قسط 9
هري داس وڏي آواز سان کيس دڙڪو ڏيندي چيو: ”بس چپ ڪري پيو هج…“ وري لاليءَ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو، ”پوليس جا ڪيترا سپاهي ٿا توکي نظر اچن…؟“
”ٻه ٻه…“ لالي گهٻراهٽ وچان چيو، شرم کان هن جون نظرون جهڪي ويون، چهرو وري ڳاڙهو ٿي ويس.
”ڏسي ورتهءِ…“ هري داس پڇيس، ”هاڻي ڪيئن بچندءُ پٽ…“ وري کلي چوڻ لڳو، ”اهڙا احمق مون ڪڏهن نه ڏٺا آهن، ڏسو ته اتفاق سان ريوالور به مان اڄ ئي کنيو هو، پر جي نه به کڻان ها تڏهن به مان توهان جهڙن چئن غنڊن تي ڀاري آهيان.“ هن غصي وچان جهگي کي ٿڏو هنيو، جهگو ڦٿڪڻ ۽ نانگ وانگر وڪڙ کائڻ لڳو، هري داس ڳالهائيندو رهيو، ”توهان ايترو به نه سوچيو ته مان ڪاٿئون پيو اچان، رپين جي لالچ ۾ توهان ڪيئن نه انڌا ٿي ويهءُ… جو اهو به نه ڏٺوَ ته مان فيڪٽريءَ ڏانهن نه پيو وڃان، پر فيڪٽريءَ کان موٽيو آهيان.“
لاليءَ جو چهرو لهي ويو، هن زبان ڏندن تي رکي افسوس جو اظهار ڪيو.
هري داس اطمينان سان چوڻ لڳو: ”هاڻي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ منهنجي بيگ ۾ ٽيهه هزار رپيا برابر هيا، پر هن وقت هڪ آڌيلو به ناهي، ڇاڪاڻ ته پگهار مان ورهائي آيو آهيان … ورهائڻ نه پيو وڃان…“
جهگي جو لچڪيدار بدن وڪڙ کائي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هري داس کان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هري داس جا ٻئي هٿ مصروف هئا، ان ڪري هن رڙ ڪري ايندڙ سپاهين کي چيو: ”اڙي بابا جلدي اچو، هي جان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش پيا ڪن.“
اوچتو جهگي وڪڙ کائي، زور لڳائي پنهنجي ٻانهن هن کان ڇڏائي ورتي، ۽ پيرن تي زور رکيائين ۽ جيئن ئي هري داس پستول جي ناليءَ جو رخ جهگي جي طرف ڪيو، لالي موقعي جو فائدو ورتو، ۽ جان ڇڏائي ڀڄڻ جي نيت سان ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ريل جي پٽڙي پار ڪرڻ لڳو.
ٻئي شڪار هٿان نڪرندي ڏسي هري داس، جهگي جو خيال ڇڏي، لاليءَ ڏي رخ رکيو، ان ڪري جهگي کي ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو، پر هري داس رڙ ڪري کيس چيو: ”بيهه چوانءِ ٿو، بيهه…. ورنه گولي هڻندوسانءِ…“
پر جهگو جان ڇڏائي ٻوڙن ۾ گم ٿي چڪو هو. هري داس سپاهين کي وري رڙ ڪري چيو:
”صاحبو! جلدي اچو، اڙي جلدي ڪريو، ورنه هي ٻيو به هٿن مان نڪري ويندو،“
ائين چوندي هن لاليءَ جي پاسي پستول تاڻيندي چيو: ”اڙي چوانءِ ٿو بيهي رهه، ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪر، ورنه پستول هلائي ڇڏيندوسانءِ…“
ايتري ۾ هري داس جو آواز ٻڌي هڪڙو سپاهي به اچي وٽس پهتو، هن کي ايندو ڏسي هري داس جي جان ۾ ساه پيو، ڇاڪاڻ ته پوليس کانسواءِ هن پستول هلائڻ نه ٿي چاهيو، سپاهيءَ جي پهچڻ کانپوءِ هن مضبوطيءَ سان پستول جو رخ لاليءَ جي طرف ڪيو، جيڪو هاڻي ڏاڪڻ تي چڙهي، مٿي ريل جي سگنل واري ٿنڀي تائين پهچي ويو هو، سپاهيءَ رڙ ڪري چيس:
”بيهي رهه، ڀڄ نه، نه ته مارجي ويندين!“
هري داس رڙ ڪئي: ”منهنجا ڀاءُ هاڻي ٽائيم ٻڌايانءِ… اچ ست سال… پورا ست سال جيل ۾…“
لالي سگنل جي ٿنڀي جي پوئين پاسي بيٺو هو، هيٺ چاري تي بيٺل انهن ٻنهي شخصن کان مٿي پئي نظر آيو. ڊگهو به صفا ديو جيڏو، وڏائيءَ کان هن جي گردن به آڪڙجي وئي، ناسون به ڦونڊجي ويس ۽ نفرت سبب ڦڙڪڻ لڳس… هن مڙي هري داس جي طرف حقارت مان نهاريو ۽ چيو:
”توهان لاليءَ کي نه ٿا پڪڙي سگهو، ڪڏهن به نه ٿا پڪڙي سگهو…“ چوندي اکيون مٿي ڪري هڪ پل لاءِ هن آسمان ڏانهن نهاري چيو، ”لالي ڪڏهن به جيل نه ٿو وڃي سگهي.“
ائين چئي هن جرسيءَ ۾ هٿ وجهي ڇري ڪڍي ۽ هڪ عجيب دٻيل رڙ ڪئي: ”شوڀا…“
ٻئي لمحي هن اها ڇري پنهنجي سيني ۾ هڻي ڇڏي… هري داس جي هٿن مان ريوالور ڪري پيو، سپاهي دهلجي ويو. ڪجهه پل ته سگنل جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو رهيو، پوءِ ٿاٻڙجڻ لڳو، پوءِ کنوڻ جي طاقت سان ڪرندڙ وڻ جيان اچي پٽ تي پيو ۽ ڏاڪڻ تان لڙهندي اچي هري داس جي پيرن ۾ ڪريو.
تيسيتائين ٻيو سپاهي به سهڪندي اچي پهتو. هو ٿلهو متارو هو، ان ڪري هن کي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي هئي، هري داس کي خوف ٿيڻ لڳو، ۽ ٻئي سپاهيءَ کي مخاطب ٿيندي چيائين:
””ڇرو هڻي ڪڍيائين…“
”سيني ۾..“ پهرين سپاهيءَ چيو.
”مان فيڪٽريءَ ڏي ٽيليفون ٿو ڪريان.“ هري داس ريوالور کڻندي چيو ۽ پستول ڪوٽ جي کيسي ۾ رکي حيرت واري انداز ۾ مٿو ڌوڻيندي، فيڪٽريءَ جي پاسي وڃڻ لڳو.
ٻئي سنتريءَ جهڪي، لاليءَ جي نبض ڏٺي، پوءِ اکيون کڻي پهرين سپاهيءَ کي چوڻ لڳو: ”اڃان جيئرو آهي، ساه هليس ٿو، فيڪٽريءَ ۾ شايد ڊاڪٽر هجي… ان کي به هت آڻڻو پوندو، مان ڊوڙي وڃي خزانچيءَ کي ٿو چوان … تون تيستائين اهي ٻئي سائيڪلون هيڏي کڻي آءُ…“
ٻيو سپاهي، خزانچيءَ جي پويان ڀڳو، پهريون سپاهي گندي نالي جي ڀرسان، جتي هن پنهنجي سائيڪل بيهاري هئي، کڻڻ ويو. لالي اڪيلو زمين تي ليٽيو پيو هو، هن جي خون سان مٽي ڳاڙهي ٿيڻ لڳي هئي.
ٿوري دير کانپوءِ پهريون سپاهي، ٻئي سائيڪلون کڻي موٽيو ۽ ايندي ئي ٻئي سائيڪلون لاليءَ جي ڀر ۾ زمين تي ليٽائي ڇڏيائين. اوچتو سگنل جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ لڳي، ايتري ۾ ٻيو سپاهي به اچي پهتو، ٻئي ڄڻا ڏاڪڻ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ويهي رهيا ۽ ڊاڪٽر جو انتظار ڪرڻ لڳا.
”هئه بابو…“ پهرين سپاهيءَ ٻئي کي آواز ڏنو.
”ڇا هئه؟“ ٻيو سپاهي جيڪو پهرين سپاهيءَ کان وڌيڪ هوشيار ، پراڻو ۽ تجربيڪار ٿي لڳو، پهرين سپاهيءَ ڏانهن ڏسندي چيو.
”هن جي سيني مان ڇرو ڪڍي وٺان؟“
”نه… مري ويندو … هڪدم مري ويندو…ايترو خون وهي ويندس جو دير ئي نه ڪندو، ڇرو سيني ۾ ئي پيل هجيس.“
پهرين سپاهيءَ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پوءِ پنهنجي اگهاڙي ڪنڌ تي زور سان چپاٽ هڻندي بيزاريءَ مان چيو: ”هتي ته ڏاڍا مڇر هئه.“
”هائو، مڇر ته آهن،“ ٻيو سپاهي چوڻ لڳو، ”گندو نالو جو ٿو وهي…“
پهريون سپاهي ٿوري دير خاموش رهيو، وري چوڻ لڳو: ”ممد ڀائي؟“
”هو..؟“
”ٻيڙين هئه؟“
پهرين سپاهيءَ کيسي کي ڦلهورڻ شرع ڪيو، آخرڪار ٻيڙين جو هڪ بنڊل ڪڍيائين، ان مان هڪ ٻيڙي پنهنجي وات ۾ ڦاسائي، ٻي ٻيڙي پهرين سپاهيءَ ڏانهن وڌايائين. ٻئي سپاهيءَ کيسي مان ماچيس ڪڍيو، جنهن مان تيلي ڪڍي پهرين سپاهيءَ جي ٻيڙي دکائي… ۽ سوٽو هڻي، دونهون وات مان ڪڍندي چوڻ لڳو:
”سرڪار اسان جي پگهار ته وڌائي آهي، پر مهانگائي اڳي کان به ٻيڻي ٿي وئي آهي، زنده ڪيئن رهنداسي…“ هن ماچيس جي تيليءَ کي ٺونگي سان پري اڇلايو، ٻرندڙ ماچيس جي تيلي، لاليءَ جي وارن ۾ وڃي ڪري، پر اها اتي ئي وسامي وئي.
پهرين سپاهيءَ ڊگهو ساه کڻي، اداسيءَ وچان چيو: ”زندگي ڪارنيوال وانگر آهي منهنجا ڀاءُ…. ان ۾ وڃڻ وارا هڪ نه هڪ ڏينهن هارائي ئي ويندا آهن… هرڪو… کٽڻ وارو به هارائڻ وارو به… ٽڪيٽ وڪڻڻ وارو به، ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارو به، پڇاڙيءَ ۾ هر ڪو هارائي ويهندو آهي، چند منٽن جي خوشي، چند منٽن جون روشنيون… کن پل لاءِ ماڻهو جهولي تي چڙهي مٿي ويندو آهي… پوءِ وري هيٺ ايندو آهي … اتي ئي… جتان هو هليو هو… سمجهيهءِ منهنجا ڀاءُ…؟“
”هائو.“
”ڇا سمجهيهءِ؟“
”اهو ئي ته پيٽ ڪاٽي زنده رهو… وقت کان اڳ ۾ پوڙها ٿيو ۽ مري وڃو… بس اها ئي زندگي آهي…“
”ها اها ئي زندگي آهي…“
”هائو! بلڪل اها ئي….“
ٻئي خاموش ٿي ويا ۽ ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻڻ لڳا… پري کان ڪٿان ريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي…. ۽ مٿي پل تي سگنل جي ٿنڀي مان ٽرن ٽرن جو آواز اچڻ لڳو.
(8)
چندن ڪنڌ جهڪائي، اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيو، هن منهن مٿي ڪرڻ کانسواءِ ئي، فرش کي ڏسندي چيو: ”هن کي کنيو ٿا اچن…“
ڪنهن به ڪوبه جواب نه ڏنو… ته هن پاڻ ئي چيو: ”فيڪٽريءَ جا ٻه ماڻهو اسٽريچر تي هيڏانهن کنيو پيا اچن.“
اسٽوڊيو جي هال مان، فرنيچر ۽ سامان ڪڍي خالي ڪيو ويو هو، ڪيميرا ٽرالي ۽ رنگين پردا، پوئتي هٽائي، ديوار سان لڳايا ويا هئا، اسٽول ۽ بينچ به ٻي ديوار جي پاسي رکيل هئي،هڪ ڪنڊ ۾ کٽ وڇايل هئي، جنهن جي ويجهو شوڀا بيٺي هئي… وليم ۽ رسنا کي خبر پئجي چڪي هئي، اهي ٻئي به سر جهڪائي ڀت سان لڳل ڪاٺيءَ جي بينچ تي ويٺا هئا، انهن جي ڀر ۾ چاچي کلڻي به بيٺي هئي. شوڀا جون نگاهون صرف دروازي تي اٽڪيل هيون، چاچي کلڻيءَ پنهنجي پٽ چندن کان پڇيو:
”۽ ڊاڪٽر جو ڇا ٿيو؟“
چندن چوڻ لڳو: ”فيڪٽريءَ جو ڊاڪٽر ڪنهن ٻئي ڪيس کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر ويل هو، ان کي ٽيليفون ڪري ڇڏي آهي، اهو به ايندو هوندو!“
رسنا چوڻ لڳي: ”اگر ڊاڪٽر وقت تي پهچي ويو ته شايد هو بچي ويندو.“
”سيني جو گهاءُ اٿس… گهڻو گهرو اٿس…“ چندن سوچي چيو، ”پر هو اڃان ساه کڻي ٿو، پهريائين ته هو بيهوش هو، پر جڏهن اسٽرچر تي ليٽايائونس ته ٿورو ٿورو هوش ۾ اچڻ لڳو.“
وليم چوڻ لڳو: ”چورڻ پورڻ جي ڪري هوش ۾ آيو هوندو.“
چندن دروازي ڏانهن ڏسندي چيو: ”اهي اچن پيا…“
رسنا چوڻ لڳي: ”جڳهه ڪيو.“
فيڪٽريءَ جا ٻه مزدور، لاليءَ کي اسٽريچر تي کنيو اندر آيا، وليم ۽ رسنا بينچ تان اٿي بيٺا، شوڀا خاموشيءَ سان مزدورن کي اڳتي کٽ ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو، انهن ٻنهي مزدورن وڏي احتياط سان اسٽريچر کي کٽ جي مٿان رکيو ۽ ِ ڪجهه وقفي کانپوءِ پوئتي هٽي انهن سان وڃي بيٺا، جتي رسنا، وليم، چاچي کلڻي ۽ چندن بيٺا هئا. رڳو شوڀا کٽولي جي ڀرسان بيٺي هئي، هن جون نگاهون ڄڻ کٽ سان چنبڙي پيون هيون، ڪنهن به ريت هٽڻ جو ارادو ئي ڪونه ٿي ڪيائون، ايتري ۾ محمد ڀائي سپاهي اندر آيو ۽ شوڀا ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو، چوڻ لڳو:
”تون آن هن جي عورت؟“
شوڀا آهستگيءَ سان ڪنڌ ڌوڻيو.
محمد ڀائي نهايت نرميءَ سان چوڻ لڳو: ”فيڪٽريءَ جو ڊاڪٽر اڃان ڪونه آيو هو، ان ڪري ڪمپائونڊر هن جي پٽي ڪري ڇڏي آهي، پر هن کي چرڻ پرڻ نه ڏجو، نه ته خطرو وڌي ويندو.“
شوڀا ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
محمد ڀائيءَ وري ڏانهنس ڏٺو ۽ پريشانيءَ وچان پنهنجو مٿو کنهڻ لڳو، آهستگيءَ سان چوڻ لڳو:
”ڊاڪٽر ايندو هوندو، جيسين هن کي ائين پيل رهڻ ڏيو.“ ائين چئي هو پوئين پير موٽي ويو، وري دروازي وٽ پهچي، مڙيو ڪجهه چوڻ لاءِ، پر جلد ئي ٻاهر هليو ويو. وليم، رسنا، چندن ۽ چاچي دروازي وٽ گڏ بيٺا هئا، تن به ٿورو هٽي سپاهيءَ کي رستو ڏنو ته سپاهي ٻاهر هليو ويو.
ٿوري دير نهايت ڏکاري خاموشي ڇانيل هئي، پوءِ وليم کي خيال آيو ته هن آهستگيءَ سان رسنا کي ٺونٺ هڻندي چيو: ”اسان کي به هن وقت ٻاهر هليو وڃڻ گهرجي، منهنجو خيال آهي ته ائين ٺيڪ رهندو.“
رسنا اڳتي وڌي شوڀا وٽ آئي، چوڻ لڳي: ”شوڀا تنهنجو ڇا خيال آ؟“
شوڀا ڪجهه به نه ڪڇيو.
”شوڀا اسان ڪجهه ڪري سگهون ٿا؟“ رسنا وري پڇيس.
شوڀا وري به ڪجهه نه ڳالهايو.
”ته اسان ٻاهر ٿا ويهون، ٻاهر بينچ تي، ضرورت پوي ته سڏي وٺجانءِ.“
شوڀا کين ڪوبه جواب نه ڏنو… رسنا، وليم، چندن ۽ چاچي ڪنڌ جهڪائي، اسٽوڊيو جي دروازي کان ٻاهر هليا ويا.
هاڻي صرف شوڀا ئي لالي وٽ هئي، ڪجهه گهڙين کانپوءِ لاليءَ اکيون کوليون، شوڀا کي ڏٺو، آهستگيءَ سان پنهنجو هڪ هٿ کنيو، شوڀا هڪدم جهڪي کٽ جي ڀرسان گوڏا کوڙي ويهي رهي، هن لاليءَ جو کڄيل هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو. لالي بستري تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، هو ٿورو اٿيو پر پوريءَ ريت اٿي نه سگهيو، ان ئي حالت ۾ شوڀا جي طرف عجيب عجيب نظرن سان نهاري چوڻ لڳو:
”شوڀا… منهنجي مُني، منهنجي ڳالهه ٻڌ… جيئن ايراني هوٽل ۾ ڪجهه کائڻ وقت، يعني کاڌي کائڻ کانپوءِ سڀ چڪائڻو پوندو آ…حساب ڪرڻو پوندو آ… جڏهن بيرو بل کڻي ايندو آ… ته ائين ئي منهنجو به بل کڻي آيو مُني…. مون کي سمورو حساب چڪائڻو پوندو…. بيشڪ مون توکي ماريو… پر غصي مان نه، توسان خفا ٿي به نه! پر ان ڪري … ان ڪري ته مان تنهنجو ڏک ڏسي نه سگهيس، جهڙيءَ ريت تون هميشه منهنجي لاءِ ڪُڙهندي هئينءَ، اهو مون کان برداشت نه ٿي سگهيو هو ۽ مون تو تي هٿ کنيو هو… مون زندگيءَ ۾ ڪوبه ڪم نه سکيو، مان گهر هلائڻ وارو ڪيئن ٿي ٿي سگهيس، ڪنهن جي سار سنڀال لاءِ مان ته پيدا به ڪونه ٿيو هوس… ڪارنيوال … ٻيو ڀيرو ڪارنيوال وڃي نه سگهيس، مان هوشنگ ٻائيءَ جو نوڪر ٿي رهڻ نه ٿي چاهيو ۽ … مان ڪارنيوال جي ٻين ڇوڪرين سان به تعلق رکڻ نه ٿي چاهيو… سمجهين ٿي؟“
”ها“ شوڀا ڪنڌ جهڪائي چيو.
”هو گرڌر … دادا… هوشنگ ٻائيءَ لاءِ ٺيڪ آهي، جيڪي لطيفا هو ماڻهن کي ٻڌائيندو آ… اهي سڀ منهنجا ٻڌايل آهن… مون توکي ڪجهه نه ڏنو آ… گهر نه ڏنو… ڪپڙا نه ڏنا… ٻن ويلن جو کاڌو به نه… ٺيڪ آ… مان سٺو ماڻهو نه آهيان، اڳي به ڪڏهن سٺو ڪونه هوس، پر مان سار سنڀال وارو بڻجي نه ٿي سگهيس، ان ڪري مون سوچيو ته آسام هليو ويندس… تون سمجهين ٿي نه؟“
”ها…“
”مان توکان معافي نه ٿو وٺان، مون کي، الائي ته ڇو مون کي معافي وٺڻ نه ٿي اچي، اڄ تائين ڪنهن کان ورتي جو ناهي! خراب ڳالهه آ نه…؟ پر اها ڳالهه تون منهنجي ٻار کي ٻڌائي ڇڏجانءِ ته لاليءَ ڪڏهن ڪنهن کان معافي ڪانه ورتي… اڄ تائين، ٺيڪ آ نه؟“
”جي ها.“
”۽ منهنجي پٽ کي اهو به چئجانءِ ته لالي سٺو ماڻهو نه هو، پر جيڪڏهن هو آسام اچي وڃي ها ته شايد اتان کان هڪ نئين زندگي…. پر خير ڇڏ انهن ڳالهين کي… مان توکان معافي نه ٿو وٺي سگهان شوڀا… ۽ هاڻي تون چاهين ته سپاهيءَ کي سڏي وٺ… خبر ناهي ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري …! خبر ناهي، هُت هُن پار مون کي مٿي ويٺل مالڪ جي سامهون پيش ڪيو ويندو يا نه؟“
شوڀا کان اوڇنگار نڪري وئي.
”خير… مون کي ڪنهن جو ڀهءُ ڪونهي، پر سڌو هن وٽ پيش ٿيڻ ٿو چاهيان، ڪنهن ننڍي وڏي آفيسر يا سپاهيءَ جي اڳيان نه… هان… اگر ڪٻاڙيو اچي ته ان شادي ضرور ڪري ڇڏجانءِ… ۽ ٻار؟ … ٻار کي ٻڌائجانءِ ته هو ان ڪٻاڙيي جو پٽ آهي، هو يقين ڪري وٺندو، ائين نه؟“
”ها..“
”جڏهن توکي مون ماريو، ڌڪ هنيا ته تون اهو نه سمجهجانءِ ته مان غلطيءَ تي هوس، مان ٺيڪ هوس، ڪڏهن ته …. لالي به ٺيڪ ٿي سگهيو ٿي، پر ڪوبه مون کي سمجهي نه سگهيو… اڄ تائين، اهي سڀ… پاڻ کي ٺيڪ ۽ مون کي غلط سمجهندا رهيا، آهي نه؟“
”جي ها …“ شوڀا چيو.
”شوڀا منهنجو هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙ..“ لالي زور سان رڙ ڪئي.
”شوڀا چوڻ لڳي: ”مان تنهنجو هٿ پڪڙي ويٺي آهيان.“
”زور سان پڪڙ… منهنجو هٿ…“ لالي گهٽيل لهجي ۾ چيو، ڄڻ هن جو نڙگهٽ بند ٿيندو هجي.
شوڀا هن جي هٿ کي اڃان به زور سان دٻايو ته لالي چوڻ لڳو: ”شايد مان وڃي رهيو آهيان… شوڀا… چڱو مُني…“
لالي هڪ ڊگهو ساه کنيو، پوءِ واپس وهاڻي تي مٿو رکي ڇڏيو. ڪجهه پل نه گذريا ته هن جو مٿو هڪ پاسي لڙي ويو، هٿ به ڍرو ٿي ويس.
ايتري ۾ ڊاڪٽر دروازي کان اندر آيو، هن سان گڏ اهو ئي پهريون سپاهي محمد ڀائي ساڻ هو، ڊاڪٽر ايندي ئي بيحد ڪاروباري انداز ۾ شوڀا جي طرف اشارو ڪندي صفا رکي انداز ۾ پڇيو:
”هيءَ هن جي عورت آ..“سپاهيءَ چيو: ”جي صاحب.“
ڊاڪٽر جي پويان وليم، رسنا، چندن، چاچي کلڻي، هوشنگ ٻائي ۽ ٻيا به سڀئي ماڻهو احترام سان کٽولي جي ڀرسان اچي بيهي رهيا. ڊاڪٽر لاليءَ جو معائنو ڪرڻ لڳو، پر جيئن ته اونده گهڻي ٿي وئي هئي ۽ اسٽوڊيو ۾ به روشني گهٽ هئي، ان ڪري ڊاڪٽر چيو ته:
”روشني گهٽ آهي.“
چندن ڊارڪ روم مان هڪ ٽارچ کڻي آيو، ڊاڪٽر ٽارچ کي فوڪس ڪري لاليءَ جي اکين تي روشني وڌي، پوءِ ٽارچ بند ڪري هن سندس ساه جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، دل جي آواز ٻڌڻ ۽ نبض چڪاسڻ کانپوءِ چوڻ لڳو: ”ڪنهن وٽ فونٽين پين هوندي؟“
وليم هڪدم پنهنجي فائونٽين پين ڊاڪٽر جي حوالي ڪئي، ڊاڪٽر پنهنجي کيسي مان هڪ ڇپيل فارم ڪڍيو، جيڪو اهڙن ئي موقعن تي استعمال ڪندو هو، ان تي ڪجهه لکي، پنهنجي دستخط ڪري هن اهو فارم شوڀا کي ڏيندي چيو:
”تنهنجو گهر وارو فوت ٿي چڪو آهي، هي سرٽيفڪيٽ تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان، ميونسپل ڪارپوريشن وارن کي ڏيکاري ڇڏجانءِ، يا پوليس کي، يا جنهن کي به ضرورت هجي.“ ائين چئي منهن ڦيرائي سپاهيءَ کي چوڻ لڳو، ”پوسٽ مارٽم جو انتظام جلدي ڪجو…“ وري چاچي کلڻيءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”مون کي ٽوال ۽ صابڻ گهرجي.“
محمد ڀائي چوڻ لڳو: ”ٻاهر سڄو انتظام ڪري ڇڏيو آهي صاحب.“
محمد ڀائي ڊاڪٽر کي روانو ڪري دروازي کان ٻاهر ويو ته گهر ۾ موجود سڀني ڀاتين کٽولي تي الر ڪئي، شوڀا ساڳيءَ ريت ڪنڌ جهڪائي کٽ جي ڀرسان، گوڏن ڀر ويٺي هئي. رسنا جي دل ۾ عجيب قسم جي ڪاوڙ پيدا ٿي رهي هئي، هن چوڻ نه ٿي چاهيو، پر پنهنجي ساهيڙيءَ جي حالت ڏسي هن کان رهيو نه ٿيو، غم ۽ غصو هن جي آواز ۾ ڀرجي آيو هو، جڏهن هن چوڻ شروع ڪيو:
”مان مرڻ واري کي برو نه ٿي چوان، سچ ٿي چوان، شوڀا دل ۾ نه ڪجانءِ.“
”هائو…“ چاچيءَ به ساڻس سر ملايو: ”هو به عذاب کان آجو ٿي ويو ته هيءَ به…“
شوڀا خاموش هئي.
رسنا چوڻ لڳي: ”اڃان تنهنجي عمر ئي ڇاهي؟ ٽي مهينا ته ٿيا آهن تنهنجي شاديءَ کي… اها به ڪا زندگي آ… توکي ڪونه ڪو سٺو مرد ضرور ملي ويندو… ٺيڪ آ نه؟“
شوڀا جي جواب کان اڳ ۾ وليم ڳالهايو: ”تون ٺيڪ ٿي چوين رسنا.“
پر رسنا کي تسلي ڪانه ٿي، هن شوڀا کي وري مخاطب ڪيو: ”مان صحيح ٿي چوانءِ شوڀا…“
’ڪير ٺيڪ آ… ڪير غلط آ… ڇا اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جو اهو ئي موقعو آ..؟‘ شوڀا سوچيو، ’۽ فرض ڪريان ته هي سڀئي درست آهن ۽ اسان ٻئي غلط هياسي، ته به ڇا دنيا جا سڀئي ٺيڪ ۽ سڀئي غلط آدمي، گڏجي به هن هڪڙي شخص کي واپس آڻي سگهن ٿا؟ هيءَ ڪهڙي دنيا آ… مرڻ وقت به غلط ۽ صحيح جي حساب ڪرڻ کان جند نه ٿا ڇڏين! ڪير ٿو چئي ته مردا معاف ڪيا ويندا آهن، هن دنيا ۾ صرف جيئرن جي لاءِ بخشش آهي، راحت ۽ معافي آهي، مري ويلن کي ڪوئي معاف نه ٿو ڪري…. پر جيڪڏهن هي وقت اهڙين ڳاليهن ڪرڻ جو ناهي ته اهڙن ماڻهن سان بحث ڪرڻ جو اهو وقت به ته ناهي…‘ ائين سوچيندي شوڀا ڪنڌ لوڏي چيو: ”تون ٺيڪ ٿي چوين رسنا…“ شوڀا جو لهجو جذبن کان عاري هو، هن جو جملو ٻڌي چندن کي ڳالهه وڌائڻ جي همت پيدا ٿي، چوڻ لڳو:
”هو… بسنتو به روز ٿو اچي… هن جو پنهنجو ورڪشاپ به آهي، هاڻي ها ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، هو ويچارو روز انهيءَ لاءِ ٿو اچي…“
چاچيءَ مٿو لوڏي چيو: ”هن جي پهرين جوءِ مري وئي آ… بس رڳو ٻه ٻار اٿس، نيڪ سڀاءَ جو آ… بلڪل تو جهڙو…“ چاچيءَ وليم ، کي پاڻ سان متفق ڪرڻ لاءِ ڏانهنس نهاريندي چيو. شوڀا خاموش هئي.
رسنا وري ڳالهايو، ڄڻ هن کي پنهنجي چئي تي اڃان تائين يقين نه آيو هجي: ”مان هن کي ڪِنو ماڻهو نه ٿي چوان پر هي سٺو ماڻهو به نه هو…“
”اهو ته مان به ٿو چوان،“ وليم ڳالهايو، ”سٺو ماڻهو پنهنجي وائيف کي ماريندو ڪٽيندو ناهي!“
رسنا چوڻ لڳي: ”تون ٺيڪ ٿو چوين وليم…“ وري شوڀا کي مخاطب ڪندي چوڻ لڳي، ”ڪيئن شوڀا؟ وليم ٺيڪ نه ٿو چئي؟“
”ها…“
”ڪنهن بهاني سٺو ئي ٿيو…“
”هائو…“ وليم فيصلي واري نوع ۾ چيو، ”هن جي به عذاب کان جند ڇٽي وئي…“ وري ٿوري ساهي کڻي چوڻ لڳو، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي شوڀا؟“
”اڻويهه سال…“
”اڻويهه؟… ته… اڃان ته تون ٻار آهين،“ وليم ساڄي کاٻي حيرت مان نهاري چيو،”Just a child … صحيح آ نه رسنا؟“
”ٻيو نه ته …وليم،“ رسنا چوڻ لڳي، ”تون بلڪل درست ٿو چوين.“
چندن سموري معاملي تي غور ڪندي آخري فيصلو ٻڌائيندي چيو: ”اگر منهنجي ماءُ جو گهر نه هجي ها ته… ڪير هنن کي هن گهر ۾ جاءِ ڏئي ها! ڪير انهن کي روٽي ۽ ڪپڙو ڏئي ها، اڳيان مينهوڳيءَ جي موسم پئي اچي.. ڪاڏي وڃن ها هي ٻئي ڄڻا…؟“
رسنا شوڀا کي دلجاءِ ڏيندي چوڻ لڳي: ”هڪ سال کانپوءِ تون هن کي وساري ڇڏيندينءَ…“ ايترو چئي هو ٿورو چپ ٿي وئي، شايد شوڀا کان پنهنجي ڳالهه جي تائيد ڪرائڻ ٿي چاهيائين، جڏهن شوڀا ڪجهه نه ڳالهايو ته رسنا وري ڳالهايو، ”نه! شوڀا؟“
شوڀا چيو: ”ها رسنا تون درست ٿي چوين…“
وليم پنهنجو کاٻو پير کڻي پنهنجي وجود جو سمورو بار ساڄي پير تي رکيو، وري هن ساڄو پير کڻي کاٻي پير تي پنهنجو وزن رکيو، پوءِ وڏي سوچ واري طريقي سان ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سوچڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته هن کي سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيو ته ڇا چوي! ڪهڙيءَ ريت هن ڊيڄاريندڙ منظر مان جان ڇڏائي، ان کانسواءِ اها ڳالهه به هئي ته هن کي شوڀا سان واقعي همدردي هئي، پر لاليءَ سان نه هئي، ان جي ڪري هن جو من عجيب قسم جي مفاد ۽ جذبن سان ڀرجي ويو هو.. هن همدرديءَ مان رڳو هڪ لفظ چوڻ ٿي چاهيو، جنهن بابت هن کي پڪ هئي ته هن وقت تائين هن جيڪي ڪجهه چيو هو، اهو سڀ غلط هو… ان ڪيفيت ۾ هن ڪنڌ کي هلڪو لوڏائي، هڪ عجب اذيت واري لهجي ۾ چيو:
”توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي يا ڪنهن مدد جي… ته چئي ڇڏجانءِ… اسان هلون ٿا … سڀاڻي وري اينداسي.“ پوءِ هو مڙي رسنا کي چوڻ لڳو، ”هلون رسنا…؟“ ان کانپوءِ هن شوڀا جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چيو، ”God be with you“
رسنا شوڀا سان ڳرهين لڳي ملي، هاڻي شوڀا به سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، رسنا به روئڻ لڳي، ته شوڀا روئندي کيس چوڻ لڳي: ”رو نه رسنا…“
رسنا شوڀا کان جدا ٿيندي چوڻ لڳي: ”مان سڀاڻي ايندس..“ هوءَ ڳوڙها اگهي، وليم جي ٻانهن جو سهاري، وڃڻ لڳي، هن جي وڃڻ کانپوءِ چاچيءَ شوڀا کي چيو:
”تو صبح کان ڪجهه نه کاڌو آ… مان تو لاءِ چانهن ٿي ٺاهي اچان…“
چاچي کلڻي ائين چئي رنڌڻي ۾ هلي وئي، هاڻي چندن اڪيلو شوڀا وٽ بيٺو هو، اوچتو هن کي احساس ٿيو ته وٽس شوڀا جي دک دور ڪرڻ… هن کي دلجاءِ ڏيڻ لاءِ ڪي به لفظ نه آهن، ان ڪري هو خاموش، ڪنڌ جهڪائي، ڊارڪ روم ڏانهن کسڪي ويو.
هاڻي مسز هوشنگ ٻائي بچي وئي هئي، غم سبب هن جون اکيون به ڳاڙهيون هيون ۽ سندس چهري تي ڪاوڙ جا ڀاوَ پئي آيا ويا… هن کٽولي جي وجهو اچي، چادر سان ڍڪيل لاش طرف نهاريو، پوءِ شوڀا کان اجازت ورتي: ”مان هن جو چهرو ڏسان؟“
شوڀا چپ هئي.
هن وري ڳالهايو: ”ڇا تون مون کان ناراض آن؟“
”نه…“ شوڀا نهايت عاجزيءَ سان جواب ڏنو، ”مان ڪنهن کان به ناراض ناهيان.“
مسز هوشنگ ٻائي چپ چاپ، ٿورو لڏندي لڏندي کٽولي جي مٿان وڃي بيٺي، پوءِ ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”آءُ ته صلح ڪريون…“
“صلح لاءِ هاڻي ڇا رهجي ويو آهي؟“ شوڀا کيس جواب ڏنو.
مسز هوشنگ ٻائيءَ بردباريءَ کان ڪم وٺندي چيو: ”هر ڪو هن شخص کي برو ٿو چوي، سواءِ اسان ٻنهي جي… تون ڄاڻين ٿي ته هي ايترو برو ماڻهو نه هو…“
”هيو…“ شوڀا زور سان چيو.
مسز هوشنگ ٻائي هڪ پل لاءِ حيرت ۾ اچي وئي، پر پوءِ ٿورو مرڪي چوڻ لڳي: ”توکي ماريندو هو نه؟ ان ڪري نه؟… مان سمجهان ٿي…“ هن ٻه ٽي ڀيرا ڪنڌ لوڏي چيو، ”ماريندو ته هو مون کي به هو، پر هاڻي انهن ڳالهين کي مون ته وساري ڇڏيو آهي…“
شوڀا بيزاريءَ سان چيو: ”اهو تون ڄاڻ …“
”مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿي؟“ مسز هوشنگ ڳالهه بدلائيندي چيو.
”مون کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي…“ شوڀا کيس جواب ڏنو.
مسز هوشنگ هٻڪي وئي، پوءِ هن ساڻس اها ڳالهه ڪئي، جيڪا هوءَ ڪجهه عرصي کان سيني ۾ سانڍي ويٺي هئي: ”مون کي هن جا پندرهن رپيا ڏيڻا هئا، هن جي پوئين پگهار جا…“
”ته هن کي ڏئي ڇڏين ها…“ شوڀا چيو.
”خير … هي ويچارو ته مري ويو آهي.“ مسز هوشنگ جي دل ۾ سخاوت واري حس پيدا ٿي، ”اهي رپيا هاڻي توکي ڏئي سگهان ٿي، هڪڙي ئي ڳالهه آهي…“
“مون کي نه ٿا گهرجن…“
مسز هوشنگ هڪ ڊگهو ساه کڻي چوڻ لڳي: ”جيئن تنهنجي مرضي، مان زور نه ڪنديس… مان هن مهل تائين هتي ترسي به ان ڪري هيس، تو سان صلح ڪرڻ لاءِ…. ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ صرف اسان ٻئي عورتون ئي هن سان محبت ڪنديون هيونسين، ان ڪري مون سوچيو ته …. ته اسان ٻنهي کي هن مصيبت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي…“
”نه مان ائين نه ٿي سوچيان…“
”ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته…“ مسز هوشنگ اندازو لڳائيندي چيو، ۽ ان اندازي تي خوش ٿيندي چوڻ لڳي، ”ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون هن سان ايترو پيار نه ڪندي هئينءَ، جيترو مان ڪندي هيس.“
”ها…“
”مون توکان وڌيڪ هن کي چاهيو.“
”جي ها مسز هوشنگ…“
مسز هوشنگ پنهنجو چپ چٻاڙڻ لڳي، هڪ ڀيري لاليءَ جي ٿڌي چهري کي ڪاوڙ وچان گهوري نهاريائين، ٻيو ڀيرو شوڀا کي … ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ مڙي، تڪڙي تڪڙي اسٽوڊيو کان ٻاهر هلي وئي.
هاڻي ڪوئي به ڪونه هو، لاليءَ وٽ رڳو شوڀا ئي رهجي وئي هئي، هاڻي هوءَ ٿورو سرڪي هن جي قرب ٿي ويٺي، چادر هٽائي هن جو چهرو غور سان ڏسڻ لڳي، وري هن جي نراڙ تان وڪڙ کائي ويل چڳ هٽائي، وڏي درديلي لهجي ۾ هن کي چوڻ لڳي: ”سمهي پهءُ، منهنجا پنهنجا سمهي پهءُ، هيءَ ڪير ٿيندي آ توسان پيار ڪرڻ واري، مان ته ڪڏهن پيار جو هڪ لفظ به توکي چئي نه سگهيس، ڪڏهن به ته نه چيو…. لالي، برو، بدمعاش، نڪمو، آوارا… منهنجا پيار لالي، ڪو به نه سمجهي سگهيو توکي…. هاڻي ته چئي ڇڏيانءِ! هاڻي چوڻ ۾ ڪهڙو حرج، ڇاڪاڻ ته هاڻي تون ٻڌي ته ڪونه ٿو سگهين، ان ڪري چئي ٿي ڇڏيان ته لالي تون ڏاڍو برو هئين، تو مون کي ماريو، ڌڪ هنيا، هتي… (مٿي تي آڱر رکي) ۽ هتي (چهري تي آڱر رکي) ۽ هتي (سيني تي آڱر رکي) تنهنجي مارڻ سبب نير پئجي ويا هئا، (سڏڪو ڀريندي) اهي منهنجي بدن تي تنهنجي ڏنل زيورن جيان سجيل هئا، مان ان وقت تنهنجي ڪنوار هيس، مون کي لڄ ٿي اچي اهو چوندي… (روئي) سمهي پهءُ، منهنجا لالي منهنجا پيارا غنڊه، منهنجا پنهنجا، منهنجا… سمهي پهءُ، سمهي پهءُ…“
هن جو چهرو چادر سان ڍڪي ٿي ڇڏي، آهستگيءَ سان اٿي ٿي، رف تان گيتا کڻي اچي ٿي، ۽ هوريان هوريان منهن ئي منهن ۾ پڙهڻ لڳي ٿي، چند منٽ هوءَ ائين ئي پڙهندي رهي… ۽ ان دوران بسنتو به دروازي مان اندر داخل ٿي خاموشيءَ سان بيهي هن کي گيتا پڙهندي ڏسندو رهيو، پوءِ همٿ ڪري ٿورو اڳتي آيو ۽ کنگهڪار ڪري چوڻ لڳو:
”شوڀا راڻي…“
”ڪير آ…؟“ چوندي شوڀا ڪتاب تان منهن ڦيرائي وڌندڙ اونداهيءَ ۾ هن ڏانهن ڏٺو… بسنتو ڪٻاڙيو سندس مٿان بيٺو هو، هوءَ ڇرڪي وئي ۽ چوڻ لڳي. ”ڇاهي بسنتا… تون ڇا ٿو چاهين؟“
”ڪا مدد ڪري سگهان ٿو.“ هن پنهنجي ڊگهن ۽ مضبوط هٿن کي مليندي، ڌيرج سان چيو، ”اهڙي سمي تو وٽ ترسي سگهان ٿو؟“
شوڀا چوڻ لڳي: ”نه بسنتا هليو وڃ.“
”سڀاڻ اچان؟“
”نه سڀان به نه“
”گسو نه ڪر شوڀا راڻي،“ هن پنهنجي صاف سچي ۽ کهري لهجي ۾ چيو، ”پر مون کي ڪا اميد… ڪجهه خبر ته پوي…“ ڪجهه به… هاڻي مان جوان ناهيان، ۽ منهنجا ٻه ٻار به آهن، پر مون کي ٿوري به اميد ڏي ته… ته مان سڀاڻ وري ايندس.“
“نه بسنتا!“ شوڀا فيصلي واري انداز ۾ چوڻ لڳي، ”سڀاڻي به نه اچجانءِ… ڪڏهن به نه اچجانءِ…“ شوڀا ايترو چئي وري ڪنڌ جهڪائي گيتا پڙهڻ لڳي. بسنتو خاموش بيٺو رهيو، ڪجهه پل هو کيس همدرديءَ وچان، محبت، چاهت ۽ ڌيرج وچان نهاريندو رهيو، پوءِ مٿو لوڏي، ڄڻ هن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه ايندو هجي، مڙي واپس ٻاهر هليو ويو.