ھو علاج ڪرائيندو تہ ان ڪنڀر کان.
” توکي خبر ناھي ڀورل ڪنڀر جي. ان ڏاندن جون ڀڳل ڄنگهون بہ جوڙيون آھن.“ ايئن ڪنڀر بابي کي پٽي ڪري ھليو ويو.
ڪنڀر جي ويندي ئي بابو چوڻ لڳو ،
” اشرف! يار لوڙھو ھيٺ آھي، سڀاڻي پور ضرور ڪري اچجان. ماڻھو ڇا چوندا تہ اسان جي گهر کي ڪو پردو ئي ڪونھي.“
” جي بابا توھان گهٻرايو نہ، سڀ ٿي ويندو.“
منھنجي نظر ۾ لوڙھو بلڪل صحيح ھيو ڇو تہ اھو مڙس کان تار ھيو ۽ ھر جڳھہ تان مضبوط پڻ ؛ پر بابي جي اسرار تي مان ھڪ ٻہ مزدور ڪري پور ڪري آيو ھيم ۽ لوڙھي کي مٿي ڪيو ھيو.
بابو کٽ تي پيو رھيو ۽ ڪنڀر ان جو علاج ڪندو رھيو ۽ مڙئي مون کي لوڙھي کي مٿي ڪرڻ جو چوندو رھيو. مان پنھنجي دڪان ۾ انتھائي مصروف ٿيندو ويم، ھڪ ٻيو دڪان بہ کولي ورتو ھو جيڪو منھنجو ننڍو ڀاءُ ھلائيندو ھيو. ٻي ٽي مھيني، پاڻ يا پئسن تي ڪو ھڪ ٻہ پور ڪري لوڙھي کي ڏيندو ھيم جنھن مان بابو بلڪل بہ مطمئن نہ ٿيندو ھيو. باقي بابي پنھنجو رات وارو گهر جو پھرو جاري رکيو. سڄي رات پيو کنگهندو ھيو ۽ ٻيڙي دکائي پيئندو ھيو تہ جيئن چور ڪنَ ڪن تہ ھن گهر جا ڀاڳيا سجاڳ ھئا.
ابي جي ڌڪ کي ڇھہ مھينا گذري چڪا ھئا پر اڃا تائين ھن جي ھلڻ جو ڪو آثار نظر نہ ٿي آيو. ويھڻ جي ڪري يا لوڙھي جي سوداءُ ڪري ھو ڏاڍو چڙ چڙو ٿي پيو ھيو ۽ سندس وزن بہ وڌي ويو ھيو. اڪثر پيو امان کي چوندو ھيو. ” سڀاڳي! ڇوڪرن ۾ مڙسي ڪونھي، لوڙھي جو ڪو خيال ئي ڪونہ اٿن؛ ڏسين ٿي لوڙھو ڪيڏو ھيٺ ٿي ويو آھي. اھو لوڙھو ھيٺ ناھي ٿيو، اسان جي غيرت ھيٺ ٿي آھي.“
” اشرف پيءُ! ڇوڪرا پنھنجي وس وت آھر ڪوشش تہ ڪن ٿا، ڀلا نيٺ دڪان دڙو بہ ڏسڻو اٿن“ امان کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي.
” دڪان ۽ ڪاروبار گهر جي غيرت ۽ ڍڪ کان مٿي ڪندا تہ سماج ۾ سندن عزت ٽڪي جي نہ رھندي.“ بابو پيو امان سان بحث ڪندو ھيو.
بابي جو وزن وڌي ويو ھيو. شايد وزن جي ڪري الائي ان لوڙھي جي ڳڻتي جي ڪري کيس رات جو دل جو دورو پيو ھيو ۽ بابو گذاري ويو ھيو. اسان جي گهر جو وڏو لوڙھو ڊھي چڪو ھيو. سڄي گهر ۾ اوگهڙ ٿي پئي ھئي. بابي جي وڃڻ کانپوءِ احساس ٿيو ھيم تہ پيءُ ڇا ٿيندو آھي. ڪير ھيو جيڪو ھاڻي سڄي سڄي رات ٻيڙي دکائڻ جي بھاني پيو گهر جي پر گهور ڪندو ۽ چورن کي اڻ سڌي طرح خبردار ڪندو تہ ڀاڳيا جاڳن ٿا.
خير وقت گذرندو ويو، منھنجا ٻئي دڪان مچندا ويا؛ ڪرياني سان گڏ مان ڀاڻ جو ڪاروبار بہ ڪرڻ لڳم. گهر ۾ خوشحالي اچي وئي، گهر پڪو ٿي ويو، لوڙھي جي جاءِ تي چئو طرف ڪوٽ اچي ويو؛ اسان ٻنھي ڀائرن شادي ڪري ڇڏي ھئي. ھاڻي طوفان ايندو ھيو يا مينھن وسندو ھيو تہ اھا ڳڻتي نہ ٿيندي ھئي تہ ڪو پور ڪري اچڻو آھي ۽ لوڙھي کي مٿي ڪرڻو آھي.بس تيز انڌاري يا طوفان دوران امان بابي کي ياد ڪندي ھئي،
” ڪيڏو نہ تو وارو پيءُ ويچارو انڌاري ۾ پريشان ٿيندو ھيو تہ سڀاڻي وري لوڙھي کي سڌو ڪرڻو آھي ۽ وڃي پور ڪرڻو آھي.“ ايئن چوندي امان جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويندا ھئا. لوڙھي جي جاءِ تي ڀتيون تہ اچي ويون ھيو پر بابي جي رات واري سجاڳي ڪٿان اچي؟ مان ۽ مون وارو ڀاءُ دڪان تان اچي اي سي ھلائي پنھنجي زالن سان ڪري پوندا ھئاسي ۽ ملڪ جھان جي ڪا خبر ئي نہ رھندي ھئي.
امان اڪثر اسان ڀائرن کي چوندي ھئي،
” صفا پيءُ جي عزت جو خيال نہ ڪيو اٿو. توھان جو پيءُ سڄي رات گهر جي پر گهور لھندو ھيو پر توھان کي گهر جي ڪا ڳاڻ ڳڻ آھي ئي نہ. بس اچو ٿا ۽ ڪمرن ۾ وڃي ڪرو ٿا. “
ھڪ ڀيري رات جو امان اچي منھنجي ڪمري جو در کڙڪايو ھيو؛ مان پريشان ٿي ڪمري مان نڪري آيو ھيم تہ اڌ رات جو الائي ڇا ٿيو؟
” جي امان! خير تہ آھي. ھن وقت اڌ رات جو؟“
” ابا ننڊ پيا آھيو تہ جھڙوڪ ڍور مري ويو، ( امان شايد چوڻ تہ گڏھہ پئي چاھيو پر الائي ڇو نہ چيو ھئائين)، ٻاھر ڪُتن جي باھوڙي لڳي پئي آھي. وڃي ڏسو تہ چور نہ ھجي.“
مون کي تہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي ھئي تہ امان کي اسان جي ننڊ جو بہ خيال نہ ھيو.
” امان ڪجھہ نہ ھوندو. چور ھوندا بہ تہ ھن وقت تائين ھليا ويا ھوندا.“ امان ويچاري اداس ٿي ھلي وئي ھئي.
ھڪ رات سمھيا پيا ھئاسي، مولانا جي ٻانگ تي امان نماز لئہ اٿي تہ رڙيون ٿي ويون. ڪوٽ کي ڪي ماڻھو کاٽ ھڻي رھيا ھئا ۽ امان تھجد تي اٿي ھئي تہ آواز تي ان طرف ھلي وئي ۽ وٺي رڙيون ڪيون ھئائين. چور ڀڄي ويا هئا. امان ڊوڙندي اسان جي ڪمري جو در کڙڪايو ھيو. منھنجي ڪمري مان نڪرڻ سان ئي امان سڄي وارتا ٻڌائي ھئي. سڄو گهر گڏ ٿيو ھيو. سڄي ڳوٺ ۾ بدنامي ٿي ھئي. جيترا ھئا وات اوتريون ھيون ڳالھيون. اسان پيرو تہ کڻايو ھيو پر ان سان ڪجھہ ورڻو نہ ھيو. رات جو گهر آيو ھيم تہ امان کٽ تي ڪنڌ ھيٺ ڪيون ويٺي ھئي. سندس ڀرسان ويھي مون چيو ھيو، ”امان پوليس وٽ رپورٽ لکرائي آھي، الله ڀلي ڪندو. وري ڪونہ ٽپندا ھن پاسي.“
امان منھنجي چھري ۾ نھاريندي ڪجھہ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، شايد غيرت، شايد سجاڳي، يا خانداني عزت.
” تو وارو پيءُ ھو تہ سڄي رات جاڳي پيو گهر جي حفاظت ڪندو ھيو ۽ توھان ڪوٽ ڪڍرائي سمجهو ٿا تہ بس گهر محفوظ ٿي ويا. پٽ! غيرت ۽ سجاڳي ھجي تہ چورن جي مجال ناھي جو لوڙھي مان بہ ڪڏھن داخل ٿين، باقي جيڪڏھن غفلت ۽ سستي ۾ ھوندوَ تہ ڪوٽن جي ھوندي بہ توھان جي عزت چوري ٿي ويندي.“