سنڌيڪار پاران
ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ آيل سڀئي ڪردار سٺ سال پراڻا هوندي به اڄ جي پڙهندڙن جا ڏٺل وائٺل لڳن ٿا، ۽ جيڪا اهم ڳالهه هن ناول ۾ آهي، اها هيءَ آهي ته هن ناول ۾ ڪو وڏو فلسفو بيان ڪيل نه آهي پر هڪ عام زندگيءَ کي بلڪل عام انداز سان پيش ڪيو ويو، آهي، ها البت هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪرشن چندر ڪٿي ڪٿي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري پنهنجي اديب واري ذميداري به نڀائي آهي، مثال طور هڪ جاءِ تي شوڀا جي پاران پنهنجي سوچ کي هن انداز سان لکيو اٿس:
”ماڻهن جي اڌ زندگي پنهنجو پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ گذري ويندي آهي، ان جي ابتڙ اسان سڀئي ماڻهو…. سڀ نه به ته… ٻه ئي سهي…. پاڻ ۾ ملي، جيون جون غلطيون اڌ اڌ ڪري پاڻ ۾ ورهائي وٺون، هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کانسواءِ…! اسان جڏهن سک ورهائي سگهندا آهيون، ڏک ورهائي سگهندا آهيون ته الزام به ورهائي وٺجن ته جيڪر زندگي ڪيتري نه خوش حال ٿي پوي.“
ان خوشحال زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو ”جوکم“ نه کڻندڙ ڪرشن چندر جو مرڪزي نر ڪردار ”لالي“ پاڻ صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿو، ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ناول جي پڄاڻيءَ وقت زندگيءَ کي اجايو اجايو گذاري ڇڏڻ جو افسوس نه رڳو ”لاليءَ“ جهڙي ڪردار متعلق پيدا ٿئي ٿو پر خود پڙهندڙ تي به؛ پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ گذاريل اڌ زندگيءَ تي به ٿئي ٿو. افسوس جي اها ڪيفيت وقت جي گذري وڃڻ کانپوءِ ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ٿي ٿئي، اها ڪيفيت ڪرشن چندر تمام شدت سان محسوس ڪرائي آهي.
ڪرشن چندر جي هن ناول جو ترجمو مون لڳ ڀڳ هڪ ئي ساهيءَ ۾ ڪيو آهي، ۽ مون کي منهنجي مطالعي ايتري رهنمائي ڪئي آهي جوهن ناول کي اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي، مدد لاءِ هڪ ڀيرو به ڊڪشنري استعمال نه ڪئي آهي، سواءِ اردو لفظن ”دائين ۽ بائين“ يعني ”ساڄي ۽ کاٻي“ جي، ڇاڪاڻ ته ”مارڪسي فلسفي“ پڙهڻ جي ڪري مون کي اڄ تائين اهي ٻئي لفظ مونجهائيندا رهيا آهن ته بائين کاٻو ٿيندو يا دائين کاٻو ٿيندو، ان ڪري اهي ٻئي اکر لکي مون پنهنجي سامهون رکيل ڪمپيوٽر سليٽ تي اٽڪائي ڇڏيا آهن ته آئيندي ڪنهن ڀولي (غلطيءَ) کان بچندو رهان.
بهرحال! مان سمجهان ٿو ته مون هي ترجمو ايترو سٺو ڪيو آهي جو منهنجي هن ترجمي سان ڪرشن چندر جي روح کي ڏاڍي خوشي ٿيندي، ۽ مون کي اميد آهي ته ڪرشن چندر جي هن ناول ”ڪارنيوال“ (چيڪلو) جو سنڌي زبان ۾ ترجمو پڙهندڙ کي به ضرور پسند ايندو.
بيدل مسرور بدوي
20، جنوري 2013ع
ڪراچي، سنڌ